ٻنهي عالمن جا اهي اهم دستاويز وقت جي دز هيٺان
دٻيل رهيا، جيڪي پهريون ڀيرو منظر عام تي اچي رهيا
آهن. منهنجي خيال موجب اِنهن ٻنهي قيمتي دستاويزن
۾ سنڌي ٻوليءَ جي محققن لاءِ ڪيئي وڏي اهميت وارا
اصولي ۽ باريڪ نقطا سمايل آهن. اهڙن عالمن لاءِ
خاص طور ۽ سُڄاڻ طبقي لاءِ عام طور، اِهي ٻيئي
دستاويز هتي پيش ڪريان ٿو ته جيئن اِنهن جي مطالعي
جي بنياد تي ڪي وڌيڪ تحقيقي نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
پهريون دستاويز مون برمنگهم(برطانيا) مان هٿ ڪيو ۽
پويون سنڌ آرڪائيوز ڪراچي مان.
هت اول ٽرمپ جي رپورٽ جو سنڌي ترجمو ۽ اُن کان
پوءِ ايلس جي جوابي ۽ دفاعي ڪارروائيءَ جو سنڌي
ترجمو ڏجي ٿو.
ڊاڪٽر ٽرمپ پاران ”رپورٽ ٽو دي پئرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽي.“
اسٽيشن ڪراچي
ڪميٽي کي اِهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪريان ٿو ته
مان خداوند ڪريم جي فضل سان هن سال جي 12 سيپٽمبر
تي پنهنجي منزل مقصود (ڪراچي) تي پهچي چڪو آهيان.
هتي پهچڻ شرط بنا دير جي سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس کي
هٿ ۾ کنيو اٿم. افسوس سان چوان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ
بابت هر معاملي کي مونجهاري ۾ ڦاٿل ڏٺم. ڪيتري
عرصي کان وٺي هن ملڪ ۾ رهندڙ يورپي ڪمشنر کان
ويندي هيٺيئين سطح جي ڪاموري تائين، هر هڪ سان لهه
وچڙ ڪيم، مگر سنڌيءَ جي معاملي ۾ کين بي خبر لڌم.
هڪ ئي شخص، جنهن سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ دلچسپي پئي ورتي
آهي، سو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس، جنهن معاملن
کي به بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي بجاءِ، پنهنجي
ساده لوحي ۽ مورکائي تي ٻڌل خيالن سان الف – ب کي
بدتر ئي ڪيو آهي.
اِنهيءَ قسم جي ڪچري کي ٻُهارڻ خاطر”سنڌي الف – ب“
تي هن سان گڏ شامل چوپڙي لکي اٿم، جنهن بابت اِهو
ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته اِها
بمبئيءَ ۾ موجود مشرقي علوم جي عالمن ۽ سنڌ جي
ڪمشنر وٽ ڏاڍي مڃتا ماڻي چڪي آهي. اِنهن بنيادن تي
مسٽر ايلس پاران اسڪولن ۽ آفيسن ۾ رائج ڪيل الف –
ب کي رد ڪري، مون پاران تيار ڪيل الف – ب کي اُن
جي جاءِ تي نافذ ڪيو ويندو. اِن باري ۾ مون زور
ڀريو آهي ته هندستاني الف – ب کي ٽن تبديلين سان
رائج ڪيو وڃي:
1-
ڇو ته ساڳئي بُڻ بڻياد مان هئڻ ڪري، اِها سنڌي
ٻوليءَ لاءِ نهايت موزون آهي.
2-
ڇو ته اِها هر ڪنهن کي اچي ٿي، ايتري تائين
جو ڪيترا ڏيهي ماڻهو به اِها ڄاڻن ٿا.
3-
ڇو ته اِن ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم آسانيءَ
سان ٿيندو ۽ رومن سسٽم رائج ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت
ٿيندي. انهيءَ متعلق ٻين تفصيلن جي سلسلي ۾ مان
توهان کي خود اِن ”الف ب“ ڏانهن رجوع ڪرڻ چاهيان
ٿو. مون حڪومت آڏو هڪ درخواست پيش ڪئي آهي ته
سرڪار اِن رسم الخط ۾ گرامر، لغت ۽ ڪجهه اسڪولي
ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪري ۽ مسٽر فريئر اقرار ڪيو آهي
ته هو وس آهر ڪوشش وٺي، اِن مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾
هڪ ڇاپخانو برپا ڪرائيندو. هن وقت اِها درخواست
بمبئيءَ ۾ (گورنر جي) ڪائونسل اڳيان پهچي چڪي آهي
۽ مان بنا شڪ شبهي جي چئي سگهان ٿو ته اِها اُتي
قبوليت جو درجو ماڻيندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت انهيءَ
سلسلي ۾ مشن کان به وڌيڪ خراب حالتن کي منهن ڏيئي
رهي آهي. هن وقت آءٌ جيڪي ڪتاب تيار ڪري رهيو
آهيان، سي هن ريت آهن: 1- سنڌي ريڊنگ بڪ، لغت طور
نحوي ۽ اشتقاقي لفظن سان گڏ. 2- هڪ لغت، سنڌي –
انگريزي، جنهن ۾ هر سنڌي لفظ جو اشتقاق ڏنل هوندو.
3- سنڌي ٻوليءَ جو گرامر.
گرامر کي وري ٻن الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ورهائڻ جو ارادم
اٿم. هڪ تقابلي گرامر، يعني وضاحتي ۽ سائنسي
بنيادن تي ٻڌل گرامر: ڪڇي، سنڌي ۽ جديد پنجابيءَ
تي مشتمل. سڀئي زبانون هڪ ئي خاندان سان
تعلق رکندڙ آهن. اِهي زبانون الهندي شاخ وارين ٻين عظيم ٻولين
جهڙوڪ بروهڪي، بلوچي ۽ پشتو جي ڪنجي آهن.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ هندستان جي اولهه ۾ عظيم
آريائي خاندان جون ٻه شاخون موجود اهن: _الف:
هندستاني زبانون يعني ڪڇي، سنڌي ۽ مغربي پنجابي.
(ب) هندستان ۽ ايران جي وچ واريون زبانون، بروهڪي،
بلوچي ۽ پشتو. اِنهن ٻولين تي ڪم ڪرڻ لاءِ وسيع
ميدان موجود آهي. اِهي يا ته گهٽ سڃاتيون وڃن ٿيون
يا ته بلڪل سڃاتل ڪونهن ۽ اِهي الهندي پاسي وارو
رستو هموار ڪنديون.
تقابلي گرامر جوڙڻ کان علاوه رومن سسٽم ۾ هڪ ننڍڙو
سنڌي گرامر جوڙڻ جو به ارادو اٿم ته جيئن اُهو
مشنري ڪمن ڪارين ۾ ڪتب آڻي سگهجي. اُهو سمورن شبهن
۽ قياس آرائين کان آجو هوندو ۽ گفتگو ڪرڻ لاءِ
مددگار ثابت ٿيندو.
اسڪولي ڪتابن جي ترجمي لاءِ في الحال ڪوبه وقت
ڪونهيم. جيستائين ٻوليءَ متعلق پوري مهارت حاصل نه
ٿيندي، اوستائين اِن قسم جي ترجمي لاءِ پاڻ کي
مڪمل طور جوابدار نه سمجهندس ۽ ترجمي کي ويجهو ئي
ڪونه ويندس. انهيءَ ڪري ڪميٽيءَ جي اڳيان ٻن يا ٽن
سالن تائين اها رٿ پيش نه ڪندس ته ڪو مقدس ڪتابن
جي ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کڻجي. ڄاڻان ٿو ته سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ ترجمي جي ڪم کان مان آجو آهيان ۽ اِهو ڪم
محض ڏيهي مُنشين جو آهي، جيڪي ڪيل ترجمي لاءِ
پڇاڻي کان بلڪل آجا آهن. مان اِن ڳالهه سان به
متفق نه آهيان ته مقدس ڪتابن کي مُنشين جي منشا ۽
رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي. اِن قسم جا ترجما غير جٽادار
ئي رهندا.
مان هن وقت سنڌيءَ سان گڏوگڏ فارسي، عربي ۽ پشتو
جي مطالعي ۾ رُڌل آهيان. اِنهن مان آخري خالص
آريائي (سنسڪرت) زبان آهي ۽ نه ڪي افسانوي عبراني.
اِها ڳالهه اُنهن مڙني لاءِ پشيمانيءَ جو باعث
ٿيندي، جن اِها دعويٰ ڪجي آهي ته اِها عبراني زبان
آهي ۽ ڏهن قبيلن واري افغان نسل مان آهي.
جڏهن به منهنجو نئون ڪتاب پڌرو ٿيندو ته اُهو
ڪميٽيءَ اڳيان پيش ڪندو رهندس. اِنهيءَ وچ ۾ مان
ڪميٽيءَ کي يقين دهاني ٿو ڪرايان ته مان پنهنجو
فرض پوري ڪوشس سان نباهي رهيو آهيان.
مان پنهنجي باري ۾ اِهو ٻڌايان ته مالڪ جي مهرباني
سان جڏهن کان هندستان پهتو آهيان ته چند ناچاقين
کانسواءِ بلڪل ئي صحتمند رهيو آهيان. رڳي هڪ ڳالهه
جي شڪايت اٿم ته هِتي نهايت ئي ڀوائتا مٽيءَ جا
طوفان هلن ٿا، جنهن ڪري منهنجون اکيون اڪثر ڏکيل
رهن ٿيون ۽ مون کي سارو ڏينهن ڪم کان پاسيرو رکن
ٿيون. انهيءَ ڪري منهنجي خواهش آهي ته جيترو جلد
ممڪن ٿئي ته هن ڏکويل واديءَ کي ڇڏي پنجاب هليو
وڃان. مان پنهنجي خواهش ڪميٽيءَ جي منشا تي ڇڏيان
ٿو.
ڪميٽي جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو طلبگار
(ڪراچي 20 نومبر 1854مان توهان جو فرمانبردار خادم
چرچ مشن)ارنيسٽ ٽرمپ
C-13/076/22,CMS Papers, Birminbgham University
Library, England.
(انگلينڊ ۾ تحقيق دوران برمنگهم، يونيورسٽيءَ جي لئبريءَ
مان هٿ ڪيل مواد)
بي ايڇ ايلس جي جوابي رپورٽ
تازو ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ ياداشتنامو
شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر پنهنجي چند هفتن جي
رهائش کانپوءِ، هن خود سنڌين سميت، جن به اِن ڏس ۾
ڪم ڪيو آهي، اُنهن سڀني جي محنت تي پاڻي ڦيرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، اِن ڪري اُن تي ڪجهه خيالن جو اظهار
۽ وضاحت ضروري سمجهان ٿو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي ياداشتنامي ۾ گهڻو ڪري اُهو ڪجهه
ڇپيل آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي آشڪار ٿي چڪو آهي، انڪري
اُن تي راءِ ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪجهه حصي ۾ ”هندو
– سنڌيءَ“ تي بحث ٿيل آهي، مگر خود ڊاڪٽر ٽرمپ جي
چواڻي ته ملڪ جي باشندن جي وڏي اڪثريت مسلمانن جي
آهي، انڪري اهڙن اکرن جي ضرورت آهي، جيڪي مسلمان
پڙهي سگهندا هجن. اِن نقطي جو هن غُور سان جائزو
به ورتو آهي، اِن ڪري سندس ياداشتنامي جي ”هندو –
سنڌي“ واري ڀاڱي کي پاسيرو ڪري رکجي ٿو. وڌيڪ ته
هن آنجهاني جارج اسٽئڪ جي پورهيي کي اهڙي سرسري
نظر سان ڏٺو آهي جو هر ڪنهن جو ڌيان ٻئي پاسي ئي
وڌيڪ ڇڪجي وڃي ٿو.
هاڻي هڪ سوال ٿو اُڀري ته سنڌين جي استعمال لاءِ
ڪتاب ڪهڙي رسم الخط ۾ ڇاپيا وڃن ۽ اِهو معاملو
ڊاڪٽر ٽرمپ پاران سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ئي ”عربي رسم
الخط“ طور طئي ٿي چڪو آهي. اهو رسم الخط ڪيترن ئي
سالن کان وٺي سنڌيءَ ۾ لکڻ خاطر مسلمان ڪم آڻيندا
رهيا آهن، تڏهن به ضرورت آهر بنيادي رسم الخط ۾
ڪجهه واڌارا ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌيءَ ۾ موجود
اهڙن آوازن کي ظاهر ڪري سگهجي، جيڪي عربيءَ ۾
موجود ڪونهن. بلڪل ساڳيو طريقو هندستان ۾ آزمائجي
چڪو آهي، جنهن صورت ۾ اُتي جي ٻوليءَ تي عربي رسم
الخط لاڳو ڪيو ويو آهي. هاڻ عربي دانن کي اهو
مڃرائڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويئي آهي ته نج سامي اکرن تي
اضافي ٽٻڪا ڏنا وڃن.
تازو شايع ڪيل (سرڪاري) ”سنڌي الف – ب“ بابت ڊاڪٽر
ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته اُن جي قديم ڍانچي ۾ ڪابه
تبديلي ڪانه ڪئي ويئي آهي. دراصل سچ ته اِهو آهي
ته ڊاڪٽر ٽرمپ پاران بيان ڪيل تبديلين کان منجهس
گهڻيون گهٽ عمل ۾ آنديون ويون آهن. هڪ هنڌ هو
اعتراف ڪندي چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو مسلمان اهڙي عربي
رسم الخط ۾ لکڻ چاهي ٿو، جيڪا بنيادي طرح عربيءَ
جي سرشتي ۾ موجود ڪانهي ته اهڙي حالت ۾ ”لکت جا
ڪيترائي جدا جدا نمونا موجود آهن.“ اُن جي باوجود
سڌاريل (سرڪاري) رسم الخط کي مڃتا ڏيڻ کان نابري
واريو ويٺو آهي. اُن جو بنيادي سبب اِهو آهي ته
اُن ۾ اهڙا اکر به موجود آهن، جيڪي اڳ سندس ڄاڻ ۾
آيل ڪونهن.
سنڌ ۾ رائج قديم رسم الخط کي ”غير منطقي“ ۽ ”بي
اصولي“ چوڻ بلڪل بيجا ڳالهه آهي. هونئن به اِهو
رسم الخط ڪو نئون ڪونهي جو اُنهيءَ جا اصول طئه
ڪيا وڃن. جيڪڏهن انگريزي رسم الخط تي اهڙي قسم جو
حشر ڪيو وڃي ته اُها به پاڻ بچائي ڪانه سگهندي، ۽
مون محسوس ڪيو آهي ته شروع کان ئي هڪ سوال اُٿندو
رهيو آهي ته بنيادي رسم الخط ۾ ڪهڙيون تبديليون ۽
اضافا ڪيا وڃن. اِهو سوال ڪڏهن به نه اُٿيو آهي ته
اُن کي رد ڪري اُن جي جاءِ تي جرمن، رومن يا ڪو
ٻيو رسم الخط رائج ڪيو وڃي.
مان ڊاڪٽر ٽرمپ جي انهيءَ خيال سان متفق آهيان ته
ٻوليءَ سان اِها وڏي زيادتي ٿيندي جو ”ف“ تي وڌيڪ
ٽپڪا ٿڦي ”پ“ جو آواز ٺاهيو وڃي. مان اهڙي اُرهه
زورائي تي سندس ڏکاري موقف ۾ برابر جو شريڪ
آهيان. مگر مان سندس اُنهيءَ راءِ کي بلڪل مڃڻ
لاءِ تيار ڪونه آهيان ته”اُن کي مورڳو ئي مٽائي
ڇڏجي.“ جڏهن ته اِهو (ٻنهي شڪلين ۾ ف ۽ ڦ ۾) ورهين
کان سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ موجود رهندو اچي ٿو. مان
سندس ئي لفظ ورجايان ٿو ته ” اسان اکرن کي جيئن جو
تيئن کڻڻ لاءِ ٻڌل آهيون، نه ڪي جيئن اسين چاهيون
ٿا.“
هندستاني کي رائج ڪرڻ اعتراض جوڳو عمل هوندو،
ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنڌي آوازن کي اُچارڻ جي سگهه ۽
صلاحيت موجود ڪانهي. اُن ۾ وڌيڪ”مونجهارو“ پيدا ٿي
پوندو. جنهن بابت خود ڊاڪٽر ٽرمپ گهڻو بيان ڪيو
آهي. ۽ اِهو خصوصاَ اُنهن آوازن جي شڪلين جي حالت
۾ نمايان آهي، جيڪي ٻين جي نمائندگي ڪن ٿا. مثلاَ
ٿ يعني
TH
مورڌني آواز
T
ٿي پوندو. جيڪڏهن اِها صورتحال ٻولي لاءِ
مونجهارو پيدا ڪندڙ ڪانهي ته پوءِ اِنهن لفظن جي
معنيٰ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي.
منهنجي خيال موجب اکرن لکڻ جي نموني وارو هڪ الڳ
بحث آهي. اِها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته روان لکائي
لاءِ نسخ موزون ڪونهي ۽ اسان کي معلوم آهي ته اها
طرز تحرير گهڻو تڻو ڇپائيءَ جي ڪم تائين محدود
آهي. انڪري بلا شبهي دفتر جي ڪم لاءِ روان سنڌي
لکت يا نستعليق ئي ڪتب آندو ويندو. مختلف اکرن کي
ظاهر ڪرڻ لاءِ طرز تحريل ساڳي ڇپائي واري استعمال
ڪبي، جڏهن ته هندستانيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ
تحرير هڪ نموني واري هوندي آهي ته لکپڙهه لاءِ وري
ٻيو نمونو ڪتب آڻبو آهي. مون مٿيون نقطو اهو ڊپ
ختم ڪرڻ لاءِ اُٿاريو آهي ته مبادا منهنجي اِن
بيان جو ڪو غلط مطلب نه ڪڍي ته صاف سٿري لکائيءَ
لاءِ هندستاني رائج ڪرڻ مان ڪو لاڀ حاصل ڪونه
ٿيندو. ان مان منهنجو هي مطلب آهي ته هندستاني
آوازن کي ظاهر ڪندڙ نشانيون اسان لاءِ اُنهن شڪلين
جي نعم البدل ٿيڻ ۾ ڪابه مدد ڪونه ڪنديون، جن سان
ملڪ جي اڪثريت ڪنهن زماني کان مانوس آهي. بلاشڪ
وران خط وڌيڪ جلدي لکجي ٿو، بنسبت اُن جي جيڪو
ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ڪتب اچي ٿو ۽ اها صورتحال
هندستانيءَ سان لاڳو آهي، جنهن جي تحرير جا ٻه
نمونا موجود آهن ۽ سنڌيءَ لاءِ بلاشڪ ساڳيو رستون
موزون آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ وسرڳي آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سامي رسم
الخط ۾ ٽٻڪن جي استعمال تي اعتراض ڪندي چوي ٿو:
”رسم الخط جي نوعيت جي برخلاف اِهو عمل ڍڳ ٽُٻڪن
کي ٿاڦڻ برابر آهي.“ انهيءَ اعتراض جي وضاحت هن
ريت ٿيندي ته اِهو رسم الخط جيڪو اوپرن آوازن جي
نمائندگي ڪري ٿو اُن ۾ هر حالت ۾ ڪجهه نشانين جو
اضافو اڻٽر ٿي پوي ٿو. اِها صورتحال گهڻي وقت کان
وٺي سنڌ ۾ رائج آهي ۽ مون کي اِن ۾ ڪو غير
لسانياتي پهلوو نظر ڪونه ٿو اچي، بنسبت اُن جي ته
هندستاني تحرير وانگر سامي رسم الخط ٽٻڪن ۽ نشانين
سان سٿيو وڃي. دراصل ٽٻڪن لڳائڻ وارو عمل بي ڍنگو
ضرور آهي مگر گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي وڏي
مونجهارن ۾ وجهندڙ ڪونهي. مثال طور ڇ کي چ جو
وسرڳي آواز ڪري لکڻ هندستاني صورت ”چهه“ کان وڌيڪ
موزون ۽ آسان آهي. هي هڪ خيال آهي، جڏهن ته حقيقت
اِها آهي ته اِهو اکر ٻوليءَ ۾ موجود آهي ۽ هر
جاءِ تي ”ڇ“ ئي لکيو وڃي ٿو. انڪري اُن کي رد ڪرڻ
جو مون کي ڪوبه جواز ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اهڙيءَ
ريت ٻيا وسرڳي آواز، جيڪي قديم ۽ جديد لکت ۾ عام
طور ڪتب آندا وڃن ٿا، اُنهن جو استعمال به ساڳئي
قاعدي هيٺ ٿيندو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جنهن عجب سان سنڌين جي زبان سان ٿيل
ڏاڍائيءَ جي درستگي ڪئي آهي، تنهن تي مون ڪي ڪو
گهڻو عجب ڪونه لڳو آهي. البته مان اِن ڳالهه تي
حيران ضرور ٿيو آهيان ته هڪ مڃيل ۽ معروف زباندان
” ڱ“ کي ”نڱ“ لکڻ تي ڪيئن راضي ٿيو آهي. مون کي
امڪان نظر ٿو اچي ته سنسڪرت آواز ”....“ کي به رد
ڪري اڳتي اُن کي ”.......“ لکڻ جي سفارش ڪندو. مگر
سنڌين سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ فرمائيندو
ته ”لڱ“ جو آواز به ”ڱ“ لاءِ غلط آهي. اهڙيءَ ريت
”ني“ کي ”ڃ“ ۾ بدلائڻ واري ڊاڪٽر ٽرمپ جي راءِ جو
ساڳيو ئي حال ٿيندو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جو اعتراض آهي ته سامي رسم الخط ۾ ڪن
آوازن کي ٻن ٽٻڪن سان ظاهر ڪرڻ سندن اصليت جي
برعڪس ٿيندو. اِهو نقطو بلڪل حقيقت تي مبني آهي ته
سامي اکرن کي غير سامي صورتن ۾ بدلائڻ اڍنگو عمل
آهي. اِهو اعتراض بجا، مگر سنڌي اکرن سان اها بي
ڍنگائيءَ ڪرڻي ئي پوندي. شايد ڊاڪٽر ٽرمپ انهيءَ
حقيقت کان واقف ڪونهي ته سامي رسم الخط، جيڪو ترڪي
زبان جي نمائندگي ڪري ٿو، ان ۾”گ“ کي ٽي ٽٻڪا
لڳائي ”ثگ“ ڪيو ويو آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ لسانياتي
واڌارو، سڌاريل سنڌي الف – ب کان ٽيون حصو (33
سيڪڙو) وڌيڪ آهي. اسان کي مجبورن ڪن سامي آوازن کي
بدلائڻ لاءِ جيڪي منجهس موجود ڪونهين، اهڙو ئي
يڪسان طريقو اختيار ڪرڻو پوندو.
ڊاڪٽر ٽرمپ قديم ۽ جديد سڌاريل اکرن ۾ آيل تبديلن
جي جيڪا ڀيٽ ڪئي آهي، اُن بابت ٻه اکر چوڻ لازمي
سمجهان ٿو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي سمجهڻ جي برعڪس”ط“ کي
چئن نه بلڪ ٻن صورتن ۾ ڪتب آندو ويو آهي ۽ جتي اُن
جي استعمال سان ڪو فرق ظاهر نٿو ٿئي، اُن کي ڏکيو
يا منجهائيندڙ سمجهي رد ڪيو ويو آهي. مثال طور”ج“
جو ڪارج ”خ“ کان وڌيڪ ڪونهي ۽ بنا ٽٻڪي اُهو ڪنهن
ٻئي اکر لاءِ ڪتب ڪونه ٿو اچي ته اضافي ٽٻڪو واقعي
منجهائيندڙ ٿئي ٿ. مگر ”ط“ نشاني طور ڪتب آڻڻ سان
سنڌين لاءِ بلڪل نئين ڳالهه آهي. الف – ب جي سڌاري
دوران مان اِن حقيقت کان بلڪل بي خبر هئس ته ”ٺ“
کي عام طور ”ٽ“ جو وسرڳي آواز ڪري ڪتب آندو وڃي
ٿو. گذريل آگسٽ (1854ع) ۾ پهريون دفعو مشن هائوس
جي هارون لوهار پاران پڌري ڪيل رسم الخط ڏسڻ
کانپوءِ اِها حقيقت معلوم ٿيم. بعد ۾ ڳولا ڪندي پڪ
ڪيم ته اُن اکر کي سڌاريل الف – ب ۾ شامل ڪجي ها،
ڇاڪاڻ ته اُهو اکر اڪثر ڪري جديد سنڌي ماڻهو سمجهي
سگهن ٿا. اُنهيءَ صورتحال ۾ ”ت“ جي استعمال جي
بلڪل ضرورت ڪانه هئي. انڪري اِن اکر کي ڪڍي اُن جي
جاءِ تي هارون لوهار وارو ”ٺ“ کي ئي رکيو ويو
آهي. |