سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :27

ماهتاب محبوب

زندگيءَ  جهڙو شخص – علي احمد بروهي

مون کي سال جي شروعات ۽ پڄاڻي کان سدائين ڊپ لڳندو آهي، ڇو جو بدقسمتي سان اسان جا ڪيترائي ويجها ۽ پيارا اُنهن ئي ڏينهن ۾ ساٿ ڇڏي ويندا آهن. بروهي صاحب، علامه قاسمي ۽ شمس سومري جو وڇوڙو سال جي پڄاڻيءَ جو هڪ انتهائي ڏکيو ڌڪ آهي، جنهن ڄڻ سڄي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي در ۾ ڌوڏي ڇڏي آهي.

بروهي صاحب جو موڪليل آخري عيد ڪارڊ منهنجي ٽيبل تي اڃان به موجود آهي، پر ويساهه نٿو اچي ته اُهي لفظ جن مان ڪي ڏينهن اڳ تائين زندگيءَ جي مهڪ پئي آئي، سي اڄ ڄڻ موت جي ڪٽهڙي ۾ گم ٿي ويا آهن ۽ هو زندگيءَ سان ڀرپور شخص اسان ۾ ناهي رهيو... بهرحال، اِن حقيقت کان دوست ته دوست، پر دشمن به اِنڪاري نه ٿيندا ته سنڌ ۽ سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ هميشه پُر اُميد رهندڙ بروهي صاحب جهڙا حوصلي مند ماڻهو پنهنجي بيباڪ ڪردار جي حوالي سان زندگيءَ ۾ توڙي موت پڄاڻان به پنهنجي قوم جي لاءِ هڪ وڏو ڏڍ ۽ آسرو هوندا آهن.

هر انسان جي زندگي ۾ ڪامياب تجربا، ترقيون، ناڪاميون ۽ نادانيون گڏ گڏ هلندڙ آهن. ذهين کان ذهين انسانن جي زندگي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا تجربا شامل ٿيو وڃن جو کن لاءِ ئي سهي کيس پنهنجو سمورو وجود ڪُن ۾ ڦيراٽيون پائي غرق ٿيندي محسوس ٿيندو. شيخ اياز جهڙي انتهائي ذهين ماڻهوءَ تي به اهڙيون ڪي مهلون آيون پر ڏک کي پرڀائڻ لاءِ اڪثر کلي چوندو هو”وري به پاڻ کي خوش قسمت ڀائيندس جو زندگي ۾ ئي خدا منافقن جو اصلي چهرو ڏيکاري  ڇڏيو. جنهن کي پنهنجي ڪوتاهي سبب سڃاڻي نه سگهيو هئس. هاڻ گهٽ ۾ گهٽ هنن بابت ڪا خوش فهمي ته نه رهندي.“

جيئن اياز پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ”برسات جو ايڊيٽر ٿي ”دعائون“ لکڻ شروع ڪيون، تيئن ئي تنگ ذهن ماڻهن جا تير ۽ نشتر هن تي وسڻ لڳا هئا. پر هو مطمئن رهيو. ساڳئي ريت بروهي صاحب هڪ عرصي کان زندگيءَ جي طويل شاهراهه تي هلندي اوچتو هڪ اهڙي موڙ ڏي مُڙي ويو جنهن جي خبر هئڻ جي باوجود به ته کيس پٿر به لڳي سگهن ٿا، هو بي ڊپائي مان ان تي هلندو رهيو. هن عمر ۾ به هو انسان کي سندس اندر ٻاهر سوڌو پرکي سگهڻ جي همت رکندڙ هو. حالتن سان مقابلو ڪري هن زندگيءَ ۾ هر چئليجن کي خوشدليءَ سان قبول ڪيو. ”متحده“ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان اهو فيصلو ڪيترن کي نه آئڙيو، پر اها به حقيقت آهي ته انسان جي سوچ زندگيءَ  جي ڪنهن به موڙ تي پاڻمرادو بدلجي سگهجي ٿي. بروهي صاحب پاران ”متحده“ ۾ شامل ٿيڻ وارو فيصلو يقينن ان حقيقت جي ترجماني ٿو ڪري ته هو سنڌ ۾ هلندڙ آئي ڏينهن جي جهيڙي جهٽي واري سياست ۽ ليڊر شپ کان بيزار هو. لاشڪ ته سياست ۾ پير پائڻ وارو فيصلو ان ڪري به ڪيو هوندائين ته جيئن هو سنڌ ۾ رهندڙ ٻنهي ڌرين (سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن) جي وچ ۾ پيدا ٿيل ويڇا دور ڪرائي سگهڻ واري ڪوشش ۾ شامل ٿي سگهي ۽ اهڙو قدم کڻي بروهي صاحب لاشڪ ته پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض نباهيو. ان تي اگر ڪوئي اعتراض اُٿاري ٿو ته بيشڪ اُٿاري پر منهنجي خيال ۾ ان حقيقت کي هر ڪو مڃيندو ته بروهي صاحب سڄي زندگي هڪ ”باضمير فرد“ رهيو آهي، کيس پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي نه ڪوئي جرئت ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪير اهڙي دعويٰ ڪري ٿو سگهي.

علي احمد بروهي جي زندگيءَ جا جدا شيڊز  آهن... تکا مٺا، تيز تز، پر سنڌ سندس شخصيت جي هر رنگ ۾ سمايل هئي. ادب، ثقافت، صحافت ۽ تاريخ جي حوالي سان سندس خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه رهيون آهن، سندس لکڻي ۾ به اُهو ساڳيو ڪمال هو جيڪو سندس شخصيت مان پيو جهلڪندو هو. هو پنهنجي قلم سان ڪميٽيڊ هو، هڪ اهڙو سچو، کرو ۽ دلبهار شخص هو جنهن جي لفظن، ٻولي، منطق ۽ مزاح سان پڄڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه هئي، شايد اِهو ئي سبب هو جو سندس ڪمپني هڪ ئي وقت نوجوان توڙي بزرگن، هر ڪنهن لاءِ وڻندڙ هئي... ياد اٿم، ڪراچي وڃڻ تي جڏهن به بروهي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي ته وقت الائي ڪيئن منٽن ۾ پَر ڪري اُڏري ويندو هو. دل چوندي هئي ته کيس بس ٻڌندا وڃون... دانائيءَ جا گفتا، دل ڀڄائيندڙ واقعا، ٽهڪن جو سامان پيدا ڪندڙ يادگار ڳالهيون ۽ اهو ڪهڙو موضوع هو جنهن تي هو نه ڳالهائي سگهندو هجي؟ خدا کيس جنهن دانائيءَ سان نوازيو هو، هُن اُن جو قدر به ڪري ڏيکاريو.

فن خطابت به هڪ خدائي ڏات آهي. هڪڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي ڀانئجي ته دلچسپي ۽ چاهه مان پيو ٻُڌجي، ٻيا واري اهڙا ٿين جن پاران اسٽيج تي پير رکڻ شرط ٻڌندڙن کي اُٻاسيون شروع ٿيو وڃن، ته هر هر واچ ڏي به پئي نهار پوندي. بدقسمتيءَ سان اُهي ماڻهو ڏهه منٽ ڳالهائڻ به پنهنجي گهٽتائي سمجهندا آهن، پر ظلم ته اُنهن سان ٿيندو آهي جن لاءِ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جي تقرير نما ليڪچر ڏيڍ صديءَ برابر ٿيو پئي. پر ٻئي پاسي بروهي صاحب جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڀانئبو ته کيس ٻڌندو ئي رهجي. منجهانئس وڌ کان وڌ نه رڳو پرائجي پر سندس شگفته مزاجيءَ کي به پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏجي.

تنقيد ته هونئن به گهٽ برداشت ٿيندي آهي، پر بروهي صاحب ۾ تمام گهڻي سهپ هئي. پر ڪٿي جي هو متفق نه هوندو ته پنهنجي نموني سان ٺاهوڪو جواب ڏيئي ڇڏيندو. مون کي پوري ڳالهه ته ياد ناهي، پر اِهو سو ياد اٿم ته منهنجي ڪتاب ”جيءَ جهروڪا“ جي مهورت مهل اسان جي نامياري ليکڪ بادل جمالي، ڪتاب ۾ شامل بروهي صاحب جي مهاڳ بابت ڪا تنقيد ڪئي يا شايد ڪو اعتراض اُٿاريو هو، ته بروهي صاحب صدارتي تقرير مهل مُرڪندي مُرڪندي جيڪو جواب ڏنو تنهن سڀني کي مزو ڏيئي ڇڏيو. چيائين،”بادل جيڪو نه آسمان تي ٽڪي سگهي، نه زمين تي، سدائين وچ ۾ لٽڪيل.. اُن جي اعتراض تي ڪهڙي ميار......“

ليکڪ ڏاڍا حساس ٿيندا آهن، پر گهٽ ليکڪ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ماحول ۽ معاشري جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به نه بخشيندا آهن. بروهي صاحب پاڻ پنهنجي رنگ روپ ۽ شڪل شبيهه جي حوالي سان اڪثر پنهنجي لکڻين يا ڳالهه ٻولهه ۾ پاڻ تي ٽوڪ ٽڙي ڪندي پاڻ کي گهٽ پيو ڄاڻائيندو. هڪ دفعي چيومانس ته،”ادا! توهان نٿا ڄاڻو ته توهان جي اُن سانوري رنگت ۽ منهن مهانڊن ۾ ئي قدرت اِها مڻيا رکي آهي جيڪا توهان جي سموري منفرد شخصيت ۽ فطرت جي ترجمان آهي. فرض ڪريو ته جيئن هينئر توهان آهيو اُن بدران ڀورن وارن واري ٿلهي ٿنڀري ۽ مئدي جهڙي رنگت واري ڪا شخصيت هجو ها ته پوءِ اُن نمڪين مهانڊن عيوض ماڻهن جي دلين ۾ لهڻ واري ڏات به شايد توهان جي حصي ۾ نه اچي سگهي ها.“ تڏهن ياد اٿم ته هن نه رڳو منهنجي ڳالهه سان سهمت ڪئي پر بي انتها خوش به ٿيو.

کيس مان ”زندگيءَ جهڙو شخص“ انڪري چوندس، جو هن هر حال ۾ ڄڻ زندگي ورهائي آهي. مُئلن کي به ڪي گهڙيون پنهنجي ڳالهين سان هو ڄڻ جياري ڇڏيندو هو، نه ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي زندگي ته پري ٿي، سڀاءُ جي اعتبار کان ماڳهين موت جهڙو ڏيک پيا ڏيندا آهن.

بروهي صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت ڪڏهن به نا اُميد نه ٿيو. جتي کيس سندس لکڻين ۽ زنده دليءَ جي ڪري سدائين محبتون مليون. اُتي هن پنهنجي مزاحيه لکڻين مان تمام گهڻيون دشمنيون به پرايون، پر هن جو مقصد ڪنهن تي ٽوڪ ڪرڻ نه بلڪ ماڻهن کي کليءَ دل سان ٽهڪ ڏيارڻ هو. اِها هن لاءِ وڏي ۾ وڏي سخا هئي، اِنسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت اهڙوبه ايندو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه بي معنيٰ پيو لڳندو آهي. بروهي صاحب پڻ ايڏو سارو لکيو: ڪالم، ڪهاڻيون، ڪتاب، بيشمار مضمون، تاريخي ۽ ثقافتي ڄاڻ سان ڀرپور مقالا...پوءِ به احساس تي ڇانئجي دل ۾ لهي، روح ۾ رچي رِل مِل ٿي وڃڻ واري هن شخصيت جي اندر ۾ به اسان جي سماجي، معاشرتي توڙي سياسي حالتن اهڙي ڪا ڀڃ ڊاهه ڪئي جو لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويو هئس. هڪ ڀيرو منهنجي پڇڻ تي چيو هئائين:”لکڻ تي هاڻ دل ئي نٿي چئي... ڇا ڪجي... ڇا لکجي.. لکڻ لاءِ هاڻ ڪجهه به نئون ناهي رهيو.“ اهڙين سنجيده ڳالهين دوران مون کي بي اختيار سندس ڪجهه سال اڳ چيل اُها ڳالهه ياد اچي ويئي، جنهن ۾ مون کان پڇيو هئائين،”بابا، اڄڪلهه ڇاپيا لکو؟“ ته وراڻيو مانس،”هند مان هڪ نامياري ليکڪا پنهنجا چار پنج ڪتاب موڪليا آهن، جن تي تفصيلي رايو لکي ڏيڻو اٿم. سو اڄڪلهه اُن ڪم ۾ مصروف آهيان.“ ته کِلي پيو ۽ چيائين،”مون کي اِن ڪم لاءِ چئي ها ته مان چوانس ها راءِ لکڻ کان بهتر  آ ته مان تنهنجن سڀني ڪتابن سوڌو پاڻکي سَتي ڪري ساڙڻ لاءِ تيار آهيان.“ بروهي صاحب جي اِن بي ساختگي ڏاڍو مزو ڏنو. بهرحال هن ته کڻي پنهنجي فطري خوش مزاجيءَ سان اِها ڳالهه ڪئي، پر اُن پس منظر ۾ اِهوئي محسوس پئي ٿيو ته کيس لکڻ سان اڳي جهڙو چاهه نه رهيو هو، پر وري به کيس جس هجي جو قلم سان توڙ نڀائيندي هو لکندو رهيو. سندس آخري ليک لاشڪ ته ”مهراڻ“ جي ”قليچ بيگ نمبر“ ۾ شامل هو، جيڪو طبيعت ٺيڪ نه هئڻ واري حالت ۾ لکڻ جي باوجود به هڪ سگهارو، خوبصورت ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ليک هو. سندس هر لکڻيءَ جو اِهو ڪمال هو، جو اُها پاڻ ۾ گهرائي رکندڙ هئي. ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته بروهي صاحب ڪو ٻيو لفظ رهڙي جند پيو ڇڏائي. اِهو فن به گهٽ ماڻهن جي پلئه پيو هوندو، جيڪو مون بروهي صاحب جي لکڻين مان محسوس ڪيو ته وٽس لکڻ جو اهڙو ته سهڻو ڏانءُ هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو هڪ سٽ ۾ ئي ماڻهوءَ جي سموري شخصيت جي اُپٽار ڪري وٺندو هو ۽ اِهو فن رڳو لکڻ تائين محدود نه هو. بلڪه ڳالهائڻ مهل به هو اهڙا جهل پيو جهٽائيندو هو جو سندس سِٽ سِٽ لاءِ دل چوندي هئي ته ذهن ۾ محفوظ ٿي وڃي، ائين به نه هو ته وٽس رڳو ٽهڪن جون پٺارڪون ئي ڀريل هيون. زنده دل شخصيت هئڻ سان گڏ هو هو انتهائي شفيق، همدرد ۽ مهربان انسان پڻ هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک اوربو هئس يا ڪا پريشاني شيئر ڪبي هئس ته سدائين دلداريون ڏيندو؛”بابا الله چڱي ڪندو... بس الله کي ياد رکو...“ ائين نه ته اُنهيءَ مهل سان ئي جتي پائي شهر ۾ ڍنڍورا ڏيڻ نڪري ته فلاڻي هيئن ٿي چيو يا هونئن ٿي چيو. بس جيڪا ڳالهه ٿي سا اُتي ڇُٽي. هن پاران ٻه لفظ دلداريءَ جا کوڙ  هوندا هئا ۽ اهڙا سٻاجها ماڻهو اڄ جي دور ۾ ملڻ ڏاڍا ڏکيا آهن. مان سمجهان ٿي ته خوش قسمت هئس جو بروهي صاحب جهڙي شفيق انسان جون محبتون منهنجي حصي ۾ به آيون.

هُن نه ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي نه ئي هنکي شاعرن ۽ اديبن جو پاڻ پڏائڻ وڻندو هو. ڪير جي ائين ڪندو به هو ته بروهي صاحب وٽ اُن لاءِ سٺي راءِ نه هوندي هئي. امالڪ چئي ڏيندو:”هن جي ته رڳو مئين وئين جي پٽڪار پيئي پئي.“ سندس رڳو سُر ۾ ”وو“ چوڻ ئي کلائي ڇڏيندو هو.

اِها ڳالهه گهڻن جي مشاهدي ۾ هوندي ته ڪي ماڻهو پنهنجي بيماري سيماري جو جيستائين پڙهو گهمرائي شهر کان همدرديون نه ميڙين، تيستائين سُک جو ساهه نه کڻندا. رهندو ٻئي کي ميارون ڏيئي مارڻ کان وسان ڪين گهٽائيندا ته”مون کي پڇڻ نه آئين، الله نه بخش ڪندئي.“ پر آفرين آهي بروهي صاحب کي ، جنهن صحت جي حوالي سان ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺيون، پر ڪڏهن به ڪنهن سان ذڪر نه ڪندو هو، بس پنهنجي ليکي ماٺ ميٺ ۾ علاج ۽ دوا دوارون ڪرائي وري نئون سنئون ٿي پوندو هو. ڪراچي ۾ اسپتال جي بيڊ تي هوندو ته واپسيءَ  تي کلي ٻڌائيندو:”دوستن کي چيو هئم ته اسلام آباد ويل هئس.“ اُن مان خبر پئي ٿي ته هو همدرديون ميڙڻ کان ڪيڏو نه لهرائيندو هو.

ادب ۾ پير پائڻ کان اڳ اسان جي گهر ۾ بروهي صاحب جي ڪهاڻين، ڪردارن ۽ دلچسپ ڊائلاگن جو گهڻو ذڪر هلندو هو. اُن جو اثر مون تي اِهو ٿيو ته جڏهن ”نئين زندگي“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيم ته سڀ کان پهرين مان علي احمد بروهي ۽ رشيد ڀٽيءَ کي پڙهندي هئس، جيڪي پوءِ سدائين لاءِ منهنجا من پسند ليکڪ رهيا.

شخصي لحاظ کان پڻ بروهي صاحب انتهائي سٻاجهو ۽ ٻين جي ڪم اچڻ وارو شخص هو. هن جنهن جو به ڀلو ڪيو، نيڪ نيتي سان ڪيو. هن جي ذهن ۾ ڪڏهن ڀلجي به اهڙو خيال نه آيو، ته فلاڻي جو ڪم ڪري، مون کي به اُن مان مفاد حاصل ڪرڻا آهن. جيڪي به کيس ويجهي کان ڏسي چُڪا آهن، سي شاهد هوندا ته هو انتهائي درويش صفت، سخا جو سائين ۽ الله لوڪ قسم جو شخص هو ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته اسان وٽ اهڙا  انسان تمام گهٽ آهن، جيڪي بنا ڪنهن غرض يا مفاد حاصل ڪرڻ جي، ٻئي جي ڪم اچڻ جي همت ساريندا هجن.

83 ورهين جي ڄمار تائين هي باهمت انسان پاڻ سان پيار ڪندڙن کي ائين ساڻ ساڻ کڻي هلندو رهيو، ڄڻ اسان پڻ ساڻس گڏ گڏ زندگي جي لاهين چاڙهين تان هلندي سندس عمر تي اچي دنگ ڪيو هجي. جنهن مان اندازو ٿو ٿئي ته هن پنهنجي سموري زندگي کليل ڪتاب جيان اسان جي آڏو رکي، پر پوءِ به دل جا ڪي در اهڙا هئس، جن تي هن ڄڻ لوهي ڪلف ڪڙا چاڙهي اُنهن کي ڪڏهن به نه کوليو.. ڪنهن سان به نه سليو هوندو.... سواءِ پنهنجي شريڪ زندگي جي... جنهن لاءِ  کيس اٿاهه محبت رهي... ٻنهي ۾ جيڪا ذهني هم آهنگي رهي، تنهن جو جواب ناهي...... سچ ته اهڙي انڊراسٽينڊنگ مون ڪٿي نه ڏٺي.

۽ اڄ اسان وٽ رڳو ڳالهيون آهن، واقعا آهن، يادون آهن،......جيڪي اسان کي احساس ڏيارينديون ته اسين هن عظيم دور جا شاهد آهيون، جنهن ۾ اسان بروهي صاحب سان گڏ ساهه کنيو.... سندس علم ادب جون سوغاتون ۽ شفقتون ميڙيون.

هڪ يادگار تحرير

جڏهن پاڻ ويس وڻڪار......!

از : علي احمد بروهي

(نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي صاحب طرز ليکڪ سائين علي احمد بروهيءَ جي نثر نويسي پنهنجو مَٽ پاڻ ئي آهي. ادب ۾ سندس بنيادي سڃاڻپ ”ادب لطيف“ جي موضوع سان ٿي، جنهن کي هن آخر تائين طنز و مزاح جي حوالي سان پوري سگهه سان برقرار رکيو. توڙي جو تاريخ، تحقيق ۽ ٻين سنجيده موضوعن تي سندس لکڻين ۾ سندس معيار جو مقام مثالي  آهي. بروهي صاحب جو مضمونن ۽ ڪالمن جي تعداد کي صحيح معنيٰ ۾ ”بيشمار“ چئي سگهجي ٿو. جي پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان سنڌي ادب جو املهه اثاثو آهن. بروهي صاحب 1980ع ڌاري انفرميشن مان رٽائرمينٽ کان پوءِ شيخ سلطان ٽرسٽ جو ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو ته ان وقت روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي سندس اداري جي تحويل ۾ هئي. پاڻ لاڳيتو، تقريبن روزانو اخبار ۾ ڪالم لکندو هو ۽ اهو سلسلو ورهين جا ورهيه  هليو. جيڪو سندس دلچسپ ۽ معلوماتي لکڻين جي ”ڀرپوريت“ جو دوءر آهي. هونءَ ته بروهي صاحب جو هر هڪ ڪالم ”شاهڪار“ جي حيثيت رکي ٿو، پر 30 جولاءِ 1982ع واري اخبار ۾ آيل هيءُ ڪالم پنهنجي موضوع جي لحاظ کان نهايت ”منفرد“ آهي. ان ڪالم جو محرڪ اڳئين ڏينهن هڪ آيل خبر هئي، جنهن موجب اصل ۾ وفات ته بروهي صاحب جي ڀاءَ ”علي محمد“ جي ٿي هئي، پر اخبارن ۾ سندس (علي احمد) مغفرت لاءِ دعا طلبي ۽ فوٽو ڇپجي ويا. هيءَ دلچسپ ڪالم پاڻ ان موقعي تي لکي ڇپرايائون، جيڪو هاڻي سندس ياد ۾،”مهراڻ“ ۾ پيش ڪجي ٿو. ههڙي دلڪش تحرير جي خالق کي شال رب ڪريم  جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي...............ن.ا.ش)

چوندا آهن ته مرڻ واري کي پنهنجي موت جي نه هوندي آهي خبر نه چار. اِهو سڌ سماءُ کيس ڪير ۽ ڪيئن ٻڌائي ته هو ديس ڇڏي پرديس پهچي رهيو هو. مون کي به پهريائين ته ڪل ڪانه هئي ڪائي. ٻئي ڏينهن تي اخبارن ۾ پڙهيم ته خبر پيئي ته آءٌ ڪوهيارل به ڪالهه ڪيچ کان ڪوچ ڪري چڪو هئس. خبر پوڻ کان پوءِ هي خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان ته بروقت منهنجا تاثرات ڪهڙا هئا، پر هڪ ڳالهه جو يقين اٿم ته مون کي پنهنجي مرڻ جو ڪو خاص ڏک ڪونه ٿيو. البت دل کي اهو ارمان برابر ٿيو ته ٻيلي مرحُوم چڱو ماڻهو هو. پنهنجيءَ واٽ وارو هو. زمين تي ٻوجهه ضرور هو، پر ڪنهن جي اٽي تي چٽي يا تان ڪونه هو. هٺ وڏائي به هروڀرو ايڏي ڪانه هئس، پر الائجي ڇو سڃو هوندي به ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندو هو. خير ايتري آڪڙ ته اُن انسان جي سمجهه ۾ اچي ٿي، جنهن جي سچي توڪل الله تي هجي. هاڻ ته وڃي پنهنجي رب کي پرتو هو. هتي ته سندس حساب ڪتاب ئي پورو ٿي چڪو هو، هاڻي ڪهڙا ويهي ڦورا ڦولجن، چرين ڪهڙي چت ۽ مُئن ڪهڙا مامرا!

پنهنجي وفات تي پاڻ سان عذر خواهي ڪندي کل اچي وئي. ٽهڪ ڏيڻ تي هئم ته وري اچي ڦرڪڻيءَ ورايم. چوندا آهن ته موت تي ڪڏهن به نه کلجي، ڇاڪاڻ ته آخري ٽهڪ ته هونئن به اجل ئي ڏيئي ٿو سگهي. ملهه به ته مڙس جي پوئين ليکبي  آهي ۽ نه پهرين. پر اهڙي موت تي ڪير نه کلي، جنهن ۾ حياتيءَ کي نه اچي لهر نه لوڏو. پهرين ته ويساهه ئي نٿي آيو ته ننڊ هئي يا ساڀيا. پر جڏهن سڀني اخبارن ۾ سرخين سان گڏ پنهنجو فوٽو ڏٺم، ته پوءِ مڙوئي پڪ ٿيم ته يار مون سان خير ڪونه هو! وري به شاباس هجي منهنجي اخباري دوستن کي جن پوري ۽ پڪي ڄمار ۾ مون کي پرلوڪ پهچايو هو. جي مون کي ننڍي  هوندي يا جوانيءَ ۾ ئي ماري ڇڏين ها ته آءٌ کين ڇا ڪري سگهان ها. هنن نه فقط منهنجي موت جي خبر ڇاپي پر مون جهڙي عام ماڻهوءَ جي رواجي موت کي وڏي عزت بخشي، ڪجهه اخبار وارن سنگل ڪالم ۾ ئي منهنجو  ڪم لاهي ڇڏيو، ڪهڙي خبر سندن ڪو حساب ڪتاب رهيل هوندو. پر ”مهراڻ“ واري دلبر ته منهنجي خبر خوب سجائي ۽ سينگاري ڇاپي، اڃا ته تتي تاءُ ٻئي ڏينهن خبر کي ردڪد اچڻ ڪري خاص مضمون ۽ ايڊيٽوريل ڇپجڻ ملتوي ٿي ويا، ورنه منهنجي خاصي پت وائکي ٿيڻ جو امڪان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com