سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ترقي پذير صورتحال جي
مختصر تذڪري سان گڏ اهو بيان ڪرڻ موزون آهي ته
بورڊ جي مستقبل لاءِ ڪيئي اهم رٿائون جوڙجڪ هيٺ
آهن. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪجي گهڻو، چئجي گهٽ.“
سو، موجوده انتظاميه جي مسلسل ۽ متحرڪ جدوجهد ۽
جاکوڙ سان ڪيئي وڻندڙ نتيجا آڏو ايندا. انشاءَ
الله العزيز.
”مهراڻ“ بابت
·
ان موقعي تي سنڌ جي ڪرمفرما ۽ محسن عالمن ۽
اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جو شڪريو ادا ڪرڻ پنهنجو
بنيادي فرض ٿو سمجهان جن ”مهراڻ“ سان علمي سهڪار ۾
خاص طرح سان واڌارو آڻيندي، پنهنجين تخليقي ۽
تحقيقي جواهرپارن سان نوازي،”مهراڻ“ کي سگهاري
بنائڻ لاءِ وڏا ڀال ڀلايا آهن، جنهن جو واضح ثبوت
هن پرچي جي هيءَ پيشڪش آهي. سندن علمي تعاون ۾ اڃا
به اضافي لاءِ اسان خاطريون تصور ٿا ڪريون.
·
بورڊ جي مانواري ميمبر ۽ سنڌ جي قابل صد
احترام شاعر سائين امداد حسيني پنهنجي ٻاجهاريءَ
رهنمائيءَ سان مهراڻ کي قيمتي مشورن سان نوازي
ججهي حوصله افزائيءَ جو انتظام ڪيو آهي. سچن موتين
جهڙين سندس تجويزن سان مهراڻ کي جوت ۽ جلا فراهم
ٿيندي. سندس وضعدارانه سنجيده رهبريءَ لاءِ لک
لائق !
·
بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعام شيخ جي مسلسل
قدرداني ۽ توجهه، مهراڻ جي وقتائتي اشاعت ۽ واڌ
ويجهه جو بندوبست ڪيو آهي. خدا کيس سلامت
رکي.نهايت احسانمند آهيان.
·
ڀاءُ طارق عالم پنهنجي خوشبودار محبت آفرينيءَ
سان مهراڻ جي سرورق کي پُربهار بنائي، پرچي کي
ڇُهندڙ سُرهاڻ بخشي آهي. سندس شڪريه ادائي لاءِ
لفظن جو محتاج آهيان.
ن.ا.ش
سٽاءُ
شاعري
·
شيخ اياز
·
امداد حسيني
·
شمشير الحيدري
·
عنايت بلوچ
·
تاجل بيوس
·
تاج بلوچ
·
سرويچ سجاولي
·
وفا ناٿن شاهي
·
محسن ڪڪڙائي
·
خاڪي جويو
·
آثم ناٿن شاهي
·
اياز گل
·
نصير مرزا
·
مختيار ملڪ
·
ادل سومرو
·
سوز هالائي
·
احمد سولنگي
·
احمد خان مدهوش
·
مقصود گل
·
وسيم سومرو
·
جلال ڪوري
·
فياض چنڊ ڪليري
·
ساحر راهو
·
ايوب کوسو
·
عارف ڀنڊ
·
حبدار سولنگي
·
بخشل باغي
·
مير حسن آريسر
·
مختيار گهمرو
·
ظهير زرداري
·
ملهار سنڌي
·
جوهر بروهي
·
گل ٽکڙائي
·
اسد جمال پلي
·
اسحاق سميجو
·
روبينه ابڙو
·
پشپا ولڀ
·
علي آڪاش
·
جاويد سوز هالائي
·
روشن گهانگهرو
·
ابرار ابڙو
·
ياسين چانڊيو
·
امر اقبال
·
علي دوست عاجز
·
زبير سومرو
·
خليل عارف سومرو
·
فياض لطيف
·
سڄڻ سومرو
·
معصوم بخاري
·
خيال سنڌي
·
نويد ناز ڀٽي
·
بخت عابد
مقالا
1-
سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو ڪردار - سراج
2-
ويدن جا ويچار، سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم- ڊاڪٽر
غلام علي الانا
(ساميءَ تي اڀياس)
3-
سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج - ڊاڪٽر
ڪليم الله لاشاري
(مڪليءَ مان مليل هڪ اهم ثابتي) سنڌيڪار: غلام
محمد بُلو
4-
فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما - ناصف
علي شيراز
5-
”بيان العارفين“ – هڪ عام جائزو - ڊاڪٽر
غلام محمد لاکو
6-
ميانوال طريقت ۾ ”آزي“ جي اهميت -
اميرالنساء مگسي
7-
گيت گُلن جا هار هٿن ۾ - سائل
پيرزادو
(مير محمد پيرزادي جي گيتن جو فني ۽ فڪري جائزو)
8-
مرزا قليچ بيگ جي ”شاهه جي رسالي“
جو مطالعو - سليم
ڀُٽو لطيفي
9-
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو - انعام شيخ
(سنڌ جو هڪ مدبر حڪمران)
ڪهاڻيون/ ڪالم
1.
کِڙيا کٽڻهار -
حميد سنڌي
2.
اسين رهياسين اڌورا اڌورا - ڊاڪٽر
تهمينه مفتي
3.
سفر - ايوب
عمراڻي
4.
هرفن مولا - منصور
ٻرڙو
5.
پکين جي رات - گبرئيل
گارشيا مارڪيز
سنڌيڪار: رفيق سومرو
6.
ڊارلنگ - چيخوف
سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري
v
ڄامشورو جي پُل مٿان - الطاف
شيخ
v
رني ڪوٽ ياترا (رپورتاز) - نصير مرزا
آديسي اُٿي ويا…!
1.
علي احمد بروهي - ماهتاب
محبوب
2.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي - نذير
قاسمي
3.
شيخ محمد اسماعيل - خان
محمد جروار
4.
ڊاڪٽر شمس سومرو -
سڄڻ سومرو/لطيف نوناري
v
سارڪ رائٽرس ڪانفرنس لاهور
”سدائين گڏ…!“ - سحر امداد
تبصرا
1.
انسان جي تاريخ - ولي رام
ولڀ
2.
مخدوم بصرالدين
رح جي سوانح ۽ رسالو
- ن. ا. ش
3.
نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون -
زبير سومرو
4.
محمد عثمان ڏيپلائي - ن.
ا. ش
5.
ايلڪيمپو، سنڌ ۽ انعام - سهيل ميمڻ
(آمريڪا)
شيخ اياز
وايون
(1)
هي جيڪي برسات ۾ سِڪا ٿا چمڪن،
آڌيءَ رات اَروڙ ۾.
جن تي جهُڙ جي جهاڳ مان سِتارا جهمڪن،
آڌيءَ رات اَروڙ ۾.
ڄڻ ڏورانهين ڏيهه ۾ ڏياٽيون ٽمڪن،
آڌيءَ رات اَروڙ ۾.
پوئين پَهر پهاڙَ تي ڇڻَ ڇَڻ ٿا ڇِمڪن،
آڌيءَ رات اروڙ ۾.
(2)
امڙ! تنهنجا ڪوڪلا، منهنجي لاءِ نِلا پَلا،
مون کي وسرن ڪينڪي!
سانوڻ جي آڪاس ۾، تارا يا ڪي مُرمِلا،
مون کي وسرن ڪينڪي!
ٻاروتن ۾ کوهه تي، ٻايون، سينُهن تي دِلا،
مون کي وسرن ڪينڪي!
۽ هو جيڏيون جوءِ جون، جن جا گهگها گَهرِگهلا،
مون کي وسرن ڪينڪي!
(3)
لڙڪي مٿي لامَ، تو ڪهڙا وِسرام؟
توتي جهاتيون چنڊ جون!
آيا اُتر اوٽ ۾، پکين لاءِ پيام،
توتي جهاتيون چنڊ جون!
جهونجهڪڙي جي جِيءَ ۾، ناهي جوتِ اُجهامَ،
توتي جهاتيون چنڊ جون!
اندر آکيري لڪا، اوڙي سڀُ اُڏامَ،
توتي جهاتيون چنڊ جون!
توکي جاڳائي پئي، لُڏي ڪائِي ڪَام،
توتي جهاتيون چنڊ جون!
(4)
تو وٽ ڪيڏا ڍيرَ،
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
مُرڪي دَن ڏسي پيو ڪيئن نه ڀنيءَ ويرَ!
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
پورهئي ايءَ به سمجهيا ڀلائيءَ جا ڀيرَ،
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
ساري بَٽئي ويو کڻي، وڃي ٿا خيرَ!
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
وَٺان نيٺ وياج تي، هيءَ ته منهنجي هيرَ!
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
تو به وڏيرا ڪي سُئا ڀنيءَ جا ڪي ڀيرَ؟
مون وٽ ڪاسو ڪينڪي.
(5)
ڀيڄَ ڀِنيءَ ڀُڻڪار،
ڪائي ڪنڊيءَ ڪامَ تي؟
تون ڇا ٿو سمجهي هِتي، ڳيري جي ڳُٽڪارَ!
تاءُ وڌي ويو سج جو، اُس وڌي اوڀارَ،
پو ڀه ڪٿي ڏسجي پئي ڇانورڙي ڇَٽڪار،
ساڳي پکيءَ ٻولڙي ڄڻ ڌرتيءَ کان ڌار!
ڪائي ڪنڊيءَ ڪامَ تي؟
(6)
ڏِيئو ڏيکاري،
وڃي پيو واهڻِي.
سوٽي ماري سَپ کي اڳتي نهاري،
وڃي پيو واهڻيِ.
هي واٽهرو ڪيرُ آ سوچيو سِتاري!
وڃي پيو واهڻِي.
جنهن جا پيرُ ڍَڪيا پئي چنڊَ جيان کاري!
وڃي پيو واهڻي.
غزل
(1)
هو ڪيڏا سانگ رچائن ٿا، پَل ڄار رڳو هو پائن ٿا!
من پنهنجي کي ڪنهن شوڪت يا ڌن دولت تي هرکائن ٿا!
ٿي هر ڪنهن کي ڄڻ خاڪ سڏي ڪيڏا نه ڪري ٿي واڪ سڏي!
ميڙو نه متو ٿو ڪوبه ڇڏي هُو ڪو پل سڏ لنوائن ٿا!
ڪا ٺيس نه ڏي تون ماڻهوءَ کي آسيس چڱي آهر ڪنهن
جي،
ڪئن چئجي ڪو پل ڪيئن هجي، پر مورک ڪونه لکائن ٿا!
ڇو سک جو ساٿي آنهن رڳو اچ مون مان ڏک جي ڏاهپ سک!
مون لاءِ اَمر انسان اُهي جي پنهنجو پاڻ ڀُلائين
ٿا.
مون کي نه لڳي هي ڳالهه چڱي ڏاتار وٽان تو ڏات
مڱي،
ٿي ڪيئن پکين کي لات ملي هو ڪونه پڇن ٿا، ڳائن ٿا!
هاڻي به ’اياز‘ ڏسان ٿو مان سي ڳڀروءَ ساريءَ سنڌ
مٿان،
جي تنهنجا پير چمن بيٺا، جي توکي ساهه سمائن ٿا.
(2)
ٿو مالهه جيان آڪاس ڦِري ۽ کوهه گِڙي ٿو تارن جو!
پو نور وهي ٿو نيسر مان ٿي گيت وساريل پيارن جو!
ڇا پاڻ ڇڻيا يا هُن ڇاڻيا گل ڪالهه ٽڙيا جي خوابن
جا،
اقرار پرينءَ جا ڪيئي ها، ٿو آنءُ پڇان انڪارن
جو.
ڇَت ساريون راتيون ٽپڪي ٿي اک هيل نه پل لئه جهپڪي
ٿي،
برسات ته ڀرجي آئي آ، پر خير نه آ پنهنوارن جو!
هي واٽ وڃي ٿي ناري جئن، سو واڳو جنهن ۾ ڀرجي ويا!
ڌڻ ڌوڙ اُڏائن ٿا ويندي، آ پڌرو ڊپ ڌنارن جو.
تون ئي چئو توکي ڊوهي آ،هي ڏيهه سڄو ئي ڏوهي آ،
ڇا راجا جو ڇا پرجا جو، تون پڇ نه ڪجهه پرڪارن
جو!
هر ڪنهن سان ڌوڪو ٿيو آهي، ڪنهن ڪنهن جو ٻوڪو پيو
آهي،
ٿا هر هر ويري ورت ڇڪن، پا ٿيڻو آ تو پارن جو؟
(3)
سو وقت به اچڻو آ ساٿي! هي خواب حقيت ٿي ويندو،
جذبات ائين اُڀري ايندي هر حرف قيامت ٿي ويندو.
هي ٿنڀا ٿوڻيون ڦاهيءَ جا رهندا نه وڏيري شاهيءَ
جا،
ڪو آزاديءَ اِشارو ڄڻ هي لفظ ’سياست‘ ٿي ويندو.
ڪا سُهڻي ڪو ميهارُ ٻڏو پر پار هزارن ۾ ويندا،
درياهه جڏهن دَڙ لاٿا پو هو سارو دهشت ٿي ويندو.
جنهن وقت به نڪتي سج ڪني، ٿي پنهنجي چانديءَ جيئن
ٻني،
ورُ ساريندو آ جيئن وني انسان محبت ٿي ويندو.
دنيا تي ”اياز“ ڦري پيئي ڏس! ڏس! ديوار ڪِري پيئي!
هي رنج ته سارو سپنو آ ۽ آخر راحت ٿي ويندو!
(4)
ڇو جاڳيو آهين ننڊ منجهان، هاڻي ته لِکي اک لاتي
تو!
هي ڪهڙي ڳالهه جتائين ٿو ائن جيڪا اَڌ ۾ ڳاتي تو؟
اِئن پل ۾ تون ڪيڏانهن وئين جيڏانهن ستارن ميڙ
آيا،
ٿي توکي ڪيڏا ٿيڙ آيا ڇو رات ڪَٽي مڌ ماتي تو؟
تون آنهه اُتيئي، اِئن ته نه آهي پنڌ سمورو سپنو
هو!
ٿو روز وڃين ڪيڏانهن، مگر ڇا پنهنجي راهه سُڃاتي
تو؟
ڇا سپنا سَارا لڪ هيا، هي جوٺا جهولا جهڪ هيا،
پر تون سمجهين ٿو پڪ هيا؟ ۽ سچ پچ منزل تاتي تو؟
هي راڳ هيو ويراڳ هيو، جيڪي هو تنهنجو ڀاڳ هيو،
هي پنڌ به تنهنجو ماڳ هيو، جنهن لاءِ ڇڏيا گهر
ڀاتي تو؟
هي جهونجهڪڙي ۾ ڏس پنڇي جي سڀ کان اڳ ۾ اُڏرن ٿا،
ڇا لاءِ ’اياز‘ سُتين هاڻي ڳاتي ته پئي پرڀاتي تو؟
امداد حسيني
سفر! Suffer
وڃي پئي تيز گام
پوءِ تيز آهه يا ناهه
سا ته هِن کي خبر نه آهي
مگر سندس ذهن ريل جي ٻن پٽن جو محتاج ڪونه آهي
اهوته پل ۾ الاءِ، ڪاٿي رسي وڃي ٿو
اُتي جتي خيرپور نگر آهه
اُن ۾ هڪ ميرواهه آهي
اُنهيءَ ۾ پاڻي الاءِ آهي الاءِ ناهي
اِها ته هِن کي خبر نه آهي
مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته اُن جي ڪَڙ تي
اُها عمارت اڃا به آهي
مگر اُتي ناهه هاڻ ”تنوير“ يار پنهنجو
۽ يار تنوير کان سوا خيرپور لڳي ايئن جيئن ڪوئي
گلاب گلدان ۾ سجايل بغير خوشبو!
بقول تنوير يار ’خوشبو ته آهه آزاد‘ ڪنهن به گلدان
۾ ڪڏهن قيد ڪانه رهندي
ڪوي به ڪنهن ديس لاءِ خوشبو جيان ٿين ٿا
سدائين خوشبو جيان ئي آزاد هو جين ٿا
۽ پنهنجي ساهن جي هير ۾ ماڪ پاڪ لڙڪن سندي پين ٿا
۽ مُرڪندا مُرڪندا تڏهن شعر ڏيهه پرڏيهه کي ڏين ٿا
اُنهيءَ سمئه هانءُ هِن جو هٻڪارجي وڃي ٿو
۽ کن اَکن کيس اينءَ لڳي ٿو ته سنڌ ساري سڳنڌ آهي!
۽ هن جي من جي ستارن جي تارَ ساز بڻجي ڇڙي پوي ٿي
۽ ذهن جي آسمان تي ”هُن“ جي شڪل چوڏهينءَ جو چنڊ
بڻجي کِڙي پوي ٿي!
اُنهيءَ سهائي انهيءَ سڳنڌت مڌر سمئه کيس اِينءَ
لڳي ٿو ته هِن جو سارو وجود ڄڻ آرسيءَ جيان آهه
صاف شفاف ڍنڍ نيري!
۽ هوءَ اُن ڍنڍ ۾ گلابي ڪنول جيان ئي ٽڙي پوي ٿي!
وڃي پئي تيز گام
۽ ڦهلبي وڃي رات دور تائين
۽ هي ڏسي ٿو هِن جي پيرن ۾ آهليل هڪ فقير، اُٿي ٿو
وَٽر سَٽر هڪ فقيرياڻي ڳڀو کڻي آئي آهه اُن لئه
۽ چانهه وارو لنگهي وڃي ٿو
ته بوتلن وارو ٿو اچي
۽ جڏهن وڃي ٿو ته هڪڙي عورت پريان ڪٿان ٿي اچي ۽
هِن سان ٻُنڊڻ گسائي لنگهي وڃي ٿي
۽ هُو به سگريٽ ٿو دکائي ( ته ڪير ماچيس ٿو گهريس
۽ وَٺي ٿو سگريٽ اُو دکائي)
ٻه چار سُوٽا ئي مس هڻي ٿو ته ساڳي عورت وَرِي وري
ٿي
ٻُنڊڻ گسائي لنگهي وڃي ٿي
پريان وڃي برٿ تي چڙهي ٿي
۽ هن ڏي هڪڙي نهار اُڇلاءِ، شال اوڍي سمهي پوي ٿي،
ته جهٽ رکي کونگهرا ٿا جاڳن!
فقير مانيءَ ڳڀو ڳهي آهلي پوي ٿو
فقيرياڻي پنڻ لڳي ٿي
ته چانهه وارو وري اچي ٿو
جڏهن وڃي ٿو ته بوتلن وارو ٿو اچي
ٽيشڻون اچن ٿيون
لڳو پيو آ مسافرن جو لهڻ چڙهڻ ۽ چڙهڻ لهڻ
هي سفر هيو يا
Suffer
هيو؟
سا ته هِن کي خبر نه آهي
(اِئين به آهي ته زندگي آهه ٽرين وانگر
وڄي پئي ٽيشڻون ڇڏيندي
ڪٿي بِهي ٿي
نه ٿي بِهي ڪٿ
جتي بهي ٿي- اُتي مسافر لهن چڙهن ٿا، چڙهن لهن ٿا
۽ زندگي ٽرين جنءُ اَڄاتي سفر /Suffer
تي روان دوان ٿي رهي سدائين!
ٽڪيٽ آهي
ٽڪيٽ ناهي
انهيءَ جي پرواهه ڪانه آهي!)
”ٽڪيٽ“ ٽيٽي اچي وڃي ٿو
ٽڪيٽ جنهن وٽ نه آهه سو ويل ۾ اچي ٿو
ٽڪيٽ چيڪر جي مُٺ ۾ ڏوڪڙ ڏئي ڪرائي ٿو جان آجي
”سلام!“ مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي مٿو کنهي ٿي –
رَئو اُرهه تان لهي وڃي ٿو
ڀِرون ويو تائجي، تڙيءَ سان ٽڪيٽ چيڪر چئيس ٿو”او-
ٽڪيٽ!“
مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي مٿو کنهي ٿي، رئو ڍڪي
ٿي
ٽڪيٽ چيڪر هليو وڃي ٿو
فقيرياڻي به اُن جي ڪَڍ ڪَڍ هلي وڃي ٿي
فقير پهرين اُٿي ڏسي ٿو، ۽ پوءِ مُونن ۾ منهن وجهي
ٿو ڇڏي ۽ هلڪو ڏڪڻ لڳي ٿو
۽ پوءِ پَٽ تي ڪرونڊڙو ٿي ڊهي پوي ٿو!
وڃي پئي تيزگام
پوءِ تيز آهه يا ناهه
سا ته هِن کي خبر نه آهي
مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته ريل جون هي تمام سيٽون
Reserve
آهن
Reserve
سيٽن ۾ سنڌ لئه ڪابه سيٽ ناهي،
تمام پنجاب لاءِ مختص
۽ سنڌ لاءِ ليٽرن وٽ فقط بِهڻ لاءِ جاءِ آهي
۽ هي اُڀي ڳاٽ آهه بيٺو
ءِ ياد ”هُن“ کي ڪرڻ لڳي ٿو!
وڃي پئي تيز گام اڳتي
۽ ذهن پٺتي ورڻ لڳي ٿو
۽ کن اَکن ۾ الاءِ ڪاٿي رسي وڃي ٿو
اُتي جتي ”هوءَ“ آهه، جنهن جون اکيون سکيون ٿيون
لڳن – ۽ ڳالهيون
ڳڻن ڀريون
رنگ انگ ۽
انگ رنگ جنهن جا!
گلن ۾ جيڪا گلاب آهي
رُتن ۾ جيڪا بهار آهي
نشن ۾ جيڪا شراب آهي
تمام بي اعتبارُين ۾ اُهائي هڪ اعتبار آهي
تمام تر بي قرارُين ۾ اُهائي وجهءِ قرار آهي
اُهائي ڪوتا
اُهائي پوڄا،
اُهائي هِن لاءِ پيار آهي!
وڃي پئي تيزگام – سڀڪجهه پٺيان ڇڏيندي
وري به سگريٽ ٿو ڪڍي، پر نه ٿو دُکائي- رڳو چپن ۾
رکي ڇڏي ٿو(ائين هجي ڄڻ ته دانهن ڪائي!) |