امير النساءَ مگسي
ميانوال طريقت ۾ ”آزي“ جي اهميت
”آزي“
لفط،جيڪو اصل عاجزي مان نڪتل آهي ۽ وقت جي گذرڻ
سبب پنهنجي ”ج“ حرف کي حدف ڪندي ”عازي“ ”آزي“ ٿي
ويو آهي. سو ”ميان وال تحريڪ“ يا مياوال طريقت سان
واسطو رکندڙ فقيرن جي هڪ ”مخصوص دعا“ جو نالو آهي،
جنهن ۾ خدا، اُن جي رسول مقبول صلي الله عليه وآله
وسلم ۽ پنجتن پاڪ جي اڳيان آزي نيازي ڪري، عاجزي ۽
انڪساري ڪرڻ، پنهنجن بزرگن، ولين ۽ شهيدن کي ياد
ڪرڻ ۽ پڻ پنهنجن وطني ماڻهن يعني سنڌ ڌرتي تي
رهندڙ ڀائرن جي خوشحالي ۽ ملڪ جي سکئي ستابي هئڻ
لاءِ دعا آهي(”آزي نيازي“ جي حوالي سان، اُن کي
”الف“ سان لکڻ مناسب ٿو نظر اچي.“ )
سنڌ ۾ ”ميانوال تحريڪ“ عظيم وطن دوست سنڌي سپوت
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان شروع ٿئي ٿي. ميان آدم
شاهه ڪلهوڙي روحانيت ۽ سياست کي گڏ هلائڻ لاءِ
”ميانوال طريقت“ جو بنياد رکيو. جنهن جا ڪارڪن
هاري طبقي سان وابسطه هئا ۽ جن پاڻکي ”فقير“
سڏرايو. جڏهن ”فقيرن“ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو
ٿي ويو ۽ گذر معاش واسطي اُنهن کي زمين جي گهرج
پوندي ٿي ويئي، تنهن کي هٿ ڪرڻ واسطي خالي پيل
زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ميان آدم شاهه اڳتي قدم
وڌايو. جنهن جي نتيجي ۾ ميان صاحب ۽ سندس ”فقيرن“
جي وڌندڙ مقبوليت ۽ مڃتا کي ڏسندي ڀروارن زميندارن
۾ خوف ۽ خطرو پيدا ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري عوام دشمن
زميندار مغلن جي نائب(ملتان جي گورنر) سان ساز باز
ٿي سازش ڪري ميان آدم شاهه جي وڌندڙ طاقت(ميانوال
تحريڪ يا هاري تحريڪ) کي روڪڻ لاءِ دستوري حربا
استعمال ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ ملتان جي سنڌ دشمن مغليه
گورنر ڍل نه ڏيڻ کي موضوع (بهانو) بنائي زميندارن
جي سازشن ۽ چغلين تي ميان آدم شاهه کي قيد ڪرائي
ملتان آندو. ان قدم سان تحريڪ کي هيڪاري اُتساهه
مليو. ان طرح نه صرف ڪيترائي بلوچ قبيلا ڏينهون
ڏينهن اُن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ لڳا، پر سماٽ قبيلا
پڻ وڏي تعداد ۾ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هيءَ
تحريڪ سنڌ ليول تي وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي. ان
عوامي مڃتا کان خائف ٿي هن تحريڪ جي سرواڻ ميان
آدم شاهه ڪلهوڙي کي ملتان جي گورنر (مغلن جي نواب)
ڦاسي جي سزا ڏني. سندس لاش کي سکر ۾ آڻي هڪ ٽڪريءَ
تي دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”آدم شاهه جي ٽڪري“ سڏيو
وڃي ٿو، جتي مٿس هڪ عاليشان مقبرو اَڏيل آهي.
ميان
آدم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد دائود ۽ ميان
محمد ابراهيم ناتجربيڪاريءَ جي ڪري ”فقيرن“ کي
پوريءَ طرح سنڀالي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ميان
آدم شاهه کي ڦاسي ڏني ويئي، تڏهن اُهي ٻئي ڀائر
ننڍا هئا. کانئن پوءِ جڏهن قيادت ميان الياس محمد
بن ميان دائود جي هٿ هيٺ آئي ته اُها وري منظم ٿيڻ
لڳي. ميان الياس محمد جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ
ميان شاهل محمد پڳ ڌڻي ٿيو، جنهن پڻ ”ميانوال
تحريڪ“ کي منظم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو. اُن
جاکوڙ جي نتيجي ۾ ميان شاهل محمد ملتان جي گورنر
سان مردانه وار مُهاڏو اٽڪايو، جنهن ۾ کيس شهادت
نصيب ٿي.
ميان
شاهل محمد کان پوءِ پڳ جو ڌڻي ۽ تحريڪ جو سرواڻ
ميان نصير محمد ٿيو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي
پنهنجن بزرگن جي پيروي ڪندي نهايت دورانديشيءَ سان
پنهنجن فقيرن ۾ واڌارو آندو ۽ کين منظم طريقي سان
سنڀاليو. سندس معاشي ۽ سماجي حالتن کي سڌارڻ ۽
مخالفن جي سياسي چالبازين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت
عمليءَ سان وڏي جدوجهد ڪيائين. سندس جرائت ۽ ڏاهپ
تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. هن مرد مجاهد تحريڪ کي
منظم ڪرڻ لاءِ ڪي اصولي قاعدا ۽ قانون پڻ جوڙيا،
جن مان ”آزي“ هڪ اهم عنوان آهي. ”آزي“ مان مراد
خدا ۽ اُن جي رسول پاڪ جي اڳيان عاجزي ۽ انڪساري
ڪرڻ ۽ پنهنجين تڪليفن ۽ دردن کي دور ڪرڻ لاءِ ڌڻي
جي در دعاڳو ٿيڻ آهي. ميان نصير محمد تحريڪ جي
نعري ”الله توهار“ (معنيٰ الله تو آهر ، يعني الله
تنهنجي آسري) کي عام ڪيو.”آزي“ ۾ پنهنجن بزرگن،
اڳواڻن، شهيدن ۽ ولين جي ذڪر کان پوءِ تحريڪ جي
سرگرم ڪارڪنن جو به ذڪر اچي ٿو. جنهن کان پوءِ عام
ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ سان گڏ”سنڌ“ جي سکئي
ستابي هئڻ لاءِ دعا پڻ شامل آهي. هي”آزي“ ميانوال
تحريڪ وارن جو ڄڻ هڪ دلپذير طريقتي ”ترانو“ آهي.
جنهن جي قومي لحاظ کان نهايت وڏي اهميت ۽ افاديت
آهي. ۽ جنهن کي سمجهڻ لاءِ تاريخ جي ورقن ۽ سُڄاڻ
ماڻهن جي سينن ۾ سانڍيل صدري روايتن کي سمجهڻو
پوندو.
پروفيسر
عبدالله مگسي جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو جديد
مطالعو“ ۾ جيڪا ”آزي“ ڄاڻائي وئي آهي سا جديد طرز
تي ترتيب ڏنل آهي. اچو ته اُن تي هڪ نظر وجهي اُن
جي تشريح ڪريون ته تاريخي طور تي وقت ۽ حالتن
مطابق آزي ۾ ڪيتري قدر واڌارو ۽ سڌارو آيو آهي:
”آزي“ پڙهڻ لاءِ ڪهڙا قاعدا ۽ قانون آهن ۽ ”آزي“
پڙهڻ جو حق ڪنهن کي هو ۽ ڪنهن کي آهي. انهن سڀني
ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ واسطي”آزي“ جو شروعات کان وٺي
پيرائتو ذڪر ڪرڻو پوندو.
”آزي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
بسم الله
الله توهار!
چئو ساٿيو الله توهار!
’آزي‘ ڪيون ٿا، الله جي در تي،
اُن جي پاڪ رسول،
۽ پنجتن پاڪ جي صدقي،
صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي
”آزي“
جي ابتدا ۾ خدا ۽ اُن جي ڏنل ڪتاب واري ٻولي عربي
مان بسم الله جو اکر استعمال ٿئي ٿو. جنهن جي
معنيٰ پڻ اِها آهي ته شروع ڪيان ٿو الله پاڪ جي
نالي سان. اُن کان پوءِ ”الله توهار“ جو لفظ ڪتب
آندو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”الله جل جلاله!
تنهنجي ئي آسري تي“ هن لفظ ”الله تو آهر“ جي لکڻي
ايئن آهي(الله تنهني آسري) ليڪن مجموعي طرح ۽ وڏي
آواز ۾ هي لفظ ”الله تو آهر“ بدلجي ”الله توهار“
ٿي وڃي ٿو. جنهن کان پوءِ ”آزي“ ۾ لفظ اچي ٿو
ته”چئو ساٿيو الله توهار“ اِن مان پڻ اجتماعيت جو
ذڪر نڪري ٿو نه انفراديت جو، جو پنهجن سڀني ساٿين،
همدردن ۽ وفادار ماڻهن کي سڏي چيو وڃي ٿو ته
”ساٿيو! گڏجي الله توهار ڪيو“ (يعني گڏجي الله جي
آسري تي ڪنهن به ڪم جي شروعات ڪيو) اڳتي ”آزي“ ۾
اچي ٿو ته”الله تعاليٰ جي در تي ’آزي‘ ڪيون ٿا،
عجز و انڪساري ڪيون ٿا.“ وري اڳتي چئي ٿو
ته،”پنجتن پاڪ جي صدقي“ هاڻي جڏهن پنجتن پاڪ جو
ذڪر ٿئي ٿو ته ائين ڀانئجي ٿو ته پنجتن پاڪ جو ذڪر
ابتدائي طور تي ڪونه هو ۽ اِهو پوءِ جو واڌارو
آهي. ڇاڪاڻ ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي وصيت
نامي ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت “ ۾ صاف
ڄاڻايو آهي ته” اسين سهروردي طريقي جا آهيون. اسان
جو پير مرشد سيد ميران محمد جونپوري آهي، سو به هن
طريقي تي قائم آهي.“ اهڙيءَ ريت اڳتي چوي ٿو ته،”
سياست کي ڇڏڻ جي معنيٰ رياست کي ڪمزور ڪرڻ، ڇو ته
رياست جي ڪاميابي لاءِ سياست ضروري آهي.“ جنهن
مان صاف نظر اچي ٿو ته ڪلهوڙن جي اِنهيءَ تحريڪ جو
بنياد ”پيريءَ“ مذهب سان گڏ سياست تي ٻڌل هو. جڏهن
”سهروردي طريقت“ جو ذڪر اچي ٿو ته پنجتن پاڪ جو
ذڪر اچڻ ذرا ويچار جوڳو نقطو آهي، ليڪن ائين معلوم
ٿئي ٿو ته پنجتن پاڪ جو ذڪر ”آزي“ ۾ پوءِ جو
واڌارو آهي. ڇاڪاڻ ته ميان غلام شاهه جڏهن نادر
شاهه افشار وٽ ايران ۾ يرغمال بنيل هو ته اُتي
ميان صاحب ايرانڻ شهزاديءَ سان شادي ڪئي هئي. نادر
شاهه جي قتل کان پوءِ ميان صاحب جڏهن آزاد ٿي سنڌ
ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي تي اُن شهزاديءَ مان هڪ
پُٺ ڄائو، جنهن جو نالو سرفراز خان رکيو ويو. ميان
غلام شاهه تي اُن شهزاديءَ جو گهڻو اثر هو. اها
بيبي ايران جي اهل تشيعت سان واسطو رکندڙ هئي،
جنهن جي ڪري ميان غلام شاهه تي پڻ فقه جعفريه جو
اثر ٿيڻ شروع ٿيو. وري جڏهن ميان سرفراز خان سنڌ
جو والي وارث ٿيو ته پاڻ اهل تشيعت ڏانهن لاڙو
رکيائين. پاڻ اصفحاني خاندان جي هڪ شهزاديءَ سان
شادي ڪئي هئائين، جنهن ڪري سندس سهاراڻو توڙي
ناناڻو گهر ”ايران“ هو، جنهن ڪري مڪمل طرح اهل
تشيعت سان تعلق رکيائين. اِنهن سببن جي ڪري
ميانوال تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ۽ فوجي سپهه سالار ،
بلوچ قبائل سميت، پڻ اهل تشيعت ڏانهن راغب ٿيا، جن
۾ خاص ڪري ”ٽالپر سردار“ اوليت تي هئا، ڇاڪاڻ ته
ڪلهوڙن جا فوجي سپهه سالار ٽالپر امير هئا، جنهن
ڪري ميانوال تحريڪ ۾ اهلِ تشيعت جا آثار ميان
سرفراز خان جي وقت کان نموندار ٿيا ۽ پوءِ ”آزي“
جي متن ۾ به واڌارو آڻي پنجتن پاڪ جو ذڪر آندو
ويو، جنهن ڪري الله ۽ اُن جي رسول صلي الله عليه
وآله وسلم کان پوءِ پنجتن پاڪ جو ذڪر اچي وڃي ٿو،
جنهن کان پوءِ ولين، بزرگن، شهيدن جو ذڪر اِن طرح
اچي ٿو.
صوفي شهيد ميان آدم شاهه جي،
صدقي ميان شاهل محمد جي،
صدقي ميان دين محمد جي،
صدقي ميان نصير محمد جي،
صدقي ميان يار محمد جي،
ميان نور محمد،
ميان غلام شاهه،
ميان سرفراز،
ميان غلام نبي،
ميان عبدالنبي شاهه جي !
جڏهن ولين، بزرگن ۽ شهيدن جو ذڪر ۽ تحريڪ جي
سرواڻن(ڪلهوڙا خاندان) جو ذڪر اچي ٿو ته ”شهيدن“
جي رتبي کي مٿاهون تصور ڪندي اُنهن جو ذڪر ”پهرين“
اچي ٿو. خود قرآن پاڪ ۾ پڻ بيان ٿيل آهي ته شهيدن
جو رتبو اعليٰ آهي، ۽ شهيد مرندا نه آهن بلڪه
زنده هوندا آهن. اِنهيءَ ڪري ”آزي“ ۾ سڀ کان اول
ڪلهوڙا خاندان جي شهيد اول ۽ ميانوال تحريڪ توڙي
خاندان جي باني ميان آدم شاهه جو ذڪر اچي ٿو. جنهن
کان پوءِ ميان شاهل محمد جو ۽ اُن کان پوءِ ميان
دين محمد جو رتبو ليکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اُنهن جو
ذڪر ميان دائود، ميان ابراهيم، ميان الياس محمد ۽
ميان نصير محمد کان اڳ ۾ ٿئي ٿو. حالانڪه ميان دين
محمد ميان نصير محمد جو پٽ هو ۽ ”آزي“ جو رواج
ميان نصير محمد جي وقت ۾ پيو. ميان نصير محمد کان
پوءِ ميان دين محمد ئي پڳ جو ڌڻي ۽ تحريڪ جو سرواڻ
ٿيو، ليڪن ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان
دين محمد جو ذڪر سڀ کان اول اچي ٿو. هاڻي سوال ٿو
پيدا ٿئي ته ميان سرفراز خان ۽ ميان عبدالنبي پڻ
شهيد ٿيا، ليڪن اُنهن جو ذڪر عام طرح سان ۽ حاڪمن
سان گڏ ٿيو، سو ڇو. تنهن لاءِ هڪ گمان اِهو آهي ته
اُنهن جي شهادت گهريلو جهڳڙن سبب ٿي نه ڪي ٻاهرين
طاقتن جي ڪري، تنهن ڪري اُنهن جو ذڪر عام رواجي
طرح ٻين ميان صاحبان سان گڏ ٿيو آهي.
اِتي
هڪ ٻيو سوال به اُڀري ٿو ته هيءَ”آزي“ ميان نصير
محمد جي وقت ۾ ٺهي،جيڪا محدود نالن سان هئڻ کپي،
مثلاَ، ميان الياس محمد تي جيڪا ”آزي“ پڙهي ٿي
وڃي، اُتي ميان الياس محمد جو نالو ورتو وڃي ٿو يا
وري گاجي شاهه تي جيڪا ”آزي“ پڙهي وڃي ٿي، تنهن جا
ٻول هن ريت آهن ته:
يارو! ڪرو الله توهار،
ميان شاهل محمد،
ميان الياس محمد،
ميان نصير محمد،
ميان پنجا ڌوءنڪ دا ڌڻي(شاهه پنجو سلطان)
گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار
سا واليان دي شيءِ ٿيوي،
يارو! ڪرو الله توهار.
اهڙين
مخصوص ”آزين“ ۾ وري پنهنجي پنهنجي نوعيت رکي ويئي
آهي، پر ميان صاحبن جي نالن وارو پوءِ جو واڌارو،
يعني ميان نصير محمد کان وٺي ميان عبدالنبي تائين
حڪمرانن کي ڳڻپ ۾ آندو ويو آهي، جن کي عوام ۽
فقيرن جي تائيد حاصل هئي، پر عام رواجي طرح ٻين
ڪلهوڙا حاڪمن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي مثلاَ ميان
دائود، ميان ابراهيم، ميان الياس محمد، ميان مير
محمد، ميان مرادياب خان، مير عطر خان، ميان احمد
يار خان يا ميان محمود خان، وغيره يا وري ائين به
چئي سگهجي ٿو ته اُنهن جو ميانوال تحريڪ کي منظم
ڪرڻ ۾ ڪو وڏو يا خاص ڪردار نه رهيو آهي، تنهنڪري
اُنهن ”آزي“ ۾ اهميت نه ڏني ويئي آهي.
ميان صاحبن کان پوءِ”آزي“ ۾ ڪن فقيرن جو ذڪر به
اچي ٿو، جيئن پروفيسر عبدالله مگسي ڄاڻائي ٿو ته:
صدقي شاهه گودڙئي
صدقي شاهه پنجي
سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي،
اچو ته ساٿيو ”آزي“ڪيون
چئو الله توهار! |