”سوز“ هالائي
وائي
پلپل تنهنجا پن، ڇڻيو پَٽ پون،
سرءُ رُت جي واءُ ۾!
نٽهڻ اُس جي تاءَ ۾، سُڪيو سوڪ ٿين،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
موسم مٽائي ڇڏيا، سارا ويس ورن،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
آکيرا اُجڙي ويا، پنڇي ڪٿ ويهن،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
ڪيئن پل تو وٽ گهاريا، مون سان محبوبن،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
ڇا لئه منهنجي ڇانءَ ۾ رهيو واس نه وَن،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
وري جوڀن تنهنجو اکيون شال ڏسن،
سرءُ رُت جي واءَ ۾!
احمد خان ”مدهوش“
غزل
ڦِرُ فضائن ۾ نه آواره هوائن وانگر،
ڳول محبوبن کي گمنام گدائن وانگر.
جنهن جي درشن جي تلاش آهه مسافر توکي،
سو خدا ناهه زماني جي خدائن وانگر
پنهنجي هستيءَ جا وڳا ويس ڪپي ڪوري،
ليڙون ليڙون ٿي فقيرن جي قبائن وانگر.
وڌ مجازيءَ کان حقيقت جي طرف ڏي تڪڙو،
ڀل ته بيٺا ئي هجن زلف بلائن وانگر.
چئي ”توڪلت عليٰ الله“ جو ڪلمو مدهوش،
ڪر وفا پنهنجي کي مشهور وفائن وانگر.
مقصود گل
غزل
سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا،
کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون
ٿا.
نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي،
دکم دکم ته به سرور سمجهي،سرود سرگم کنيو وتئون
ٿا.
حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي،
عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون
ٿا.
نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون،
پيئاريون،
خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون
ٿا.
حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي،
گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون
ٿا.
محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي،
ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا.
اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو،
دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي عجيب عالم کنيون وتئون
ٿا.
اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا
ورهايون،
ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون
ٿا.
جلال ڪوري
ڪافي
’الانسان‘ جي ٻولي ٻولي،
راز ڇڏيا سڀ رانجهن کولي!
عشق مان ساري جوڙ جوڙيائين،
ڳجهه لڌو ڪن ڳولي ڳولي،
تون تون مان مان وسري ويئي،
آيا جڏهن عشق جي اولي.
’سبحاني ما اعظم شاني‘،
عشق ٿو سارا راز اُکولي.
حق ٿو ’اناالحق‘ چوائي،
دنيا ڀُلجي وئي ڪنهن ڀولي!
وسيم سومرو
غزل
گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا،
رنگ آهن اُجهاڻا نه سنسار جا.
او مِٺي! مُرڪندڙ نيڻ پنهنجا کڻي،
ڪجهه ته انداز ڏي سُونهن سينگار جا.
نيٺ ڪهڙو سفر، هُو پَريان پيو سڏي،
ورق سارا ٺپي، جيت ۽ هار جا.
روشني هيءَ اُڏاميو اچي پئي ڪٿان،
وار کوليا وري ڇا سکيءَ سار جا.
تون به سُر جي سفر ۾ ڏيئو ٿي ٻرين،
رنگ تون جي ڏسين تڙپندڙ تار جا.
چنڊ مُرڪي مڇيءَ جيئن ڏٺس پئي مٿان،
ڪنهن مُهاڻيءَ ڇڪيا پئي سِرا ڄار جا.
هاڻ ڪهڙيون ميارون وسيم ڏيان!
سڀ قبولي ڇڏيا مون سٺا يار جا.
فياض چنڊ ڪليري
ڪافي
’ڪُن فيڪون‘ کان اڳ ئي هئاسين،
پاڻ ازل جي اوٽ الا،
قيد ڪيو هن جسم جادوگر،
اکڙيوين روليو نگر نگر،
ڪنهن جي ڪارڻ رهجي وياسين،
پاڻ ازل جي اوٽ الا،
پاڻ گناهن مان ڇا ڄاڻئون؟
پاڻ ثوابن مان ڇا ڄاڻئون؟
حُسن ڀُلايو، ڀُلجي وياسين،
پاڻ ازل جي اوٽ الا،
آبِ ڪوثر جي پياس هئاسين،
اونهو ڪو احساس هئاسين،
ڪنهن جو پيتو، پياس ٿياسين،
پاڻ ازل جي اوٽ الا،
”چنڊ ڪليري“ پاڇو بڻجي،
جڳ لئه درد دلاسو بڻجي،
چار گهڙيون هن جڳ ۾ جياسين،
پاڻ ازل جي اوٽ الا،
ساحر راهو
غزل
ڪا ڪشش ته آهه اي مهجبين! تنهنجي سونهن ڀريي
سُڀاءُ ۾،
مون وڃايو پنهنجي وجود کي تنهنجي پيار جي آ تلاءُ
.
تنهنجو انگ انگ شراب آ، تنهنجو روپ رنگ گُلاب آ،
تون کڻي نهارين نگاهه کي ڀڄي چنڊ پنهنجي حياءُ ۾.
آ حجاب تنهنجو به اڻ ڇُهيو ۽ اڻ پڙهيو تون ڪتاب
آن،
مون ورايو ورق ته دل ڀِني آ ڪنواري ڪوري هُڳاءُ ۾!
تنهنجي تن جي هلڪڙي باهه تي مان ٿڌي چپن کي
سيڪيان،
مان پتنگ جان ٿو جلان شمع! تنهنجي جوت جي ئي الاءُ
۾!
تون اکين سان آڇين شراب ٿي، تون چپن تي آڻين رباب
ٿي،
ڇا نفاستون ڇا نزاڪتون، مان ڏسان ٿو تنهنجي جڙاءُ
۾!
تون تپش ۾ گهاٽي اجهي جيان، تون ڳرهاٽي درد جي رات
۾،
ڇا خلوص آهي خدا ڀريو اي مسيحا تنهنجي جهڪاءُ ۾.
تنهنجو ڇهاءُ ڄڻ ته نفيس ڪنهن جي نگاهه جي ڪائي
نصيب آ،
تون ملين ته مون کي ايئين لڳو مان هجان گلاب نماءُ
۾.
تنهنجي تيز نظرن جا تير ڄڻ ته ڪي دشمنن جا ئي وار
ها،
مون جهڪايو ڪيئن نه ڍال ۾ مون اکيون نه ٻوٽيون
بچاءُ ۾.
تنهنجي ساحريءَ جي اڳيان تڳي منهنجي شاعري سو نه آ
سهل،
تون بهار مُند جي شامڙي، آ شراب تنهنجي رچاءُ ۾.
عارف ڀنڊ
غزل
رات سنسان، ڪاري گهٽا چوطرف،
هڪڙو انسان، ڪاري گهٽا چوطرف.
ڪيترو مان سحر کي تلاشي ٿڪس،
پوءِ به امڪان، ڪاري گهٽا چوطرف.
سج اُتي آن ويو ساٿ منهنجو ڇڏي،
جت بيابان، ڪاري گهٽا چوطرف.
گيت ڪويل جتي جهومي چوندي هئي،
سو نه گلدان، ڪاري گهٽا چوطرف.
ساٿ آنڌي بڻيو، پيار تنهنجو رَئي،
درد طوفان، ڪاري گهٽا چوطرف.
ايوب کوسو
غزل
هي روح جي ڪاڻ راحتون هِن،
گُلاب چهرا ڪي آيتون هِن.
سنڀالي رکجو سنڀالي رکجو،
هي لُڙڪ يادون امانتون هِن.
اکين ۾ سانوڻ ٻيو روح اڪيلو،
او پيار تنهنجون عنايتون هِن.
پراوا ڀي دوست ٿيو پون ٿا،
قرب ۾ ڪيڏيون ڪرامتون هِن.
اوهان ڇڏي ويا ڪري اڪيلا،
دُکن سان هاڻي رفاقتون هِن.
اسين ته آهيون ڪي رول بادل،
پرين اوهان کي ئي پارتون هِن.
ڪڏهن رئاڙي، ڪڏهن کِلائي،
عجيب هُن جون به عادتون هِن.
ها! سونهن کي سجدا حُسن جون ڳالهيون،
اِهي اسان لئه عبادتون هِن.
وڃن ٿا لمحا گُلاب بڻجيو،
ٿينديون جو هُن جون زيارتون هِن.
حبدار سولنگي
وائي
مون سمايا ڏات ۾،
ٽهڪ تنهنجا او مٺي!
ڄڻ کنوڻ آئي کڻي، وڏ ڦڙي برسات ۾،
ٽهڪ تنهنجا او مٺي!
ياد هر هر ٿا اچن، چاندنيءَ جي رات ۾،
ٽهڪ تنهنجا او مٺي!
خوشبو خوشبو ٿي لٿا، سوچ ۾ جذبات ۾،
ٽهڪ تنهنجا او مٺي!
منهنجي هر هڪ گيت ۾، منهنجي هر هڪ بات ۾،
ٽهڪ تنهنجا او مٺي!
بخشل باغي
غزل
الائي ته ڪهڙي لٿي شام ناسي،
گهٽين کي ويڙهي وئي آ اُداسي.
سدائين صدا جا رکئين ديپ روشن،
رهي ديس! دل تنهنجي دردن جي واسي.
وڇوڙو به ڄڻ وار آ دلبريءَ جو،
مٿان چنڊ ڄڻ لڙڪندڙ آهي ڦاسي.
اُڃاريءَ کي مهڻو ڏنو سمنڊ جو تنهن،
رهي سپ جنهن بوند ڪارڻ پياسي.
اها شاعري آ، اکين جي ڪهاڻي،
خوابن جي لفظن ۾ ڪيان ٿو عڪاسي.
جلي وٽ جا ديپ روشن ڪري ٿي،
اُنهيءَ جي اندر ۾ وڏي آ اُماسي.
اڃان پيو ستارن جا بنواس ڀوڳي،
اهو چنڊ آ ڪو ازل جو سنياسي.
مان پنهنجي ئي هستيءَ تي آهيان ٽنگيو پيو،
بدن روح لئه ٿي پيو آ اَنگاسي.
مختار گهمرو
غزل
حسن جي شهڪار دل موهي وڌي،
عشق جي اسرار دل موهي وڌي.
نينهن جون نظرون کڻي دل ويو کسي،
اکڙين جي آر دل موهي وڌي.
مون چيو منڇر ملي مهراڻ سان،
اڻ لکي اقرار دل موهي وڌي.
عرش ڌرتيءَ کي چمڻ آيو لهي،
سوچ جي سهڪار دل موهي وڌي.
ساهه ۾ سرهاڻ ڄڻ وئي آ رچي،
موهه جي مهڪار دل موهي وڌي.
سوچ ۽ ويچار جي فرصت ڪٿي،
دوبدو ديدار دل موهي وڌي.
چينُ چورائي ويو آ اُلڪا ڏئي،
ورهه جي وهنوار دل موهي وڌي.
زندگي ”مختار“ ارپيم سونهن کي،
قرب جي ڪردار دل موهي وڌي.
مير حسن آريسر
نظم
اسان جي سهڻي جهڙي دل
درد جي تار درياءُ ۾ ٻڏي ويئي
نه جيسين آس جو ڀيلو ٿيو ڀورا
نه ڪنهن وشواس جو ڀيلو ٿيو ڀورا
تيسين هو تري ڏاڍي
جو ساهڙ جهڙي سپرين لئه
سدا وچ سير ۾ ويندي
ڪڏهن ڀي اي نه سوچيائين
ته سڄو هي ڏيهه ڏم وانگر
آويءَ ٿي سڙي ٿو پيو، پچي ٿو پيو
انهيءَ ۾ ڪو پڪو اهڙو گهڙو ناهي
پرينءَ جي پار پهچائي
ايڏو وڏ- وڙو ناهي
نه جنهن ميهار جهڙي يار ڏي ويندي
وقت جي وير کي ماپيو
نڪي سڪ جي ڪنهن اونهي سير کي ماپيو
اهائي سهڻي جهڙي دل
وڇوڙي جي ڪنهن ويرو تار
درياءُ ۾ ٻڏي ويئي
درد جي تار درياءُ ۾ ٻڏي ويئي.
ظهير زرداري
غزل
تون جو آئين ته مون کي خوشي ٿي گهڻي،
منهنجي دل جي ڏکن ۾ ڪمي ٿي گهڻي.
حال احوال دل جا ڏنم ۽ ورتم،
رات ڪيڏي ڪچهري سُٺي ٿي گهڻي.
تون ڪري قرب آئين اڱڻ تي مٺا،
تو ڏٺو سڪ منجهان مئڪشي ٿي گهڻي.
تنهنجي ڏوري ڏسڻ سان ويا دک لهي،
عشق تنهنجي ۾ دل هئي چري ٿي گهڻي.
مرض سارا اندر جا لهي ويا ’ظهير‘،
ٿيون خوشيون ئي خوشيون زندگي ٿي گهڻي.
ملهار سنڌي
غزل
روز مران ٿو پو به جيئڻ ٿو چاهيان مان،
جيون توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان مان.
رنگ حياتيءَ جا سڀ وکري ويا آهن،
ٻيهر اُن ۾ رنگ ڀرڻ ٿو چاهيان مان.
ڪيستائين سهندو رهندس سور پرين؟
گهڻو رُنو هان، هاڻ کلڻ ٿو چاهيان مان.
مون کان ڌار رهي تون چين پسي سگهندين؟
توکان اِها ڳالهه پڇڻ ٿو چاهيان مان.
هڪ ڌرتيءَ لئه ۽ ٻيوپنهنجي سرتيءَ لئه،
سارو جيون گيت لکڻ ٿو چاهيان مان.
بس هڪڙي ”ملهار“ تمنا آ مَنَ ۾،
تنهنجي دل ۾ يار رهڻ ٿو چاهيان مان.
گل ٽکڙائي
غزل
پاڻ وٽ محفوظ چاهت کي رکو،
پيا سنڀالي سا وڏي دولت رکو.
راهه تي قابض انڌيرا ٿا رهن،
روشني ٿي تن سان ڪا سنگت رکو.
پنهنجي شخصيت جو رکو ڪوئي ڀرم،
شوق وارن ساڻ ڪا شرڪت رکو.
آرسيءَ جيئن صاف سٿرو آهيان،
ڇو ڀلا مون تي پيا تهمت رکو؟
کولي کڙڪي وار کولي ٿا بيهو،
حسن ۾ چئوطرف پيا شهرت رکو.
عشق کي آهن به ڪي آداب ٿيا،
عرض آهي ڪجهه سندس عزت رکو.
عاشقن کي ڏيئي سندر واسطو،
دل اندر مضبوط نئين حسرت رکو.
رات جو ماحول ۽ ٻي چاندني،
پوءِ به ايڏي ڇو مٺا فرقت رکو.
دوستو، ويندس مري مان جلد ۾،
پنهنجي ’گل‘ جي ڳولي ڪا تربت رکو.
جوهر بروهي
غزل
سُتي ته ڇا پر مان جاڳ ۾ ڀي لهان پيو ٿو خواب
تنهنجو،
ته ڪاڇي رڻ ۾ جهڙالي موسم جيان لڳي ٿو شباب
تنهنجو.
جڏهن ته اڻ کٽ هي دلبري آ، تڏهن تو اپنائي بي رخي
آ،
هي لوڪ پرکي پيو ٿو هاڻي، سوال منهنجو جواب
تنهنجو.
هي مٺڙو چهروآ سونهن واسيل، وجود تنهنجو ورونهن
واسيل،
مقالا، مضمون، شعر ناهن، لکان پيو ٿو ڪتاب تنهنجو.
جڏهن نگهه سان مليون نگاهون پلئه پيون هي تڏهن کان
آهون،
مري جيئان ٿو ۽ جي مران ٿو، وڏو آ چهري ۾ تاب
تنهنجو.
آ چاهتن منجهه سچ سارو، تڏهن وريوآ وفا جو وارو،
ٻيا به توکي چئي ڏين ٿا، زيادتي آ عتاب تنهنجو.
الائي ڪڏهن هي وقت ايندو، ۽ منهنجو بيدار بخت
ٿيندو،
تون مون کي پنهنجو چئي سڏيندين ته وات مصري گلاب
تنهنجو.
فريد آباد منجهه هر هر، تڪي ٿو راهون ’بروهي
جوهر‘،
ڀري قدم تون هليو به ايندين، ڪَٿي نه سگهبو حساب
تنهنجو.
اسد جمال پَلي
غزل
ظلم جڏهين ٿيو جا بجا آهي،
سا ته ڌرتي به زلزلا آهي!
هُن جي حصي ۾ آجفا ئي جفا،
پنهنجو شيوو وفا، وفا آهي.
مون کي چئو ٿا ته، ”ماٺ ۾ رهجان“،
هُن کي چئو ٿا، ”زبان سِوا آهي.“
منهنجيون شڪوه شڪايتون ته ٻُڌو،
پوءِ جو ڀي چئو، بجا آهي.
منهنجي سنڌوءَ شينهن –دريا کي،
جنهن به روڪيو، ٿيو فنا آهي.
تنهنجي وس ۾ آهن جي بئراجون،
منهنجي هٿ ۾ به ڪربلا آهي.
اسحاق سميجو
تون ڪڏهن برسي به ڏس!
·
تون ڪڏهن برسي به ڏس!
منهنجي هر هڪ انگ ۾ ڪئين مور آهن
هڪ نئين تاريخ آهي
ڪئين انوکا دوءر آهن
ڇا چوان، هر دوءر هڪڙو چنڊ آهي
سجُ آهي
خواب نالي سان سَيارو آهه هڪڙو
دل جي نالي سان هڪڙو کنڊ آهي
عشق جي نالي سان هڪڙو ديس آهي
درد ئي اُن ديس جو بس ويس آهي
·
او گلن جي گيت جهڙي!
او انگوري باغ جهڙي جسم واري
او حسينا، او وصل جي شام جهڙي سانوري
ڇو نٿي مون ۾ سلي وانگر ڦٽين
رات جي راڻي مان جئن خوشبو ڦٽي ٿي
سج مان ڪرڻا ڦٽن
جيئن ڏاڙهونءَ جي وڻن ۾ گل ڳاڙها
يا جئين سپنو ڦٽي ٿو ننڊ مان
بانسريءَ مان سُر مڌر!
يا سُڪل وڻ مان جئن ڪو گونچ اُڀري
نئن پهاڙن مان
اکين مان لڙڪ
دل مان غم
۽ ڳالهين مان جيئن ڳالهيون ڦٽن
ٻج مان جئن ڪو سلو
۽ سلي مان گل
پوءِ گلزار ڪئين!
يا ڪڏهن مون ۾ اُڏامين ڇو نٿي
اُڀ ۾ اُڏري جئين ڪا چانهه نيري
رات ۾ تارو کڙي
يا نديءَ جي ڇر مٿان ڪا سڙهه کُليل ٻيڙي هلي
واءُ جئن پن پن ڇهي وڻ سان ملي
مل ڪڏهن!
يا ڪڏهن مان ئي ملڻ توسان اچان
جنهن نموني رِڻ وسنديءَ سان ملڻ جي لاءِ ايندو
آ ڪهي
ڇو ته منهنجي زندگي
پاڻ چاهيون يا نه چاهيون
هيءَ الهڙ عمر، هيءَ روشن وَهي
ڪي پهر انڊلٺ جيان اُڀري
وري ويندي لهي
پوءِ سوچي ڇا ڪبو
ڇا غلط هو، ڇا صحيح!
ان ڪري ئي ٿو چوان
آءُ گڏجي پاڻ ٻئي
دل جي اونداهين گفائن کي ڪيون روشن
او منهنجي روشني!
کڙ کٻيتي ساڻ
ڏيئي سان
يا ڪرڻي سان کڻي!
·
آءُ ڪاري رُڃ مان نڪري هلون
واسنا سان اُڃ ماريون
روح جي جهرڻي تي پوءِ وِهنجون هلي
او خدا جي خواب جهڙي جلپري!
ماڪ جو قطرو مان آهيان
تون ڪڏهن دل جي ڪليءَ جي
پنکڙي ٿي
باکڙي ٿي
ان ڪکائين ڳوٺ جي
واٽ جنهن جيءَ تي کڻي واسينگ غم جا ٿا ڦرن
پوءِ به ڪيئي حسرتون
وَل جئن مهڪن پيون!
خواب واٽهڙو لنگهن ٿا
واسجن ٿا، مست ٿين ٿا
تو مٿان
تنهنجي تصور جي مٿان
ڪئين پتنگا سر ڏيڻ جي لاءِ آتا ٿا ڦرن
هيءَ ڀي توکي خبر آهي
الائي ڪونه آهي
منهنجو رستو
تنهنجي قدمن کي چمڻ جي سڪ سانڍي
ڪيترن جنمن کان پيو مالها جپي
جيئن ڪو درويش حق سان هڪ ٿيڻ لئه
پاڻ ارپڻ جو ازل سان عهد پاڙيندو هجي!
شهر آهي باس باسي
ڏينهن ٻُڌندو ٿو رهي پيو وانئٽيون
رات ٿي موهي ڏِئا!
بي قدر
اوبي مهر
او بي خبر!
او بيوفا
مان ته هڪڙي سِپ وانگي
سمنڊ ڪاري جي ڪناري تي صدين کان منتظر
آهيان سندءِ
ڪابه موسم، ڪا خوشي ڪنهن هڪ پَهر جي
ڇو نٿي بخشين ڪڏهن
بوند هڪڙي
بوند تون پنهنجي مهر جي
جا جهٽڻ سان پيار منهنجو
ٿي پوي انمول موتي
سڪ منهنجي
ڇڪ تنهنجيءَ مان وڃي آزاد ٿي
مان بدلجي رقص ٿيان
عڪس ٿيان
وَجد ۾ آيل مٽيءَ جو
۽ پوءِ جاڳي مقدر
روح جي هر هڪ گهٽيءَ جو
تون ڪڏهن برسي به ڏس!
بي مهر، او بي خبر، اڻ ڄاڻ ڪڪري
منهنجي هر هڪ انگ ۾ ڪئين مور آهن!
هڪ نئين تاريخ آهي،
ڪئين انوکا دوءر آهن! |