فطري تخليق، نازڪ ۽ باريڪ قوتن جي بي انتها سهڻي
نرملتا هجي ٿي. فرانسي عورتن جي بيمثال خطن بابت
راءِ قائم ڪئي ويئي، ته اُهي سندن دلربا وجود جو
هڪ دلربا حادثو آهن. اسان کي سُڌ هجڻ کپي ته هڪ
شاعر پنهنجن سُندر گيتن جي ديس ۾ ڪڏهن به مفلس نه
هوندو آهي. اصل ۾ جيستائين حالتون دل لُڀائيندڙ ۽
آزاد ڪونه هونديون، تيستائين ڪوبه گيت، گيت نه
بڻجي سگهندو آهي. مون پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ اهڙو
ڪوبه ڳائڻو ڪونه ڏٺو آهي، جيڪو پنهنجو راڳ فرض
سمجهي آلاپيندو هجي، يا ٻئي ڪنهن هنڌ نه ڦٻي سگهڻ
جي صورت ۾، اچي ڳائڻ تي لٿو هُجي.
...................... ايمرسن
مقالا
اي اٿينس جا باشندوء!
شايد اوهين ائين سمجهو ته مون کي اصولن ۽ دليلن
سان سزا ٻڌائي وئي آهي، پر جيڪڏهن حقيقت به ائين
هجي ها ۽ مون گهريو به هجي ها، ته دليل مون وٽ به
ايڏا مضبوط هئا، جو آءٌ آسانيءَ سان ان سزا کان
بچي ٿي سگهيس. جڏهن ته حقيقت بلڪل ان جي اُبتڙ
آهي. مون کي ته سزا منهنجي بيباڪيءَ ۽ شوخيءَ جي
ڪري ملي آهي، ۽ آءُ عتاب جو شڪار انڪري ٿيو آهيان،
جو مون اُنهن شين جي چوڻ جي جرئت ڪئي آهي، جيڪي
توهان مان هرڪو ٻڌڻ نه چاهيندو هوندو. توهان ته
گهريو ٿي ته اوهان جي آڏو روئي پِٽي پنهنجي پاڻ تي
لعنت ملامت ڪريان ها، ڇو ته ماڻهن جي واتان پڇتاءُ
۽ پشيمانيون ٻڌڻ توهان جي عادت ٿي چڪي آهي.
پر مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اِهو نه سوچيو آهي ۽ نه
وري سوچڻ ئي گهرجي، ته پنهنجو پاڻ کي خطرن کان
بچائڻ لاءِ اهڙا ڪڌا ڪم ڪريان، جيڪي هڪ آزاد انسان
کي نٿا سونهن. مون کي پنهنجي بچاءٌ لئه لولهٽ نه
ڪرڻ تي ڪوبه پڇتاءُ ڪونهي، پر مون کي پنهنجي لاءِ
ڪيل عزت ۽ وقار سان ڀرپور موت تي بيشڪ ناز آهي. ڇو
ته مقدمن ۽ جنگين ۾ مون لاءِ يا ڪنهن ٻئي لاءِ،
اِها ڳالهه درست قرار نٿي ڏيئي سگهجي، ته سِر
بچائڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لئه تيار ٿي وڃجي. توهان
خود ڏٺو هوندو ته جنگين ۾ جيڪڏهن ڪو ويڙهوُ پنهنجا
هٿيار ڦٽا ڪري دشمن آڏو گوڏا جهڪائي ته کيس آرام
سان جيئدان ملي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح خطري ڀريل
ڳالهه ۾ ٻيون سوين بُرايون به لڪل آهن، جيڪڏهن
ماڻهو اُهي اختيار ڪري ته هو موت کان بچي به سگهي
ٿو.
سقراط
سراج
سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو ڪردار
سنڌ جي جديد تاريخ ۽ ادب جي حوالي سان جيڪي ٻه چار
ادارا پيڙهه جي پٿرن جي حيثيت رکن ٿا، تن مان سنڌي
ادبي بورڊ جو قائم ٿيڻ سڀ کان اهم ترين حيثيت رکي
ٿو. هي ادارو هونئن ته سائين جي ايم سيد، پير علي
محمد راشدي ۽ حسام الدين شاهه راشدي جي ڪوششن جو
نتيجو آهي، پر اُن کي هر طرح اڳڀرو ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾
سائين حسام الدين شاهه راشدي جون بي لوث خدمتون
سنڌ جا ماڻهو وساري نٿا سگهن. سائين جي ايم سيد
جيئن ته بنيادي طرح سنڌ جي سياست ۾ سج ۽ چنڊ جي
حيثيت ماڻي چڪو هو، اِن ڪري هن جي فيصلن کان سواءِ
سنڌ جي تاريخ بنهه ٻُسي ۽ مئل گهوڙي جو هڏائون
پڃرو ٿي رهندي اچي ها. هو اسيمبلي ۾ هجي يا نه، هن
جي چئي کي موٽائڻ جي ڪنهن ۾ جرات ڪانه هئي. ايوب
کهڙي صاحب جهڙي ڊينگ کي به هن جي چئي کي موٽائڻ جي
همت ڪانه هئي، خاص ڪري اُنهن ڳالهين ۾ جن ۾ سنڌ جي
ڀلائي، جا ڀير صاف ظاهر هجن. هو پاڻ به سنڌ جي
تاريخ ۽ ادب جو وڏو پارکو هو. سائين حسام الدين
راشدي ۽ پير علي محمد راشدي صاحب کڻي سندس سياسي
مخالف هجن پر سائينءَ جي لفظ کي مان ڏيڻ ۽ سائين
به هنن جي لفظ کي مان ڏيڻ ۾، سنڌ جي اصل رڄُ چڱ
مڙسيءَ جي روايت کي وڏو دخل هو. سو جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ جي قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، تڏهن سائين هنن
سان صلاح ڪري، محمد ابراهيم جويو صاحب کي بورڊ جو
سيڪريٽري مقرر ڪرايو.
ابراهيم جويو سنڌي قوم پرستي سان گڏ کاٻي ڌُر ۽
خاص ڪري ڪميونسٽ نظريي جو پانڌي هو، پرهن ۾ ادب جي
حوالي سان جيڪو پاڻ ارپڻ ۽ خودسپردگيءَ جو جذبو هو
۽ اُن کانسواءِ هو رَڄُ چڱو مڙس ۽ ٺُپُ ديانتدار ۽
ايماندار ماڻهو هو، بنيادي طرح هو ”ماستر ماڻهو“
يعني استاد هو. مون کي ذاتي طرح اِها خبر آهي ته
سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ جي پائي پائي جو محافظ
هو. مجال آهي جو هڪڙو رپيو به زيان ٿيڻ ڏئي! هن
ادبي بورڊ ۾ جيترو وقت گذاريو، هن جنهن ديانت ۽
ايمان سلامتي سان بورڊ جي سار سنڀال ڪئي، اهڙو
مثال پاڪستان جي هن ڦرلٽ ۾ حصيداريءَ جي ماحول ۾
ورلي ملندو. ساڄي پاسي واري لڏي، سردار علي شاهه ۽
رشيد لاشاريءَ سميت، کاٻي ڌُر جي اديبن، دانشورن ۽
شاعرن خلاف گهڻائي ڪاغذ ڪارا ڪيا، ڪات ڪهاڙا کنيا،
پر هنن به ڪڏهن اسان جي ايمانداري ۽ ديانتداري تي
آڱر ڪانه کنئي. ڪافرپڻي ۽ الحاد جا الزام هنيائون،
پر ڪڏهن به موقعي تي هنن اسان جي مالي ايمانداري
تي ڇوهه ڪونه ڇنڊيا. ابراهيم جويي ادبي بورڊ جي
اوسر ۽ نيپاج بلڪل پنهنجي اولاد وانگر ڪئي. هو
اسان واري تنگدست لڏي مان هئڻ جي باوجود بورڊ جي
پائي پائيءَ جو حساب رکندو آيو.
آءٌ ميٽرڪ پاس ڪري، اسڪالرشپ جي ڏڍ تي، سائنس
ڪاليج ۾ پهريون سال گذارڻ آيس، پر ٽيهن رپين جي
اسڪالرشپ ۾ گذرسفر نه ڪري سگهي. بابا سنڌي ماستر
ماڻهو، ظاهر آهي ته منهنجي مدد نه ڪري سگهيو. ڪٽنب
جي تنگدستي جي ڪري ڪراچي ڇڏي شروع ۾ سنڌي ماستري
ڪيم پر اُها به منهنجي هڪڙي نادانيءَ جي ڪري هلي
نه سگهيس، ۽ مرڳو ٽنڊو ڄام ڇڏي حيدرآباد آيس، پر
نوڪري ڪانه ملي. منهنجو ۽ سنڌي اديبن جو هڪڙو يار
”احمد ڀائي“ حيدرآباد ۾ جلد بنديءَ جو ڌنڌو ڪندو ۽
اڃا به ڪري پيو. اُن جي دڪان تي اچي ويهندو هوس.
احمد جهڙا سنڌ ۾ ڏهه ماڻهو به هجن ته سنڌ جي تقدير
بدلجي وڃي. هن اندازو لڳايو ته جڏهن هن جي ماني
گهران ٿي آئي ته آءٌ هن جي ٽفن کي حسرت مان ڏسڻ
لڳندو هوس. هو صلاح هڻندو هو، ۽ انڪار ڪرڻ جي
باوجود زوريءَ ماني کارائيندو هو ۽ مون کان انجام
ورتائين ته جيسين ڪا نوڪري ملي، ماني مون سان
کائيندين. هن جا سمورن پريس وارن سان لڳ لاڳاپا
هئا، جو جُلدبنديءَ جو ڪم هن کي ڏيندا هئا. سو
هڪڙي ڏينهن نه ڪيائين هم نه تم، مون کي مرحوم
ڏيپلائي صاحب وٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته هن کي ڪم سان
لڳاءِ ! ڏيپلائي صاحب به سنڌ جي لاءِ ڄڻ ته صبح جو
سوجهرو هو. هن سنڌ ۾ پير پرستيءَ جي خلاف جيڪو
جهاد ڪيو، سو احسان سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نه
سگهندا. ڏيپلائي صاحب چيو ته” يار، قسمت چڱي اٿئي
جو منهنجو پروف ريڊر ڀڄي ويو آهي. وڃ هن ميز کي
سنڀال ۽ ڪتاب وي پيون ڪري وڪڻ!“
ابراهيم جويو ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو سنگتي هو، هو
روز پريس تي ايندو هو ۽ ڏيپلائي صاحب وٽ چانهه جو
ڪوپ پيئندو هو. شايد ڏيپلائي صاحب ڪا منهنجي ڏاڍي
تعريف ڪئي، سو جڏهن هن ادبي بورڊ بڪ اسٽال کولڻ جو
سوچيو ته ڏيپلائي صاحب کان منهنجي گهر ڪيائين.
ائين سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واري بڪ اسٽال
جو مئنيجر ٿيس. اُتي ڪتاب وڪڻڻ سان گڏ ”مهراڻ“
رسالي جي شروع ٿيڻ سان آءٌ ۽ ابراهيم جويو گڏجي
مضمون درست ڪرڻ، پروف ريڊنگ ڪرڻ ۽ ڪتاب چونڊڻ
لڳاسين. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم مهراڻ رسالي جو هو
جيڪو ٽماهي هو پر اسان جي آس هئي ته اُن کي ماهوار
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان ٻئي نورنچوئي رسالو تيار
ڪندا هئاسون. پريس پنهنجي هئي، ڇپائي ۽ پروف ريڊنگ
جو ڪم به اسين ڪندا هئاسون. ائين جڏهن پهريان پرچا
مارڪيٽ ۾ آيا ته اصطلاحاَ ڌوم مچي ويئي! اصل محنت
ابراهيم جويو ڪندو هو، پر آءٌ به سندس هٿ
ونڊائيندو هوس. رسالو ايترو مقبول ٿيو جو باوجود
سردار علي شاهه صاحب ۽ رشيد لاشاري صاحب جي اسان
سان وير رکڻ جي، تعريف ڪرڻ کان رهي نه سگهيا. اسان
جو ڪردار اِهو هو ته بابا، ههڙن ڪمن ۾ مخالفت ته
ضرور ٿيندي، اِن ڪري ” جوڳي رمتا ڀلا“ وانگر اسين
پنهنجو سفر جاري رکنداسون!
ائين”مهراڻ“ رسالي نه رڳو سنڌي زبان ۽ ادب جي سچن
سڄڻن کان داد حاصل ڪيو پر اسان جي مخالفن کان به
واهه واهه نڪري ويئي. سنڌي ادب لاءِ ”مهراڻ“ نئون
سج ثابت ٿيو. منهنجي صلاح تي جويي صاحب اديبن کي
لکڻين لاءِ اُجورو به ڏيڻ شروع ڪيو. اُن جو سنڌي
ادب تي ايترو ته وسيع ۽ گهڻ پاسائون اثر پيو جو
رشيد لاشاري اسان جي مخالف هجڻ جي باوجود”مهراڻ“
لاءِ اعليٰ پائي جا مضمون لکڻ شروع ڪيا!
اسان سنڌي ادب ۽ معاشري جي جيڪا اُڀري سڀري خدمت
ڪئي، سچ پڇو ته اڄ به اسين اُن تي فخر ڪندا آهيون
ته اسان ”مهراڻ“ جي بانين ۾ شمار ٿي سگهون ٿا.
اسان لاءِ اعزاز ئي ڪافي آهي! باقي فيصلو تاريخ کي
ڪرڻو آهي، جو اسين ٻئي اڃا حال حيات آهيون.
”مهراڻ“ گهڻن لاهن چاڙهن مان گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن
ته بندش جي نوبت به آئي، پر سنڌي ادب جي اوسر
۾”مهراڻ“ جي ڪردار جو سنڌ جي سموري اديبن، شاعرن ۽
دانشورن اعتراف ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هن
ڊاهه ڊوهه جي دور ۾ انعام شيخ جهڙي سٻاجهي دانشور
۽ ليکڪ جي زير نگراني نڪرڻ لڳو آهي.اُن کان وڌيڪ
ٻي ڪهڙي خوشقسمتي ٿي ٿي سگهي. شل سنڌ آباد رهي ۽
سنڌ جا اهي بنيادي ادارا ۽ خاص طرح ”مهراڻ“ رسالو
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان مٿانهون رکندو اچي!
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ويدن جا ويچار، سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم!
(ساميءَ تي اڀياس)
1-
ڪنهن به ملڪ جو علم ادب، اُن ملڪ ۽ اُن قوم جي
تهذيب ۽ تمدن جو آئينو هوندو آهي. علم ادب ۾
شاعريءَ کي وري هڪ خاص اهميت ۽ مٿانهون مرتبو حاصل
آهي. ماهرن جو خيال آهي ته دنيا جي سماجي، تهذيبي
۽ تمدني تاريخ ۾ ادب جي شروعات ”شاعريءَ“ سان ٿي.
ماهر اِهو به چون ٿا ته نثر جي مقابلي ۾ نظم يا
شاعري ماڻهن جي روح کي وڌيڪ متاثر ڪندي آهي.
دنيا جي ٻين قومن جي علم ادب وانگر، سنڌي ٻوليءَ
جي علم ادب ۾ به ڪي تمام وڏا ۽ قدآور شاعر ۽ اديب
ٿي گذريا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جي تاريخ جا
علمبردار يا امام سڏيا ويا آهن. اهڙا ماڻهو ئي
سنڌي ادب جا اُهڃاڻ ۽ نشان سمجهيا ويندا آهن (1)
پروفيسر ناگراڻيءَ جي ڪتاب،”سامي جا سلوڪ“ جي مهاڳ
لکندڙ ماهر فرمايو ته:
” قومن جي شعري دنيا ۾ وري هڪ ٻه نالا خاص اهڙا
ٿين ٿا، جيڪي خود سندن تهذيبي تشخص لاءِ، سندن ادب
جا اَڻ – گس اُهڃاڻ يا نشان بڻيل هوندا آهن.
انهيءَ لحاظ کان جيتوڻيڪ اُهي اُنهن قومن جا خاص
پنهنجا شاعر سڏبا آهن، پر بنيادي طرح ڇاڪاڻ ته
اُهي انساني تهذيب جا گڏيل ورثي جا خالق ۽ اُن جا
امين ۽ ترجمان هوندا آهن، ان ڪري سندن حيثيت عالمي
يا آفاقي به هوندي آهي. هومر جو نالو کڻو ته سمجهو
ته سموري يوناني تهذيب اکين جي آڏو اچي ويندي.
ورجل کي ياد ڪريو ته لاطيني سڀيتا جا سمورا اعليٰ
انداز سامهون اچي ويندا. فردوسي جي نالي کڻڻ سان
ايران جو عروج ۽ زوال جو آئينو سامهون نظر ايندو.
شڪسپيئر جو
نالو زبان تي اچڻ سان انگلنڊ جي تهذيبي ورثي جو
سمورو نقشو اکين جي اڳيان اچي ويندو. پُشڪن کي
پڙهڻ سان روس جي فڪر انگيز تاريخ ڪر کڻي بيهي
رهندي. ائين ئي جڏهن شاهه لطيف جو نالو زبان تي
اچي ٿو ته سنڌ جي سڀيتا جي سموري سونهن ۽
سمورو حسن نروار ٿي سامهون اچي بيهي ٿو.“ (2)
سنڌ جي سرزمين پنهنجي علم ادب ۽ هنر ۽ فن ، تهذيب
۽ تمدن ۾ سدا شاهوڪار رهي آهي. سنڌ جي علم ادب جي
تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي،جيتري سنڌو – تهذيب ۽
اُن تهذيب ۾ رائج قديم سنڌي ٻولي. سنڌي ٻولي ۽ادب
جي تاريخ جي ورق گرداني سان معلوم ٿو ٿئي ته ڪئين
صديون اڳ، هن سرزمين ۾ ڪيئي گمنام شاعر ٿي گذريا
آهن، جن مان ڪن جي هٿ آيل ڪلام ۾ اڄ به دنيا وارن
لاءِ شاعرانه سونهن ۽ خيالن جي نزاڪت ۽ گهرائيءَ
جا انمول مثال موجود آهن. سنڌ جي محققن هاڻ سنڌي
شاعريءَ جا اهڙا ته انوکا، سهڻا ۽ لاثاني مثال ۽
نمونا ڳولي هٿ ڪيا آهن، جن جي جيتري آهي تاريخ
قديم ، اوتري ئي آهي اُن شاعريءَ ۾ڪم آندل قديم
ٻولي. سنڌي شاعريءَ جا اِهي انوکا ۽ سهڻا مثال،
ستينءَ ۽ اٺينءُ صديءَ عيسويءَ يعني سنڌ تي
مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ جا
چيا وڃن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي اُنهن پراڻن مثالن ۽
نمونن جي شاعرن يا خالقن جي نالن جي خبر نٿي پوي،
البت اها شاعري، قديم سنڌو تهذيب جي قديم ”سئنڌوئي
ٻولي“ جي اُڀرنديئين شاخ جي هڪ لهجي (غالباَ سنڌي
اُپڀرنش) ۾ ڪيل آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:
ڀلا هُئا جو ماريو ڀيڻ، ميهارو ڪنت،
لجيج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر اَنت(3)
ٻيو مثال ڏسو:
ڍولو سانوَلو، ڌَڻ چَمپا وَرڻي،
ڄاڻ سونا – ريهه ڪَسَوٽيا ڌڻي(4)
ٽيون مثال ڏسو؛
ڍولا مون تو واريو، مَ ڪر ڊگهو ماڻ،
ننڊ ڱنوائي راتڙي، جهٽ پٽ هوءِ وهانءُ(5)
چوٿون مثال ڏسو:
جِيوُ ڪَس نه ڀلو هوءِ ڌَن پڻ ڪَس نه اِٺ،
ڌُوئي ئي اَوسري نِهوريائين، سونَ ڳڻي وِٺ (6)
پنجون مثال ڏسو:
جي نه سو آوَئي تو گهر، ڪو آهي مُهه تُجهه،
واڻ جوکَنڊئي سائِين، سو پِيوُ نه هوِءِ مُجهه (7)
ڇهون مثال ڏسو:
اَمهي ٿورا، رِياڪار بَهُئا، ڪانئر ايئن ڀَڻَنت،
مُنڍي، نهاري گهاٽُ آلو، ڪَئي ڄڻا مَڪر ڪرنت (8)
ستون مثال ڏسو:
پُٽ ڄائي ڪهڙو گُڻ، اَوگُڻ ڪهڙو مرڻ،
جي باڇ ڪي ڀُمَڙي، جَمپيِاجائي اَوَرَنِ(9)
(ٻي صديءَ عيسويءَ کان ستين صدي عيسويءَ واري
زماني ۾، قديم سنڌ ۾ رائج سنڌي شاعريءَ جا هٿ آيل
چند نمونا..................
بحواله: ڊاڪٽر محمد حسن،ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئترجي
۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)
سنڌي شاعريءَ جي اِنهن چند مثالن جي آڌار تي چئي
سگهجي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي عظيم روايت جا اهي
مثال شاهه لطيف سائينءَ جي دوءر کان به تيرهن سئو
سال اڳ ملن ٿا، ۽ سنڌي شاعريءَ جي اِها روايت،
لطيف سائينءَ کان پوءِ به هر دور ۾ جاري رهي، ۽ هر
صديءَ ۾ ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن وري هڪ کان وڌيڪ اديب،
شاعر ۽ سخنور پيدا ٿيندا رهيا پر اِهو صحيح فرمايل
آهي ته: ”شاهه لطيف، سنڌي تهذيب ۽ اُن جي سڳنڌ ۽
ساڃاهه جو سڀ کان اهم اُهڃاڻ بڻجي ويو آهي، جنهن
جي پهچ ۽ پکيڙ هزارن ورهين تي ڦهليل آهي. ٻين لفظن
۾ لطيف، سنڌي سڀيتا ۽ سنڌي ساهتيه جي وڌندڙ ۽ جيئن
پوءِ تيئن روشن ٿيندڙ حسن، ڀلائيءَ ۽ جانداريءَ جو
هڪ سنگ ميل آهي.“(10)
3- (الف) سنڌي ادب جي ٽمورتي – شاهه، سچل ۽ سامي:
شاهه، سچل ۽ سامي واقعي سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽
تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي هڪ اهڙي ٽمورتي آهي، جنهن
سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي
بنيادي سڃاڻپ جو روح نظر اچي ٿو. حقيقت هيءَ آهي
ته انهن ٽنهي اعليٰ بزرگ هستين ۽ شاعرن سنڌي زبان
کي نئين حياتي بخشي آهي، اِنهن ٽنهي بزرگن سنڌي
زبان کي امرت جو جل پياري، اُن کي سدا حيات زبان
بڻائي ڇڏيو آهي. اُن (سنڌي زبان) کي دنيا جي هڪ
وڏي تهذيب جي امر زبان، زنده جاويد زبان، ۽ دنيا
جي وڏن شاعرن (شاهه، سچل ۽ ساميءَ) جي زبان طور
مڃرايو آهي.
(ب) سنڌي زبان، سنڌو تهذيب جي ڪُک مان پيدا ٿيل
زبان آهي، جيڪا مختلف زمانن ۾ مٿس آيل زلزلن ۽
لوڏن مان بچندي، مشڪلاتن مان پار پوندي، پنهنجو
وجود تسلسل سان قائم رکندي، زنده رهندي آئي آهي، ۽
جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، جيستائين سنڌو تهذيب
قائم آهي، تيستائين سنڌي زبان به قائم ۽ دائم
رهندي ايندي.
(ت) سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ جتي حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو هڪ وڏو قداور نالو آهي:
جتي سچل سرمست هفت زبان شاعر سڏجندي به ”سنڌي ۽
سرائڪي“ شاعريءَ ۾ هڪ وڏو نالو مڃيو ويندو آهي،
تيئن سنڌ جو امر سنت شاعر، ”سامي“ به سنڌي زبان جو
هڪ وڏو ۽ امر شاعر آهي.
(ث) سامي سنڌي زبان جو هڪ اهڙو اعليٰ ۽ عظيم
شاعر هوندي به، هاڻ سندس ديس وارن يعني سنڌ واسين
کيس سنڌ ۾ ته ذري گهٽ وساري ڇڏيو آهي. اڄ حالت
اِها آهي جو سنڌي ادب جي اُستادن ۽ خود اديبن مان
ڪي به ٿورا ساميءَ جو ڪلام صحيح طرح سان پڙهي سگهن
ٿا.
وري به جس هجي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي
موجوده وائيس چانسيلر، جناب ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ
کي، جنهن شاهه لطيف ۽ سچل سرمست سان گڏ ساميءَ
جهڙي عظيم شاعر کي به ياد ڪيو هو، ۽ هن ”ٽمورتي“
جي ڪلام ۽ پيام جي مطالعي لاءِ هڪ سيمينار جو
اهتمام ڪيوهو. سچ پچ ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ،
سنڌي شاعريءَ جي هن ٽمورتيءَ، شاهه، سچل ۽
سامي.... تي سيمينار ڪوٺائي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي
هن وسري ويل شاعر جي ياد تازي ڪرائي. سنڌ جي ڏاهي
، عالم ۽ ماهر تعليمدان محترم محمد ابراهيم جوييي
بلڪل درست فرمايو آهي ته: ”شاهه، سچل ۽ سامي، سنڌ
۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا شاعر آهن.“ (11)
4- (الف) سامي سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ آدرشي شاعر
آهي، هُو پنهنجيءَ تهذيب، پنهنجي عوام ۽ پنهنجي
سماج جو علمبردار شاعر آهي. هو اعليٰ انساني آدرش
جو درس ڏيندڙ هڪ درويش سنت آهي. هُنَ هڪ سنت جي
حيثيت ۾ نيڪ ٿي رهڻ ۽ نيڪي ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
(ب) شاهه، سچل ۽ سامي، سنڌ جي تاريخ ۾، هڪڙي ئي
دور جا، بلڪ سهيوڳي شاعر ۽ درويش هئا. سچل ۽ سامي
ته ذري گهٽ هم عمر به هئا(12) سچل جو جنم 1739ع ۾
ٿيو، ۽ سامي جو جنم 1730ع ۾ ٿيو. سچل تقريباَ هڪ
سو ورهين جي عمر ماڻي، ۽ 1829ع ۾ وفات ڪيائين.
ساميءَ هڪ سو ويهن ورهين جي عمر ۾، 1850ع ۾ هيءَ
جهان ڇڏيو(13) سچل سرمست اڃا 23 ورهين جو هو ۽
سامي 22 ورهين جو هو، جو شاهه عبداللطيف انتقال
ڪيو. لهاذا اِنهن ٽنهي شاعرن وارو زمانو، سنڌ جي
سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي لحاظ کان اهم دور
هو، جنهن جي باري ۾ محترم محمد ابراهيم جويي”شاهه،
سچل ۽ ساميءَ“ ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي(14)
(ت) ڪماري وندنا اشوڪ رامواڻيءَ ، ساميءَ جي همعصر
شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست ڏني آهي، جيڪا هن جي لکيل
پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز ۾ موجود آهي. اُها فهرست هيٺ
هوبهو نقل ڪجي ٿي(15)
1-
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع کان 1752ع)
2-
سچل سرمست (1739ع کان 1829ع)
3-
سامي (1730ع کان 1850ع)
4-
روحل فقير (1734ع کان 1804ع)
5-
سيد ثابت علي شاهه (1740ع کان 1810ع)
6-
دلپت سيوهاڻي (1769ع کان 1841ع)
7-
فقير قادر بخش ”بيدل“ (1814ع کان 1872ع)
8-
خليفو گل محمد”گُل“ (1815ع کان 1879ع)
9-
حمل خان لغاري (1815ع کان 1889ع)
10-
پير علي گوهر شاهه”اصغر“ (1816ع کان 1831ع)
11-
مير حسن علي خان ”حسن“ (1824ع کان 1863ع)
12-
صوفي آسو رام ”آسو“ (1824ع کان 1897ع)
5- سامي هڪ ويدانتي سنت هو. ويدانت جا اصول ۽ ان سلسلي ۾ ڪي
ڳالهيون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، پنهنجي ڪتاب مقدمه
لطيفيءَ ۾ سمجهايون آهن_(16). ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي
راءِ موجب، ساميءَ به اُهي ئي ڳالهيون ڪيون آهن،
جيڪي شاهه لطيف، شاهه ڪريم، سچل ۽ ٻين صوفي درويشن
ڪيون آهن. مثال طور ساميءَ جي راءِ موجب برهم يا
حق اسان کان پري ڪونهي، يعني ڌڻي جو ديرو اسان
منجهه ئي آهي. يعني:
وَنحن اقرب اليه من حب الوَريد
يعني رب فرمائي ٿو ته”اسين انسان کي سندس ڪنڌ جي
رڳن کان به ويجها آهيون.“
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
يعني حق جو واسو انسان جي اندر ۾ ئي آهي. ويدانت ۾
به اِهي ئي ڳالهيون چيل آهن(17) ساميءَ به اِهي ئي
ڳالهيون ڪيون آهن. سامي فرمائي ٿو ته:
محل منجهه آهين، سوڌا تنهنجا سپرين،
لڪيا ڇپيا ڪينڪي، ٿا ٻُڌن ڳالهائينِ،
جي مُنهن مڙهيءَ پائينِ، واقف سي ورونهن جا.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو،
ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻ هار،
نر آ ڪار آڪار،ڍاري آيو جڳ ۾.
”ساميءَ جا چند سلوڪ“ ڪتاب ۾ راءِ بهادر ڪوڙو مل
چندن مل لکي ٿو ته:”شاهه، سچل، دلپت ۽ ساميءَ جن،
پنهنجيءَ شاعراڻي ٻوليءَ ۾ الاهي اسرار ۽ روحاني
راز کوليا آهن.“(18)
راءِ بهادر ڪوڙو مل اڳتي لکي ٿو ته:”سنڌ جي ماڻهن
اهڙي املهه خزاني کي ساهه سان سانڍيو آهي، اُن جو
قدر ڪيو آهي، اُن کي چاهه سان پڙهيو آهي ۽ ان جو
رس چکيو آهي.“(19)
6- (الف) ساميءَ جي ڪلام جو مضمون: راءِ بهادر
ڪوڙو مل لکي ٿو ته: سنڌ جي مڙني صوفي ۽ ويدانتي
شاعرن جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته
اُنهن سڀني وٽ هڪڙو ئي رنگ آهي. ساميءَ وٽ ويدانتي
رنگ سان گڏ صوفياڻو رنگ به اوترو ئي آهي. البت پاڻ
ٻولي اهڙي ڪم آندي اٿس، جنهن ۾ سنسڪرت جا اوکا ۽
اڻانگا لفظ ڪم آندا اٿس، جنهنڪري نقاد سمجهن ٿا ته
هن وٽ ويدانتي رنگ ۽ ڍنگ وڌيڪ آهي.
(ب) وشن جڳتياڻيءَ جو حوالو ڏيندي، راءِ بهادر
ڪوڙو مل لکي ٿو ته:
”سامي صوفياڻي رنگ کان ڪجهه نرالو، پر ويدانتي رنگ
سان بلڪل ڀريو پيو آهي. چئجي کڻي ته ويد، سوتر،
ڀاڳوت، يوگه، سانيکه ۽ ٻين انيڪ گرنٿن جو سار
منجهس سمايل آهي، ۽ اُنهيءَ مڙني جو نهايت سليس ۽
مڌر ٻوليءَ ۾ آنند چکائي ٿو.“(_20)
سامي يقيناَ ويدانتي شاعر ته آهي پر منهنجي خيال ۾
هو صوفياڻي رنگ کان به نرالو ڪونهي، هو صوفياڻي
رنگ سان به ڀريو پيو آهي. جتي مڙني گرنٿن جو سار،
ساميءَ جي سلوڪن ۾ نظر اچي ٿو. اُتي سندس (ساميءَ)
سلوڪن ۾، مولانا روميءَ، بابا فريد، بابا بُلهي
شاهه، ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ ۽ شاهه لطيف جي
صوفياڻي خيالن جو هو بهو عڪس به سندس سلوڪن ۾ جا
بجا نظر اچي ٿو.
مثال طور فرمائي ٿو:
فارسي ۽ هندي، سنت چون ٿا ڳالهه هڪ،
سمجهي ڪو سامي چئي، ٻيائيءَ بنا ٻندي،
چڙهي انڀيءَ اڇ تي، وٺي راهه رندي،
پائي گيان گندي، سمهي سکپت سيج تي
سامي اڳتي فرمائي ٿو ته:
ويد پران قرآن ڪو، سڀني ۾ هڪ سوت،
سمجهي ڏس سامي چئي، لائي من مضبوط،
جيئن آڪاس گهٽن ۾، تيئن سڀ ۾ ساکي ڀوت،
ڪو آتم وت اوڌوت، سمجهي هن سخن کي.
(ت) مولانا روميءَ جي مثنويءَ مان ٻه اهڙا مثال
پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مولانا روميءَ جيڪو مضمون
سمجهايو آهي، اُهو ساڳيو ئي مضمون سنڌ جي
صوفين،ساميءَ سميت، پنهنجي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو
آهي. مثال طور رومي فرمائي ٿو:
مثنوي و مولوي و معنوي،
هست قرآن در زبان پهلوي.
مولانا ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ماز قرآن مغز رابرداشتيم،
اُستخوان پيش سگان انداخيتم.
يعني؛ اسان قرآن ڪريم مان مغز ڪڍي پنهنجي ڪلام ۾
سمجهايو آهي، باقي جيڪي هڏا بچيا آهن، اُهي ڪتن جي
اڳيان ڦٽا ڪيا اٿئون. ساڳيو مضمون ۽ ساڳيا خيال
لطيف سائينءَ به پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيا آهن. لطيف
سائين فرمائي ٿو:
بيت نه ڀانيو ماڻهوئا، هي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
ساڳي ڳالهه ساميءَ به ڪئي آهي، اِنهيءَ ساڳئي
مضمون کي ساميءَ جهڙي طرح پيش ڪيو آهي، اُهو
ملاحضه فرمايو:
ويدن جا ويچار،سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم.
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، مولانا روميءَ، شاهه لطيف
۽ ساميءَ جي خيالن ۾ اهڙي هڪجهڙائي مان اها ڳالهه
واضح ٿئي ٿي ته انهن ٽنهي درويشن ساڳيو ئي درس ڏنو
آهي. اِنهن ٽنهي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، ته پوءِ ائين
هروڀرو ڇو چئجي ته سامي جي سلوڪن ۾ فقط گرنٿن جو
سار آهي، ۽ اُهو سار صوفياڻي رنگ کان نرالو آهي.
اِها دعويٰ ڪرڻ سان ساميءَ جي پيغام کي محدود
سمجهڻو پوندو، جڏهن ته هن جي ڪلام ۾ به ٻين صوفين
جي ڪلام وانگر همه گيريت آهي ۽ روميءَ واري راهه
آهي، ۽ ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو ته ساميءَ، هندو
ڌرم جي ويدن جو اَرٿ سمجهايو آهي.
(ث) ساميءَ جي سلوڪن ۾ تصوف وارن نقطن، يعني وحدت
الوجود، سچي مرشد لاءِ احترام، مايا کان نفرت،
دنيا جي حسن کان بي ثباتي، مورک ۽ اگياني انسان
جهڙن موضوعن جي سمجهاڻي به ڏنل آهي. اِهي نقطا به
بابا فريد، پير شمس سبزواري ملتانيءَ، پير
صدرالدين، بابا بُلهي شاهه، سلطان باهو، ماڌو لال
شاهه حسين، قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، سچل
سرمست، دلپت ۽ بيدل جي ڪلام ۾ به وضاحت سان بيان
ڪيل آهن. ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻي لکي ٿي ته:
”ويدانت جو مول مقصد آهي انسان جو پاڻ کي ڳولي
لهڻ، ويدانت سچ جي کوج ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
ويدانت صاف آئيني وانگر آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجو
مشاهدو ماڻي سگهي ٿو. پنهنجي اندر جهاتي پائي، سچ
(حق) جو ديدار ڪري سگهي ٿو. ويدانت روحاني راهه
سلي ٿو.“(21)
محترمه وندنا رامواڻيءَ پنهنجي ٿيسز ۾ ساميءَ جي
سلوڪن جا جيڪي موضوع ڄاڻايا آهن، اُهي هي آهن:
”من ۾ آتما جي سڃاڻپ، گرمک، ڀڳتيءَ جي مهنا،
ويساهه ، ڀاونا، ساڌ سنگت، ايشور مهيما، گيان يوگ،
ويراڳ، ناصحانه شعر، عاشقانه شعر ۽ من مارڻ.“(22)
اِهي ئي موضوع سڀني صوفين جي شاعريءَ ۾ به نظر اچن
ٿا. اِهي ئي موضوع بابا فريد کان وٺي شاهه ڪريم،
قاضي قادن، بابا بُلهي شاهه، شاهه عنايت، شاهه
لطيف، سچل سرمست ۽ خواجا غلام فريد به بيان ڪيا
آهن.
(ج) شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي من اندر ليئو پائي
دوست جي ديدار ڪرڻ جي راهه ٻڌائين ٿا. لطيف فرمائي
ٿو:
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
لطيف ٻئي هنڌ فرمائي ٿو؛
سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏاهن، سوئي مَن وسي،
تنهن سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
انهيءَ سلسلي ۾ سامي فرمائي ٿو:
سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو،
ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار،
نر آ ڪار آڪار، ڌاري آيو جڳ ۾.
سامي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
گهر ۾ رام وسي، ٻاهر ڍونڍي جيءَ نت،
پائي منهن مهراڻ ۾، سامي ڪين پسي،
پنهنجو پاڻ ڦسي، ٿو مورک اوديا ڦاس ۾.
سڀني صوفي شاعرن وحدت الوجود جو ذڪر ڪيو آهي.
شاهه، سچل، سامي، خواجا غلام فريد ۽ ٻين شاعرن جي
ڪلام ۾ هن موضوع تي تمام گهڻو ڪلام چيل آهي، جيئن
لطيف سائينءَ جو هي بيت ڏسو:
سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي مَنَ وَسي،
تنهن سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
سامي فرمائي ٿو:
انڌا ڪين ڏسن، پر تک پرميشر کي،
ڀرم منجهه ڀُلي ڪري، ڀوندو جان ڀٽڪن،
سته سڌ سهي ڪيو، سامي سجاڳن،
رتارنگ رهن، دنيت وڃائي دل کي.
(7) – (الف) سڀني صوفي بزرگن پنهنجي ڪلام ۾ افضل
ولايت جو ذڪر ڪيو آهي. اسماعيلي عقيدي جو داعي،
پير صدرالدين پنهنجي هڪ گنان ۾ اهڙيءَ افضل ولايت
کي ’هنس پور‘ سڏيو آهي، جتي محبوب جي مقام جي بيان
جو ذڪر آهي. جتي ’دلبر‘ جو ديرو آهي، جتي مقيم
مخلوق کي ڪوبه ڏک سور ۽ دک ۽ درد، فڪر، چنتا ۽
تڪليف ڪانهي.
پير صدرالدين فرمائي ٿو:
هنس پوري نگري مانهه، مانڊوو رچاوو،
ايڻي ايڻي مانڊوي مومن تيڙاوو.....ڀائي.
(ب) انهيءَ ساڳئي افضل ولايت واري تصور جو شاهه
لطيف به پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر ڪيوآهي. شاهه صاحب
فرمائي ٿو:
جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اُتي آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.
(ت) اِنهيءَ ساڳئي موضوع کي، حقيقت محمديءَ جي
فلسفي طور سمجهائيندي ميون عبدالرحيم گرهوڙي، افضل
ولايت کي لقاء ٿو سڏي. گرهوڙي صاحب فرمائي ٿو
منهنجو محبوب ’لقاء پور‘ ۾ هوندو آهي، هن جهان ۾
ته سندس فقط پاڇو آهي. گرهوڙي صاحب فرمائي ٿو:
لالن لقاءُ پور رهي، هت پڌر پاڇويا.
(ث) ساڳيئي فلسفي موجب، افضل ولايت جي باري ۾
ساميءَ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سامي به
تصوراتي روحاني دنيا جو پنهنجن سلوڪن ۾ ذڪر ٿو
ڪري. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته: |