The usual way of writing the aspirate of J was
ج no
distinction being made for the aspiration, the
form ڄ I have
seen used for T Sindheed J as well as
ڃ though the
latter is more common, I chose the former
because the latteer was required to represent (jaiya)
for which no single l\etter existed in the old
Sindhee.
The proper form of ڏ
is as shown by Haroon
ڏ and I consider it quite immaterial
which form is adopted as
د with there
dots can not possibly reqresent any othere sound
however the dots may be placed., The pyramid of
dots was inverted in the revised alphabet merely
from the analogy of the cerebral
ٽ but it makes
no difference which may they are written. Such
variatiions are of little comment, and the Dr’s
favourite Hindustani, which wirtesت
ٿ or ٽ
and ڌ ڏ
or د would
easily supply analogous instances.
Now have I any objection to forms
ز and
ڦ which are
both found in old Sindhee writings. The latter
is perphaps more common than
ڦ a form also
found, and which was adopted in the revised
alphabet. The form ز
is far less common, for in old Sindhee
writings distincion was very seldom made between
the two r’s,
The ط was
adopted for the purpose of showing aspiration in
theree cases; in one of these it is now useless-
in the other two it may without grat objecion be
abandoned as it is equally new to Sindhees and
to philogists – but there will then be no
alternative but to adopt a double letter
جهه and
گهه which
cumbrous as it is, would be better than writing
the aspirated and unaspirated alike as has
hither to been done in Sindhee.
The necessity for a sepratate sign for cerebral
n is admitted by Dr. Trumpp, and I see no other
course but to retain the
ط to put a dot
with it would be “useless”, as the dot would
serve no purpose when the
ط stands for no
other sound and can there fore be mistaken for
nothing else but I cannot see in what sense the
ط Without the
dot is “useless” as stated by Dr. Trumpp.
Dr. Trumpp likewise admits that the Sindhee
sounds of ب ج
and گ require
separate singns and he very unabtrusively adopts
those of the revised alphabet, but placed the
dots above instead of below the
گ with what
object is not apparent.
With respect to the impossibility of
ک serving as
the aspirate of ڪ
I confess I do not see the difficulty.
It always has served in Sindhee as the aspirate
of ڪ and
sometimes for ڪ
unaspirated. When there were two forms
representing indiscriminately two distinct
sounds, it was not a violent change to lay down
that one of the symbols sould hereafter
represent one of the two sounds and the other
symbol the other. In fact this
ک did more
duty than Dr. Trumpp gives it eredit for, in as
much as it served in old Sindhi writing for
گ as well as
for K. and its aspirate. The Limitaiion to one
of the three sounds is a natural one, which
Sindhees easily understand, though the point
apperars more difficult of comprehension by
others.
If there be no use in a separated letter for
ڍ it will of
course soon become obsolate, but with difference
to Dr. Trumpp’s ear, there does appear a
distincion of sound between this letter and
ڌ or ڏ.
I might extend this observation to greater
length – but as I have commented on the
practical parts of Dr. Trumpp’s exposition of
the Mussalman Sindhi character further femarks
are unnessary.
Hindoostanee symbols may be adopted where:
Ist None Already exists in the character which
has been in use for centuries.
2 nd Where they they will suffice for the
Sindhee sounds.
If both these conditions be not fulfilled, the adoption
of Hindoostanee would be “useless and confusing
“ In the case of جهه
and گهه
a preference may be given to Hidoostanee over a
new and arbitrary character ( like the ….) but
with respect to all other letters I confess I
cnnot see grounds for the abolition of the old
Sindhee characters universally recognizewd or
for displacing those lettters which have now for
some time past been in use in the publication of
books and in other ways.
Sd/B.H.Ellis
Assistant Commissioner, Sindh
Januaru 8, 1855.
ايلس جي رپورٽ جو پهريون صفحو
ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري
سنڌيڪار ؛ غلام محمد بُلو
سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج
(مڪليءَ مان مليل هڪ اهم ثابتي)
سنڌ ۾ قبرن تي لکيل ڪتبن کي ڪڏهن به مناسب اڀياس
کانپوءِ سهيڙي اُنهن جي صحيح حقيقت کي پروڙيو ڪونه
ويو آهي. توڙي جو مڪلي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته
اُن تي خاصي گهڻي تحقيق ڪري اُن جي حقيقت معلوم
ڪئي ويئي آهي، پر اڃا به گهڻو ڪجهه لوچڻو آهي ۽
حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڀياس ڪرڻو ۽ لکڻو
آهي.(1)
جن چند قبرن جو اسان هت ذڪر ڪنداسين اهي آهن ته
مڪلي تي، پر انهن جو ذڪر ناهي ٻڌو، ۽ يقيناَ انهن
متعلق لکيو به ناهي ويو.(2)
اِهي قبرون هڪ ننڍڙي حويلي جهڙي رهائشگاهه جي
چارديواريءَ ۾ لڪل آهن.جيڪا ڪراچيءَ کان حيدرآباد
ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه جي ڏاکڻئين پاسي واقع
آهي. اِهي قبرون سنئين سڌي ڊول سان ٺهيل آهن، جيڪي
سترهين صديءَ واري مڪليءَ جي روايتي نموني جون
آهن، جن تي مذهبي عبارتون اُڪريل آهن ۽ پڻ منجهن
پوريلين جو شخصي تعارف، قبرن اڏڻ لاءِ انهن زمانن
۾ عمومن شاهوڪار وارث يا گراهڪ خريدار اهڙا لوڙهه،
جن جا سڀئي پاسا سواءِ سندس اترئين ۽ ڏاکڻئين
پڇڙين جي نقش ٿيل ۽ وڪري لاءِ موجود رکيل هوندا
هئا، اُنهن جا اتريان ۽ ڏاکڻا ڇيڙا اِن لاءِ اڻ
لکيل ڇڏيا ويندا هئا ته جيئن اُنهن تي مري ويلن جا
نالا وغيره اُڪريا وڃن (_جيڪي عام طرح ڏاکڻن ڇيڙن
تي اُڪريا ويندا هئا) ۽ ڪي دعائون يا سندن عقيدي
آهر عبارت اتر يا ميت جي مٿي ۽ سيرانديءَ واري
خالي جاءِ تي اڪريل ملي ٿي، ڇهن منجهان پنجن تي
اُڪريل لفظ سهڻي طرح نقش ٿيل آهن. واريءَ واري سٺي
قسم جي پٿر جي ٺهيل قبرن تي نسخ ۽ نستعليق جي رسم
الخط جي ڊولائتين عبارتن سان اُڪريل لفظ سهڻا پيا
سونهن. ڪجهه نمونا ڏٺا وڃن ته معلوم ٿيندو ته
اُڪرڻ واري ڪاريگر ڪن جاين تي نقش ڪرڻ وقت غلطيون
ڪيون هيون پر بعد ۾ ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ساڳئي ئي
ڪاريگر اُنهن غلطين کي درست ڪيو هيو، ڇو ته نقش هڪ
جهڙو ئي چٽيل آهي. نقاشي ۽ ڪنده ڪاري تمام اُتساهه
ڏياريندڙ ٿي لڳي. جنهن لاءِ ائين کڻي چئجي ته اِهي
نقش وغيره اُن وقت جي دستور جي ياد تازي ڪرائين
ٿا. اُنهن مان هڪ قبر ننڍي ماپ واري آهي، جنهن تي
ڪابه چٽسالي ڪيل ڪانه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڪنهن
ٻار جي قبر هجي ڊولائتين سببن جي لحاظ کان ائين
سمجهيو وڃي ته اها اڏاوت وڏڙن جي قبرن ٺهڻ کان
پوءِ اڏائي ويئي هجي. ٻن قبرن جي خط ثلث جي ڪنده
ڪاري ٿيل آهي، جيڪا مذهبي نوعيت ۾ آهي، اُنهن تي
ڪوبه تاريخي يا شخصي حال احوال نقش ٿيل ڪونه آهي.
غير مذهبي نقش گهڻو ڪري خط نسخ ۽ خط ثلث ۾ اُڪريل
آهن، جيڪا اُن زماني جي رسم هئي. وڏي ڄاڻ وارن جو
عام خيال اهو آهي ته مڪليءَ تي قرآن پاڪ جي آيتن
جي ڪنده ڪاري واسطي ٻارهين صديءَ هجريءَ ۾ خط
نستعليق استعمال ڪيو ويو. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ
کان پوءِ نظر اچي ٿو ته نستعليق جو استعمال تمام
گهڻو وڌيو.
هونئن نستعليق جي استعمال جي شروعات پندرهين صديءَ
جي اوائل ۾ ٿي، جيتوڻيڪ اُن جو استعمال ڪاغذ تائين
محدود هيو. سورهين صديءَ ۾ ئي نستعليق جو استعمال
مقبرن ۽ ٻين يادگارن تي آندو ويو. هتي سنڌ ۾
سورهين صديءَ ڌاري اسان کي ڪجهه تمام اُتساهه
ڏياريندڙ اُڪر جا نمونا نظر اچن ٿا، جن جي بيهڪ
اصلي بادشاهي شان شوڪت واري قابل ڪاريگرن جي هٿ
هنر جو نمونو ٿو لڳي.
ٻن قبرن تي قرآني آيتن کي نهايت شاندار مگر رسمي
طرح اُڪريو ويو آهي، جنهن مان ائين لڳي ٿو ته
ڪاريگريءَ جي خوبصورت ۽ ٺاهوڪي طريقي سان نستعليق
رسم الخط سان آيتن کي سينگاري لکيو ويو آهي. اها
حقيقت خصوصي توجهه لائق آهي. انهن قبرن تي ناد علي
رضه جي نقش ۽ قرآني آيتن کان سواءِ ٻيو ڪوبه رسم
الخط بجاءِ نستعليق جي استعمال ٿيل ڪونه آهي. ٻن
ٻين قبرن مان جيڪي ڌار ٿلهي تي جڙيل آهن هڪ قبر جي
اوڀارئين، اولاهين، اترئين ۽ مٿانهن پاسن تي خط
نسخ سان ڪم ٿيل آهي. فقط ڏاکڻئين پڇڙي وٽ خط
نستعليق ۾ ڪجهه لکيل اکر نظر ايندا، جن ۾ تاريخ
بابت ڪجهه نهايت وڻندڙ نموني لکتون درج ٿيل آهن،
اهي الفاظ هن طرح آهن:
تخم نيکي بزمين احسان
بس که اميد علي بيگ بکشت
گشت ايام وفاتش چو قريب
دهر زد شيشهئه گردون بخشت
هزار و دوده و هشت آخر
رفت از دار فنا سوئي بهشت
(نيڪي جي ٻج کي احسان جي ٻنيءَ ۾ جيڪو علي بيگ
پوکي ويو، جيئن ئي سندس وفات جا ڏهاڙا ويجها ٿيا،
ان آسمان جي ڦرندڙ شيشي زماني جي سر تي هڪ هزار ۽
اٺاويهه لکيا ۽ نيٺ هن فاني جهان کان بهشت ڏانهن
ويو.)
اِن تاريخ کي اڻپوري تُڪ يا سٽ کي لفظن ۾ جيئن
لکيو ويو آهي، تنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي هڪ هزار ۽
اٺاويهه هجري، جيڪا مصرع جو آخري حصو آهي. مگر ان
کان سواءِ مصرع ڏسڻ سان اهو انومان ٿو ٿئي ته شايد
تاريخ وفات لهڻ لاءِ ابجد جي حساب موجب ڪوشش ڪئي
وئي هجي. ان انومان پٽاندڙ اهڙيءَ طرح تاريخ ڳولڻ
واري ابجدي حساب جي ڪٿ ڪرڻ ۾ سال 1807 حساب پيو
ٿئي، جيڪو هجري سال نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو اڃا
پرانهون آهي، پر هتي عيسوي سن لکڻ جو به امڪان
ناهي، جيڪڏهن ڪو ان عبارت جو ٿورو ئي ٽڪر جاچي ڏسي
جهڙوڪ ”سوئي بهشت“ جنهن جي ابجدي تاريخ 783 ٿئي
ٿي، جيڪا پڻ اڃا پري آهي. هي انومان دُرست نه آهي،
ڇو ته مٿي ڏيکاريل معنيٰ سان سال هڪ هزار ۽
اٺاويهه هجري ٿو بيهي.
جيڪڏهن ان ڏس ۾ ٻيا به ڌُڪا هنيا ويا پر اُهي بي
نتيجي نڪتا(درست نتيجو مٿي لکيو ويو آهي.) اِن طرح
اهو ئي ٺيڪ ٿيندو ته جيڪا تاريخ لفظن ۾ ڏنل آهي
اُن کي ئي ان سلسلي ۾ حرف آخر سمجهيو وڃي ڇو ته ان
تختي جي لکيل لفظن ۾ ابجد استعمال ڪونه ڪيو ويو
آهي.
علي بيگ نالو انهن ٻن سٽن ۾ ظاهر لکيل آهي. اترئين
پڇڙيءَ تي هڪ ٻيو نالو پڻ آهي، جيڪو خود خوشنويس
جو آهي ۽ خط نسخ ۾ آهي، جيڪو ڊولائتي ۽ پسنديده
نموني ۾ تراشيل آهي ۽ اهو هيئن لکيل آهي ته:شيخ
محمد بن شيخ حسن نستعليق جيڪو مشرق قريب ۾ ظهور
پذير ٿيو ۽ ان طرح واري رسم الخط لاءِ خواجه مير
علي ترمذي ئي اصلي استاد خوشنويس مڃيو وڃي ٿو.(3)
پر اهو مڃڻ ان ڪري مشڪل آهي جو ان بابت جيڪي مثال
ظاهر ٿيا آهن اهي ان گمان کي رد ڪن ٿا بلڪه علامه
ابوالفضل پڻ سورهين صدي ڌاري ان بيان سان متفق
ڪونه ٿيو هيو.
ترڪيءَ ۾ اسان پڪ سان اهو معلوم ڪيو آهي ته خطاط
علي بيگ دوست خدا (725 هجري وارو) يحيٰ بيگ علي
بيگ علي ڪلب علي (820 هجري وارو) اڪرم حقي افندي،
خطاط محمد محي الدين وغيره وغيره نستعليق استعمال
ڪندا رهيا آهن ۽ اُنهن مان ڪي علي تبريزيءَ کان
آڳاٽا آهن.
ترڪيءَ جا ٻيا خطاط، جيڪي علي تبريزيءَ جا همعصر
هئا يا کانئس ٿورو پوءِ آيا، سي هيا اسد الله
ڪرماني، محمد بن فرامرز جيڪو ملا خسرو طور مشهور
آهي( 1472 کان 1480وارو) ۽ غياث المجلدو اصفهاني
(1475 وارو) جيڪي نستعليق خط جا قابل خطاط هئا.
هندستان ۾ سڀ کان آڳاٽو لڌل خالص نستعليق جو نمونو
سنه 928 هجري يا 1521 عيسوي جو آهي. پاڪستان جي
قومي عجائب گهر ۾ رکيل هڪ ٻيو سهڻو نستعليق جو
نمونو موجود آهي، جنهن جي تاريخ 938 هجري مطابق
32- 1531عيسوي آهي.(5)
اها هڪ عجيب حقيقت آهي ته خطاطن عام طرح قرآني
آيتن لکڻ وقت نستعليق جي استعمال کان پاسو ڪيو،
مگر اِها رسم الخط فارسي نثر ۽ نظم لاءِ پسند ڪئي
ويئي. اهو خصوصن اوائلي يادگارن جهڙوڪ مسجدن،
مقبرن ۽ قبرن جي مٿان لکيل ڪتبن ۾ استعمال ڪيو
ويو. ان جي مقابلي ۾ قلمي نسخن ۾ قرآني آيتن ۾ خط
نستعليق جو استعمال اسلامي دنيا ۾ ڪجهه آڳاٽو
سمجهيو پئي ويو. مثال طور اسان وٽ خوشنويس فقير
مير امداد الحسني (جيڪو 1024 هجريءَ ۾ شهيد ٿي ويو
هو) جو سورت فاتحه جو هڪ نسخو آهي، خيال آهي ته
مڪليءَ ۾ اوائل ۾ قرآني آيتن کي نستعليق ۾ لکڻ جو
رواج خوشنويس درويش علي جو وڌل هيو ۽ ان جو سال
1111 هجري آهي.(6)
مڪليءَ جي اٿاهه زبون ٿيل علائقي ۾ خوش خطيءَ واري
هنر جا جيئن شاهي ٽڪرا جَڙيل آهن ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ
ڪونهي ته اُهي اسان جي ميتن کي دفنائڻ جي طريقن
خواهه قبرسازي جي هنر، پٿرن کي گهڙي انهن جي بناوٽ
کي سينگارڻ، خوش خطي ۽ ٻين انيڪ ڪتبن ٺاهڻ جي
عڪاسي ڪن ٿا.
درويش عليءَ جو ذڪر ڪيل سورت فاتحه جو لکيل
نستعليق ڪتبو بلاشڪ هڪ يادگار هيو، جيڪو خوشنويسي
جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوشش جي هڪ عظيم شروعات جي
عڪاسي ڪري ٿو. پر مذڪوره قبرن اسان جي ان روايت
(جيڪا قبرن تي تاريخي نشان ۽ يادگار لکي ڇڏڻ واري
آهي) ۾ هڪ ٻيو باب کولڻ ۾ رهنمائي ڪئي آهي.
تاريخ بيان ان جي نشاندهي ڪن ٿا ته شيخ محمد
خوشنويس نسخ، ثلث ۽ نستعليق ۾ هڪ جهڙي ئي قابليت
رکندو هيو. جنهن ڪري هن کي معتبر طبقي وارا ماڻهو
بنسبت ٻين جي زياده سڏائيندا هئا.(7) ديوان شرفا
خان جي قبر تي لکيل سندس ڪتبي ۽ مرزا عيسيٰ خان جي
مقبري تي ڪيل سندس ڪم مشهور آهي. مگر ڪوبه نستعليق
خط وارو نمونو هن جي نالي سان منسوب ناهي. اُنهن
قبرن وارو مجموعو جيڪو قبول شاهه بخاريءَ جي ايوان
۾ آهي، اهو ٿي سگهي ٿو ته شيخ محمد جو ئي جوڙيل
هجي، ڇو ته سمورا ڪتبا هڪ ئي جوڙ جا ڏسجن ٿا. ان
سبب جي ڪري جو اهي همعصر هيا ۽ پڻ ان شاعر سان
سندن گهرو تعلق هيو جنهن ٻن قبرن جون تاريخون
لکيون ۽اُهو شعر لکيو. انهن قبرن مان هڪڙيءَ تي
خوشنويس شيخ محمد جي صحيح ٿيل آهي ۽ ٻيءَ تي قرآني
آيت شريف نستعليق نموني وارن اکرن ۾ اُڪريل هئي.
هيءَ نستعليق اسان کي ان روان هٿ جي سهڻي نموني کي
سڃاڻائي ٿي جنهن جي پڪ آهي ته اهو ساڳيو روايتي
ڊول آهي جيڪو هتي ان وقت کان رائج ٿيو جڏهن اڪبر
اعظم حڪومت جي پوئياڙي واري زماني ۾ سنڌ کي فتح
ڪيو.
شيخ محمد جي صحيح ٿيل ڪتبي واري قبر تي نستعليق
سان ڪتابت ڪانه ٿيل آهي. مگر اڳ ۾ بيان ڪيل آيت
شريف جي ان ٽڪر تي اُڪر ٿيل اکرن لاءِ چئي نٿو
سگهجي ته اهي ڪي شيخ محمد جهڙي خطاط جا ٿي سگهن ٿا
انهن ڇهن قبرن تي ويجهي نظر وجهڻ سان اسان کي هيءَ
معلومات ملي ٿي ته ٻن قبرن تي خط نسخ اُڪريل آهي،
جنهن ۾ نه دفن ٿيل ماڻهوءِ جو نالو اڪريل آهي ۽
نڪي ان جي تاريخ هڪ قبر مٿان لکيل يادگار خط نسخ
سان اڪريل آهي، جنهن تي ڪاتب شيخ محمد جي صحيح ٿيل
آهي ۽ ان ۾ تاريخ ۽ نالو پڻ اُڪريل آهن. اهو سادي
نموني جي نستعليق ۾ اُڪريل آهي، جيڪو شايد بعد ۾
وڌايو ويو هجي، جڏهن ته اڳ ۾ ٺاهيل يادگار استعمال
لاءِ ورتا ويا هجن، جن ۾ گهربل مواد موجود هيو. هڪ
ڪتبو سهڻي نستعليق ۾ اُڪريل هيو جنهن ۾ آيت الڪرسي
۽ ناد علي رضه اڪريل هئا. ان ۾ لکيل تاريخ پڻ
نستعليق ۾ آهي ۽ نالو علي بيگ ڏيکاري ٿو، پر اهو
قبر واري يادگار ڪتبي جي اولهندي پاسي واري اڪريل
نالي کان مختلف آهن، جيڪو سيد منور علي خان آهي.
هڪ اڪريل تختيءَ تي سهڻي نستعليق ۾ اڳ ۾ ذڪر ڪيل
ساڳئي هٿ سان آيت الڪرسي ۽ ناد علي رضه شاندار
نموني اُڪريل آهن. انهن حقيقتن مان هيٺيان نتيجا
ڪڍي سگهجن ٿا.
اهي ٽيئي قبرون ساڳئي زماني جون آهن، جن مان ٻن تي
تاريخون اُڪريل آهن، جيڪي 1020 ۽ 1026 هجري آهن.
انهيءَ ڪاريگر جي اُڪريل، جنهن اُن جي ڀرپاسي وارن
قبرن تي ڪم ڪيو هو ۽ اُن تي 1026 هجري جي تاريخ يا
سال اُڪريو هئائين.
علي بيگ جو نالو ٻن قبرن تي نظر اچي ٿو ۽ ان مان
انهن ٻنهي جو هڪ ٻئي سان تعلق معلوم ٿئي ٿو، جن
مان هڪ تي خطاط جون صحيحُون ڏسجن ٿيون ۽ ٻيئي تي
نستعليق خط ۾ تراشي لکيل آيت الڪرسي، جنهن مان اهو
انومان پيو نڪري ته نستعليق خط ۾ تراشيل آيت
الڪرسيءَ جو خطاط شيخ محمد ئي هوندو. هوڏانهن وري
ساڳيءَ قبر تي علي بيگ کان سواءِ سيد منور علي
خان جو نالو آهي. اهو اندر دفن ٿيل ٿي سگهي ٿو.
مگر اهو مڪليءَ واري دستور سان موافقت نٿو رکي.
ائين ورلي هجي جو دفن ٿيل شخص جو نالو ڏاکڻين يا
اترئين پڇڙيءَ بجاءِ ڪنهن ٻئي ڪنڊ پاسي کان اُڪريل
هجي. بلڪه اهو نالو مستطيل چونڪ ۾ لکيل آهي، جيڪو
سموري سينگاريل خطاطيءَ واري مضمون جو حصو آهي ۽
الهندي پاسي واري ويڪري طرف وٽ آهي. اُهو خاندان
جيڪو اُنهن قبرن جي نگهباني ڪري ٿو، پاڻ کي بخاري
شاهه سڏائي ٿو، مگر سيد منور علي خان جي اڃا سوڌو
اُنهن سڃاڻپ ڪانه ڪرائي آهي. بهرصورت اهو خطاط جو
ئي نالو هجي، جنهن قرآني آيتن کي خط نستعليق ۾
تراشيو هجي. اهڙو ئي ٻيو مثال جتي خطاط جو نالو
هڪ ننڍڙي هم چورس حدبندي بڻائي ٻين نقشن کان نروار
ڪري ڪشادي ڪناري تي بيهاريو هجي. جيڪي ٺٽي واري
خطاط حبيب الله جو آهي. اُن جهڙو چونڪ خداآباد
دادو ۽ بيگلارن جي حيدرآباد ضلعي واري قبرستان ۾
ٺهيل ۽ رکيل آهي. علي بيگ خطاط ڪونه آهي ۽ نڪو ئي
هو نقشو چٽڻ ۽ ان جي عڪس ڪڍڻ وارو آهي. هو هڪ شاعر
آهي، جنهن ابجد جي حساب ذريعي وفات ڳولي ان جا عدد
پنهنجي قطئه وفات ۾ لکي چونڪ ۾ ڪنده ڪيا آهن. ان
ريت هن سموري سٽا ۾ هڪ ٻيو کيڏاري ڳنڍيو ويو آهي.
جيئن ته هيل تائين فقط ٻه ڄڻا اهو ڪم سرانجام
ڏيندا هئا جن مان هڪ هيو خطاط ۽ ٻيو هيو نقشو
اُتارڻ وارو گهڙ ٽُڪ ڪرڻ وارو، جيڪي ئي ساري
سهيڙپ جو جس کٽندا هئا، جيئن مڪليءَ تي هڪ نقش تي
هيٺيان اکر اُڪريل آهن. ”گهڙي ٺاهيندڙ استاد نعمت
الله ۽ نقش نگار درويش علي“ (8)
مٿي ذڪر ٿيل نتيجن مان اُنهن قبرن جي اهميت بلڪل
ظاهر آهي ڇو ته اهي اِن حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائين
ٿيون ته ڪڏهن ڪڏهن شاعر تاريخ وفات بابت ڪا تُڪ
ٺاهيندي يا تاريخ لکندي تختيءَ تي پنهنجي نالي
ڄاڻائڻ جو شوق به پورو ڪندو هيو. اڄ تائين اهو
گمان هيو ته قرآن ڪريم جي آيتن لکڻ لاءِ مڪلي تي
پهريون ڀيرو خط نستعليق ارڙهين صديءَ ۾ استعمال
هيٺ آيو. پر هاڻي هيءَ حقيقت سامهون آئي ته
نستعليق ۾ قرآني آيتون ان کان گهڻو اڳ لکڻ جو رواج
هيو. موجوده مثال پراڻي معلوم تاريخ کان 87 سال
پراڻو آهي. اهڙي طرح نستعليق جي رواج ۾ اچڻ ۽ ان
جي استعمال جي تاريخ جي مطالعي جو هڪ نئون نقطو
ظاهر ٿئي ٿو. ان کان علاوه هڪ نئون نالو ظاهر ٿئي
ٿو، جيڪو ٺٽي جي خطاطن جي ننڍڙي فهرست ۾ هڪ واڌارو
ڪري ٿو.
حوالا
1-
”مڪلي نامو“ : پير حسام الدين راشدي، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد.
ايم اي غفور: ”ٺٽي جا خطاط“ 1987، ڊاڪٽر ائنيمري
شمل، ”مڪلي ٽڪجري“، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ
ايشين اسٽيڊيس، ڪراچي يونيورسٽي.
2-
مڪليءَ واري سرزمين جي وچان ڪراچي – حيدرآباد
شاهراهه لنگهي ٿو، جنهن جو اتريون ڀاڱو پاڪستان جو
آثارِ قديمه کاتو سنڀالي ٿو. ڏاکڻيون ڀاڱو جيئن ته
ڪنهن جي به قانوني قبضي هيٺ ڪونه آهي، ڪنهن جي به
منظور ٿيل سنڀال هيٺ ڪونه آهي.
3-
ڪُليات خواجه ڪرماني، جنهن کي مير علي تبريزي
نستعليق ۾ (798 کان 1395 تائين واري زماني ۾
موجود) بغداد جي درٻار واسطي نقش ڪيو.(حوالو
”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ جلد 4 ليڊن 1990 صفحو
1127)
4-
موجود مواد ابولفضل جي نقطي جي تصديق ڪري ٿو.
هن جي اصل لکيل ڪتاب جي تاريخ کي 7 کان 13 صديءَ
واري زماني جي آهي، جنهن جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا
جي صفحي 1124 تي آهي.
5-
ايم اي غفور جي لکيل ڪتاب ”ٺٽي جا خطاط“ صفحا
63، 64 ۽66.
6-
”مقالات الشعراءِ“ صفحا 41، 49 ۽ 60. |