سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :23

پوءِ هوءَ هڪ مختلف انداز ۾ ڳالهائيندي رهيا، ڄڻ ته اسان سان مخاطب هجي.

”جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اُن جو ويساهه ڪنهن کي به نٿو اچي ۽ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اِها هڪ ڪوڙي ڳالهه هئي، جيڪا اخبار وارن پنهنجي اخبارن جي سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ گهڙي هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ اهڙا پکي اڄ ڏينهن تائين ڪونه ڏٺا آهن.“

۽ هن چيو:” پر ان تي به ڪنهن کي اعتبار ڪونه ايندو. آءٌ هنن کي گهٽيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچائي آيس.“

اسان مان ڪنهن به حرڪت ڪانه ڪئي ۽ سڀئي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺا رهياسين. بلڪل خاموش، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، ۽ ان عورت کي چپ چاپ ٻڌندي ان عورت چيو:

”جيڪڏهن هي توهان کي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، ته پوءِ اِها ضد مختلف ڳالهه چئبي. آخرڪار، ڪير هڪ ڇوڪري جي ڳالهه کي اهميت ڏيندو ته هو ڇا چئي رهي آهي.“

ايتري ۾ ٻار جي هڪ آواز ڳالهه کي ڪٽيو.

”جيڪڏهن مان هنن سان گڏجي ٻاهر گهٽين ۾ نڪري وڃان ۽ چوان ته هي اُهي ماڻهو آهن، جن پنهنجيون اکيون ڪرليوز پکين جي هتان وڃايون آهن ته ٻار مون تي پٿرن جو وسڪارو ڪندا:گهٽيءَ جو هر ماڻهو چئي پيو ته اِها ته اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ائين هرگز ٿي نٿو سگهي.“

گهڙي کن مڪمل ماٺار رهي ۽ پوءِ وري در هڪ ڀيرو ٻيهر بند ٿي ويو ۽ ڇوڪري ڳالهايو:” ٻيو ته هينئر آءُ هڪ ڪتاب ’بحري قزاق‘ پڙهي رهيو آهيان.“

ڪنهن اسان جي ڪن ۾ چيو:”مان هن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“

هو بانبڙا ڏيندو اوڏانهن هليو ويو، جتان آواز آيو هو.

”مون کي اهو قصو وڻندو آهي.“ هن چيو“”ڀلا گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ٻڌاءِ  ته هن هفتي ويچاري ٽيريءَ سان ڇا واپريو؟“

”هو پنهنجو اعتماد ۽ همت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي” اسان سوچيو.

پر ڇوڪريءَ چيو:”مون کي اُن سان ڪابه دلچسپي ناهي. بس مون کي رڳو جيڪا شيءِ وڻي ٿي سو رنگ آهي.“

”ٽيري ويچارو ورن وڪڙن ۾ ڦاٿل آهي.“ اسان چيو.

۽ اُن ساڳيءَ ڇوڪريءَ وراڻيو:”اِها جمعي جي ڳالهه آهي ۽ اڄ آچر آهي. جيڪا شيءِ مون کي پسند آهي، اُهي آهن رنگ ۽ بس.“ ۽ اها ڳالهه هن نهايت ٿڌي، جذبن کان خالي ۽ نهايت بيپرواهيءَ واري انداز ۾ ڪئي.

جڏهن ٻيو شخص موٽي آيو ته اسان چيو:” اسان اٽڪل ٽن ڏينهن کان وٺي وڃائجي ويا آهيون ۽ اسان هڪ گهڙي پل لاءِ به سُک جو ساهه ڪونه کنيو آهي.“

۽ هڪ ماڻهوءَ چيو؛” چڱو ٺيڪ آ، اچو ته اسان گهڙي کن لاءِ آرام ڪريون. پر شرط اهو آهي ته اسان هڪٻئي جا هٿ هرگز ڪونه ڇڏينداسين، ۽ اسان جا هٿ هڪٻئي جي هٿن ۾ رهندا.“

اسين چُپڙي ڪري ويهي رهياسين. نظر نه ايندڙ سج جا ڪرڻ اسان جي ڪُلهن کي گرمائڻ لڳا، پر اسان ۾ سج جي موجودگيءَ به ڪا دلچسپي پيدا ڪري ڪانه سگهي. اسان سج کي اُتي، اُن هنڌ ۽ جتي ڪٿي ۽ هر هنڌ محسوس ڪيو، ڇو ته اسان مفاصلن، وقت ۽ طرفن معلوم ڪرڻ جي حِس اڳ ۾ ئي وڃائي چڪا هئاسين.

ڪيترائي آواز اسان کي اورانگهي ويا.

اسان چيو:”ڪرليوز پکي اسان جون اکيون ڪڍي ويا آهن.“

۽ مختلف آوازن مان هڪ آواز چيو:”هتي موجود ماڻهو اخبارن جي ڳالهين تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان ويساهه ڪندا آهن.“

آواز اوچتو ختم ٿي ويا ۽ ماحول تي مڪمل سانت ۽ ماٺار ڇانئجي ويئي. ۽ اسان اُتي ئي ڇپَ هنيو ويٺا رهياسين. آوازن جي وهڪري ۾. ڪلهو ڪلهي سان ملائي، ڪنهن ڊگهي انتظار ۾.

تصور جي ڄار ۽ خيالن جي وهڪري ۾ رکي رکي ڪنهن موهيندڙ خوشبوءِ يا ڪنهن ڄاتل سڄاتل آواز اسان کي اورانگهيو ٿي. سج اسان جي مٿان بيٺو هو، جنهن اڃا تائين اسان جي بدن کي گرمايو ٿي. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ چيو:”اچو ته وري ڀِت ڏانهن سُري هلون.“

۽ ٻيا سڀ بنا ڪنهن چرپر جي بيٺا رهيا، رڳو سندن ڳچيون نظر نه ايندڙ روشنيءَ ڏانهن کڄيل هيون.

”اڃا نه، بيهو، تيستائين اِتي ئي ترسو، جيستائين سج اسان جي چهرن کي ساڙڻ نه شروع ڪري.“

چيخوف

سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري

ڊرالنگ

رٽائرڊ ڪاليج اڪائونٽنٽ جي ڌيءَ ”اولنڪا“ گهر جي پوئين دروازي جي ڏاڪڻ تي ويٺي هئي. ڏينهن گرم هو ۽ هن کي مکيون ڏاڍو تنگ ڪري رهيون هيون. اِهو سوچيندي خوش ٿي رهي هئي ته ڄاڻ ته شام ٿي. اوڀر ۾ ڪارا ڪڪر گڏ ٿي رهيا هئا ۽ هوا ۾ گهِم وڌندي ٿي ويئي.

”ڪيڪن“ جنهن جو ڪمرو گهر جي وچ تي هو، ورانڊي ۾ بيهي آسمان کي ڏسي رهيو هو. هي”ٽيولي“ جو مئنيجر هو، جيڪو کُليل ڇت وارو ٿيئٽر هو.

”وري...“ هن مايوسيءَ سان چيو؛ ”ٻيهر مينهن!  مينهن..... مينهن..... هر ڏينهن مينهن...! اِهو مون کي ساڙي رهيو آهي. جيڪر مان پاڻکي ڦاهي ڏيئي ڇڏيان. اِهو مونکي تباهه ڪري رهيو آهي. روزانو نقصان!“ هن پنهنجا هٿ مهٽيا ۽ ڳالهه جاري رکندي، اولنڪا کي مخاطب ٿي چيو؛”ڪهڙي زندگي آهي، اولنڪا! اِهو ماڻهن کي روئارڻ لاءِ ڪافي آهي. ڪو ماڻهو لاڳيتو ڪم ڪري، تمام گهڻي محنت ڪري، پاڻ کي عذاب ڏيئي راتين جون راتيون ننڊ نه ڪري، سوچي ۽ لوچي. هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ پيش ڪري ۽ نتيجو ڇا آهي؟...... ماڻهن لاءِ بهترين پروگرام، بهترين اداڪاري، بهترين فنڪار! پر ڇا ماڻهو هن کي چاهين ٿا؟ ڇا هنن کي هن جو ٿورو به قدر آهي؟ عوام مغرور آهي، عوام تمام بور آهي. عوام کي سرڪس کپي ۽ گهڻي فضول قسم جي تفريح!.... ۽ هوا آهي، ڏس، هر شام جو مينهن!.... اِهو مينهن ڏهين مئي کان شروع ٿيو آهي، ۽ سڄو جون هلندو.... هيبت ناڪ! مان ڪوبه تماشائي ڪونه ٿو ڏسان! ۽ ڇا مان ٿيئٽر جي مسواڙ ڏيئي سگهندس؟..... ڇا مان اداڪارن کي پئسا به ڏيئي سگهندس.“

ٻئي ڏينهن شام کان ئي ڪڪر ٻيهر گڏ ٿيڻ لڳا ته ڪيڪن چريائپ واري کِل کلندي چوڻ لڳو”او..... مون کي پرواهه نه آهي... ڀل سڀ ڪجهه تباهه ڪري، سڄي ٿيئٽر کي ٻوڙي، ۽ ان سان گڏ مونکي به. ڪا ڳالهه نه آهي، خوش قسمتي مون لاءِ نه هن دنيا ۾ آهي ۽ نه ٻيءَ دنيا ۾.... ڀل ائڪٽر مون تي ڪيس ڪن ۽ مون کي ڪورٽ ۾ گهلي وڃن. ڪورٽ ته ننڍي ڳالهه آهي، مون کي سائيبيريا ۾ سخت پورهئي واري سزا ڏين.... ها، ها، ها!“

ٽئين ڏينهن به ساڳئي حالت هئي.

اولنڪا ڪيڪن جي ڳالهه ڌيان ۽ خاموشيءَ سان ٻڌي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. آخرڪار ڪيڪن جي بدنصيبي هن جي دل تي اثر ڪيو. اولنڪا جي هن سان محبت ٿي ويئي. هو ننڍڙو، سنهڙو، ٻلي مُنهن وارو شخص هو، جيڪو گهنڊيدار وارن کي ڦڻي ڏيئي پنهنجي نرڙ تان پٺتي هٽائي ڇڏيندو هو. هن جو آواز اثر وارو هو. هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته هن جي ڳلن ۾ چگهه پئجي ويندا هئا. مايوسي ازل کان هن جي منهن تي لکيل هئي. ان هوندي به هن اولنڪا جي دل ۾ سچن ۽ گهرن جذبن کي جاڳايو هو. اولنڪا پهرين به ڪنهن سان نه ڪنهن سان پيار ڪيو هو. هوءَ پيار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي هئي. هن پنهنجي بيمار پيءَ سان به پيار ڪيو هو، جيڪو سڄو ڏينهن آرام ڪرسيءَ تي اونداهي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هو، ۽ وڏا وڏا ساهه کڻندو هو. هوءَ پنهنجي چاچيءَ سان به پيار ڪندي هئي، جيڪا سال ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا پرنسڪا کان هن ڏي ايندي هئي. اُن کان اڳ ۾، جڏهن هوءَ شاگردياڻي هئي ته پنهنجي استاد سان پيار ڪندي هئي. هو خاموش، نرم دل ۽ ٻين سان همدردي ڪرڻ واري ڇوڪري هئي. هن جا وڻندڙ نقش ڳاڙها ڳل، سفيد ڳچيءَ تي ڪارو تر ۽ موهيندڙ مرڪ ڏسي هر ڪو ماڻهو چئي ڏيندو هو:”ڊارلنگ“ ۽ هو مُرڪي پوندي هئي، ۽ مهمان عورتون، ڳالهين وچ ۾، هن جي هٿن کي جهلي پيار مان ”ڊارلنگ“ ڪري سڏينديون هيون. گهر هن کي ورثي ۾ مليل هو. جنهن ۾ هوءَ پيدائش کان وٺي رهندي هئي، جيڪو شهر جي ٻاهران روڊ تي هو ۽ ٽيولي ٿيئٽر کان گهڻو پري نه هو، جتان هوءَ شام کان وٺي رات تائين ٿيئٽر جي موسيقي ۽ ٺڪائن جو آواز ٻڌندي رهندي هئي. هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪيڪن رڙيون ڪري پنهنجي مقدر سان ويڙهه ڪري رهيو هجي، ۽ پنهنجي خاص ويري يعني هن جي ٿيئٽر کان لاپرواهيءَ ڏيکاريندڙ عوام تي حملو ڪري ڇڏيو هجي. هن جي دل ۾ محبت وڌندي ويئي. هن کي ننڊ نه ايندي هئي ۽ جڏهن ڪيڪن صبح جو گهر موٽندو هو ته هوءَ پنهنجي دريءَ جو شيشو کڙڪائيندي هئي، ۽ هو پڙدي جي پويان هن جي چهري ۽ هڪ ٻانهن ۽ سندس پياري مرڪ کي ڏسي سگهندو هو.

هن اولنڪا کي شاديءَ جي آڇ ڏني، ۽ اُنهن جي شادي ٿي ويئي. جڏهن هو هن جي سهڻي ڳچي ۽ مضبوط ڪلهن کي ڏسندو هو ته تاڙيون وڄائيندو هو ۽ چوندو هو:”ڊرالنگ!.....“

هو خوش هو، پر شاديءَ واري ڏينهن به برسات پيئي ۽ مايوسيءَ جا آثار هن جي چهري تان ڪڏهن به نه هٽيا. هو گڏ خوش رهڻ لڳا، اولنڪا ڪيشيئر جو  ڪم سنڀاليندي هئي. ٿيئٽر تي حڪم هلائيندي خرچ لکندي ۽ پگهارون ڏيندي هئي. هن جا ڳاڙها ڳل ۽ سادي مرڪ، جيڪا هن جي چهري تي هميشه پکڙيل هوندي هئي، خزانچي جي دري، ٿيئٽر جي ڊرامن ۽ ڪيفي مان صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هوءَ پنهنجي دوستن کي ٻڌائيندي هئي ته ٿيئٽر تمام اهم، تمام مکيه ۽ دنيا جو هڪ اهم جز آهي: هيءَ اُها جاءِ آهي، جتي سچي تفريح حاصل ٿئي ٿي ۽ ماڻهو علم ۽ نصيحت حاصل ڪري ٿو:

”پر ڇا توهان سمجهو ٿا ته ماڻهو اُن کي پسند ڪن ٿا؟“ هن پڇيو.

”ماڻهن کي بس سرڪس کپي. ڪلهه مون ۽ ونيچڪا”فائوسٽ“ پيش ڪيو۽ تقريبن سڀ ڪرسيون خالي هيون. جيڪڏهن اسان بيڪار ڊرامو پيش ڪريون ها، ته مان توکي يقين ڏياريان ٿي ته ٿيئٽر ماڻهن سان ڀريو پيو هجي ها. سڀاڻي اسان”لاوارث ماڻهو“ پيش ڪنداسين، اچجانءِ.“

ڪيڪن ٿيئٽر ۽ اداڪارن لاءِ جيئن چوندو هو، هوءَ اُهو ورجائيندي هئي. هوءَ ائين ئي ڳالهائيندي هئي، جيئن هُو ڳالهائيندو هو، جنهن ۾ پبلڪ لاءِ عام ڌڪار ۽ پبلڪ جي آرٽ کان لاپرواهي ۽ بوريت جو ذڪر هوندو هو، هوءَ ائڪٽرن جي ريهرسل ۾ دخل ڏيندي هئي، اداڪارن کي سمجهائيندي هئي، موسيقارن کي هدايتون ڏيندي هئي ۽ جڏهن مقامي اخبار ۾ مخالفت ۽ تنقيد ڇپي، تڏهن هن روئي ڏنو ۽ ايڊيٽرن سان اُن بابت ڳالهائڻ به ويئي.

ائڪٽر هن کي چاهيندا هئا ۽ هن کي ”ڊارلنگ“ چيئي مخاطب ٿيندا هئا. هن کي اُنهن سان همدردي هوندي هئي ۽ کين ٿوري رقم قرض طور به ڏيندي هئي، جڏهن اُهي کيس ٺڳيندا هئا ته هوءَ ان جي شڪايت ڪڏهن به پنهنجي مڙس سان نه ڪندي هئي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪجهه ڳوڙها ڳاڙيندي هئي.

سياري ۾ به سندن وقت مزي سان گذري ويندو هو. هو شهر ۾ سچي موسم لاءِ ٿيئٽر مسواڙ تي وٺندا هئا. جيڪو ٿورن ڏينهن لاءِ لٽل رشين ٿيئٽريڪل ڪمپني ۽ مقامي شوقيه ڊرامو ڪندڙن کي ڪرائي تي ڏيندا هئا. اولنڪا تي ڦوهه جواني ڇانيل هئي ۽ هميشه اطمينان سان مرڪندي رهندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪيڪن سنهو ۽ پيلو ٿيندو ويو ۽ هميشه پنهنجن وڏن نقصانن جي شڪايت ڪندو رهندو هو ۽ جيتوڻيڪ ساري سياري ۾ هن جي آمدني چڱي چوکي هوندي هئي، تڏهن به رات جي وقت هو کنگهڻ لڳندو هو ۽ هوءَ اُتي کيس کنگهه جو شربت پياريندي هئي. هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چوندي هئي:”تون منهنجو پيار آهين.“ ۽ نهايت دل جي سادگي سان چوندي هئي”ڏاڍو پيارو آهين.“

ڪجهه ڏينهن لاءِ هُو پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڪم ڪار سان ماسڪو ويو ۽ اولنڪا هن کان سواءِ سمهي نه سگهي. سڄو ڏينهن دريءَ ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ رات جو ستارن کي تڪيندي رهندي هئي. ڪيڪن کيس ماسڪو مان لکيو ته هوُ ايسٽر جي پهرين هفتي ۾ موٽي ايندو پر ايسٽر کان هڪ رات اڳ دروازو کڙڪيو.

ننڊاکڙو بورچي دروازي کان ڊڪيو، جيئن اُن کوليو. ته ڪنهن ٻاهران وڏي واڪي چيو:” مون تار آندي آهي.“ اولنڪا تار وصول ڪئي. هوءَ خوف ۾ ويڙهجي ويئي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان تار کولي پڙهيائين:”ايوان پيٽروچ اوچتو  گذاري ويو. اڱاري تي دفنائڻ جو انتظام آهي.“ ان نموني سان تار لکيل هئي. تار اوپيرا ڪمپنيءَ جي مئنيجر جي صحيح سان هئي.

”ونيچڪا، منهنجا پيارا، منهنجا محبوب! مان توسان ڇو نه ملي سگهيس؟ ڇو مان توکي سمجهي نه سگهيس ۽ پيار نه ڪري سگهيس؟ غريب اولنڪا کي ڪنهن جي حوالي ڪري وئين؟“

ڪيڪن کي اڱاري تي ماسڪو ۾ ويگانچو قبرستان ۾ دفنايو ويو. اولنڪا اربع تي گهر آئي. جيئن ئي هوءَ پنهنجي گهر ۾ داخل ٿي، هن پاڻ کي بستري تي اُڇلايو ۽ وڏي آواز ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي جو اهي ٻاهر گهٽيءَ ۾ پاڙي وارن کي صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيا.

”ڊارلنگ!“ پاڙيسرين لنگهندي چيو.

”اولنڪا، غريب پياري اداس آهي!“

ٽن مهينن کان پوءِ اولنڪا جڏهن عبادت کان غمگين ۽ اُداس واپس آئي، هڪ ماڻهو چرچ مان هن سان گڏ آيو. وسلي پيسٽو ڪاٺ جي واپاري جو مئنيجر هو. هن کي کجيءَ جي پَنن جي ٽوپي ۽ سفيد صدري پاتل هئي، جنهن ۾ سوني زنجير لڙڪيل هئي. هي واپاري کان وڌيڪ هڪ زميندار نظر اچي رهيو هو.

”هر شيءِ فنا آهي، اولنڪا“ جنهن سنجيدگيءَ سان چيو. هن جي آواز ۾ همدردي هئي. ”جڏهن اسان جو ڪو ويجهو ۽ پيارو مري ٿو، ته ان کي خدا جي رضا سمجهي صبر سان برداشت ڪرڻ گهرجي.“

هو هن سان ٻاهرئين دروازي تائين آيو، خداحافظ چيائين ۽ پوءِ هليو ويو. اُن کان پوءِ اهو سنجيده آواز سڄو ڏينهن پئي سندس ڪنن ۾ ٻُريو ۽ اکين بند ڪرڻ سان هن جو ڏاڙهيءَ وارو چهرو سندس تصور ۾ پئي آيو. اولنڪا هن کي گهڻو پسند ڪيو. بلاشڪ هو پڻ اولنڪا کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هڪ پري جي واقفڪار ڪراڙي عورت هن جي چانهه پيئڻ آئي، جيئن اها عورت ويٺي ته هن پيسٽو جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪيڏو نه سٺو ۽ مضبوط ماڻهو آهي ۽ هر ڪا عورت هن سان شادي ڪندي خوشي محسوس ڪندي. ٽن ڏينهن کان پوءِ پيسٽو هن وٽ آيو. هو هن وٽ ڏهه منٽ ويٺو ۽ ٿورو ڳالهايائين. اولنڪا هن کي دل ڏيئي ويٺي هئي ۽ سُهڻن تصورن ۾ هوءَ سڄي رات سُمهي نه سگهي ۽ بخار ٿي پيس. صبح جو هن ڪراڙيءَ عورت ڏانهن ماڻهو موڪليو. جلد پوءِ اولنڪا ۽ پيسٽو جو مڱڻو ۽ شادي ٿي ويئي.

پيسٽو ۽ اولنڪا خوش رهڻ لڳا. هو اڪثر رات جو دير تائين ڪاٺ جي گدام تي رهندو هو. هن جي غير حاضريءَ ۾ اولنڪا شام تائين هن جي آفيس ۾ ڪندي رهندي هئي. حساب ڪتاب رکندي هئي ۽ سموري ڪم تي نظرداري ڪندي رهندي هئي.

”ڪاٺ هر سال مهانگو ٿيندو ٿو وڃي.“ هوءَ واقفڪار گراهڪن کي چوندي رهندي هئي.” پهريائين اسان ڪاٺ پنهنجي جهنگل مان وٺنداهئاسين. هاڻي پيسٽو هر سال ڪاٺ وٺڻ لاءِ منگول گورنمينٽ وڃي ٿو. ۽ ڪيڏو نه ٽيڪس آهي!“ هن اهو بيان ڪندي عجب کان پنهنجي هٿن تي پنهنجو چهرو رکيو”ڪيڏو نه ٽيڪس آهي!“

هن ائين محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن ڪجهه وڌيڪ وقت ڪاٺ جو ڪاروبار ڪيو ته ڪاٺ هن جي زندگيءَ جو خاص ۽ اهم جز بنجي ويندو. هن جي ذهن ۾ تختا، شهتير، لڪڙا، بيم ۽ ڇت جي ڪاٺين جا نالا گهمندا رهندا هئا. رات جو هوءَ خوابن ۾ تختن جا جبل، لڪڙن ۽ شهتيرن سان ڀريل گاڏيون ڏسندي هئي، جيڪي پري پري شهرن کان اينديون هيون. هن خواب ۾ ڏٺو ته بيمن جي سڄي پلٽڻ اُڀو ٿي گدام تي حملو ڪيو هو. ڪامون، بيم ۽ لَڪڙا پاڻ ۾ وڙهي پيا هيا. اُهي سڀ ڪِري پيا ۽ وري اُڀا ٿي بيٺا ۽ هڪ ٻئي مٿان حملو ڪرڻ لڳا. اولنڪا ننڊ ۾ رڙ ڪئي. پيسٽو هن کي نرميءَ سان چيو...”اولنڪا! ڊارلنگ!.... ڇا ڳالهه آهي؟...... دعا گهر.“

هن جي مڙس جا خيال به هن جهڙا ئي هئا. جيڪڏهن هو چوندو هو ته ڪمرو گرم آهي. ته هوءَ به چوندي هئي ته ڪمرو گرم آهي. جيڪڏهن هو چوندو هو ته ڌنڌو مَندو آهي ته هيءَ به چوندي هئي ته ڌنڌو مَندو  آهي. پيسٽو ٻاهر وندر ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺندو هو ۽ موڪلن ۾ به گهر ۾ رهندو هو. هوءَ به ائين ئي ڪندي هئي.هن جا دوست هن کي چوندا هئا ته”تون سڄو ڏينهن گهر ۾ آهين يا آفيس ۾. تون ٿيئٽر يا سرڪس گهمڻ ڇو نه ويندي آهين؟“”پيسٽو ۽ مان ٿيئٽر نه ويندا آهيون.“ هوءِ سنجيده ٿي چوندي هئي.. ”اسان کي ڪم هوندو آهي. اسان کي اِنهن فضول ڳالهين لاءِ وقت نه آهي. ٿيئٽر وڃڻ مان ڇا حاصل ٿيندو؟“

ڇنڇر تي هوءَ ۽ پيسٽو شام واري عبادت تي ويندا هئا ۽ موڪلن ۾ صبح واري عبادت  تي ويندا هئا. گهر موٽڻ مهل قدم قدم سان ملائي هلندا هئا. هن جا ريشمي ڪپڙا هوا ۾ ڦڙڪندا رهندا هئا. صبح جو گهر ۾ هو چانهه سان کير واري ڊبل روٽي، ڪيترن ئي قسمن جا جام ۽ سنبوسا کائيندا هئا. هر ڏينهن منجهند جو هنن جي ورانڊي مان لذيذ کاڌن جي خوشبو ايندي هئي. دروازي کان ٻاهران گوبيءَ جي سُوپ، روسٽ گوشت يا بدڪ ۽ روزن جي ڏينهن ۾ مڇيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي. ڪو هنن جي دروازي وٽان لنگهندي کاڌي کائڻ جي خواهش کي روڪي نه سگهندو هو. آفيس ۾ هميشه ڪِٽلي چڙهي پيئي هوندي هئي ۽ گراهڪن کي چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويندا هئا. هفتي ۾ هڪ دفعو ٻيئي حمام ۾ وهنجڻ ويندا هئا ۽ واپسيءَ تي سندن چهرا ڳاڙها هوندا هئا.

”خداجو شڪر آهي. اسان خوش آهيون.،

اولنڪا پنهنجي دوستن کي چوندي هئي ته ”خدا ڪري سڀ پيسٽو ۽ مون وانگر خوش رهن.“

جڏهن پيسٽو منگوليا گورنمينٽ کان ڪاٺ وٺڻ ويندو هو، هوءَ هن کان سواءِ ماندي ٿي پوندي هئي. رات جو سمهي نه سگهندي هئي ۽ روئيندي رهندي هئي. جانورن جو نوجوان فوجي ڊاڪٽر سپيريو، جيڪو هن جي گهر ڀرسان رهندو هو، شام جو هن سان ملڻ ايندو هو. هو هن کي واقعن جو ڳالهيون ٻڌائيندو هو  يا وري ٻيئي تاش راند کيڏندا هئا. اُن طرح هو هن جي دل وندرائيندو هو. هن جون گهڻيون وڻندڙ ڳالهيون ۽ قصا هن جي پنهنجي زندگيءَ جا هوندا هئا. هو شادي ڪيل هو ۽ هڪ پٽ به هوس. پر زال کان علحدگي ٿي هئس. هاڻي هو هُن کان نفرت ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽ جي پرورش لاءِ هُن ڏانهن چاليهه روبل موڪليندو هو. اولنڪا ٿڌو ساهه کڻندي هن سان افسوس ڪندي هئي.

”خدا تنهنجو ڀلو ڪندو.“ هن چيو، جيئن هوءَ هن کي ميڻ بتي کڻي دروازي تي ڇڏڻ آئي.  ”تنهنجي مهرباني جو مون وٽ آئين، الله توکي صحت ڏيندو.“ هن سنجيدگيءَ سان پنهنجي مڙس جو نقل ڪندي چيو، هڪ ڀيري جڏهن فوجي ڊاڪٽر دروازي وٽان هلڻ لڳو ته هن پويان رڙ ڪري چيو،” توکي کپي ته پنهنجي زال سان صلح ڪر. هُن کي معاف ڪر. پنهنجي پٽ خاطر ، ٻار سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، يقين ڪر.“

جڏهن پيسٽو واپس آيو. هن کيس فوجي ڊاڪٽر جي ناخوشگوار زندگيءَ جي ڳالهه ٻڌائي ۽ هنن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ٻار جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا. جيڪو پيءُ کان سواءِ ويچارو ٿي پيو هوندو. تڏهن هڪ عجيب خيال کان، اهي ٻيئي خاموش ٿي ويا، ۽ خدا کان ٻار لاءِ دعا گهرڻ لڳا.پيسٽو ۽ هن پورا ڇهه سال سڪون ۽ پيار سان گذاريا. پر هڪ سياري ۾ پيسٽو مٿي تي ٽوپي رکڻ کان سواءِ ڪاٺ گودام ڏانهن ويو، ۽ هن کي ٿڌ لڳي ويئي ۽ بيمار ٿي پيو. هن جي علاج لاءِ وڏا وڏا ڊاڪٽر آيا، پر بيماري وڌندي ويئي. هو چئن مهينن کان پوءِ مري ويو. اولنڪا وري رن زال ٿي ويئي.

”مون کي ڪنهن لاءِ ڇڏي وئين، منهنجا پيارا؟“

هوءَ دفنائڻ کان پوءِ پار ڪڍڻ لڳي.  ” مان توکان سواءِ ڪيئن رهي سگهنديس؟ مان بدنصيب آهيان. يا خدا مون تي رحم ڪر، مان لاوارث هن دنيا ۾ اڪيلي آهيان.“

هاڻي هوءَ هميشه ڪارن ڪپڙن ۾ رهڻ لڳي ۽ هن ٽوپي ۽ دستانا پائڻ ڇڏي ڏنا. سواءِ چرچ ۽ پنهنجي مڙس جي قبر تي وڃڻ جي، هوءَ گهر کان ٻاهر نه نڪرندي هئي. هوءَ ”نن“ جهڙي زندگي گذارڻ لڳي. ڇهه مهينا به نه گذريا ته هن ماتمي ڪپڙا لاٿا، روئڻ بند ڪيو ۽ در دريون کولي ڇڏيائين. هن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بورچي سان گڏ مارڪيٽ وڃڻ شروع ڪيو. هاڻي هوءَ گهر ۾ ڪيئن گذاريندي هئي ۽ سندس گهر ۾ ڇا وهندو واپرندو هو. اُن جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته هوءَ روزانو فوجي ڊاڪٽر سان گڏ پنهنجي باغ ۾ چانهه پيئندي هئي ۽ هو هن لاءِ وڏي آواز ۾ اخبار پڙهندي نظر ايندو هو. هڪ دفعي ڊاڪٽر پنهنجي واقفڪار کي پوسٽ آفيس ۾ چيو:”اسان جي شهر ۾ جانورن جي پوري سنڀال نٿي ٿئي، ان ڪري هتي گهڻيون بيماريون آهن. توهان اڪثر ٻڌو هوندو ته ماڻهو کير مان بيمار ٿين ٿا ۽ وڌيڪ بيمار گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڪري ٿين ٿا. گهريلو جانورن جي سنڀال به انسانن وانگر ڪرڻ گهرجي.“

هوءَ فوجي ڊاڪٽر جا لفظ ورجائيندي هئي ۽ ساڳي سوچ رکندي هئي، جيڪا هو رکندو هو. ان مان ظاهر هو ته هوءَ هڪ سال به پيار کان سواءِ نٿي رهي سگهي ۽ هن کي پيار به پنهنجي گهر جي ڀر مان ئي مليو هو. ٻيو ڪو هجي ها ته ماڻهو هن کي ڌڪارن ها، پر ڪوبه اولنڪا کي خراب چئي نٿي سگهيو. هن جي زندگيءَ جي هر شيءِ بلڪل شفاف هئي. هن ۽ فوجي ڊاڪٽر ڪڏهن به پنهنجي ناتي ۾ تبديلي تي اکر به نه ڳالهايو هو. هنن، حقيقت ۾ اُن کي لڪائڻ گهريو ٿي، پر ناڪام رهيا. اولنڪا ڪجهه سانڍي نه سگهي هئي. هڪ ڀيري جڏهن فوجي ڊاڪٽر جا دوست هن سان ملڻ آيا، هن هنن لاءِ چانهه ۽ رات جي ماني تيار ڪئي، ۽ هنن سان پالتو جانورن جي مرضن، پيرن ۽ وات جي جيوڙن ۽ ميونسپالٽي جي جانورن جي ڪوس گهرن بابت ڳالهائيندي رهي. فوجي ڊاڪٽر ڏاڍو پريشان ٿيو. مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ هن اولنڪا جا هٿ  جهليندي ڪاوڙ ۾ چيو؛ ” ڇا مون توکي چيو نه هو ته جنهن ڳالهه جي توکي خبر نه هجي ته اُن تي نه ڳالهاجانءِ؟ جڏهن اسان ڊاڪٽر بحث ڪيون ته مهرباني ڪري وچ ۾ نه ڳالهائيندي ڪر، اِهو خراب ٿو لڳي.“

هوءَ هن کي حيرت ۽ پريشانيءَ مان ڏسڻ لڳي ۽ چيائين:” پر سپريو! مان ڇا ڳالهايان ها؟“ ۽ هن پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ ۾ وڌيون. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هن کي منٿ ڪيائين ته ”ڪاوڙ نه ڪر.“ ٻئي خوش ٿي ويا.

پر انهن جي اها خوشي ٿوري وقت جي هئي، جو فوجي ڊاڪٽر هميشه لاءِ پنهنجي ريجمنٽ سان گهڻو پري هليو ويو، ۽ اولنڪا اڪيلي ٿي ويئي. هاڻي هوءَ بلڪل اڪيلي هئي. هن جو پيءَ گهڻُو وقت اڳ مري چڪو هو، ۽  سندس آرام ڪرسي هڪ ڪنڊ ۾ مٽيءَ ۾ ڀري پيئي هئي ۽ ان جي هڪ ٽنگ گم هئي. هوءَ گهر جي حوالي ٿي ويئي هئي. ۽ ماڻهو گهٽيءَ مان لنگهندي هن ڏانهن اڳ وانگر نه ڏسندا هئا ۽ نه ئي هن ڏانهن ڏسي مرڪندا هئا. ظاهري طرح هن جا بهترين سال گذري چڪا هئا، ۽ هاڻي بي مزي زندگي شروع ٿي چڪي هئي.

شام جو هوءَ ڏاڪڻ تي ويهي ٿيئٽر جي ڦٽاڪن ۽ موسيقيءَ جو آواز ٻڌندي هئي، پر هن ۾ ڪوبه جذبو نه جاڳندو هو. هوءَ خاموشيءَ سان ورانڊي ۾ ويٺي هوندي هئي. سواءِ ڪنهن سوچ ۽ سواءِ ڪنهن خواهش جي. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هوءَ هنڌ ۾ سمهي پوندي هئي. ۽ ڪو به خواب ڪونه ڏسندي هئي، سڀ کان خراب ڳالهه اِها هئي ته هاڻي هوءَ ڪنهن بابت ڪو رايو نه رکندي هئي. جيڪو ڪجهه هن جي چوگرد ٿيندو رهندو هو، اُهو سڀ ڏسندي رهندي هئي. هوءَ ان بابت ڪجهه به نه چوندي هئي. ڄڻ ته هن کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر ئي نه هجي. اها ڪيتري نه ڀوائتي ڳالهه آهي جو ماڻهو ڪو به رايو نه رکندو هجي. ڪيڪن، پيسٽو ۽ سپيريو جي ڏينهن ۾ اولنڪا هر شيءَ تي ڳالهائيندي، هر شئي کي سڃاڻندي ۽ هر شئي تي بحث ڪندي هئي، چاهي اُن جو ڪو به نتيجو نه نڪري، پر هاڻي ورانڊي وانگر  هن جي دل ۽ دماغ خالي هو.

آهستي آهستي ڳوٺ گهڻن پاسن وڌندو ويو. روڊ گهٽي ٿي ويو هو، جتي ٿيئٽر ۽ ڪاٺين جا گودام هئا، اتي هاڻي گهٽيون ۽ گهر هئا، وقت ڪيترو تڪڙو گذري ويو! اولنڪا جو گهر اداس ٿي ويو هو. ڇت پراڻي ۽ ڇڄهري زبون ٿي ويئي هئي. اونهاري ۾ هوءَ ڏاڪڻ تي  بيهندي هئي. ورانڊي ۾ گاهه ۽ ڪنڊا ڦٽي پيا هئا. هوءَ ڪراڙي ٿي ويئي هئي ۽ گهر ۾ ئي رهندي هئي ۽ هن جو روح خالي، اداس ۽ خاموش هو. جڏهن هن کي بهار جي هوا لڳندي هئي يا جڏهن چرچ مان ايندڙ گهنڊن جو آواز ٻڌندي هئي ته اوچتو پراڻيون يادون تازه ٿين لڳنديون هيون ۽ هن جي دل جوش ۾ ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ ڳوڙها مينهن وانگر هن جي ڳلن تان وهڻ لڳندا هئا. پر اها ڪيفيت ٿورو وقت رهندي هئي، ۽ وري هن جو ذهن خالي ٿي ويندو هو ۽ هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته زنده رهڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ٻليءَ جو ڪارو پونگڙو هن سان اچي پنهنجو بت مهٽيندو هو، پر هن ننڍڙي جانور جو پيار هن تي ڪو اثر نه ڪندو هو. هن کي ان جي ضرورت به نه هئي. هن کي ته پيار جي  ضرورت هئي، جيڪو هن جي سڄي وجود تي ڇائنجي وڃي ۽ هن جي سوچ ۽ هن جي روح کي اُمنگ ڏئي. زندگيءَ ۾ ڪو  مقصد ڏئي، ۽  جيڪو هن جي خون کي گرم ڪري. هوءَ ڪاوڙ مان ٻليءَ جي ٻچي کي پاڻ کان پري ڪندي، چوندي هئي”هليو وڃ! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“

۽ پوءِ ڏينهن پٺيان ڏينهن ۽ سالن پٺيان سال گذري ويا. هن کي ڪابه خوشي نه ملي

جولاءِ جي هڪ گرم ڏينهن، شام ڌاري جنهن وقت ڳوٺ جو چوپايو مال موٽيو ۽ سڄو ورانڊو مٽيءَ جي ڪڪرن سان ڀرجي ويو. تڏهن اوچتو دروازو کڙڪيو. اولنڪا پاڻ اهو کولڻ ويئي ۽ فوجي ڊاڪٽر کي پنهنجي اڳيان ڏسي حيران ٿي ويئي. هو ڪمزور ٿي لڳو ۽ هن کي شهري ڪپڙا پاتل هئا، سڀ پراڻيون يادون اچانڪ ٻوڏ وانگر هن جي ذهن کي ولوڙڻ لڳيون، هوءَ پاڻکي روڪي نه سگهي ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳي. هن پنهنجو مٿو سپيريو جي سيني تي رکيو.  ايترو رني. ۽ بي سُڌ ٿي ويئي، جو هن کي اها خبر نه پيئي ته هو ڪيئن هلي گهر ۾ اندر آيو. ”منهنجا پيار...“ هن هوريان، خوشيءَ مان ڏڪندي چيو. ”.... تون ڪٿان آيو آهين؟“

”مان هتي هميشه رهڻ لاءِ آيو آهيان. مون پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏني آهي. ۽ مان هتي هڪ آزاد انسان وانگر نصيب آزمائڻ آيو آهيان ۽ هاڻي نئين زندگي شروع ڪندس. تنهن کان سواءِ هاڻي وقت آيو آهي ته پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول به موڪليان. هو وڏو ٿي ويو آهي. ڇا توکي پتو آهي ته منهنجي پنهنجي زال سان صلح ٿي ويو آهي؟“ هن کيس ٻڌايو.

”هوءَ ڪاٿي آهي؟“ اولنڪا پڇيو.

”ڇوڪري سان گڏ هوٽل ۾... مان گهر جي ڳولا ۾ آيو آهيان.“

”خدا تنهنجو ڀلو ڪري... هي منهنجو گهر حاضر آهي..... ڇا اهومناسب نه آهي؟ او ڊيئر!..... مان توکان ڪرايو نه گهرندس.“ اولنڪا گهڻي جوش ۾ اچي رڙيون ڪري روئڻ لڳي.  ”تون هتي ئي رهه... ۽ن مون لاءِ هڪ ڪنڊ ڪافي آهي. او خدا، ڪهڙي نه خوشي جي ڳالهه آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com