سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :20

پڌرن خوفن ۽ اُميدن ڀري صورتحال ۾ غير يقينيءَ جو هجڻ ايذائيندڙ ته ضرور آهي پر جيڪڏهن اسين زندگيءَ کي ڪوڙن قصن بدران حقيقتن جي دُنيا ۾ گهارڻ چاهيون ٿا، ته پوءِ خوفن ۽ اميدن کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نٿو سُجهي.... هونئن به ڪنهن دوءر يا قوم کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اُن دوءر يا قوم جي فيلسوفيءَ کي ضرور سمجهون. ساڳي طرح ڪنهن قسم جي فيلسوفيءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي، ته ڪنهن حد تائين اسان پاڻ به فيلسوف هُجون.

- برٽرئنڊرسل

ڪهاڻيون
مونکي پتو آهي ته بيشمار شخص منهنجي لهجي جي ڪڙاڻ بابت شڪايتون رکن ٿا، پر  ڇا سوچ جي آزاديءَ جي باري ۾ ماڻهوءَ کي کرو، تکو ۽ تُرش نه هجڻ کپي؟ هن معاملي ۾ مان سچ جيترو کُهرو ۽ انصاف جهڙو اٽل رهندس! هن موضوع تي ڳالهائڻ، سوچڻ ۽ لکڻ وقت مان ڪڏهن به وچٿرو رهڻ نه چاهيندس....نه! هرگز نه!

توهان اُن ماڻهوءَ کي گهگهوءَ جي آواز جهڪي ڪرڻ جي صلاح ڀلي ڏيو، جنهن جو گهر باهه جي ڀڀڙن ۾ ورتل هجي. توهان جي مرضي ته ڪنهن باغيرت شخص کي پڻ چئو ته هو اُن مهل مدد لاءِ آهستگيءَ سان ٻاڪاري، جڏهن ڪو غنڊو سندس گهرڌياڻيءَ جي عزت زوريءَ لٽڻ جي ڪوشش ڪري. اوهين باهه ۾ سڙندڙ ڪنهن معصوم ٻالڪ جي والده کي به مشورو ڏيئي سگهو ٿا، ته هوءَ پنهنجي ٻچڙي کي اُتان ڪڍڻ مهل آرام ۽ سُستيءَ کان ڪم وٺي!

پر مهرباني ڪري مون کي اِهو نه سمجهايو، ته سوچ تي پهرا ويهاريندڙن خلاف ٿڌائپ کان ڪم وٺان. مان هن مهل جوش ۾ ورتل آهيان. مون کي ٻچاپڙو ٿيڻ جي صلاح نه ڏيو. هن معاملي ۾ آءٌ ڪنهن کي به معاف نه ڪندس، ۽ پنهنجي ارادي تان تِر جيترو به نه هٽندس ۽ نه وري ڪنهن ٻئي جي ٻولي ٻڌندس. انهيءَ صورتحال لاءِ اسان جي ماڻهن جي بيدردي ئي ڪافي آهي، جن جي افعالن ۽ عمل هر شاندار شخص جي مجسمي کي، پنهنجن بنيادن تان هٽائي نوائي ڇڏيو آهي ۽  سندس اصولن کي نظرانداز ڪندي، کيس واپس هڪ مُردار ۽ قبر ۾ پيل لاش ۾ تبديل ڪري ورتو آهي.

وليم لائڊ گئريزن

حميد سنڌي

کڙيا کٽڻهار

ڪي وڪيل وڏا ٿين، ته ڪي وري ننڍا، اڃا به ننڍا هجن ته کين ”جونيئر پارٽنر“ چون. پر جي ڪو اديب ”جونيئر پارٽنر، ٿئي ته ڍاڪئون ئي پڪو!

مان به اُن زماني ۾ جونئير پارٽنر هئس.

منهنجو سينيئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو، هميشه اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو ته چوندو هو، ”يار اديب!..... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجانءِ...... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ......“ اُن زماني ۾ قتل جا ڪيس پهريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا – جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينيئر گهڻو تڻو پنهنجي سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا ته هو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چٽو ڪري بيهارين.

هيءَ ڳالهه به اُنهي زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنهن لاءِ مون کي منهنجي سينيئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءَ هو ته قتل ڪيس پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي ئي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو ته  مسمات سفوران، پنهنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنهنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪهاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سينيئر مون کي چيو هو ته ”هيءَ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنهنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦريندا هئا. مال ملڪيت به لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پيسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير به هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ به وٺي ويو، پر هنن نه مڃيو. زميندار کي پنهنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽شهمير ۽ ڀاڳل جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو ته شهمير کي هُن ئي ماريو آهي.“

”هي اِها ٿيوري آهي ته پوءِ سائين ! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينيئر صاحب کان پڇيو.

هُن کلي مون کي ڏٺو،”آهي نه ادبي سوال !“

”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي ته تنهنجي ڌيءَ شانان کي ڪاري ۽  شهمير کي ڪارو ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي ملي. ڦاسي يا عمر قيد کان بچي ئي بچي.“

”سر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“

”ثابت اِهو ڪرڻو آهي ته It is not honor killing (غيرت جو سوال ناهي) مائي سفوران  پنهنجي مڙس ۽  وڏيري جي چُرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنهنجي ڌيءَ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءَ ڊرامو رچايو آهي. هو، قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“

مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منهنجي سينيئر مٿان اِهو به چيو ته ”ميان! هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توکي Prosecution  جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنهنجي طبيعت مطابق هيڏانهن هوڏانهن ناسون هڻي ڪا ڪهاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي ويهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ به هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنهنجي راءِ جو اظهار مڙيو ئي مهانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر مطابق هلڻو آهي. سمجهيئه. آهين ته هوشيار ۽ سمجهدار.“

”سر! بلڪل سمجهيم، توهان فڪر نه ڪريو، قانون کان مٿاهون ڪير به ڪونهي. ادب به نه.“

هن ننڍي شهر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شهر جي ڪجهه ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دوءر جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائوند وال ۽ اندر ننڍڙو باغ به اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي ڪي سُڪل، ته ڪي ساوا وڻ قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منهنجي سينيئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هت آهن. ننڍي ڪورٽ آهي، اِنڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسان پارا جونيئر انهيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنهن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺيان ويهي اصيل سان ٻولاچاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺهيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانهه گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوري پاران سڏ ٿيو ته اندر پهتاسون، ڪيس هليو نه هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون.

اُن ڏينهن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنهن ڏينهن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻهن جا ميڙاڪا هئا، مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانَو تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو، مائيءَ تي پهرا پئي ڏنا. خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻهن لئونڻا پئي هنيا ته ڏسون ته اِها مائي ڪهڙي منهن مهانڊي جي آهي. جنهن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پُٺ ڏيو ڀت واري پاسي منهن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي.

مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيهي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس.

ائين جج صاحب جو نائڪ آيو.“ صاحب سڏيو اٿَو.“

جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منهنجي سُٺي نيازمندي ٿي ويئي هئي. جنهن ڏينهن منهنجو ڪو ڪيس هوندو هو ته ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان چاهه هيس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو به هو ته ڪجهه ڳالهائيندو به هو. پهرين پوسٽنگ اِنهيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هُيس. صبح جي پهر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاهه نه هو. پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس ته وڏو ٽهڪ ڏنائين:

”سائين! ديکهو آج هماري ڪورٽ مين ڀي ميلا لگا هوا هئي.“

”بس سائين، يهي هماري سنڌ ڪي بدنصيبي هي، اَڀي ابتدا هي، ديکهنا انتها ڪهان پر هوتي هي. عورت بيچاري هميشه مظلوم رهي هي.“

”يه مظلوم هي؟ ڀانجي ڪو مارا هي.“

”پته نهين سر! ڀانجا مظلوم ٿا يا يه، يا ڦر دونون.“

جج منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪندي چيائين.“ ته پوءِ اصل ڳالهه ڇا آهيس.“

”سر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي.“

نائب چانهه کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو،” پر مائي قبولدار ٿي آهي. 64 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان ته

فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان ته رولو نه بڻايوس.“

”سر! هيءُ ڪيس سينئير جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري  جو سڄاڻ فرد آهيان. سينيئر صاحب اِنهيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنهنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالهه جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پروفيشنل بي ايماني نه ڪبي.“مون کلندي کيس چيو.

جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن ته ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيهاريو ته مائي ملڪيت جي لالچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءَ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس به هن ۾ شامل آهي. هيءَ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي. غيرت جو ڪو مسئلو نه آهي.

هڪ ڏينهن جڏهن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس ته ڏٺم ته مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻهو نه رهيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي هڪ ڪنڊ تي اُنهن مان هڪ مائي اچي منهنجو اڳ جهليو. ”ابا ترس! سفوران توسان ڪجهه ڳالهائيندي. ٿورو هيڏانهن اچ.“

مان  بيهي رهيس. پهرين سوچيم ته کيس جواب ڏيئي ڇڏيان،جو پروفيشنل  ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالهائڻ مناسب نه هو. ٻيو اِهو به سوچيم ته منهنجي سينيئر کي خبر پوندي ته بنهه جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالهه جو ڳاٽو ته جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانهن هليو ويس، جنهن هيترن مهينن ۾ به نوان گونچ نه ڪڍيا هئا. هاڻ ته سرءُ به ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نه هو. هيءُ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُتي هُن رئي جو ٻُڪل کوليو ته ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اڇي اُجري منهن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منهن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءُ سهڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منهن نه ڏٺو هو، جو هوءَ منهن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالهايو ته سندس اڇا ڏند به مُرڪي پيا، پر سندس منهن تي مُرڪ نه هئي.

”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪهڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان ته ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنهن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کانپوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو، بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“

مون سندس نياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ به هُن وانگر وڻندڙ ۽ هُن جهڙي ئي هئي. مان گهڙي کن لاءِ ته چپ رهي، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم،” تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنهنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هِن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي ته سڀ ڪجهه ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي ته تنهنجي نياڻي هندورن ۾ لڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پُلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ. مائي سفوران! تيستائين ته تنهنجون هڏيون به نه بچنديون، تون ڪهڙي خيال ۾ آهي، الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا. تنهن جي خبر پوءِ پوندءِ.“

مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو، پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.

”کاءُ قسم هُن نياڻيءَ جو ته جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کا قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنهن جو خون به تنهنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنهنجي سر تي آهن.ياد رک، هيءَ به نه بچندي.“

مائي سفوران پنهنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيهي نه پئي سگهي.ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويهاريو.

”منهنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦِي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو.

”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان، جيڪي ڪجهه سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ، پوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهندو.“

”ڪورٽ کي ٻڌاءِ ته تو پنهنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنهنجي سهڻي پاري مڱينديءَ، جنهن سان هُن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالهه ته ڪر!“

سفوران رويو پئي رني. اوچتو منهنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين،” سائين، شهمير منهنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس، هو ته مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاهه رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو ته منهنجو ٻچو هو. مان اُنکي ڪيئن مارينديس؟“

”پوءِ ڪنهن ماريو؟“

هُن هيڏانهن هوڏانهه نهاريو.، مڙسس شهر ويو هو، اڃا نه موٽيو هو.

”سائين، اِهو ظلم منهنجي مڙس عدلو  ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پهريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ ته شهمير سان ڪاري ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منهنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُبيو، ته هيئن قبولدار ٿين ٿي ته واهه، نه ته تنهنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريو. مون کين اِهو به چيو ته مون کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نه ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندس اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻهو ٿو موڪلي ته ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل، مان ته جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله اِنهي منهنجي مڙس عدلوءَ جو منهن ڪارو ڪندو، جنهن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“

مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀڻڪندي ڳالهايو:”اٿئي همت ته سڀاڻي پنهنجي بيان تان ڦري وڃ ۽ ڪورٽ کي هي سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس ته ڇاٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نه ٿيندي، جو هو تنهنجي يا تنهنجي نياڻيءَ جو وار به ونگو ڪن. تون همت ڪندينءَ ته سڀ ڪجهه ٿيندو، نه ته تنهنجي لاءِ سرڪڻ ڦاهي ٺهي پيئي آهي.“

مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منهن ڏي ڏٺو. هيءَ معصوم عورت جو چهرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سُڪڻ لڳيون هيون.مان آهستي آهستي چُرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نه هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پهتو ۽ مون ڏانهن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هي هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلهو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو.، سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانهن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سهڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قدآور عورت هئي. جي هن ڪُڌي مامري ۾ نه ڦاسي ها ته سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبه لوڏو نه هو. هاءِ ڙي قسمت!

پر مائي ۾ اڃا به ڪي جولان هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ بيٺي ته هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنهنجي اڳئين بيان تان صفا ڦِري ويئي. هُن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ۽ ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالهائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين:”مون اِهو ڏوهه صرف اِن لاءِ قبوليو هو، ته مان ڀل ڪاري ٿيان، پر منهنجي نياڻي ڪاري نه ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کان ڌمڪيون ڏيئي ڏياريو هو.“

جج دير ئي نه ڪئي، حڪم جاري ڪيائين ته”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال ته سفوران جي مڙس، وڏيري ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳئي ضمانت تي آهي، تنهنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هُن سيشن ڪورٽ کي به ڪئي. پوءِ پوليس کي هدايت ڪيائين ته مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو ته ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار  ڪيو وڃي.

مان ٻاهر بيٺو هئس ته نائڪ آيو،” سائين! صاحب سڏيو آهي.“

مان چئمبر ۾ داخل ٿيس ته جج صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو،”يو ناٽي بواءِ!...... آخر اديبن واري ڪار ڪيئه. مونکي ڪجهه خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو،”قانون جي ديويءَ کي پَٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻهن جو ڪم ئي آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“

”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙي جو ڇا ٿيندو.“ جج صاحب مرڪندي چيو.”جيڪي ٿيندو اُن کي ڏٺو ويندو. توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نه ڇڏيو آهي. هنن بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جو داد فرياد ٿيو آهي، اِهو مون لاءِ گنج آهي.“

چئمبر مان ٻاهر نڪتس ته مَن تي بار نه هو. مون ورانڊي ۾ بيهي ٻاهر نهاريو. مائي سفوران پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منهن تي سُرهائي هئي.

مون وڻ ڏانهن نهاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ نوان گئونچ نڪري آيا هئا. هن مُند ۾ به وڻ تي بهار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منهنجي مَن ۾ ڪئين کٽڻهار کڙي پيا هئا!

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

اسين رهياسين اڌورا اڌورا

Milkman اسٽريٿم جي اسٽريٽ نمبر ٻي تي واقع گهر نمبر ٻاونجاهه تي چڱي دير کان گهنٽي وڄائي رهيو هو. کير جون بوتلون گولڊ ٽاپ در جي وڌيل چائنٺ تي رکي هن مٿي نهاريو. مٿئين بيڊروم جي درين تي ڄاريءَ جا سهڻا پردا پيل هئا، هن گهر جي مالڪ کي هو گهڻي عرصي کان کير ڏيندو هو. تنهنڪري هنن جي وچ ۾ سڃاڻپ وارو رستو هو. يا کڻي چئجي ته ٻنهي ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ئي سهي کل ڀوڳ ڪرڻ وارو دوستانه رويو به هو. هو بيٺل آهي ته متان در کلي، پر در نٿو کلي. گهر جي اندر سانت ۽  جمود ڇانيل آهي. هو ڪجهه پريشان ٿي. باغ واري ننڍڙي در کان اندر وڃي ٿو. پيلا گلاب ٽڙيل هئا. بليڪ بيريز جا رس ڀريا ڇڳا ننڍڙن ٻوٽن ۾ ارينگن جيان لڙڪيل هئا. هو سرسبز لان مان سرن سان ٺهيل پيچري تان تڪڙو هلندو در تي اچي پهتو. در تي لڳل لوهي گول ڪنڍي کي وڄائي ٿو. هڪ وار کيس لڳو، ته اجهو در کليو، پر اهو هن جو وهم هو. هن دل جي تسليءَ لاءِ وري در جي ڪُنڍي کي ڪجهه زور سان وڄايوڳ، پر اندر ته لڳاتار خاموشي هئي.  سندس منهن تي ڳڻتي وڌندي وئي. هو واپس وريو ۽ کير جون بوتلون  کڻي تڪڙو گاڏي ۾ پيل ٽري ۾ رکيائين. گاڏي اسٽارٽ ڪري مين روڊ تي نڪري آيو. ٽيسڪو شاپنگ سينٽر ڀرسان پبلڪ بوٿ تي اچي ڏهن پينس جو سڪو وجهي، ايمرجنسي هيلپ لائين تي رنگ ڪيائين. پنهنجو نالو ۽ ايڊريس ٻڌايائين. هاڻي اسٽريٿم  جي اسٽريٽ  نمبر ٻي جي گهر نمبر ٻاونجاهه تي پوليس در جي تالي کي ڀڃي گهر اندر داخل ٿي رهي هئي. گهر جي هيٺين حصي ۾ ويهڻ واري ڪمري ۾ هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي پيل هئي. صوفن تي ڪشن، رنگين ٽي وي، سليقي ۽ ترتيب سان ميڊيڪل سائنس وارا ڪتاب پيل هئا. ڪمري جي اندرين شيشي واري در تي پردو پيل هو، جيڪو باغ ۾ پئي کليو. جائزو وٺندي ڪچن جي اُندر کي به چيڪ ڪيائون، جيڪو بند هو. ڪچن ۾ کائڻ واريءَ ننڍڙي ميز تي هڪ ڪوچ ۽ گلاس پيل هو. هر شيءِ پنهنجيءَ جاءَ تي پيل هئي.

Let us go up stairs  هڪ پوليس آفيسر ٻئي کي چيو. مٿي ويندي ڏاڪڻ کي تڪڙو طي ڪري ٻئي ڄڻا سمهڻ واري ڪمري جي در تي پهتا. انهن مان هڪ ڄڻي در کي زور ڏنو ته در کلي پيو. سامهون وڏي دري هئي ۽ ڀر ۾ رائٽنگ ٽيبل پيل هئي. ڪرسيءَ تي هڪ شخص ويٺل هو، جنهن جو مٿو ٽيڪ واري انداز ۾ پر ڪنڌ ڪجهه پاسيرو لڙڪيل هو. هڪ ٻانهن لڙڪيل ۽ ٻي هنج ۾ هئس. قلم هيٺ ڪريل هو. پوليس وارن جلدي اچي کيس جانچيو. هن جون اکيون ننڊاکڙيون هيون. وارن ۾ سليٽي رنگ جا وار به گهڻائي ۾ هئا. کيس اڇي رنگ جو هاءِ نيڪ، سوئٽر ۽ ڪاري پتلون پهريل هئي. قداور ۽ مردانگي ۾ وجيهه هو. آفيسر سندس ٻانهن کي جهلي نبض ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس جسم جي گرمائش ظاهر ڪري پئي ته ٻئي جهان ۾ پير رکندي کيس گهڻي دير ڪانه ٿي هئي. هو ننڊ جي اهڙي گهيرٽ ۾ هو جو کيس جاڳ ئي نه پئي ٿي. ابدي سڪون ۽ معصوميت هن جي چهري مان ظاهر هئي. اُها حالت ڏسي هڪ ڄڻي ايمبولينس ۽ ڪجهه ٻي نفري پهچي ويئي. ڪمري جو واءُ سواءُ وٺندي کين ٽيبل تان ڳاڙهي رنگ جي مخملين ڪور واري ڊائري ملي. جنهن جي پهرين ورق تي فون نمبر سان گڏ ايڊريس لکيل هئي. اُها ايڊريس ڊاڪٽر ظفر جي هئي. آفيسر موبائيل تي ظفر سان رابطو ڪيو. ظفر اهو ٻڌي تڪڙ ۾ گاڏي ڊرائيو ڪري اسٽريٿم  پهتو. هو اُن ساڳي ئي ايريا ۾ رهندو هو، پر ٿورو پرڀرو گهر اڳيان ايمبولينس ڏسي سندس دل پيرن ۾ اچي پيئي. هو سندس من گهريو دوست هو. سندس دوستي کي ويهه کن ورهيه ٿي چڪا هئا. هو ڏاڪڻ جا ڏاڪا اورانگهيندو ڪمري ۾ داخل  ٿيو. هُو هن مٿان ذري گهٽ وڃي ڪِريو. ظفر جي دل درد سان ڀرجي ويئي. سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو:

Be patient Mr. Zafar….! He is no more…. But he was all right…. We together on duty at the Hospital.

هو پنهنجي ڪاروائي ڪندا رهيا. ڊيڊ باڊيءَ کي ايمبولينس ۾ رکرايو ويو. هن جون ذاتي شيون ۽ هڪ ڊائري ظفر کي ڏيندي چيو:

We got your address from this diary….Some pages are written in some other language….May you understand it and help to know about his last wish.

ظفر کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. هن ڪڏهن به ڪنهن تڪليف يا بيماري جو اظهار نه ڪيو هو. خيال اِهو ئي هو ته هارٽ فيل ئي هن جي زندگيءَ جو ڏيو اُجهايو آهي!

ظفر ڊائري ۽ ذاتي شيون ساري سنڀالي کنيو، جن جي لسٽ آفيسر پاڻ وٽ رکندي ظفر کان صحيح ورتي. هن جي گهر کي سيل ڪري سڀ ٻاهر نڪري آيا. ظفر گهر پهتو ته شهلا گاڏيءَ جو آواز ٻڌي در کوليو. هوءَ ظفر کي ڏسندي ئي چپ ٿي ويئي. ظفر جون اکيون سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيون هيون، تنهن هوندي به هن پڇيو.

”ڇا ٿيو ظفر، خير ته آهي؟“

”شهلا، هُو اسان کي ڇڏي ويو هميشه لاءِ.“ هن گهر ۾ داخل ٿيندي چيو.

”هي هٿ ۾ ڇا اٿئي؟“

”هي هُن جي ڊائري آهي.“

 ظفر سڌو اچي سٽنگ روم ۾ صوفي تي ويٺو. پنهنجي جسم کي ڍلو ڇڏي ڏنائين. هُن جي صورت سندس اکين جي آڏو ڦرڻ لڳي. جڏهن کان هُو هن ملڪ ۾ آيو هو ۽ پاڪستان هاسٽل ۾ ٻين شاگردن وانگر اچي ترسيو هو، تڏهن کان وٺي سندس تعلق جڙيو هو. هُو سندس ورم ميٽ ۽ دوست به هو. ٻنهي جو رشتو اچانڪ ائين ٽٽو جيئن لغڙ ڪاٽا ٿي هوا سان گڏ الائي ڪاٿي وڃي نڪري، ۽ خالي ڏور هٿ ۾ رهجي وڃي. سندس پريشان حال ڏسي شهلا وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇي. هوءَ خود ذهني ۽ دلي صدمي جو شڪار هئي. هن اجنبي ملڪ ۾ هو هڪ ٻئي لاءِ آٿت هئا. هڪ ثقافت، هڪ ٻولي ۽ ساڳي ديس جا.

اڪثر هُو سندس گهر سنڊي تي ايندو هو. سوير ۽ گهٽ ڳالهائڻو. سندس اکيون اُداسي جو ديرو هيون. جڏهن هوءَ ظفر سان پرڻجي هن اجنبي ديس ۾ آئي هئي، ۽ پهريون ڀيرو ساڻس ملي هئي ته کيس ڏسي چيو هئائين:”منهنجي ڀاڄائي نه پر ڀيڻ آهين.“ هن پاٻوهه مان سندس مٿي تي هٿ رکي چيو ه. ”سدائين خوش رهندينءَ“ سندس ادا ڪيل لفظن جي حرمت ۽ پاسداري سندس اکين مان ظاهر هئي. شهلا جي اکين مان موتين جهڙا لڙڪ لڙي پيا. گهر ۾ خاموشيءَ جو راڄ هو. ظفر مخملين  ڳاڙهي ڊائريءَ کي پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان کوليو. اُن تي هيٺين تاريخ درج ٿيل هئي.”18-10-1987ع“

جهاز جي ڪيپٽن جو آواز اُڀريو:” جهاز ڪجهه گهڙين ۾ هيٿرو ايئرپورٽ تي لهڻ وارو آهي.“ سندس آواز ڪيڏو نه نفيس آهي. هن ٿورا مڃندي سيفٽي بيلٽ ٻڌڻ جي صلاح ڏني آهي. سڀ مسافر پنهنجا پنهنجا بيلٽ ٻڌڻ لڳا آهن. مون به پنهنجي سيفٽي بيلٽ ٻڌي ورتو آهي. جهاز جي گول دري مان جهاتي پاتم. بتيون جهرمر ڪري رهيون آهن. اکيون بند ڪري ڇڏيم. اندر ۾ اُداسيءَ جي سَٽ اُڀري آئي آ.“ ڪيڏو نه ڏور هليو آيو آهيان. سڀني کان پنهنجي شهر کان، زخمي روح ۽ لٽيل جسم سان“ اِن خيال کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجو مٿو ڪرسيءَتي لاڙي ڇڏيو اٿم.  جهاز هيٺ لهڻ لڳو آهي، ڄڻ هيٺ پاتال ۾ لهندو پيو وڃي! ذهن کي ٿوري دير لاءِ جهٽڪو لڳو اٿم، ۽ پوءِ جهاز رن وي تي لهي پيو. مسافرن جي چهرن تي ٿڪل ٿڪل مُرڪ سفر جي پُڄاڻي کي ظاهر ڪري رهي آهي. جهاز بيهي ويو. مسافرن سيفٽي بيلٽ کولڻ شروع ڪيا آهن. مون به بيلٽ کولي ٿيلهو شولڊر تي لڙڪايو آهي. منهنجي اڳيان هڪ نوجوان جوڙو هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ وجهي هلڻ لڳو آهي. کين هڪ ننڍڙو ٻار آهي، جنهن جي عمر ڇهه مهينا کن ٿيندي. صاف سٿرو، جنهن کي هن پنهنجيءَ چيلهه ۾ ٻڌل جهول ۾ کنيو آهي. سڀئي مسافر هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳا آهن. هاڻي هي مسافر ناهن، جو سندس مسافري ختم ٿي وئي. مسافر ته مان آهيان، جنهن جوسفر شايد ڪڏهن به پورو نه ٿئي. نيرين اکين واري ايئرهوسٽيس گلابي چپن تي پروفيشنل مسڪراهٽ سان هر مسافر کي خدا حافظ چئي رهي آهي. مان مسافرن جي پڇاڙيءَ ۾ بيهي ويس. پٺيان مُڙي ڏٺم ته ڪرسيون خالي ۽ ٻُسيون لڳيون، جيئن سئنيما هال فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ خالي ۽ ٻسو لڳندو آهي ۽ گيٽ ڪيپر دربند ڪري، هيٺ لهڻ مهل ايئرهوسٽيس شڪريو ادا ڪندي خداحافظ چيو آهي. مان به کيس مرڪ ڏئي لهڻ لڳو آهيان. مسافرن کي کڻڻ لاءِ بس بيٺي آهي. سڀ اُن ۾ چڙهي ويٺا آهيون. بس اسان کي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس وارن وٽ ڇڏيوآهي. چيڪنگ ڪرڻ وارا مختلف ٽيبلن تي ويٺل آهن. مان به پنهنجو پاسپورٽ چيڪ ڪرائڻ لاءِ هڪ آفيسر وٽ وڃان ٿو. پاسپورٽ کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ کان پوءِ هن پڇيو:

Are you student? Have you come for studies?

Yes I am

هن ضروري ڪارروائي پوري ڪري مون کي پنهنجو پاسپورٽ واپس ڏنو. موونگ اسٽيئرس تان ٿيندو هيٺ لهي ٽرالي ۾ سامان وجهي ٻاهر نڪتس. ڪوبه نه هو پنهنجو، ڪير به وٺڻ نه آيو هو. ڄامشوري کان جڏهن موڪل ۾ ڳوٺ ويندو هئس ته بولان ميل جيئن ئي بيهندي هئي ته تڪڙ ۾ لهي پوندو هوس ته بابا جي ڀاڪرن ۾ هوندو هوس. گهر اچي امڙ کي پيرين پوندو ئي مس هوس ته هوءَ منهنجي نرڙ تي چميون ڏيندي هئي. ”الا، بُت ۾ ته لهي ويو آهين. منهنجا ٻچڙا شل خوش هجين. جڙيو رهين. هاسٽل جي مانيءَ ته ٻچڙي جا اهڙا بُرا حال  ڪيا آهن. زينت! جهٽ ڪر، گرم گرم مانيون پچاءِ. ڀُڳو گوشت مون تيار ڪري رکيو آهي.“ ايڏو ڪمزور ته نه ٿيو هوس، پر سندس ڳڻتيءَ کي ڏسي کلي لنوائي ڇڏيندو هوس. ته امان چوندي هئي. ”کل ڀري، کلي وٺ. جڏهن پاڻ اولادي ٿيندين ته پوءِ ڏسندين ته ڪيئن ٿو ڪرين“ ۽ مان وڏو ٽهڪ ڏئي امان جي اکين ۾ ليئو پائيندو هوس ته اُتي محبتن جا سمنڊ نظر ايندا هئا.

سندس ڏنل ماکيءَ جهڙي اڻ ميي پيار منهنجي وجود کي ڀورا ڀورا ٿيڻ کان بچائي ورتو هو، پر سندس دعائون مونکي نه لڳيون، ڄڻ خلا ۾ ئي رلنديون  رهيون. ”شل خوش هجين جڙيو رهين“....... ڪنن ۾ ٻُري ٿو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي. لڙڪن کي اندر ۾ پي ڇڏيو اٿم. سامان واري ٽرالي مان سامان لاهي ٻاهر نڪتو آهيان. هيٿرو ٽيوب اسٽيشن تان ارلس ڪوٽ جي لاءِ ٽڪيٽ ورتي اٿم. وري به موونگ اسٽيئر تان لهي پليٽ فارم تي بيٺو آهيان. سرد هوا جو جهونڪو منهنجي وارن ۽ چهري کي ڇهندو لنگهي ويو، اُن سان گڏ ئي ٽيوب به اچي ويئي. در کليا ۽ مان چڙهي پيس. لنڊن شهر جي گائيڊ مون وٽ هئي. جا هر اسٽاپ تي ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪئي اٿم، ته متان ارلس ڪوٽ اسٽيشن لنگهي نه وڃي ۽ پوءِ ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچان! گهڙي کن ۾ منهنجو اسٽاپ اچي ويو. مان لهي پيس. هڪ هجوم هو جو لهي ۽ چڙهي رهيو هو. ماڻهو پنهنجي منهن مشيني انداز ۾ پئي هليا چليا. هر رنگ ۽ نسل جا. ڀورين، ناسي، نيرين ۽ ساين اکين واريون ناريون جن جي ٽئور ڊيل جيان هئي، تنهنجو هلڻ ياد اچي ويو اٿم. سپڪ، پير پير ۾ پائي هلڻ، ايندڙ سڳنڌ، ڄڻ صندل جو ٻورو ۽ ماحول ۾ ڀريل ٿڌاڻ پاسراٽين مان آرپار لنگهي مون کي تڪڙو هلڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو آهي. مفلر کي ڳچيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيو اٿم. هٿ ۾ بيگ آهي ۽ ننڍي ٿيلهي کي ڪلهي ۾ لڙڪائي ڇڏيو اٿم. ٽڪيٽ چيڪر کي ٽڪيٽ ڏيئي ٽيوب اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو آهيان.

ٽيمپريچر ذيرو ڊگري سينٽي گريڊ آهي، رڪارڊ ٿڌ آهي، رستا برف سان ڀريل آهن، پري پري تائين ڪوبه نظر نٿو اچي. اسٽريٽ لائيٽ جي زرد روشنيءَ ۾ هلندو وڃان ٿو ۽ فليٽس جي درين مان ليئا پائيندڙ  هلڪي روشني زندگي جو احساس ڏياري ٿي ته نيٺ Barksons Gardens   اچي ويو. پاڪستان هاسٽل تي پهتو آهيان. بيل وڄائي اٿم. در کُليو، در کوليندڙ به ڪو شاگرد آهي. پاسيرو ٿي اندر اچڻ لاءِ مون کي جاءِ ڏني اٿائين. اونداهو ۽ ٿڌو ڪاريڊور ۽ پارنن ڪارپيٽس مان ايندڙ ڌپ نڪ ۾ گهڙي آئي. وارڊن جو ڪمرو به ويجهو آهي. مونکي در تي ملندڙ اُن شاگرد ٻڌايو. روم نمبر وٺي مٿي چڙهيو آهيان. پهرين فلور تي پنجين نمبرڪمري جو در کڙڪايم. ”دي ڊور از اوپن، ڪم اِن پليز...!“ ان آواز مان خوش مزاجي ظاهر هئي. هو ننڍڙي رائٽنگ ٽيبل تي لکڻ ۾ مصروف هو. اڇي پٿر جي ليمپ تي ڳاڙهي رنگ جو شيڊ پيل هو. هن ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺو ته مون کيس ٻڌايو ”مائي نيم از علي“ هن جا نقش منهنجي ديس جي مارن جهڙا هئا. هن به شآيد مونکي ڄاڻي ورتو هو. سنڌيءَ ۾ جواب ڏنائين“ مان ظفر آهيان، ڊاڪٽر آهيان، هلي آ. در وٽ ڇو بيٺو آهين؟“ ائين چئي هو اُتي مون سان مليو آهي. کيس ٻڌايم ته مان به ڊاڪٽر آهيان ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آيو آهيان. هن مسڪرائيندڙ چهري سان صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ”تون ڏاڍو ٿڪل ٿو لڳين.“ منهنجي جواب ڏيڻ کان پوءِ  هو ڳالهائڻ لڳو” هن سال ته سڄي انگلينڊ ۾ سخت سيءُ پيو آهي، سنو فال جا سڀ پراڻا ريڪارڊ ٽٽي پيا آهن. سني ڊيز ته خواب ٿي ويا آهن ۽ چاندوڪين جو هتي ته تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. سنڌ واسين جو ڪهڙو حال آهي؟“ مون کيس ورندي ڏيندي چيو ته سندن حالتون ائين ئي آهن . هيٽر کي وڌائيندي ظفر چيو ته مان تنهنجي لاءِ ڪافي ٿو ٺاهي اچان.”تنهنجي مهرباني“ ظفر چوڻ لڳو”تون ڪپڙا بدلاءِ، سامهون هي ٻيو وارڊ روب تنهنجو آهي. سامان کولي، سيٽ ڪري توکي ڏيان.“ ”اهو سڀ ڪجهه سڀاڻي ڪنداسين.“ مون کيس جهليو. هڪ دفعو وري به تنهنجي مهرباني. هي مهرباني مهرباني جي ڇا رٽ لڳائي ويٺو آهين؟ هاڻي ته گڏ رهبو ۽ پڙهائي به گڏ هلندي. يار، مون کي پاڻ اڪيلائپ کائڻ لڳي هئي.“ مون کي ڏاڍو پيار وارو ۽ پولائيٽ لڳو. هن ٻڌايو ته ڪچن بيسمينٽ ۾ آهي، جلدي ٿو اچان. ائين چئي هو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. مان اڃان ڪپڙا چينج ڪري ويٺو ئي مس هئس ته هو ڪافي ، مکڻ لڳل بريڊ ۽ اوٻاريل ٻه آنا کڻي آيو. يار اڄوڪي رات ان تي ئي گذارو ڪرڻو پوندءِ. منهنجي لاءِ ڪافيءَ جو ڪپ ئي گهڻو هو، تو ته صبح جو ناشتو ڪرائي ڇڏيو. ظفر کلي چيو، ته يار معاف ڪجانءِ، ڀوڳ پيو ڪرايان. مون کي ڪافي ، بريڊ ۽ اوٻاريل آنن ڏاڍو مزو ڏنو. سيءُ ۽ ڊگهي سفر مون کي ٿڪائي ڇڏيو هو ڪافي وقت گذري ويو آهي. علي سمهي پئو. هن گهڙيال ڏانهن نهاريندي چيو. مان به ڪمري ۾ ٻن پلنگن مان هڪ تي وڃي ليٽي پيس.

ٻئي ڏينهن ڪاليج آف ميڊيسن اينڊ فزيشن جي رجسٽرار سان ملي کيس پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنم ۽ داخلا جي ڪنفرميشن جو ليٽر ورتم ۽ پنهنجي پڙهائيءَ ۾ جنبي ويس. وقت ڄڻ ته ڪانڪرڊ هو، جنهن اک ڇنڀ ۾ زندگيءَ جو روپ بدلائي ڇڏيو هو. ظفر سان دوستي ذهني هم آهنگي ۽ بنا ڪنهن مفاد جي ڪري پڪي رنگ ۾ رنگجي ويئي. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي ”ڪرامويل“ هاسپيٽل ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ظفر نه هجي ها ته شايد مان هتي ايڊجسٽ نه ٿي سگهان ها. اِن وچ ۾ ظفر حيدرآباد ويو هو. شادي ڪري پنهنجي ونيءَ سان موٽي آيو. ايئرپورٽ تي کين رسيوو ڪرڻ ويو هوس. هن جي اکين ۾ مون کي پنهنجي ڀيڻ جو عڪس نظر آيو هو. شهلا ڪيڏي نه سهڻي سڀاءُ واري هئي، جيئن ڀيڻ ٿيندي آهي. منهنجي دل مان دعا نڪتي ۽ مون بي اختيار چيو هو، هميشه خوش رهين! مان واپس ورڻ لاءِ گهروارن کي لکندو هئس ته هو هميشه اهو ئي لکي موڪليندا هئا ته هاڻي ته توکي برٽش قوميت به ملي ويئي آهي، ۽ سٺي نوڪري پڻ!  گهر گهاٽ ۽ سڀ ڪجهه. اسان لاءِ اهو ئي  گهڻو آهي ته تون حيات آهين، خوش آهين(خوش آهيان الائي نه، مان پنهنجو پاڻ کان  پڇندو هوس ته پاڻ کي چئوواٽي تي بيٺل ڏسندو هوس) امڙ ٽيليفون تي ڳالهائيندي هئي ته چوندي هئي ته شادي ڪري ڇڏ. تون محفوظ آهين. لتنهنجي حياتي کي ڪوبه خطرو ناهي. شهلا ڌيءُ کي چئو تولاءِ ڪنوار ڳولهي. تنهنجي لاءِ پڇندو هوس ته صاحبه ڪيئن آهي ته لنوائي ويندي هئي. نيٺ ٻڌايائين ته هوءَ پرڻجي ويئي آهي، پر ذهني طرح سان هو ويڳاڻي ۽ صدمي جو شڪار ٿيڻ ڪري سنئين ناهي. پٽ تون وساري ڇڏ هنکي، سڀني ڳالهين کي، پر  پر امان ڪيئن؟ ڪا تدبير به ته ٻڌاءِ. هو لاجواب ٿي ويندي هئي. توسان وري ڳالهائينديس. چئي فون رکي ڇڏيندي هئي. منهنجا مائٽ خوفزده ٿي ويا هئا،کين اُلڪو هو ته اها باهه ڀنڀٽ ٿي سڀ ڪجهه ٻاري ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ان ڪري ته هنن مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ديس موڪلي ڏنو هو، جنهن جي لاءِ مان راضي نه پئي ٿيس.

تنهنجو گول مُک ائين آهي جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ املتاس مٿان اُڀري ۽ تنهنجي سونهن ڄڻ چانڊوڪيءَ جو ڦهلاءُ . تنهنجي ياد ٿوهر جا ڳاڙها گل. ننڍپڻ ۾ ڊوڙون ۽ هڪ ٻئي کي شرارت سان چيڙائڻ ۽ پرچاءُ ڪرڻ چڱي نموني ياد اٿم. ماسي گلان جي کُٿاب ۾ وڃي سبق کي ڀيرا ڏيئي اک ٽيٽ سان هڪ ٻئي ڏي نهاري مشڪڻ ۽ ماسي جو اڙي ڪري اهو چوڻ ته هيڏي هوڏي ڇو ٿا نهاريو، ماٺ ڪري پڙهو، وري ڪنهن ڳالهه تي اَٽڪڻ، ماسي جو ڪاوڙجي پوڻ، اڙي توکي چڱي دير تائين سزا ڏيئي ڪري ۽ مون کي موڪل ملڻ تي توکي اشاري سان ٻڌائڻ ته مان وڃان ٿو. اڄ تنهنجو منهن سُڄائڻ مون کي ياد آهي. ٻاهر اچي تنهنجي اچڻ لاءِ ترسي پوندو هوس ۽ تون مون کي ڏسي خوش ٿيندي هئينءَ واپسي تي ڊڪڻ ۽ ريس پڄائڻ ناهي وسريو. اُهو وقت ائين ويو جيئن ريل گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهي ئي نه، ۽ هلندي هلي ۽ اسٽيشن گذري وڃي.

توکي قرآن شريف ۽ پنج درجا پڙهائي گهر ويهاريو ويو ۽ پوءِ مان اڪيلو ٿي پيس. ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ننڍو هوس. لاڏ ڪوڏ سڀني پئي کنيو، پر الائي ڇو منهنجي معصوم منهن تي هڪ مونجهه لهي آئي هئي. بابا سائين منهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيندي پيٽاري ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. ننڍي عمر ۾ ئي گهرڀاتين کان ڌار ٿي ويس. ڌيري ڌيري من تان اُها گهنگهور گهٽا ڇڊي ٿيندي ويئي. سوئمنگ، گهوڙيسواري ۽ ميوزم جهڙين مشغولين منهنجي من تي خوشگوار اثر وڌو. هاڻي تنهنجي ياد ائين هئي. جيئن چنڊ ڪڪرين ۾ لڪي وڃي. بابا جو خيال هو  ته مان ڊاڪٽر ٿيان. سندس زور ڀرڻ تي مون کي به دلچسپي پيدا ٿي. وقت ائين گذري رهيو هو. جيئن بلبل جو ريشم جهڙو پر، هٿ ۾ جهلي جهٽي نه سگهجي.

انٽر سائنس جو امتحان ڏيئي چڪو هوس، مون کي امڙ کي ٻڌايو ته سگهو گهر پهچ جو ويڙهي ۾ شادي آهي. ڳوٺ پهتس، امان ۽ ڀينرون ڀاڪر پائي مليون، کين ٻڌايم ته فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندس ته بابا ڏاڍو خوش ٿيو. سندس دل جي تمنا هئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان ۽ هڪ وڏي اسپتال قائم ڪيان.

زهره جي شادي پنهنجي سوٽ سان آهي، ادي چيو. پٽ تون به هٿ ونڊائجانءِ نه ته چاچهن ڪاوڙ ڪندو. چاچا نجيب بابا جو سئوٽ هو. تون فڪر نه ڪر امان، هر شيءِ وقت تي ٿيندي. آخر لانئن وارو ڏينهن به آيو. توکي هيترن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو ڏٺم. چاچا سخت مزاج هو، سندس نياڻين کي پنهنجي مٽن مائٽن ۾ به اچڻ وڃڻ جي جهل هئي، سواءِ شادي مرادي يا موتي فوتيءَ تي،

منهنجي اک تو تي وڃي پيئي. تون اُها نه هئينءَ، ڄڻ اپسرا هئي جا ڌرتي تي لهي آئي هئي مان حيران ٿي ويس. تنهنجي هٿ ۾ چانديءَ جي گلاس ۾ کير هو، جو تنهنجي هٿن ۾ ٻسو پئي لڳو. مون توکي گهڻي وقت کان پوءِ ڏٺو هو. سنهڙي چيلهه، رنگت سون جهڙي، گلابي وڳي ۾، جنهن جي ڇاپ تنهنجي ڳلن کي وڌيڪ گلابي بنائي رهي هئي. ڳچيءَ ۾ هڪ لڙي دهري جا مڻيا پئي چلڪيا. ڪنن ۾ جهومڪ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ، ٽشو جو رئو تنهنجي مٿي تان کسڪندو پئي ويو ۽ تو هر هر کسڪندڙ رئي کي مٿي تي رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. منهنجي ائين ڏسڻ تي تو پنهنجون اکيون هيٺ پئي ڪري ڇڏيون. مون تنهنجو نالو کنيو ته تو ڪوبه جواب نه ڏنو. تنهنجي اکين جا ڇپر کڄي وري جهڪي ٿي ويا، ڄڻ مون مسافر لاءِ تو وٽ ڪا ڇانوَ نه هئي.

سارا ضبط ٽٽڻ لڳا. صاحبه پليز منهنجي ڳالهه ٻڌ، مان وچ ميڙ مان کيس هٿ ۾ جهلي پاسي تي وٺي وڃڻ لڳس. کير ڇلڪي پيو. آَئي امان ڇا ٿي ڪرين، ڏسي ته هل، سڄو کير ڇلڪي ڪِري پيو صاحبه جي ماروٽ ياسين،جنهن جون اکيون اسان جو پيڇو ڪري رهيون هيون، مون گهٻرائجي هن جو هٿ ڇڏي ڏنو( جنهن کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ سڄي عمر ڀوڳي اٿم) سڀني اسان ڏي پئي ڏٺو، ٿوري ديري لاءِ، پر پوءِ هرڪو سيج تي ويٺل ڪنوار ۽ گهوٽ کي لانئون ڏيڻ لڳو. ساٺ سنوڻ ٿيندا رهيا، پر مان توکي ڏسندو رهيس. تون به رکي رکي مون ڏانهن نهاريندي رهئين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com