1.
Word processing
ڪي بورڊ تي لکڻ
2.
Word Weaver
صحيح لفظ جي چونڊ لاءِ ليڪسيڪن ۽ ٿيسورس
3.
Compupom techniques
4.
Springboard and dialogue software
5.
Spell Check, grammar check
نئشنل لئنگئيج اٿارٽي ان ڏس ۾ نه رڳو اردو لاءِ
پر 36 ٻين ٻُولين لاءِ، خاص ڪري سڀني پاڪستاني
ٻولين لاءِ آس ڪي -2 ڪوڊ پيج ۽ ڪي بورڊ لاءِ ڪم
ڪيو آهي، ان ڪري هاڻ خود سنڌي ٻوليءَ کي جينسيس
آءِ ٽي ٽيڪسرس جي ضرورت آهي، پريزيڊم مان مسعود
اشعر چيو: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته مون کي ان
سيشن جي صدارت لاءِ ڇو رکيو ويو- جڏهن ته آءٌ رڳو
ڪمپيوٽر آن ڪيان ٿو. ان تي اي ميل پڙهان ٿو. ڪجهه
اي ميل موڪليان ٿو. دنيا جون اهم اخبارون ۽ خاص
طور سان اسان جي پاڙيسري ڀارت جون اخبارون پڙهان
ٿو. رينڪانرائنن هتي ويٺي آهي”انڊين ايڪسپريس“ ۾
مان هن جا ڪالم خاص طور سان پڙهندو آهيان، جو هوءَ
ڏاڍو سٺو لکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هتي اليڪٽرانڪ
بوڪ جون ڳالهيون پيون ٿين، پر مان سمجهان ٿو ته
ڪاغذ سان اسان جو رشتو ٽٽي نه ٿو سگهي. اسان کي
پنهنجي زبان کي ۽ اُن جي اسڪرپٽ کي آءِ ٽي سان
گڏجي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. مسعود اشعر گهڻيون
ئي علميت سان پُر ڳالهيون ڪيون. جڏهن هن جي مٿان
اشوڪ ڪوشيءَ کي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو ويو، ته هو ڏاڍو
تڪڙو اسٽيج تي آيو ۽ پاسي تي رکيل تختو ڇڪي اُن تي
تڪڙو چڙهي بيٺو ۽ مسعود اشعر(جيڪو ڊگهو ۽ قداور پڻ
هو) ڏانهن نهاري چيائين
Any way I need this pedestal to reach you!
اُن تي هال ۾ هڪ وڏو ٽهڪ ٻُريو. هن دهشت گرديءَ جي
ڳالهه ڪئي ۽ اُن کي ننديو. هن ايڊيٽنگ ۽ ري
ايڊيٽنگ جي اهميت ۽ افاديت تي ڳالهايو. ان سيشن کي
شعيب هاشميءَ ڪنڊڪٽ ڪيو هو ۽ هن پنهنجي دلچسپ
ڳالهين سان آءِ ٽيءَ جي ڳوراڻ کي سڀني لاءِ سهپ
جوڳو بڻائي ڇڏيو. هڪ مختصر وقفي کان پوءِ اختتامي
اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مستنصر حسين تارڙ ٺهراءُ ڪميٽي
پاران تيار ڪيل ٺهراءُ منظوري لاءِ پيش ڪيا.
ٺهرائن مان ڪجهه ٺهراءُ هئا، نصابي ڪتابن ۾ تعصب
پرستيءَ کي ٻنجو ڏنو وڃي، ۽ اهڙو مواد نصاب مان
خارج ڪيو وڃي. امن جي بحاليءَ لاءِ اديبن کي
پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪانفرنس جا
سڀئي شريڪ ڏکڻ ايشيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ
علائقو ڏسڻ چاهين ٿا. سارڪ ملڪن جون حڪومتو انساني
حقن جو احترام ڪن. ڊاڪٽر نامور سنگهه تجويز ڏني ته
سارڪ رائٽرس جو پنهنجو لوگو ۽ الڳ جهنڊو هجي ۽
هڪڙي تجويز اها به ڏنائين ته اديبن جي ڪاپي رائيٽ
جو قانوني تحفظ اديبن کي ملڻ کپي. ٺهرائن ۾ اهو به
عهد ڪيو ويو ته سارڪ جا سمورا اهل قلم امن يگانگت،
رواداري ۽ محبت جي فروغ لاءِ تاريخي، ثقافتي ۽
سماجي رشتن کي مضبوط بڻائيندا، تجزياتي ۽ تخليقي
تحريرن جي مٽا سٽا سان امن ۽ اخوت جو ماحول ٺاهڻ ۾
گهڻي مدد ملندي. سارڪ ملڪن جون حڪومتون هٿيارن تي
خرچ ڪرڻ بدران انساني ڀلائي ۽ بهبود جي منصوبن تي
پيسو خرچ ڪن. هندستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن پاران
امن لاءِ ڪيل ڪوششن جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سارڪ ملڪن
جو ادب هڪ ٻئي جي ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ اديبن ۽
دانشورن جي تعاون تي زور ڏنو ويو. هن خطي جون
عورتون گهڻي ظلم ۽ استحصال جو شڪار آهن، ان ڪري
نسائي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو.
ڪتابن، رسالن، ڇپيل مواد، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي
پروگرامن جي مفت يا گهٽ اگهه تي ترسيل کي ممڪن
بڻايو وڃي، جيئن ادبي مٽا سٽا آسانيءَ سان ٿي
سگهي. اديبن ۽ شاعرن کي ويزا جي پابندين کان آجو
ڪيو وڃي، جيئن هو سارڪ جي سموري خطي ۾ آزاديءَ سان
اچي وڃي سگهن.
آخري سيشن کي پريزيڊيم ۾ ويٺل رميش چندرا، نامور
سنگهه، اجيت ڪور، ۽ هن هيڏي وڏي پروگرام کي
ڪاميابيءَ سان پار پڄائيندڙ پاڪستاني ميزبان ڪشور
ناهيد ڳالهايو- ۽ اُن ڏينهن ڪشور ناهيد دل جون
ڳالهيون ڪيون. هن اُنهن سمورين مشڪلاتن جي پوتاميل
بيان ڪيو، جن مان گذري هي ڪانفرنس هڪ حقيقت بڻي.
هن اُنهن سڀني دوستن جو گهڻي محبت سان ذڪر ڪيو، جن
جي سهڪار کان سواءِ هي ڪانفرنس برپا ڪرڻ جو خواب
اڌورو رهي ها ۽ ان ڏينهن هال ۾ پرزور فرمائش تي
ڪشور ناهيد نظم پڻ ٻڌايو. اجيت ڪور آخر ۾ چيو ته
خدا حافظ لاءِ گجراتيءَ ۾ هڪ ڏاڍو سهڻو لفظ آهي
.”آئوجو“ يعني اينداسين. ائين ئي بنگالي ۾ پڻ هڪ
لفظ آهي”آسون“ سو ان ڪري خدا حافظ يا موڪلاڻي
ناهي... وري ملنداسون!
چانهه پي گهڻن هڪ ٻئي کان موڪلايو، پڇاڙڪيون رهجي
ويل تصويرون نڪتيون،. اُن کان پوءِ سارڪ جي ستن ئي
ملڪن جي اديبن هٿ هٿ ۾ ڏيئي”امن لاءِ مارچ“ ڪيو.
ان ڏينهن مارچ ڪندڙ اديبن جو رڳو هڪڙو ئي نعرو هو
We want Peace
امن کپي چوندڙ-اجيت ڪور جا ”امن جا ڪبوتر“ لاهور
آرٽس ڪائونسل کان چيرنگ ڪراس تائين مارچ ڪن ٿا.
واپسيءَ تي هڪڙي ڪوسٽر انارڪلي وئي. هڪڙي هوٽل تي
آئي. بنگلاديش جي وفد کي اُن رات ئي روانو ٿي وڃڻو
هو، ان ڪري آءُ زبيده گلشن آرا سان گڏجي سندس روم
۾ ويس ۽ هن سان هڪ مختصر ڳالهه ٻولهه ۽ ڪجهه
بنگالي گيت رڪارڊ ڪيم. اُن رات جي ڊنر الحمرا جي
خوبصورت لان ۾ پنجاب حڪومت پاران ڏنل هئي. اُتي هڪ
مختصر ميوزيڪل پروگرام پڻ هو. اُتي اسد امانت علي
انتهائي خوبصورت پرفارمنس ڏني. اُن رات پڻ ڪجهه
نون ماڻهن سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو، خاص طور سان
ڊاڪٽر ڪرسٽينا سان ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان خاص
ڪچهري ٿي.
ٻئي ڏينهن اسان جا ميزبان نصرت شيخ، محسن ڊار ۽
نويد اسان کي لاهور جي سير لاءِ وٺي ويا- لاهور
ڏسي مون پنهنجين پراڻين يادن کي تازو ڪيو. رينوڪا
نرائنن جهڙي ذهين ۽ پياري سرتيءَ ۽ ٻين دوستن جي
ساٿ ۾ اُهو سير هڪ يادگار سير هيو. منجهن جي ماني
هڪ خوبصورت چائينيز ريسٽورنٽ ۾ کاڌي سين. اُن کان
پوءِ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند جي شاپنگ ڪئي.
رينوڪا پنهنجي ڀاءُ لاءِ شلوار قميص خريد ڪيا، ته
مون پنهنجي سانول لاءِ لاهور جي شيڊو ورڪ جو شلوار
ڪرتو خريد ڪيو. ٻارن لاءِ سي ڊيون ورتيون ۽ مڪي ۾
رهندڙ پنهنجي اڪلوتي ڌيءَ لاءِ بوتيڪ تان ٺهيل
ٺڪيل ڊريس ورتم. پوءِ مان ۽ رينوڪا گڏجي ڪتابن جي
دڪان تي وياسين ۽ ڪافي سارا ڪتاب خريد ڪياسين.
هوٽل تي اچي ڪوسٽر مان لهندي ئي مون سڀني سان
موڪلايو. سامان پيڪ ڪري، ڪائونٽر تي اچي چيڪ آئوٽ
لاءِ چيم ۽ لائونج ۾ ويهي ڪافي پيتي سين. هر ڪنهن
ويندي ويندي، هڪ ٻئي سان گهڻي سڪ اڪير مان وري ملڻ
جي انجام سان موڪلايو پئي. شام ڇهين بجي سڀئي باقي
بچيل اديب ديوان خاص ۾ اچي ڪٺا ٿيا. وفد جي هوٽل ۾
ترسيل اديبن سان لاهور جا اديب ثروت محي الدين،
نيلم احمد بشير، صديقه، محمد جميل، قاضي جاويد،
عطيه سيد، جاويد شاهين، منو ڀائي ۽ انتظار حسين سڀ
اچي اُتي ڪٺا ٿيا. هتان کان سڀني کي گڏجي ڪانفرنس
جي آخري ڊنر تي وڃڻو هو. محفل هلندي آءٌ ۽ ڊاڪٽر
آصف فرخي اُٿياسين. مون چيو: سنڌيءَ ۾ چئبو آهي
”ميڙو متل ڇڏجي“، سو اسين ميڙو متل ڇڏي وڃون ٿا ۽
سنڌيءَ ۾ موڪلائڻ مهل چئبو آهي”سدائين گڏ!“
تبصرا
انسان جي تاريخ
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي بنيادي طور تعليمي ماهر ۽
تاريخدان هئڻ سان گڏ دينيات جو ڄاڻو صاحبِ ذوق
اديب آهي، هيل تائين سندس
Education in Sindh: past and present
۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل تحقيقي مقالو
”تارخ باب الاسلام سنڌ“ کان سواءِ شاعريءَ جا ٻه
مجموعا شايع ٿيل آهن، جيڪي سندس تعليمي ۽ مذهبي
تاريخ جي ڄاڻ جي ساک ڀرين ٿا ۽ کيس هڪ محقق جي
حيثيت سان سڃاڻپ ڏين ٿا.
تازو
سندس ڪتاب ”انسان جي تاري“ (ٻن حصن ۾) شايع ٿيو
آهي. مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي سموري زندگيءَ
دوران ڪيل وسيع مطالعي ۽ اڀياسي عرقريزيءَ جو
نتيجو آهي. جيڪو پڙهندڙن لاءِ هڪ تحفي کان ڪنهن به
طرح گهٽ ناهي. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق، هن هيءَ
ڪتاب لکڻ ۾ ڇهه سال صرف ڪيا آهن ۽ ڪتاب ۾ ڏنل
ببليو گرافيءَ مان پتو پوي ٿو ته پاڻ مذهب، فلسفي،
سائنس، آثارِ قديه، سماجيات، سياسيات، اقتصاديات ۽
علم الانسان سان لاڳاپيل ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي
مشتمل ڪتابن جا ورق ورائي پڙهيا ۽ پرجهيا آهن،
جنهن لاءِ سندس محنت محبت ۽ لگن کي ساراهڻ کان
سواءِ رهي نٿو سگهجي.
کيس سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿئي 5- 7 سال ٿيا
هوندا، انهيءَ مختصر عرصي دوران پاڻ جيتري مقدار
جو تحقيقي ڪم ڪيو اٿس، اُهو ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر
صاحب ڪيڏو نه جاکوڙي جوڌو آهي، جنهن پنهنجو وقت
وڃائڻ بدران علمي ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقف ڪري اهو
ثابت ڪيو آهي ته هو اڃا گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها،
جيڪڏهن سرڪاري ذميوارين کان آجو هجي ها. اسان کي
وري به کانئس اُميد آهي ته هو انهيءَ ميدان ۾ اڃا
به وڏا ۽ بهتر معرڪا سر ڪندو.
انسان پنهنجي زندگيءَ جي بقا ، سوچ ۽ فڪر جا مختلف
مرحلا طئه ڪري هاڻي جنهن موڙ تي بيٺو آهي، اها
سموري جاکوڙ ۽ جدوجهد سندس تاريخ آهي، جيڪا نهايت
سبق آموز، دلچسپ، حيرت انگيز ۽ سوچ جو سامان ميسر
ڪري ٿي. هُن ڪهڙا مذهب اختيار ڪيا، ڪهڙن نظرين سان
واڳيل رهيو ۽ انهن کي رد ڪري وري ڪهڙا نوان نظريا
تشڪيل ڏنا ۽ اطمينان سان سک جو ساهه کڻڻ بدران اڃا
ڪهڙن نون اُفقن جي گسن جي ڳولا ۾ سرگردان آهي، اها
مسلسل جستجو نهايت دلچسپ ۽ مهم جوئي سان ڀريل آهي،
جيڪا سندس فطرت جو اڻ ڇڄندڙ حصو آهي. مذڪوره ڪتاب
انهيءَ ڳالهه جي اُپٽار ڪرڻ جي هڪ اهڙي ڪوشش آهي،
جيڪا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اضافي طور تسليم ڪئي
ويندي.
مذڪوره ڪتاب(حصو پهريون) تي طائرانه نظر وجهڻ سان
اهو پتو پوي ٿو ته فاضل مصنف ڪائنات جي تخليق،
ڌرتيءَ جي تاريخ، انسان، مذهب ۽ تهذيب ۾ بني
اسرائيل ۽ بني اسماعيل قومن جي ترقيءَ جو ڇيهه
اسلام تي ڪيو آهي، جڏهن ته صيهونيت ۽ عيسائيت جي
جدا مذهبي حيثيت نروار نه ڪئي اٿس. اهو سمورو
احوال ”احوال الانبياءَ“ ”قصص القران“ ، ”توريت
مقدس“ ۽ ٻين مذهبي ڪتابن تان آڌاريل آهي.
گڏوگڏآرائي قبيلن جي هڪ گروهه جو ايران ۽ پوءِ
يورپ ڏانهن اُسهڻ ٻئي گروهه جو هندوستان پهچي
آهستي آهستي منظم ٿيڻ ۽ پوءِ دراوڙي نسل جي ماڻهن
سان گڏجي هندو ڌرم ۽ اُن جي فلسفي جي بنياد وجهڻ
جو تفصيل بيان ڪيو اٿس جنهن لاءِ گهڻو ڪري ٻين
ڪتابن سان گڏ پروفيسر اي ايل بشم جي ڪتاب
The Wonder, that was India (1985)
۽ جواهر لال نهرو جي ڪتاب
The Discovery of India(1945)
کي آڌار بنايو ويو آهي.
جيئن ته ڪتاب جو عنوان ”انسان جي تاريخ“ لکيو ويو
آهي، تنهنڪري انهيءَ موضوع کي وسيع ۽ جامع معنيٰ ۾
وٺي، ڪائنات، زمين، انسان ۽ سندس مختلف مذهبن ۽
تهذيبن جي ارتقا جي پس منظر ۾ انساني فڪر ۽ فلسفي،
سائنس عقلي دليلن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پرکجي ها
ته هن ڪتاب جو دائرو وسيع ٿئي ها، ۽ پکيڙ ۾ دنيا
جي سڀني ماڻهن جي ذهني اُڏام، توڙي ۽ نون گسن جو
احاطو ٿي سگهيا ها. مذڪوره ڪتاب ۾ جتي صيهونيت ۽ عيسائيت جي کوٽ محسوس
ٿئي ٿي.
اُتي اهو به شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي
ڄاڻ بابت ڪجهه بنيادي ۽ مستند ڪتابن جهڙو ايس راڌا
ڪرشن جا
The Hindu View of life (1921) ۽
Bhagavad-Gita
هينرخ زمر جو
The Philosophies of India (1951) مئڪسن جا ترجمو ڪيل ”ويد ۽ اُپشنڊ“ سوامي
پراونند ۽ ڪرسٽافر ايشرود جي ترجو ڪيل
Bhagavad-Gita سوامي نرويدانند جو
Hinduism at Glance( 1946)
نکل آنند جو
Essence of Hinduism(1948
۽ ايس راڌا ڪرشنن جي ايڊيٽر شپ هيٺ شايع ٿيل
The History of philosophy Easter &Western
جو اڀياس ڪري ها ته هندو ڌرم جي اُپٽار ايتري
مبهم نه هجي ها. جيئن ته مواد جا حوالا انگريزي
ڪتابن مان ڏنا ويا آهن، اُنڪري گهڻُو ڪري اُهي
نالا به صحيح اُچارن سان الٿو نه ٿي سگهيا آهن.
اُن کانسواءِ هندو ڌرم مان ڦٽي نڪتل ٻڌڌرم بابت
ڪوسمبي جو ڪتاب ”گوتم ٻڌ“ ۽ ”ڌم پد“ ۽ ٻيا لاڳاپيل
ڪتاب ۽ جين ڌرم بابت ڪي مستند ڪتاب مطالعي هيٺ
آڻجن ها ته کوٽ جو احساس نه ٿئي ها.
هن ڪتاب ۾ جتي ڪنفيوسنزم ۽ زردشتين جو ذڪر آهي،
اُتي بهائي فرقي ۽ سک مت کي پڻ نظرانداز ڪيو ويو
آهي.
سنڌ جي تاريخ تسلسل ۾ جتي دراوڙي تهذيب جي نمائنده
منارن، آھاٽن آثارن ۽ موهن جي دڙي جو ذڪر ڪيو ويو
آهي، اُتي بعد ۾ خال ڇڏي، ميرن جي حڪومت جي
پڄاڻيءَ تي تاريخي تسلسل جو در بند ڪيو ويو ۽
انگريزن جي راڄ جي شروع ٿيڻ سان سماجي، سياسي
۽اقتصادي جاڳرتا جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويو
آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خال آهن جيڪي انسان
تاريخ جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجن ها
مثال طور:
*
آڳاٽي زماني جي جهاز راني ۽ تجارت بابت ڄاڻ ڏني
وڃي ها. انهيءَ ڪرت ۾ فينيقي لوڪن جو وڏو عمل دخل
هو، جيڪي اُتر اولهه جي سامي نسل مان هئا. انهن جي
ابتدا جو مسئلو تڪراري آهي. ڇا اهي سنڌ جا پڻي يا
فيويشن لوڪ هئا، جن بابت تاج صحرائي پنهنجي مقالي
۾ چيو آهي ته اهي سنڌي هئا.
*
اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾، اسلامي فتحن سان
گڏ مختلف سمنڊن مان گذرندي، وقت جي تعين ۽ تارن جي
سڃاڻن جي ضرورت تحت طرفن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ عرب
ملاحن جو وڏو ڪردار هو.
*
وائڪنگ لوڪ ڪير هئا؟ اُهي پنهنجي نالي جي حوالي
سان ڏاڍا بدنام هئا. انهن جي باري ۾ معلومات ڏيڻ ۾
اچي ها.
* ڇا منگولس جو ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي؟
*
آفريقا جي ساحلي ۽ جزائري تهذيبن جي تاريخ ۽ آثارِ
قديمه اُتي جي رهاڪن جي نشاندهي ڪن ٿا. اُتان گهڻن
رنگبرنگي اثرن ۽ تهذيبن گڏجي هڪ مشرقي ۽ مغربي
آفريقي تهذيب کي جنم ڏنو، سنڌ ۾ يا آمريڪا کنڊ
ڏانهن انهن جي منتقلي تاريخي حادثو ناهي؟
*
ڏور مشرق جي مختلف ملڪن، جن ۾ چين، جاپان، ٿٻيٽ،
آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا، انهن جي
رهاڪن جي تاريخ ۽ تهذيب جو ذڪر ڪيو وڃي ها.
*
جيتوڻيڪ اهو مڃيو وڃي ٿهو ته آمريڪا جا اوائلي
باشندا آبنائي بيرنگ پار ڪري آيا هئا، پر نسليات
جي فرينچ ماهر پال رپورٽ اهو ثابت ڪيو آهي ته
آسٽريليا جا ماڻهو اينٽارٽڪا پار ڪري 600 ق. م. ۾
ڏکڻ چلي ۽ پتاگونيا پهتا هئا ۽ ميلاتشي ۽ پولي
نيشي لوڪ اُتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ جي
ڪنارن تي پهتا هئا. اُنهن جو ذڪر انهيءَ ڪري به
اهم آهي جو اهي دنيا جي وڏي خطي جي آباديءَ جو حصو
آهي.
*
عظيم شاهراهن ۽ سامونڊي رستن کي تهذيب جي عروج ۾
وڏو عمل دخل هو، جن ۾ شاهراهه ريشم ۽ ٻيا خشڪي ۽
سامونڊي رستا اچي وڃن ٿا. انهن مان جاگرافيائي
وحدت وجود ۾ آئي، جنهنڪري مصر، عرب، فلسطين، شام،
ميسوپوٽيميا ۽ اسيريا اُسريا ۽ مذهبي عقيدن سان
گڏجي انهن جي سماجي ۽ تجارتي وحدت قائم ٿي ۽
تهذيبن کي جنم مليو.
*
اسڪيموز جي تاريخي ۽ تهذبي حيثيت ڪهڙي آهي؟
ڪتاب جي منڍ ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ بابت سائنسي
نظرين سان گڏ مذهبي صحيفن، ڏند ڪٿائن ۽ ڪهاڻين تي
نسبتاَ وڌيڪ انحصار ڪيو ويو آهي. جتي اسلامي عقيدي
موجب قيامت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُتي هندو ڌرم جي
ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل ”پرلئه“ ۽ ”مهاپرلئه“ کي ساڳيءَ
سطح تي ٻڌايو وڃي ها. بلڪه ٻين مذهبن جي عقيدن جي
حوالي سان به اهڙو ذڪر ڪيو وڃي ها. ڪائنات جي وجود
۾ اچڻ ۽ اُن جي تسخير جي باري ۾ تقابلي تجزيو ڪيو
وڃي ها ۽ ساڳئي وقت سائنسي تجربن تي ٻڌل دليلن،
ٺوس نتيجن ۽ حقيقتن تي بحث ڪري ٻڌايو وڃي ها ته
مناسب ٿئي ها. ڪائنات ۽ اُن جي پُراسراريت جي باري
۾ ڪارل ساگان جي ڪتاب ڪوسموس ۾ پيش ڪيل نظريي کي
سامهون رکي، اُن ۾ پيس ڪيل نتيجن کي مذهبي ڪتابن ۾
پيش ڪيل عقيدن جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي ها. اُن کان
سواءِ علم طبيعات، علم فلڪيات ۽ علم ڪائنات ۾
تارن، تارن جي ارتقا ۽ وسعت پذير ڪائنات جي عمل جي
باري ۾ ٻين ماهرن جي پيش ڪيل عقلي دليلن ۽ ٺوس
نتيجن جو ذڪر ڪيو وڃي ها. ڪائنات ۽ زندگيءَ جي
رازن جي تڏهن پروڙ پوندي، جڏهن ڪائنات کي پروڙڻ جو
سفر جاري رکبو، اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جو ائٽم کي
پولارن جي ٻاهرين سرحدن تائين ازلي وقت کان وٺي
ادب تائين ڦهليل آهي. اسان جي زندگيءَ لاءِ اهو
چئلينج آهي ته جڏهن اُها هن ننڍڙي دنيا کان وسيع
ڪائنات جي حدن ۾ قدم رکي ته پنهنجي سوچ جي گهوڙي
کي خوب ڊوڙائي
زمين تي صوف ڪرندي ڏسندڙ پهريون شخص فقط عظيم
سائنسدان آئزڪ نيوٽن ئي نه هو، پر پهريون شخص اُهو
هو جنهن صوف کي ڏسي اهو سوچيو ته صوف جي هيٺ ڪرڻ ۽
چنڊ جي زمين جي چوڌاري گردش ڪرڻ کي هڪ ئي قوت
ضابطي هيٺ رکي ٿي. يعني ڪشش ثقل. جڏهن نيوٽن کان
پڇيو ويو ته هُن انهيءَ ڳالهه تي اُهو اعتراض ڪيو
ته اُنهيءَ قوت جي مظهر کي آئون سمجهان ٿو پر
حقيقت ۾ مون کي اها خبر ناهي ته هوءَ اهو ڪم ڪيئن
ڪري ٿي.
سائنس جو وڏو حصو نظر نه ايندڙ ڳالهين جي باري ۾
آهي، مثال طور ڪشش ثقل، ائٽمي ذرا، نور جون لهرون،
تاري جي دل ۽ ڪائنات جي پوئين ڇيڙي جون ڪهڪشائون.
انهيءَ جي باوجود انسان تجسس هٿان پنهنجي ڪائنات
جي شروعات ۽ مستقبل جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور
آهي.
آئنسٽائين جڏهن جوان هو ته سندس دل ۾ هڪ سوال پيدا
ٿيو ته ڇا آءٌ روشنيءَ جي ڪرڻي تي سوار ٿي سفر
ڪريان ته دنيا ڪيئن نظر ايندي. اُنهيءَ سادي سودي
پر قوت ڀرئي سوال مان طبعيات جنم ورتو ۽ هن وقت
تائين ڪائنات جي آغاز جي باري ۾ اِهائي ڄاڻ بهتر
سمجهي وڃي ٿي.
ڪائنات جي باري ۾ دليلن ۽ ثبوتن جي ڳولا ۾
آئنسٽائين آسمان جي وسعتن جي حيرت انگيز موسيقي
کان ڪڏهن به غافل نه رهيو. وٽس سائنس ۽ عالمي
مذهبن جي ڏاهپ ۾ ڪو تضاد نه هو. هن چيو هو:” هن
دنيا جي باري ۾ هڪ ابدي طور تي سمجهه ۾ نه ايندڙ
ڳالهه اِها آهي ته اُها سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي.“
مون کي ياد اچي ٿو ته ضياءُ جي دور ۾، درسي ڪتابن
۾ ڌرتيءَ جي گول هئڻ جي باري ۾ هڪ مذهبي عالم جي
مسلسل اصرار تي اسلام آباد ۾ طبعيات ۽ جاگرافي
دانن جي عالمي سطح جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي، جو
اعتراض اِهو هو ته عقيدي موجب ڌرتي گول ناهي.
ڪانفرنس جي پهرين نشست ۾ ئي اُهو فيصلو ڏنو ويو ته
ڌرتي ته گول آهي ئي، پر اوهان دنيا کي پاڻ تي نه
کلايو.
اِن ڏس ۾ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ فرڊ هائل، چندر وڪرم
سنگهه، وي سي ريڊش، جي انت وينارليڪر، نائيجل نبست
۽ ياڪوف بورسيووچ زيلڊوووچ جا ڪتاب ۽ وقت بوقت
سندن شايع ٿيندڙ مقالا قابِل ذڪر آهن، جن نه رڳو
تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ ڪائنات جي وجود ۾
اچڻ جا نظريا پيش ڪيا آهن، بلڪ سائنس جي دنيا ۾
نوان اُفق دريافت ڪيا آهن.
جتي تاريخ جي بانين مان هيروڊوٽس ۽ عبدالرحمان
ابن خلدون جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُتي ٽائن بي جي
مشهور تصنيف دي اسٽوري آف هسٽري ۾ پيش ڪيل تهذيبن
جي عروج ۽ زوال جي نظريي تي پڻ بحث ڪيو وڃي ها جو
کيس ويهين صديءَ جي جديد تاريخ جو سائنسدان ڪوٺيو
وڃي ٿو. اُن کانسواءِ انهن تڪراري تاريخي ڪتابن کي
پڻ بحث هيٺ آندووڃي ها، جيڪي سنڌ جي تاريخ سان
واسطو رکن ٿا. مثال طور گنگارام سمراٽ جا ”سنڌو
سوءوير“ ۽ ”چچ نامو عرف ڀينڪر دوکو“ جيڪو فارسيءَ
۾ لکيل ”چچنامي“ جي سنڌي ترجمي جي جواب ۾ لکيو ويو
آهي.
برٽرئنڊ رسل مطابق هر ٺوس علم سائنس جي حاصلات
آهي، جڏهن ته عقيدو مذهبي ملڪيت آهي. سائنس ۽
مذهبي عقيدي جي وچ تي هڪ اهڙو خلا آهي جنهن تي
ڪنهن جي مالڪيءَ جو اختيار ناهي، اُهو خطو سائنس
۽ مذهب ٻنهي جي حملي لاءِ کليل آهي. اُهو بي مالڪ
خطو فلسفي ۽ فڪر جو آهي، جيڪو سوچ کي سفر جي راهه
۾ اڳڀرو ڌڪي ۽ نوان اُفق ڏسيندو آهي.
750ع کان 1100ع تائين جو دور جيڪو 350 سالن تائين
ڦهليل آهي، مسلمان فيلسوفن، سائنسدانن ۽ رياضيدانن
جي زير اثر هو، جنهن کي اسلام جو ”سونهري دور“
ڪوٺيو وڃي ٿو. انهيءَ دور کي جارج مارٽن پنهنجي
تصنيف هسٽري آف سائنس ۾ پنجاهه سالن تي مشتمل دورن
۾ ورهائي ، هر هڪ دور کي ڪنهن اوچي پايي جي مفڪر
سان ڳنڍي ٿو. 450 ق، م کان 4000 ق. م کي افلاطون
جو دور ڪوٺي ٿو ۽ 40 ق. م کان 350 ق. م ارسطو جو
دور سان منسوب ڪري ٿو. جڏهن ته 750ع کان 1100ع
تائين جو عرصو، هڪٻئي پويان لاڳيتو جابر، خوارزمي،
رازي، مسعودي، وفا، برني، ۽ عمر خيام جا دور هئا ۽
1100ع کان پوءِ مغربي نالا منظر عام تي اچن ٿا.
ڪريموناجو جيرارڊ ۽ راجر بيڪن پڻ ٻن صدين تائين
ابن رُشد، طوسي ۽ نفيس به ساڻن حصيدار رهيا.
پروفيسر خواجا مسعود پنهنجي مقالي
Islam and Philosophy: are The Contradictory?
۾ لکي ٿو ته”1350ع کان پوءِ کانئن تدبر، تفڪر ۽ تعقل
ڇڏائجي ويا ۽ اُهي عقيدن جي ننڊ ۾ سمهي پيا، پر
ڪڏهن ڪڏهن سائنسي سوچ ۽ صلاحيت جي جهلڪ پندرهين
صديءَ ۾ سمرقند ۾ اليغ بيگ جي درٻار ۾ نظر ايندي
هئي.“
پروفيسر خواجا مسعود ساڳئي مقالي ۾ لکي ٿو ته
”سترهين صديءَ جي وچ ڌاري قطعي طور تي پاسو پلٽجي
ويو ۽ فيصله ڪُن طور تي اسلامي دنيا جي خلاف ٿي
بيٺو. ڊڪارٽ جي فلسفي ۾ رياضي (1637) يورپ کي
ميڊيولزم کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. جڏهن ته شيخ احمد
سرهندي(وفات 1624ع) رياضيءَ کي سزاوار ڪري ڇڏيو.“
هو پنهنجي مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته ”اسان چار
سئو سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دليل کي پُٺ ڏيئي
ڇڏي آهي، تنهنڪري بنياد پرستي، هٺ ڌرمي ۽ ڪٽرپڻي
جو شڪار بنجي ويا آهيون.“
فاضل مصنف ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب سان تازو
جڏهن ملاقات ٿي هئي ته مون ساڻس پنهنجي راءِ جو
اظهار ڪيو هو، ۽ گذارش ڪئي هئي ته”انسان جي تاريخ“
هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪجهه موضوع تشنه ۽ ڪجهه
هنڌن تي خال رهجي ويا آهن، جيڪي ڀرجڻ گهرجن. جيئن
ته مذڪوره ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل ۽ ڇپيل آهي،
اُنهيءَ ڪري اڌورا احوال، رهيل تفصيل ۽ سوچ جي سفر
جي کوٽ سُڌاريل ۽ وڏايل ڇاپن ۾ آڻي پوري ڪئي ويندي
ته مناسب رهندو.
ولي رام ”ولڀ“
مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو
سنڌ
جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ پاٽ ۽ سيوهڻ جي ”صديقي
خاندان“ جي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. هن باوقار
خاندان ۾ مسيح الاولياءَ حضرت شيخ عيسيٰ جند الله
رحه جهڙو يگانه روزگار عارف ۽ عالم پيدا ٿيو، جو
پنهنجي بزرگي ۽ فضيلت، علم ۽ عرفان وسيلي پوري
برصغير ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. سندس علمي
عظمت جو پوري برصغير ۾ اهو عالم هو جو عظيم مغليه
سپهه سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان، سندس
مدفن(برهانپور) تي پوءِ مقبرو جوڙايو. هن بزرگ جي
عربي تصنيف”تفسير انوار الاسرار“ مشهور آهي. ان ئي
هاڪاري خاندان جون ٻه شاخون مشهور ٿيون: هڪ
برهانپور جي ۽ ٻي پاٽ جي. اڳتي هلي سنڌ جي شاخ جي
ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي: هڪ سيوهڻ جا صديقي ۽ ٻيا پاٽ
جا صديقي. حضرت مخدوم فخرالدين عبدالواحد ڪبير
پاٽائي به هن ئي خاندان جو چشم وچراغ ٿي گذريو
آهي، جنهن ”ڪشف الاسرار“ جهڙو نامور ڪتاب تيار
ڪيو. مخدوم عبدالواحد جو هڪ فرزند مخدوم دين محمد
صديقي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ناميارو
عملدار ٿيو. هتان سيوهڻ جي صديقي خاندان جي شاخ
شروع ٿي. قاضي عبدالواحد جو ٻيو پٽ مفتي محمود
ٿيو، جو پاٽ جي صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو.
خاندان جي ٻنهي متبرڪ شاخن گذريل ٽن صدين دوران
نهايت مانوارا افراد پيدا ڪيا، جن مان ڪي طبيب،
فاضل، حافظ، قاري، فقيه، مفتي، عالم ۽ مفسر ٿيا،
ته ڪي عارف، مجذوب، حال ۽ قال جا صاحب، روشن ضمير
۽ اهل دل، ۽ رشد و هدايت جا صاحب ٿيا. ڪجهه بزرگن
”قضا“ جي عهدن تي رهي عوام لاءِ مثالي انصاف ۽ عدل
مهيا ڪيا ۽ اِن طرح مجموعي طرح ”صديقي خاندان“ سنڌ
۾ پنهنجو نيڪ نالو روشن ڪيو، جو تاحال جاري آهي.
هن ڀلاري خاندان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ روشن ضمير ۽
حاذق حڪيم حضرت مخدوم بصر الدين رحه1282هه/1865ع ۾
پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مخدوم احمد هو، جو
سندس ولادت کان اڳ حج تان واپس ٿيندي، راهه ۾ مالڪ
حقيقيءَ سان وڃي مليو. مخدوم صاحب جي پرورش سندس
ڏاڏي مخدوم مجذوب عرف سيوهاڻي بزرگ ڪئي. مخدوم
بصرالدين ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم به
ورتي. اِن طرح پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ به آيو، ليڪن
سُتت ئي نوڪري ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس خاص ۽ بنيادي
سڃاڻپ ته ”حڪمت ۽طب“ جي حوالي سان ٿئي ٿي، پر
حقيقت هي آهي ته مخدوم موصوف پنهنجي دوءر جو وڏو
داناءُ، فلسفي، روحانيت وارو اهل الله ٿي گذريو
آهي، جو قدرت سندس روشن قلب کي غير معمولي اوجر
ڏني هئي. مخدوم بصرالدين رحه جي پنهنجي دور جي
ناليرن انسانن سان خاص طرح سان محبت آفرين ٻاجهه
۽شفقت رهي. هن ڏس ۾ مولانا تاج محمد امروٽيءَ،
مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي
شڪارپور واري، مولوي غلام محمد ملڪاڻي، سائين جي
ايم سيد، سردار واحد بخش ڀٽي، حاجي مولا بخش
سومري، مخدوم غلام حيدر هالائي، سردار بهادر صحبت
خان گولي، ڊاڪٽر ضياءَ الدين شيخ، ڪريم بخش چنا ۽
ميان نور محمد مغل سيوهاڻي جا نالا وڏي اهميت رکن
ٿا. هڪ طبيب ۽ حڪيم جي حيثيت ۾، سنڌ جي طبي تاريخ
۾ سندس درجو گهڻُو مٿانهون آهي. مخدوم صاحب سيوهڻ
۾ 1356هه/1938ع تي وصال ڪيو.
مخدوم بصرالدين طب کان علاوه قلمي ۽ علمي ميدان ۾
به خوب پاڻ ملهايو. روايت آهي ته پاڻ شيڪسپيئر جي
معيار جو انگريزي شعر چيائون، جو بعد ۾ پنهنجن هٿن
سان ضايع ڪري ڇڏيائون. علمي دنيا ۾ سندس تحرير ڪيل
باڪمال عربي ڪتاب ”البصائر“ واحد نشاني طور بچيو
آهي. هي رسالو سڀ کان اول سال 1937ع ۾ ڇپيو هو.
موجوده دور ۾ صديقي خاندان جي دلاويز علمي نشاني ۽
اسان جي روح پرور دوست مخدوم ميان سليم الله
صديقيءَ صاحب جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي توجهه سان هي
ناياب ڪتاب، سنڌي ترجمي، تعارف ۽ مقدمي سان
سينگارجي عربي متن سان گڏ ڇپيو آهي. ترجمي تي
مولانا سعيد احمد ڀٽي وڏي محنت ڪئي آهي. مهاڳ
نامور دانشمند ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکيو
آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪتاب جي نالي ۽ معنيٰ جي وضاحت هن
ريت ڪن ٿا””مصنف هن ڪتاب جو نالو البصائر پنهنجي
نالي بصرالدين جي مناسبت سان رکيو. بصر جمع آهي
بصيرت جو، جنهن جو بنيادي (اشتقاقي) مادو بصر ئي
آهي. بصيرت معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ جي نرت،
نظر ۽ پروڙ. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو:”سنڌ ۾ مخدوم
بصرالدين پهريون عالم هو، جنهن کي اسلامي ۽ مغربي
علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽
عظمت علامه آءِ آءِ قاضي کي عطا ٿي. ٻنهي جو سنڌ
جي وڏي علمي مرڪز پاٽ شريف سان تعلق هو ۽ ٻئي
پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ عرفان ۾ يگانا هئا.“ مهاڳ کان
پوءِ ممتاز محقق ۽ فاضل ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو
عالمانه ”تعارف“ شامل ڪيو ويو آهي.. سومري صاحب
”ڪلام، منطق ۽ الاهيات“ جي سر سان پُر بهار مقدمو
لکيو آهي، جو پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي اهميت رکي
ٿو. مترجم جا ٻه اکر ڏيڻ کان پوءِ فاضل مرتب
مخدوم سليم الله صديقي صاحب، مخدوم بصرالدين رحه
جي سوانح ڀرپور انداز سان تيار ڪري پيش ڪئي آهي.
هن تفصيلي سوانح عمري ذريعي صاحبِ ڪتاب جي سوانح
مبارڪ جا ڪيئي نوان ۽ منفرد گوشا نروار ٿي بيهن
ٿا. اِن طرح صديقي خاندان جي شجري ڏيڻ کان پوءِ،
اصل ڪتاب ”البصائر“ جو متن ۽ سامهون ترجمو ڏنو ويو
آهي. ڪتاب جو سٽاءُ ڏاڍو دلڪش قائم ڪيو ويو آهي.
هڪ پاسي عربي متن ۽ ٻئي پاسي سنڌي ترجمو ڏنو ويو
آهي. ميان سليم الله ڪتاب جي مهڙ ۾ ”ڀال ڀلايون“
عنوان سان هن ناياب ڪتاب جي ڇپرائڻ جي مقصدن تي
روشني وجهندي انهن فاضلن ۽ دوستن جو شڪريو ادا ڪيو
آهي، جن کيس هن املهه ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت ۾ دل
کولي ادبي مدد ڪئي. مخدوم سليم الله صاحب کي جس
آهي، جو پاڻ پنهنجن نيڪنام وڏڙن جا قيمتي ڪتاب
حواشي ۽
تعليقات، تحقيق ۽ تحشيه سان مرتب ڪري ڇپرائڻ جي
شروعات ڪري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ اڳ به ڳچ قيمتي
ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ حيدرآباد پاران شايع ڪري
چڪا آهن. ان طرح ”درد نامو“ (ترتيب صوفي نورالله
شاهه ۽ تعليم صوفي فضل الله شاهه قلندر جهوڪ شريف)
جي اشاعت پڻ سندس تازه قابل تحسين ڪوشش آهي. اسان
جي خيال ۾ مخدوم بصرالدين بابت هن ڪتاب جي ٻي
اشاعت وقت ڪتاب جو اصل نالو ”البصائر“ قائم رکجي
ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. دلڪش سرورق، بهترين ڪاغذ ۽
عمدي ڇپائي سان هيءَ ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ قاسم
آباد، حيدرآباد وٽ دستياب آهي.
ن.ا.ش
”نيڻ
تارا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون
”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾
ترجمن جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت واڌارو
آهي، سنڌي ٻوليءَ جا مستقبل مخلص ادبي خدمتگار
سائين ولي رام ”ولڀ“ هڪ زماني کان وٺي دنيا جي
مختلف ٻولين جي مختلف ادبي شاهڪارن کي سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري سنڌي ادب جي دامن کي وشال ڪندو ٿو رهي.
سندس چاليهارو کن سالن جي ادبي يوگدان ۾ ترجمو
توڙي تخليق، ڪيترائي غير معمولي ڪتاب ڇپيل آهن، جن
۾ قرت العين حيدر جا ناول ”سيتا هرڻ“ ۽ ”پوئين پهر
جا پانڌيئڙا“ خاص اهميت رکن ٿا.
”ولڀ“ صاحب جو تازو ترجمو ”نيڻ تارا ۽ ٻيون
ڪهاڻيون“ اردو ۽ هنديءَ جي دلاويز ڪهاڻين جو
مجموعو آهي. جنهن ۾ مشهرو ڪهاڻيڪارن جون چونڊ
ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي
ته مترجم ڪهاڻين جي چونڊ اهڙي ته خوبصورت ۽ منفرد
ڪئي آهي، جو ڪتاب ڏسڻ کان پوءِ اردوءَ جي هڪ شاعر
امالڪ چيو ته ”اهي ڪهاڻيون ته مون ڪڏهن ڪٿي نه
پڙهيون هيون!“ ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي منشي پريم چند
جي ”اِٽي – ڏڪر“ آهي، جا بلاشبه هڪ شاهڪار ڪهاڻي
آهي. مجموعي ۾ ڪل ٻارنهن هندي ڪهاڻيون آهن، جن ۾
ڪمل جوشي جي ”نئين عمارت“ ڪمليشور جي ”پيتل لڙڪ“
اُسا پريمودا جون ٻه ڪهاڻيون”واپسي“ ۽ ”کليل در“
سميت ٻيون دلچسپ ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي ڪهاڻي –
ڪلا جو مخصوس اسلوب ۽ ٽيڪنڪ رکن ٿيون،.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اردوءَ جون سترهن ڪهاڻيون آهن،
جن جي پڙهڻ کان پوءِ غير شعوري طور تي هندي ڪهاڻين
سان ڀيٽ ذهن ۾ اچي ٿي. ائين چئجي ته انتظار حسين،
قرت العين حيدر ۽ مظهرالاسلام ڪهاڻيءَ جي فن جو
صحيح حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. هن مجموعي ۾ اردوءَ جون
ڪهاڻيون پنهنجي مخصوس اسلوب، موضوع ۽ خاص طور تي
منفرد ايپروچ ۾ هندي ڪهاڻين کان وڌيڪ معياري آهن.
مظهرالاسلام جي ڪهاڻي”پکي هن جي اکين مان ننڊ چُڳي
ٿو.“
ڪرشن چندر جي ”برهمڻ“، ۽ يونس رمزيءَ جي ڪهاڻي
”نيڻ تارا“ دل کي نهايت ڇُهندڙ آهن. خاص طور تي
انتظار حسين جون چار ڪهاڻيون، جيڪي قديم ديومالائي
پس منظر ۾ لکيل آهن، سي ته وڏي ڪمال جون ڪهاڻيون
آهن، سندس ڪهاڻي ”نرناري“ ته ميٿالاجيڪل لٽريچر جو
عاليشان شاهڪار آهي. توڙي جو هندي ادب يا اديبن کي
هڪ منفرد ديومالائي پس منظر آهي، اُن جي باوجود
انتظار حسين جي معيار سان سندن برميچي نٿو سگهجي.
ترجمي جي فن جي اگر ڳالهه ڪجي ته ولي رام ”ولڀ“
ترجمي سان ڀرپور نباهه ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته
ڪهاڻين جا رڳو لفظ ئي ترجمو نه ڪيا ويا آهن، پر
ڪهاڻين ۾ موجود احساس، جذبا، مخصوص ماحول ۽
ڪهاڻيڪارن جو پنهنجو پنهنجو اسلوب، غرض ته سمورو
روح ترجمي ۾ اوتڻ ۾ ولڀ صاحب ڪاميابي حاصل ڪئي
آهي، سندس ترجمي جي هڪ ٻي خوبي اِها آهي ته اُن ۾
”عوامي سنڌي ٻولي“ استعمال ٿيل هوندي آهي ۽ڳرن،
ڏکين ۽ ڌارين لفظن کان پرهيز ڪئي ويندي آهي، جا
روايت هن مجموعي ۾ به برقرار آهي.
اسان وٽ ٻين ادبي المين سان گڏ اهو به هڪ الميو
آهي ته مترجم کي اڪثر ڪري اديبن جي ٻي قطار ۾
ويهاريو ويندو آهي ۽ طنزيه طور تي ائين به چيو
ويندو آهي ته ”ترجمو، پرائي مٿي جو سور پنهنجي مٿي
۾ وجهڻ برابر آهي.“ جڏهن ته ترجما نه صرف ٻولين کي
مالامال ڪن ٿا، ۽ اُنهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين
ٿا، بلڪه قومن کي به ويجهو آڻين ٿا. ڪن مبصرن ته
ائين به چيو ته ٽئگور کي نوبل پرائيز ٻن ڳالهين جي
ڪري مليو، هڪڙو ته هن جي ڪتاب تي مهاڳ مشهور
انگريز اديب واءِ بي ٿيتس لکيو ۽ ٻيو ته هن جي
بنگالي شاعريءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، پر
ائين به ناهي ته سڄو ڪريڊٽ مترجم کي ڏجي، پر مترجم
جي ڪردار کي نظرانداز به نٿو ڪري سگهجي.
”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڪتاب مشهور ادبي
اداري”آج“ شايع ڪيو آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾
ڪهاڻيڪارن جا مختصر سوانحي خاڪا به ڏنل آهن، دلڪش
سرورق، وڻندڙ ڪاغذ، دلاويز ڇپائي ۽ جاذب گيٽ اپ ،
”آج ڪي ڪتابين“ (316- مدينه سٽي مال، عبدالله
هارون روڊ، ڪراچي) جي روايتن جو هڪ سنجيده ۽ من کي
وڻندڙ مثال آهي.
زبير سومرو
محمد
عثمان ڏيپلائي
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اهل قلم ۽ جرات مند صحافي
محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي علمي خدمتن جو
پيرائتو ۽ جامع تذڪرو ڪتابي صورت ۾ آڻي ”سنڌ ماڻڪ
موتي تنظيم“ جي روح روان محترم محمد عثمان منگيءَ
وڏو جَس کٽيو آهي. 560 صفحن جي ضخامت واري هن
دلاويز ڪتاب جي جامع مواد کي جاکوڙي اديب ۽
صلاحيتمند مولف محترم تاج جويي جنهن سليقي ۽
سنجيدگيءَ سان ترتيب ڏنو آهي، اهو سندس ماهرانه
سوڌ – سنوار جو هڪ وڌيڪ مثال آهي. منگي صاحب جي
تحرڪ تي تاج صاحب تنظيم طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
علامه قاسمي صاحب، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب
تي پڻ شانائتا ڪتاب تاليف ڪري سنڌي ادب ۾ عُمدو
اضافو ڪيو آهي. تازو مولانا حاجي احمد ملاح تي
سندن تاليف کي پڻ علمي حلقن ۾ پذيرائي حاصل ٿي
آهي.
محترم محمد عثمان ڏيپلائي، ادب ۽ صحافت جو آفتاب
عالمتاب وانگر هڪ سدا روشن نانءُ آهي، جنهن جي
پيدا ڪيل فڪري لٽريچر، سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ وڏي
جاڳرتا پيدا ڪئي. اهڙي عظيم شخصيت جي علمي
ڪارنامن، صحافتي، ڪاميابين ۽ ادبي ڪشالن کي مختلف
مضمونن جي صورت ۾ خوب اُجاگر ڪيو ويو آهي. مضمون
نگارن جي طويل فهرست ۾ سائين جي ايم سيد ۽ پير علي
محمد راشدي کان وٺي انس راڄپر ۽ عبدالرحمان
ڏيپلائي تائين ڪيئي ناميارا نانءُ شامل آهن، جن
ڏيپلائي صاحب جي مختلف پهلوئن کي روشن ڪيو آهي، ۽
مرحُوم جي وڏي صاحبزادي محمد علي ڏيپلائي پنهجن
پنجن مضمونن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جا ڪيئي دلچسپ
نڪتا نروار ڪيا آهن ۽ ان طرح ڪتاب جي شروعاتي حصي
۾ ڏيپلائي صاحب جي لکيتن سان ڪتاب کي وڌيڪ معياري
بڻايو ويو آهي.
عمدي ڪاغذ تي ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هي جاذب نظر ڪتاب،
خاص ڪري سنڌ جي نئين ٽهيءَ لاءِ هڪ مثالي فڪري
تحفو آهي، جنهن ۾ سماجي جاڳرتا لاءِ ججهو سامان
مهيا ڪيو ويو آهي.
ن ا ش
ايلڪيمپو، سنڌ ۽ ”انعام“....!
ايلڪيمپو
Elcampo
، ميڪسيڪن نار جي ڪناري واري ڏاکڻي آمريڪي رياست
ٽيڪساس جو هڪ ننڍڙو پر خوبصورت شهر آهي. جيڪڏهن
اهو آمريڪي ترقيءَ واري نظر سان نه ڏٺو وڃي ته
پوءِ اُن ننڍڙي شهر کي ”ڳوٺ“ چئي سگهجي ٿو. مان
پنهنجي جنم ڀومي روهڙيءَ جي گهٽين سان عشق جي حد
تائين لڳاءُ رکان ٿو، پر اُن کان پوءِ ايلڪيمپو جو
هي ننڍڙو شهر منهنجي لاءِ ٻيو روهڙي ثابت ٿيو آهي.
اُنهيءَ طرح جيئن سنڌ منهنجو ملڪ، منهنجو وطن آهي،
تيئن آءٌ آمريڪا کي سنڌ کان پوءِ ٻئي نمبر تي رکان
ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ملڪ مون کي عزت ڏني آهي، رزق ڏنو
اٿائين ۽ اُن ملڪ جي ماڻهن مون کي بي پناهه پيار
ڏنو آهي، منهنجي سائين جي ايم سيد مون کي سيکاريو
آهي ته جنهن ڌرتي جو کائجي، ان جو ڳائجي، نه ڪي
جنهن ٿالهي ۾ کائجي، اُن ۾ ڇيد ڪجي.
هن وقت ڏهن هزارن کان مٿي آباديءَ واري هن شهر ۾
مان اڪيلو ”سنڌي“ رهندو آهيان، پر گورا انگريز،
ميڪسيڪن، توڙي ڪارا، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون دوست هجڻ
سبب اڪيلائپ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو
دوستي اُهو واحد رشتو آهي، جنهن لاءِ رنگ، نسل،
ٻولي، وغيره ڪرائيٽيريا نه هوندي آهي. منهنجا
گهاٽا دوست گهڻُو ڪري اسپينش نسل وارا ميڪسيڪن
ماڻهو آهن.
هن ننڍڙي شهر ۾ مون کي سڀ سک وارا آهن: محبت ڪرڻ
وارا دوست، مالي خوشحالي، سٺي موسم، سٺي خوراڪ، هر
شيءِ ميسر آهي، پر پوءِ به ڪيفيت اِها آهي ته:
دل لڳي ڇو نه ٿي پرائي شهر ۾؟
اباڻي شهر جي ڳلين جا نشا!
گذريل سال آگسٽ ۾ هڪ ڏينهن اُنهيءَ ايلڪيمپو شهر ۾
پنهنجي دوست بشير شاهاڻي جي اسٽور تي ڪم پئي ڪيم
ته اوچتو اسٽور جو دروازو کليو ۽ ڪنهن زور سان رڙ
ڪئي:”پيارا....!“
ڪنڌ کڻي ڏٺم ته ”انعام“ بيٺو هو. سڪ سان ملياسين.
اتفاق سان منهنجا سئوٽ احمد ۽ عديل به نيويارڪ کان
مون وٽ آيل هئا، سو اسان هڪ ٻه ڏينهن گڏ گهمياسين،
ڏاڍو مزو آيو.
مستقبل بابت انسان پروگرام هڪڙا ٺاهيندو آهي، پر
قسمت کين ڪنهن ٻئي پاسي وٺي ويندي آهي. انعام سان
به في الحال ته ائين ئي ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن جو
اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ته پڪو هو، پر وري
اوچتو انٽرنيٽ تي ”ڪاوش“ ۾ پڙهيم ته مٿس سنڌي ادبي
بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي ذميواري رکي ويئي آهي. ڏاڍي
خوشي ٿي ته ادبي بورڊ ۾ ڪارڪردگيِءَ جي لحاط کان
ڪامورن کان ته انعام لک ڀيرا ڀلو آهي. ان ڪري مون
کي خاطري آهي ته انعام پنهنجي ڏاهپ ۽ محنت سان
پنهنجي دوءر ۾ بورڊ ۾ ”تاريخي“ ڪردار ادا ڪندو،
ڇاڪاڻ جو مستقبل ۾ رڳو تاريخ ئي بچندي آهي. اُن
لاءِ ڪنهن ماڻهو جو ڪم تاريخي هوندو ته سندس نسل
به اُن جو لاڀ حاصل ڪندا ۽ قوم ۾ عزت جي نگاهه سان
ڏٺا ويندا، نه ته يزيد وانگر قيامت تائين مٿن تبرو
ته جاري رهندو ئي رهندو.
انعام سدائين سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ
پنهنجن لکڻين ۾ خواهش ۽ بي چيني ڏيکاريندو رهيو
آهي، ۽ هينئر کيس پهريون ڀيرو، ننڍي پيماني تي ئي
سهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ان لاءِ سندس طبيعت
، صلاحيت، همت ۽ ڪمٽيمينٽ لاءِ هيءُ موقعو سندس
امتحان آهي. ڪم سان سندس چاهت ۽ شوق جو اندازو اِن
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن هزارين ميل پري
ويٺل مون کي بار بار اِي ميل ڪري چيو ته ٻه چار
اکر، بورڊ جي رسالي”مهراڻ“ لاءِ لکي موڪليان.
جيتوڻيڪ آءٌ بنيادي طور ليکڪ آهيان ئي ڪونه، آءٌ
سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ ۽ سياسي ڪارڪن
آهيان، پر پوءِ به باوجود تمام گهڻي مصروف هجڻ جي،
انعام جي لاڳيتي اصرار کي نظر ۾ رکندي ڪوشش ڪري
نيڪ تمنائن جون هي چند سٽون ”مهراڻ“ لاءِ موڪلي
رهيو آهيان.
سهيل ميمڻ |