سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :17

مٿئين پس منظر ۽ هندي، اردو ۽ سنڌيءَ جي بهترين گيتن جي پيرايي، اسلوب، گهاڙيٽي ۽ مواد کي سامهون رکي مير محمد پيرزادي جي تازي مجموعي ”ليارنيڻن ۾ ڦٽا“ ۾ آيل گيتن جو جائزو وٺنداسون، ۽ ڏسنداسون ته مير محمد پيرزادي گيت سان مواد، مفهوم، ادائگيءَ ۽ بيان توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪيتري قدر نباهه ڪيو آهي.

هر گيت پنهنجيءَ جاءِ تي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪردارن تي مشتمل هوندو آهي ۽ اُن ۾ پيش ڪيل مخصوس ماحول جي لحاظ کان هڪ ننڍڙي ”ڪهاڻي“ آهي. اُن ۾ ڏسڻو اِهو آهي ته منظر نگاري، ماحول ۽ موسم آهر آهي يا نه؟ جيڪڏهن اُن مطابق آهي ته پوءِ اُن ۾ بيان جي شدت ڪيتري رهي آهي. اُن ۾ ڪردار ڪهڙي طبقي جا آهن ۽ اُنهن جا محسوسات ۽ محسوسات جو اظهار، اُنهن ڪردارن جي ذهني سطح جو آهي يانه؟ اُهو فطري لڳي ٿو يا هٿراڌو پڻو. اُن مان ظاهر ٿي پوي ٿو؟ وغيره. اُن ۾ ڪم آيل ماحول ڪردارن سان ڪيترو ٺهڪندڙ آهي ۽ صنف جي حوالي سان ٻوليءَ ۽ مواد جي ڪيتري ٺهڪندڙ صورتحال آهي.

هنديءَ جي مشهور شاعر ودياپتيءَ (سنبت 1417- 1505) جيڪو ميٿليءَ ۽ هنديءَ جي گاڏڙ گيتن جي بهترين شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اُن جي هڪ گيت جو ترجمو ميراجيءَ ڪيو آهي، جيڪو مثال طور هتي پيش ڪجي ٿو:

بيت چلي هئي رات

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

اب تڪ آئي نهين هئي راڌي، سوچ ڪي هئي يي بات!

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

رستي مين سو ڊرڪي باتين بيرن زهري نانگ

ڪوئي نه جاني ڇپ ڪر بيٺا ڪون لگائي گهات

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

شرميلي سي ناري سهم سهم نه جائي

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

مين ڀي اڪيلا وه ڀي اڪيلي دور هين دونون دور

رات ڪا انڌيرا هئي گهرا ڪالي انڌي رات

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

شرميلي  نرمل سي ناري وه آئي وه آئي،

اڇا ڪهدي رستي مين تو ڊر سي نهين گهبرائي،

تيري من ۾ ڪون سي شڪتي تجهڪو يهان تڪ لائي،

ودياپتي يه بات سُجهائين، پريم ڪي شڪتي ڀائي!

پريم ڪي شڪتي لائي يهان تڪ، پريم ڪي هئي ڪيا بات!

اوڌو

بيت چلي هئي رات!

اهڙيءَ ريت مير محمد پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ آيل گيتن کي ڏسبو ته اُن ۾ به خيال جي پرواز، بيان جي شائستگي ۽ جذبي جي معصوم ادائگيءَ جا بجا ۽ خوب ملندي. جيڪا بلڪل فطري ڏسڻ ۾ ايندي. مير محمد جي گيت جو هڪڙو بند ڏيان ٿو:

ياد جي مند ۾ وري

ليار نيڻن ۾ ڦٽا!

خيال ٿي پئي کوئيان، دس ڪڪڙن پوئيان!

اڄ به ويو ٽاڻو ٽري!

ليار نيڻن ۾ ڦٽا!

مند اچڻ سان ڪي ٻوٽا ۽ وڻ به ڦٽندا آهن ته ڪي ڦٽل وڻن ۽ ٻوٽن ۾ گل ۽ ميوا به ٿيندا آهن، پر يادن جون مندون ۽ موسمون نيڻن ۾ لال لڙڪ ائين قطار در قطار آڻينديون آهن، جيئن ليارن سان جهنجهيل ڪا ٽاري نيڻن مان ڦٽي نڪتي هجي. اُن منظر ۾ انتظار جي هڪ ڪيفيت آهي ۽ وقت اهو اهي ته ڪڪڙن به پويان دس هنيا آهن، اجهو ڏينهن ٿيڻ وارو آهي، يعني ته جنهن جو انتظار هو، سو اڄ به نه آيو:

چاندني اوتيل فضا آ ڄڻ ڍڪيو گيڙو لباس،

رات جي راڻيءَ سندو ڀي ماڪ ۾ وهنتل آ واس،

چاندني ڪا رات ڍلندي آ جڏهن

ياد ايندو آن تڏهن!

انتظار جي ڪيفيت کي هن گيت ۾ پنهنجي پوري عروج تي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ چانڊوڪيءَ جي هلڪي هئڊي ۽ کير جهڙي اڇي روشنيءَ کي گڏائي، هلڪي گيڙوءَ رنگ سان مشابهت ڏيئي، جيڪا منظر جي اصليت بيهاري ويئي آهي، سا مصوريءَ جو هڪ شاهڪار بنجي پيئي آهي ۽ اُن ۾ رات جي راڻيءَ جي سڳنڌ ملي، اُن کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا خنڪ به آهي ته ٿڌڙي آڌيءَ کان پوءِ واري سمي جي رات خودبخود ڪا ياد تازي ڪري ڇڏي ٿي.

ڇڏي چنڊ چاهت وڌائي چري،

وڃي دل به وٽ سان ڏئي ۾ ٻري

جڏهن چاندني رات آهي ڍلي، تڏهن ڪا ته سڏڪي پئي دل جلي،

انهيءَ جا اُوٻارا اچن ٿا پيا!

هتي انتظار واري ڪيفيت جو ڊگهو ٿيڻ يا دير ڪرڻ ۽ ميڻ بتيءَ، لالٽين يا ڏيئي جي وَٽَ سان گڏ دل جو به ٻري وڃڻ ڏيکاريل آهي ۽ اُها چانڊوڪي رات به جڏهن پنهنجي مڪمل رعناين سميت پنهنجي انجام جي طرف وڃي ٿي ته پوءِ انتظار ڪندڙ ڏک جي شدت کان سڏڪي پوي ٿو. جنهن ڪيفيت جا اوٻارا محسوس ڪندي شاعر اُن ساريءَ ڪيفيت کي گيت ۾ سمائي بيان ڪيو، ڄڻ ته خود پڙهندڙ به، نه رڳو اُن کي اکين سان ڏسي رهيو آهي، پر اُن جي پيڙا کي پڻ محسوس ڪري رهيو آهي.

اهڙيءَ طرح هنديءَ جي جڳ مشهور شاعره ميران ٻائي(1504-1603ع) راجسٿان جي هئي، هن جا صوفياڻا گيت زبان جي لحاظ کان سادا، فن ۽ اثر وارا آهن. اهي عقيدتن سان نه ، پر محبت جي احساسن سان ڀريا پيا آهن. مثال طور:

تُمري ڪارڻ سڀ سک ڇوڙيا،

اب موهي ڪيون ترساوو!

برهه بٿا لاگي اُر اندر،

سو تم آڪي بجهائو!

ميرا داسي جنم جنم ڪي

 انگ سي انگ لگائو!

مائي مين توليئو رميئو مول!

 

ڪوئي ڪهي ڪارو، ڪوئي ڪهي گورو

مين ليئوهئي آنکين کول!

 

ڪوئي ڪهي هلڪا، ڪوئي ڪهي ڀاري

ليئو هئي تارازو تول

 

تن جا گهنا، مين سب دينا،

ديئو هئي دل ڪو کول!

 

ميرا ڪا هئي ايک گوڌر،

يهي هئي مائي ميرا قول!

هنن ٻولن ۾ سادي ٻولي، عورتاڻن جذبن سان جهنجهيل ڏسڻ ۾ ايندي، ڪٿي سکن ڇڏڻ جا ڏوراپا ته ڪٿي اندر ۾ باهه جي بٺن جي ڳالهه ۽ پوءِ هڪ ئي صدا ته:”انگ سي انگ لگائو.“ بلڪل واضح ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪٿي به اِهو ٻڌائڻ جي ڪوشش نه آهي ته هو نڪو گورو آهي نڪو ڪارو، نڪو هلڪو آهي نه ئي ڳورو، جنهن لاٽ تن ۽ من جا ڳهڻا(سينگار) به گهوري ڇڏجن. منهنجو ته اهو ۽ فقط اهو ئي آهي، جيڪو اُنهن وصفن سان سَجيل آهي.

مير محمد پيرزادي جي هڪ گيت جو بند آهي ته:

ڪانڍ ڪتيءَ جي جهرڻي ٻڌندي ڇوليون کاڌيون،

پر نه پڳو هو،

اُڀ اڱڻ تي،

ٿڪجي پيو هو،

جهانجهه وڄائي!

عڪس ڪتيءَ سان ڀاڪر پائي

من لڀائي!

زمين تي پاڻيءَ جو جهرڻو آهي ۽ اڻ کٽ مفاصلي تي ڪتي ٽڙي بيٺي آهي. اُن ڏانهن مسلسل اُڀ ۾ نهاري جهرڻو ڄڻ مٿانئس عاشق ٿي پيو آهي ته ڪتي به ڄڻ ته کيس پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. هو (جهرڻو) ڇوليون ماري ان ڏانهن پڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪا بي سود وڃي ٿي ۽ نيٺ ٿڪجي خود ڪتيءَ جي بجاءِ اُن جي عڪس کي ڀاڪر ۾ ڪري، اُن مان آسيس وٺي دل وندرائي ٿو. اصل ۾ اهو منظر به علامتي طور ڪنهن عورت جي ڏورَ ويل وَرَ/ سينڌي لاءِ ڪيل انتظار جي مبهم يا لڪل وضاحت ئي آهي.

هي چنچل بدن سان گلابي گهڙيون،

جي رابيل مالها سان چمپا چڙهيون،

۽ مينديءَ سان ڪومل هٿن ۾ ڪڙيون،

سي معصوم مک تان ڪڏهن ڪنهن پڙهيون!

انهيءَ تي ڪڏهن آهه سوچيو به تو!

وقت جي اُنهن خوبصورت لمحن جو ذڪر جن ۾ ڪنهن جي ياد سونهن ڀري اُنهن کي امر ڪري ڇڏيندي آهي. انهن جو ذڪر آهي ته اُهي لمحا چنچل به آهن ته بدن به گلابي اٿن، رابيل جون ڄڻ ته مالهائون پايو ۽ چمپا گل تي ٽڪي بيهن ٿا. اُهي گهڙيون يا لمحا مينديءَ ۾ رنگ بنجي ڪن ڪومل هٿن جي ورن وڪڙن ۾ پنهان ٿي پاڻ سمائي رهيا آهن، جيڪو ئي اُنهن هٿن تي مينديءَ جي رنگ ۾ سونهن پيدا ڪرڻ جو راز هوندو آهي، پوءِ اگر ڪو بصيرت وارو ماڻهو آهي ته اُن جون ڀاونائون اُن معصوم مُکڙي تان بلڪل اُنهن کي پڙهي به سگهي ٿو. اُن لاءِ شاعر سڀني کي مخاطب ٿي پڇي ٿو ته ”تو اُنهن تي ڪڏهن سوچيو به آهي.“ يا رڳو گذران جي ۽گهڻي گڏ ڪرڻ جي خفقان ۾ زندگيءَ جا هڪ ئي ڀيري مليل قيمتي لمحا وڃائي رهيو آهين؟ اهو اسان مان هر هڪ جي اڳيان، اسان جي ايڏي خوبصورت زندگي عطا ڪندڙ جو هر وقت اُڀريل سوال آهي، جنهن کان ڪيترو لنوائيندي به اڳي پوءِ اسان کي اُن جو جواب ڏيڻو آهي.

پدماڪر، عشق ۽ سرمستيءَ جا گيت سڌي سنئين پيرايي ۾ ڳايا آهن، هن جي زبان ۽ انداز بيان سادو ۽ سليس آهي. هن جي زبان تلسيداس جي زبان جي مٽ آهي. هن پنهنجي شعر ۾ بي ساختگي ۽ شعريت قائم رکڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي. هن جي شعر ۾ حسن ۽ عشق جون تصويرون آهن ۽ جذبات ۽ محويت جون نهرون آهن. پدماڪر، احساسن ۽ جذبن جو شاعر آهي. هن شاعراڻن جذبن جي اهميت سمجهي ۽ پنهنجي من ۾ گم ٿي گيت لکيا.

اسان اڄ جي بحث هيٺ آيل گيتن  مان ڏسنداسون ته اُن سلسلي ۾ مير محمد پيرزادي ڪيترو پاڻ موکيو آهي:

تترُ ڪنهن جي ٻولي ٿو ٻولي پيو،

ڪيئي راز آواز کولي پيو،

جنهين تي اچي سج آ رولي پيو،

سڄو ڏينهن ڪنهن کي ٿو ڳولي پيو؟

انهيءَ تي ڪڏهن آهه سوچيو به تو!

پرهه ويلي گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن مان تترن جو ٻولڻ به عجيب منظر پيدا ڪندو آهي. هڪڙي موسيقي  جڙي ويندي آهي. جنهن جي ٻولن سمجهڻ کان سواءِ به اُن مان پوريءَ طرح لطف اندوز ٿبو آهي. هن گيت جي هن بند ۾ گويا پدماڪر جي گيت واري سادي پيرايي ۽ مانوس ماحول رستي جيڪا درد جي اظهار ۾ شدت پيدا ڪئي ويئي  آهي. اُها اُن منظر جي ڪنهن به هڪ عنصر ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندي، پر اُها فنڪار جي (مير محمد پيرزادي جي گيتڪار شاعر جي حيثيت ۾) پنهنجي ڪيفيت آهي، جيڪا منظر ۾ پيهجي، اُن منظر کي اوچي پد ۽ اظهار جي وسعت ۾ شدت پيدا ڪرڻ جو باعث بني آهي ۽ خاص ڪري اُن ۾ سج کي ڪنهن جي کوج ۾ سڄو ڏينهن سرگردان ڏيکارڻ واقعي به  ڪردار جي ڪيفيت واضح ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿو ڇڏي.

ٻئي گيت جو هي بند اِن سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو ته:

اُهي پير ڪومل ڇپر جي ڇنا، کنيون سور جيڪي زماني ڏنا،

تنهنجي نيڻن ۾ دل ٿي چئي ننڊ ڪيان!

ڪنهن جي تلاش هلندي جاچيندڙ ڪردار جي ڪومل، نرم ۽ نازڪ پيرن جا ڇا حال بيهن ٿا، جڏهن اُهي سخت چوٽيارن ۽ نوڪدار پٿرن تي لڳي لڳي ڦٽجي پون ٿا ته اُن اذيت ڏيندڙ صورتحال کي پهرين ٻن سٽن ۾ ڏنو ويو آهي. اُن مان ڪردار جي ڀوڳيل پيڙا جو پتو پوي ٿو. ان جا ٿڪ، اوجاڳا ۽ اُلڪا به محسوس ٿي وڃن ٿا. سموري دنيا جي اِنهن طعنن تنڪن وارا سور ساڻ کڻي، ٿڪجي ٽٽي ۽ پوءِ اُن سموري مصيبت جي ازالي طور خواهش اها آهي ته ”تنهنجي نيڻن ۾ دل ٿي چئي ننڊ ڪيان!“ ائين پيو محسوس ٿئي ته اِهي  ڪنهن رڻ ۾ ٺريل رات جهڙا پُرسڪون هوندا، جيئن اياز چيو آهي ته:

نهٺا نيڻ پرينءَ جا ايئن، جيئن رڻ ۾ رات ٺري، ڪوئي ڪيئن ڪري!

تو ۾ ڪيڏو هٺ اياز، هن جا نيڻ نماڻا ها.

هنديءَ جي ديواني شاعر نرالا(جنم 1953ع) جي گيت جي هڪ سٽ آهي ته: ”بشا پريه اُرشين سک ڌن، سارياڪ اسارِ، ڪهه.“

مطلب: بشا (رات پريه(پرين/محبوب) جي اُر(سيني يا ڇاتين) تي ڇانئجي ويئي آهي.

ته مير محمد پيرزادي جي گيت جو هڪ بند آهي ته:

تنها آڳنڌ تي تون ننڊ ۾،

چنڊ نشيلي، تنهنجو چهرو،

ڪيئي ڀيرا چميو جو هو، توکي ڪير ٻڌائيندو؟

جهڙيءَ طرح نرالا رات کي محبوب(عورت) جي ڇاتين تي ڇانئجڻ ڏيکاري چيو آهي ته اها محبوب کي ڀاڪر پائي ستي پئي آهي، ته اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي گيت جي هن بند ۾ چيو آهي ته چنڊ چانڊوڪيءَ جي نشو پي تنهنجي گلاب مکڙي کي تنهنجي ننڊ جو فائدو وٺندي اڻ لکو چمي رهيو آهي، جنهن جي صبح جو جاڳڻ کان پوءِ توکي خبر نه هوندي ته رات چنڊ ڇا پئي ڪيو. اهڙيءَ طرح:

اَوشا سان آ ماڪ ٻکي ڏس، پوپٽ گل سان هاءِ سکي ڏس،

جيءُ چوي ٿو هاڻ،

ڀلا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ!

ته هن بند ۾ به پاڻ پنهنجي محبوب کان جدا هوندي ٻين جدا جدا چاهيندڙن جي ميلاپ جو ذڪر ڪري، ميلاپ جو منظر گهڙي پوءِ من جي زباني چوي ٿو ته ان سمي به جي تون ساڻ نه آهين ته پوءِ مون کي پنهنجي جياپي جو ڪوبه جواز سمجهه ۾ نٿو اچي ته ”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ.“

رومانوي روايت جي وڏي نمائنده شاعره مهاديوي ورما آهي. هوءَ سنبت 1964ع ۾ ڄائي. وٽس آفاقي جذبن سان گڏ داخلي سوز ۽ گداز گهڻو نظر اچي ٿو. هن جي گيتن ۾ ڏک ۽ اُداسيءَ سان گڏ اٿاهه پيار جو جذبو به ملي ٿو. هوءَ هڪ عورت جي اهڙي دل کڻي آئي آهي، جنهن ۾ سهپ جي حد درجي جي طاقت آهي. هيءَ ڏک وقت به رومانوي جذبي سان دل موهي وٺي ٿي. هن ابهام ۽ پيچدگيءَ کان هٽي ڪري سادگيءَ، ميٺاج ۽ داخليت طرف گهڻو ڌيان ڏنو. ڏک لاءِ سندس هيءَ راءِ آهي ته:

”ملن ڪا مت نام لي، ميئن رورهه ۾ هي چور هون.“

هن وٽ زندگي ۾ محبوب ازليءَ کان جدائي ۽ تڪليف ڏيندڙ وڇوڙي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن درد فراق جا گيت وڏي چاهه ، محويت، ميٺاج۽ سرمستيءَ سان ڳايا آهن. مهاديوي ورما جي گيتن جي زبان ۾ جذبات جي لطافت ۽ شيريني ججهي آهي. هن جي گيتن ۾ سادي سلوڻي زبان استعمال ٿيل آهي جنهن ۾ شعريت به ڀريل آهي، هن جا گيت سادگيءَ سونهن ۽ رس جو سهڻو سنگم آهن:

ڪيا امرون ڪا لوڪ ملي گا تيري ڪرو ناڪا اپهار،

رهني دوهي ديواري يي ميري مٽني ڪا اڌڪار.

هتي اگر مير محمد پيرزادي جي گيت جو هيءَ بند ڏجي ته بيجا نه ٿيندو:

وڳر ۾ ويڳاڻي، نه سينڌين صحي،

نه پالي پُڄي، هاڻ مون کان وهي.

اسان ڳالهه توسان نه ڪائي آلي،

ٺهان يار توريءَ نه مورئون ٺلهي،

انهيءَ جا اُٻارا اچن ٿا پيا!

هن بند ۾ شاعر اُن عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي محبوب جي آسري تي ڪافي انتظار ڪري چڪي آهي ۽ مجبور ٿي چوي ٿي ته :”آءٌ سرتين جي وڳر ۾ توکان سواءِ ويڳاڻي لڳي رهي آهيان. سهيلين ساڻ صحيح معنيٰ ۾ چاڳ نه ڪري رهي آهيان. هاڻ ته سچ پچ هيءَ وهي، جيڪا امانت آهي، سا به وڌيڪ وقت لاءِ آءُ سنڀالي نٿي سگهان. مون توکان ته اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڳالهه وانجهي نه رکي آهي ته اڄ به ٻُڌايان پيئي ته آءٌ توکان سواءِ ڪجهه به نٿي ٺهان ۽ آخر ۾ ڪردارن جي اندر مان اهي اوٻر جيڪي نڪري رهيا آهن سي محسوس به ٿين ٿا.

اردو شاعريءَ ۾ عظمت الله ۽ نظير اڪبر آباديءَ کان پوءِ ميراجي ۽ عبدالحميد عدم بهترين گيت ڪار آهن.  ميراجي چيو:

ڀرلي امرت پيالا پياري

ڀرلي امرت پيالا!

اس ۾ ڇپا هئي درد ڪا دارون، لهر لهر ۾ سک ڪا جادو،

اس پيالي ڪا امرت ميٺا، سوچ مٽاني والا، پياري!

ڀرلي امرت پيالا!

اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي جي هن بند تي نظر ڪبي ته ساڳيو لب لهجو، سادگي، ادائگي ۽ مواد ڏسڻ ۾ ايندو:

جا پيالن ۾ پئي مڌُ ٺري

۽ سومهڻين ۾ سونهن ڀري،

ڪو تن ۾ توريءَ ڪيئن ڪري،

بي چين خوشيون اڄ کائن ٿيون!

پيالن ۾ ٺرندڙ مئي پنهنجي جوڀن کي پُڄي ڪنهن پيئندڙ جي سومهڻينءَ ۾ سونهن ڀري رهي آهي ته اُن سمي اُن جي من جو ڪاڍو اڃا به پرينءَ ڏانهن سرس ٿي ويندو ۽ اُن جي غير موجودگيءَ ۽ کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. پوءِ اُن ماحول طرفان پيدا ٿيندڙ خوشيون، سڪون ۽ چين بخشڻ بجاءِ کائي رهيون آهن. اِن ۾ به درد جي شدت سادن سودن لفظن جي وسيلي بي انتها وڌائي ويئي آهي، يا هن بند ۾ ڏسبو ته:

چانڊوڪيءَ سان رات ٺري اڄُ،

آيو ٿي مهمان وري اڄ،

چنڊ چنبيليءَ پاڻ،

ڀلا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ!

چانڊوڪي رات ٺرڻ جي سمي چنبليءَ سان چنڊ گويا ٻکجي وڃي ٿو. تڏهن تڙپندڙ ڪردار کي پرينءَ کان سواءِ جيئڻ جو ٻيو ڪو جواز سمجهه ۾ نٿو اچي.

ڪشنچند”بيوس“ گيت کي نه صرف سنڌي شاعريءَ ۾ آندو، پر اُن جي اوج لاءِ رستا به ٺاهيا، جنهن لاءِ سيد حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته:”شيخ اياز گيتن کي سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو.“ (سنڌي ادب صفحو 7) جون 1963ع واري ”نئين زندگي“ جي صفحي 10 تي اياز جي گيت جي شاعريءَ ۾ محنت جو اعتراف هيئن آندل آهي:”اياز جا گيت سنڌي رومانوي شاعريءَ جو مظهر آهن،جن ۾ اياز اسان کي سونهن ۽ سڪ جي جستجوءَ ۾ جوڳي بنجي جهان جهاڳيندي نظر اچي ٿو. اها شاعري سندس جمالياتي احساسن، جذباتي هيجان ۽ تخيلاتي عروج جي حامل لڳي ٿي. اِن شاعريءَ ۾ اياز فطري نظارن جي دلڪش تصوير ڪڍي ڍنڊ ستارن، صبح سانجهيءَ ، رُڃ رڻ، جهڙ جبل ۽ جهونجهڪڙي کي مخاطب ٿي پنهنجي اُمنگن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي.“

اسان مٿي بيان ڪيل شاعرن جا مثال ڏيندي، مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جي حوالي سان اهوڏيکارڻ چاهيون ٿا ته پيرزادي صاحب گيت جي تسلسل کي قائم رکندي ڪيئن گيت لکيا آهن ۽ هو ڪيئن ان سٿ جي برابر جو رڪن لڳي ٿو. سنڌيءَ ۾ هن سٽ جو سروان شيخ اياز ئي آهي، ان ڪري اُن جي شاعريءَ جي مثالن سان شروعات ڪريون ٿا:

چند به ساڳيو، رات به ساڳي، بوندن سان برسات به ساڳي،

هر شئي ۾ ڪا ياد رهي ٿي، ڏاهپ جنهن جا ڏنگ سهي ٿي،

ڏک جي ڏولي، سک جي سار،

پيئوڙي يار! جيئو ڙي يار!

ته چنڊ ڀرين راتين توڙي برساتي بوندن وارين راتين ۾ ڪي يادون

پنهان هئڻ جو اشارو هر هڪ دل کي ڪُکندو ته ڄڻ سندس ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ موجوده ڏک جي ڏولي ڏيکاريل آهي، پر سک جي اميد ڪندي شاعر چئي ٿو ته:”پيئندا ۽ جيئندا رهو.“ ان سلسلي ۾ مير محمد پيرزادي چيو آهي ته:

لبن منجهان لوبان وسئي پيو، اگر وسئي پيو اکڙين مان،

عنبر اوتون انگ سنديون، ۽ ٽانگر ٽڙيا ٽهڪن مان

چوڏس چوٽيءَ جو ئي ڦهلي،

چندن واسيل واءُ!

سونهن وڌي سنسار جي!

ڇيڙيو ڇمر ڇهاءُ،

سونهن وڌي سنسار جي!

لبن جي چورڻ سان ائين سڪون اچي ڄڻ ته لوبان جي خوشبوءِ اچي وئي. اکڙيون مٿي کڻي ڏسي ته ڄڻ اگر جي خوُشبوءِ ڦهلجيو وڃي ته سندس انگ/جسم مان عنبر جو اوتون پيون اچن ۽ ٽهڪ ڏئي ته ڄڻ ٽانگر ٽڙيو پون ۽ اوچتو اچي ته سندس جوانيءَ جو چندن جهڙو واس چارئي ڏسائون واسي وڃي ۽ ان سڀ ڪجهه ٿيڻ سان هيءَ سمورو سنسار سهڻو ٿي پوي. جيڪڏهن ڪنهن ڪردار جي آمد سان اهو منظر پراپت ٿئي ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اهو منهنجي محبوب جو اچڻ ٿيو آهي. ان مان گيت جو اهو بند ڄڻ ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ”سينگار“ جي ڪنهن شعر جو بند آهي، جنهن جي ڪابه سِٽ محبوب جي ساراهه ۾ آيل تشبيهه کان خالي نه آهي.

اياز چيو آهي ته:

 

ڇا هيءَ ڳاڌيءَ سان ڳل لائي،

نير وهائي ويٺي ڳائي،

ڪنهن جي لئه پئي واجهائي، هيءَ ويچاري ڪير!

پنهنجي ڌاري ڪير!

هيءَ پاڻياري ڪير!

ته ان ساڳيءَ منظر نگاريءَ، ماحول، ڪردار ۽ ڪيفيت کي مير محمد پيرزادو رقمطراز آهي ته:

ڳاڌي تي ڪا ڳائي ويٺي،

موسيقي آ نار جي،

ياد پرينءَ جي پار جي!

پوک سندي پيهي تان، ڏس هوءَ هڪلي ٿي پئي جهار،

جنهن جي سامهون ان جا موتي، گڏجي ٿيندي ٻار،

کانڀاڻيءَ سان سينڱ وڃي ٿي ڇڪجي ڪائي سارجي،

ياد پرينءَ جي پار جي!

مير محمد پيرزادي جو هڪ ٻيو گيت آهي:

جلپريءَ جو ڏيک ڏئي،

ٽهڪڙن جي گونج ۾!

ڏيک ڏوران يار جو،

آسراپا اُن سندو.

چنڊ چوڏهينءَ رات جو ٿو چاندنيءَ جي مئي پئي،

ٽهڪڙن جي گونج ۾!

يعني ته چانڊوڪي رات ۾، چنڊ آڌيءَ رات جو چانڊوڪيءَ جو مڌ پي مست ٿئي ٿو ته اُهو هو بهو پرينءَ جو ڏيک بنجي وڃي ٿو.

هري درياني ”دلگير“ جي ڪلام ۾ حسنِ فطرت جا جلوا نظر اچن ٿا، سندس گيتن ۾ روحانيت جو مڙوئي انگ موجود آهي.

هريءَ جي گيتن ۾ ٻوليءَ توڙي موضوع جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ جا پرتوا پوندا نظر ايندا.

(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ صفحو238)

سک جي ننگري هيءَ سنسار!

هير ڏکڻ جي من موهن جيان مٺڙي بين وڄائي،

پشڀ لتائن کي گوپين جيان منوهر ناچ نچائي،

وئي ڳائي،

دل لهرائي،

جهولي ٿي هر ٽارَ،

سک جي ننگري هيءَ سنسار!

ساوڻ راجا آيو سارنگ کوليس ساز سمورا،

ڪارا وار اُکيلي برکا اُپسر پاتا نورا!

بوندون بسرن،

ڇيريون ڇمڪن،

مڌر مڌر جهنڪار!

سک جي ننگري هيءَ سنسار!

ان جي تسلسل ۾ ڏسبو ته مير محمد پيرزادي جو هي گيت ٺهڪندڙ لڳندو:

ڏند چنبيليءَ جا ڄڻ گل،

سونهن سندي واکاڻ وڏي آ،

هٻڪارن جا هيءَ جي هل!

راڳ بڻي ۽ رات ٿي ڇيڙي ڄڻ ته هوا جا يڪتارا،

دلين جا ٿي ديپ جلائي، چانڊوڪي چمڪائي چارا،

رابيلن جا منهن ڌوئي ۽ ماڪ پسائي سر کنڊ سارا،

اُڀ ستارن سان ڄڻ جهل،

سونهن سندي واکاڻ وڏي آ،

هٻڪارن جا هيءَ جي هُل!

ڪينجهر ڇر تي رات لڙيءَ ۾ وينا ويٺو واءُ وڄائي،

مڪڙيءَ تي ملاح اڪيلو گيت سکيءَ جو پيو ٿو ڳائي،

ڄڻ ته مهاڻو ٿي پيو ساڻو، گيتن جي گونجار لڳائي،

ناؤ نچائي ڇولين ڇل،

سونهن سندي واکاڻ وڏي آ،

هٻڪارن جا هيءُ جي هُل!

هري”دلگير“ جي هڪ ٻئي گيت جون چند سٽون آهن ته:

سٽ سٽ ۾ گلاب ۽ موتيو حيرت ڀريو هڳاءُ،

برساتي بوندن جي رم جهم  گرجون، گوڙ، ٺڪاءُ،

ڪنول ٽڙن ٿا، ڀئونر ڀرن ٿا، سينور ڀريو تلاءُ،

سورج، ڪتيون، سج، چنڊ، تارا، اوندهه جو به اُهاءَ !

۽ گيت جو نج پڻو مير محمد پيرزادي جي هن گيت ۾ ڏسبو ته دنگ ئي رهجي وڃبو ته:

هيل به هيڪل ڪٽڻو پوندو،

جوڀن ڪنهن جي مور ته مڃندو،

مکڻي ڪئي آ مور،

سڪ به پئي ٿي پرڙا ساهي!

ڇڏ ته سکي ڙي کيچل هاڻي،

اڄ به نه موٽيو جواني ماڻي،

ناهيان چت ۾ نُور،

ڳالهين جيءُ وڌو آ ڳاهي!

پکي پکين کي ڳر لڳائن،

سڪ ستل کي جيئن جاڳائن،

انبن جهليا هن ٻُور!

جاني آءُ جواني کائي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com