سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :13

مترجم: عبدالرزاق اي ميمڻ(1892-1961ع)

(29)        ترجمو: ديوان حافظ جي رديف دال جي پهرين پنجاهه غزلن جو ترجمو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي آرٽس امتحان لاءِ نصاب داخل. انگريزي ۾ سمجهاڻي. ڪراچي. سنڌ؛ ڪپور برادرس.(1936ع) ص -137.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ” انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14787.h.32(1) OIOC)

* سياست نامه طوسي/ حسن ابن علي ابو علي نظام الملڪه طوسي (وفات: 485هه)

مترجم: عبدالرزاق. اي. ميمڻ، (1892/ 1961ع).

(30)        ترجمو: نظام الملڪ جو سياست نامون، پهريان 15 باب، بمبئي کاتي جي تعليمي نصاب لاءِ منظور ڪيل، انگريزيءَ ۾ اختصار، ڪراچي، سنڌ: ڪپور برادرس، (1936ع)، 2 حصا، ص- ؟

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاف: انڊيا آفيس لائبرري

(Shelfmark: 14787. h. 32. (2) OIOC)

* شاهه نامه/ابو القاسم حسن فردوسي

مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي(1884-1947ع)

(31)         ترجمو: شاهه نامو: ميٽرڪ جي امتحان لاءِ نصاب ۾ داخل. سمجهاڻي سميت. ڪراچي سنڌ: يونين اسٽيم پريس.(1912ع) ص-19. 8.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص - 474

مترجم: ايس جي واڌواڻي ۽ ايل ايس پنواڻي.

(32)        ترجمو: شاهه نامو: ميٽرڪ جي امتحان لاءِ نصاب ۾ داخل، سمجهاڻي سميت (ٻه حصا) حيدرآباد. سنڌ: پريميئر اسٽيم پريس.(1912. ص 20، 35

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) ص -474

* طيبات/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292ع/691هه)

مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884-1947ع)

(33)        ترجمو: طيبات سعدي(1 کان 75 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي.) ليٿو. ڪراچي، سنڌ: يونين اسٽيم پريس لاهور.(1918ع) 10، 39، 69، 48

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب، ص -512

مترجم: ايم آر شيرازي

(34)        ترجمو طيبات سعدي_76 کان 150 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي) ڪراچي. سنڌ مرڪنٽائيل اسٽيم پريس.(1919ع) ص 73، 37.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب. ص-512

مترجم: ڄيٺمل قيمتراءِ خانچنداڻي

(35)         ترجمو: طيبات سعدي(151 کان 225 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي) ٻه حصا، تمهيد: ايم . آر شيرازي

ڪراچي. سنڌ؛ ماڊرن پبليسنگ ڪمپني(1921ع) ص ؟

حوالو: برٽس لئبرري. آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 1479.f.20920 OIOC)

مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع)

(36)        ترجمو: طيبات سعدي جو مڪمل ترجمو(151 کان 225 غزل) ڪراچي. سنڌ. (1924ع) ص-56

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2،پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص-513

مترجم: ايم آر شيرازي

(37)        ترجمو: طيبات سعدي: ترجمو ۽ سمجهاڻي. ڪراچي ۽ حيدرآباد، سنڌ: ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس.(1924ع) ص-64. 36.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2،پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص-513

مترجم: ايل ڊي ڪيسواڻي.

(38)        ترجمو: طيبات سعدي، وڌايل ۽ سڌاريل (76 کان 150 غزلن جو تعارف، مٿن، نوٽس، ترجمو ۽ سمجهاڻي)

ڪراچي ۽ حيدرآباد. سنڌ؛ ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس(1930ع) ص-53، 31.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2، پارٽ-6) فارسي ڪتاب ص-513

مترجم:ايل ڊي ڪيسواڻي

(39)        ترجمو طيبات سعدي. وڌايل ۽ سڌريل(151 کان 225 غزلن جو تعارف، متن، نوٽس، ترجمو ۽ سمجهاڻي)

حيدرآباد. سنڌ: ڪرائون اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس(1931ع) ص-8،  35، 33، 34.

حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2. پارٽ-6) فارسي ڪتاب. ص -513.

* قطعات ابن يمن / امير فخر الدين محمود(ابن يمن)

مترجم: عبدالرزاق. اي ميمڻ(1892-1961ع)

(40)        ترجمو: ابن يمن جا قطعات: مڪمل سمجهاڻي، نوٽس ۽ انگريزي ۾ اختار. ٻه حصا.

حيدرآباد. سنڌ: رام بڪ ڊپو.(1937ع) ص-؟

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري

(Shelf mark: 14797.f.33. OIOC)

ضميمو – 2

فارسي – سنڌي لغتون

1-        لغت/مولف: فرهنگ همايون(قلمي) عبدالغفور همايون (1844-1916ع)

حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو.

2-       لغت/مولف: فارسي سنڌي لغت/ سيد غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ ٺٽوي(1843-1910ع)

تاليف جو سنه(1875/1292هه)

حوالو: مرتضائي ٺٽوي جون ادبي خدمتون/ ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3-4/1998ع. ص-146

ڪيفيت: مرتضائي جي هي قلمي لغت سندس ڪتاب نجات القلوب(قلمي) ۾ لکيل آهي.

3-       لغت/مولف: ڪشف الغمود/فتح محمد هالائي

ڏکين مرڪب فارسي اکرن جي سنڌي ۾ معنيٰ. ڪراچي، سنڌ پرنٽنگ پريس.

حوالو: مقدمو: جامع سنڌي لغت.(1960ع) ص-10

4-       لغت/مولف: مجموعه سه نثر درسي/ مولي ميان عبدالڪريم درس(ابوالڪرم)

ٽي فارسي – سنڌي اکرن جون لغتون. ڪراچي، سنڌ: محمد يوسف ڪتب فروش(1896ع)ص-60.

حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ. انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي، رڪارڊ نمبر:49404

5-       لغت/مصنف: جنس نامه/شاڪر

فارسي- سنڌي لغت، تاليف جو سنه(1912ع/1330هه)

حوالو: خزينته العلوم جلد 1(ڪتاب جي اندر سلپ تي مٿين معلومات لکيل هئي)

6-       لغت/مصنف: فرهنگ ڪريما/مولانا علي محمد حقاني سومرو (1918ع)

فارسي ڪتاب پند نامه جي ڏکين لفظن جي لغت سنڌي ۽ اردو ۾. لاڙڪاڻو سنڌ: المحمود اڪيڊمي اشاعت القران و الحديث. ص -15.

حوالو: ”ڪريما فارسي جو مطالعو سنڌ ۾“/ ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، مهراڻ 3-4/2001ع) ص-94.

7-       لغت/مصنف: بحرالحڪمت طب/محمد اسماعيل ولد حاجي محمد حسن

سکر، سنڌ؛ هري سنگهه پينشنر. (1905ع) ص – 316.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark: 14164.a.35 OIOC)

ڪيفيت: طب جي هن ڪتاب ۾ دوائن جا نالا سنڌي، فارسي، هندي، انگريزي ۽ عربي ۾ ڏنل آهن.

8-       لغت/ مصنف: تحفته الادويات سنڌي: فرهنگ جعفري 4 حصا/ حڪيم محمد حسن ولد محمود.

ڇاپو ٻيو سکر. سنڌ: هري سنگهه پينشنر ڪتبخانه(1905ع) ص -302.

حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري.

(Shelf mark:14164.g.2 OIOC)

ڪيفيت: طب جي هن ڪتاب ۾ دوائن جا نالا سنڌي. فارسي.هندي ۽ عربي ۾ ڏنل آهن.

حوالا

(1)     خزينته العلوم قلمي/ مولف: محمد بخش واصف، ص-55

(2)    فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، مهراڻ، نمبر 3/1995ع، ص-72

(3)    فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -55

(4)    فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ . نمبر 3-4/1997ع. 87.

(5)    ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/اختر راهي. اسلام آباد.1986ع، ص-362

(6)    ايضاً

(7)    فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع، ص -72.

(8)    فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ / محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع، ص-82

(9)    سنڌ جي ديني ڪتابن جو ڪيٽلاگ. سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو.1971ع ڪتاب نمبر4/ص -3

(10)         ايضاً . ص 16

(11) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع، ص 366.

(12)         فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ.. نمبر 3/1995ع. ص-80

(13)         فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر 2/1996ع، ص -62.

(14)         ايضاً. ص -69.

(15)فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ محمد پنهل ڏهر، مهراڻ، نمبر 3-4/1997ع، ص 83.

(16)         ايضاً. ص 75

(17)         ايضاً. ص 86.

(18)         انڊيا آفيس لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪيٽلاگ(سنڌي نسخا)/ ڊاڪٽر ڪرسٽافر شيڪل.1976ع. نسخو نمبر 78/ ص-62.

(19)         ايضاً ص 62

(20)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع. ص -85

(21)          ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص 364.

(22)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4.1997ع. ص 83.

(23)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع.ص 87.

(24)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع ص-83.

(25)         فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع ص-85.

(26)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر2/1996ع. ص-64 ۽ 65

(27)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر، مهراڻ نمبر 3-4/1997ع. ص 83 ۽ 84

(28)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، مهراڻ نمبر 3/1995ع. ص-87

(29)        ايضاً

(30)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ نمبر2/1996ع. ص -59

(31)         سنڌي زبان ۾ رزميه شاعري/ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”سنڌ“ سيارو: 1983ع. ص -116

(32)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي مهراڻ نمبر 2/1996ع. ص 59.

(33)        ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص-365

(34)        34 فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر، مهراڻ نمبر 3-4/1997ع، ص -81

(35)         ايضاً

(36)        ايضاً  ص-83.

(37)        ايضاً.  ص-83

(38)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -61.

(39)        ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص-365 ۽ 366

(40)        ايضاً.  ص -366 ۽ 367

(41)         فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ. نمبر 3/1995ع. ص -82.

(42)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ نمبر 2/1996ع  ص-62 ۽ 63

(43)        ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص 368.

(44)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ. نمبر 3-4/1997ع. ص -88.

(45)         سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع. ڪتاب نمبر: 4/ ص -2.

(46)        ايضاً.  ص-6.

(47)        ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص -24

(48)        ايضاً.

(49)        فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -68.

(50)         فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ. نمبر 3/1995ع ص 84.

(51)فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ، نمبر 2/1996ع. ص -66 ۽ 67.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

”بيان العارفين“ – هڪ عام جائزو

ارغون- مغل دور ۾، سنڌ اندر جدا جدا عنوانن تي فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب لکيا ويا. ذڪر هيٺ زماني ۾ هن زبان ۾ ڪافي موضوعن تي قلم کنيو ويو. هن ڏس ۾ تاريخ تذڪرو، مثنوي، قصيدو ۽ داستان خاص اهميت رکن ٿا. ان دور ۾ جدا جدا عنوانن کان علاوه ”ملفوظاتي ادب“ پڻ تحرير هيٺ آيو. اسان جي ڄاڻ موجب سنڌ اندر ”بيان العارفين“ پهريون ملفوظاتي ڪتاب آهي، جو مغل دور ۾ لکجي تيار ٿيو.[1] حسن اتفاق سان هي ڪتاب زماني جي حادثن ۽ طوفانن کان بچندو، موجوده دور جي عالمن ۽ اهل ذوق انسانن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن مقالي ۾ اسين ”بيان العارفين“ جو هڪ عام جائزو پيش ڪنداسين. تازو هن ڪتاب جو هڪ معياري سنڌي ترجمو ڇپيو آهي. جنهن بابت خاص طرح سان گفتگو ڪئي ويندي.

شاهه عبدالڪريم عرف شاهه ڪريم:

شاهه عبدالڪريم جو تعلق سنڌ جي متعلوي(مٽياري) ساداتن سان آهي. هن خاندان جو پهريون فرد، جو هرات مان سنڌ پهتو، اُن جو نالو سيد حيدر هو. هي بزرگ برصغير تي امير تيمور جي حملن وقت سنڌ ۾ آيو. اُن دور ۾ سنڌ اندر سمن ڄامن جي بادشاهت قائم هئي. سيد حيدر قديم هالا شهر ۾ اچي رهيو. جتي هالا قبيلي جي اڳواڻ شاهه محمد بن دريا خان پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. هن گهر مان سيد حيدر کي علي نالي پٽ ٿيو جيڪو پوءِ سيد مير علي سڏجڻ ۾ آيو. سيد حيدر ڪجهه وقت کان پوءِ هرات هليو ويو. جتي هُن جي وفات ٿي. سيد مير علي ناناڻن ۾ پلجي جوان ٿيو. سندس شادي پڻ ناناڻن ۾ ٿي. سيد مير عليءَ جو اولاد وڌيو ۽ پوءِ هالا کي ڇڏي اچي مٽياري(متعلوي) ۾ مقيم ٿيو، متعلوي ساداتن جي هڪ فرد لال محمد شاهه (عرف للو شاهه) جي گهر ۾ سنه 944هه/1538ع ۾  شاهه عبدالڪريم عرف شاهه ڪريم ڄائو. سندس ولادت مٽياري شهر ۾ ٿي. اُن وقت سنڌ تي ارغونن جو راڄ هو. شاهه للو نيڪ ۽ عابد انسان هو. پاڻ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. لاڙ  طرف هن جا ڪافي مريد هئا. سندس وفات به لاڙ(بدين) ۾ ٿي. جيئن ته شاهه للو مريدن خادمن وارو هو. جيڪو اڪثريت لاڙ ۾ رهندڙ هئا، ان پس منظر ۾ شاهه ڪريم تعليم، تربيت ۽ شاديءَ کان پوءِ مٽياري ڇڏي اچي بُلڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هڪ روايت موجب پنهنجي مرشد مخدوم نوح رح جي ارشاد تي مٽياري مان لڏي بلڙيءَ ۾ مقيم ٿيو. بعد ۾ هي ماڳ شاهه ڪريم جي نسبت سان بُلڙي شاهه ڪريم مشهور ٿيو. پاڻ حياتيءَ جو وڏو عرصو هن ماڳ تي رهيو. اٺاسي سالن جي ڄمار ۾ سن 1032هه/1623ع ۾ فوت ٿيو. سندس مقبرو بلڙي ۾ آهي. اُن وقت سنڌ تي دهليءَ جي مغل شهنشاهن جو راڄ هو.     

 

شاهه ڪريم کي تعليم لاءِ مڪتب ۾ وهاريو ويو، ليڪن پاڻ وڏي مشڪل سان قرآن مجيد ناظره ٻه سيپارا پڙهي سگهيو. اُن جي ڀيٽ ۾ هن کي ذڪر ۽ فڪر جو گهڻو اونو رهندو هو. ننڍي هوندي کان وٺي سماع جي طرف رغبت رکيائين. ان ڪري سماع جي محفلن ۾ وڏي شوق سان شريڪ ٿيندو هو. سلوڪ جي راهه جو طالب هو. ان ڪري ابتدا ۾ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. بعد ۾ عزيزن جي گهڻي زور ڀرڻ تي شادي ڪري سرخرو ٿيو. سنڌ جو سير سفر ڪري ملڪي حالتون اکين سان ڏٺائين. گجرات – احمد آباد طرف پڻ سفر تي ويل ڏسجي ٿو. پاڻ فقيرن ۽ طالبن جو گهرجائو هو. هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ بهار جو هڪ بزرگ سلطان ابراهيم اچي ٽڪيو. پاڻ هن فقير جي خوب خدمت ڪري مقصد حاصل ڪيائين. جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ جو وڏو حصو عبادت ۽ رياضت ۾ گذريو. اُن هوندي به اولاد ، عزيزن توڙي مريدن جي حقن کان غافل نه رهيو. محنت ۽ مشقت ڪري پنهنجي اولاد کي پاليائين. سڄي حياتي مال ميڙڻ کان پرهيز ڪندي ”الفقر فخري“ واري قول تي قائم رهيو. ابتدا ۾ پنهنجي والد وانگر سهروردي طريقي سان وابسته رهيو، ليڪن بعد ۾ قادري مسلڪ سان لاڳاپجي ويو. ڪجهه لکندڙن کيس اويسي طريقي جو صوفي لکيو آهي. شاهه ڪريم کي مخدوم نوح (وفات:998هه) سان گهڻي عقيدت هئي.

شاهه عبدالڪريم کي ٽي نياڻيون ۽ اَٺ پٽ ٿيا. چئن پٽن کي اولاد نه هو، البته باقي چار پٽ اولادي ٿيا. سندس اولاد اڳتي هلي ڪريم پوٽا مشهور ٿيو. سندس پٽن مان ترتيب وار: لال محمد شاهه، حسين شاهه ۽ دين محمد شاهه سجاده نشين ٿيا. دين محمد شاهه جي اولاد مان سيد عبدالواسع (ڇهون سجاده نشين) آخري مغليه دور ۾ حاڪمن کي نهايت ويجهو هو ۽ صوفي شاهه عنايت جي شهادت جي حوالي سان هن جو نالو تذڪرن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شاهه عبدالڪريم سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ ٽن ڳالهين سبب اهميت وارو ڪردار آهي.

(1)     سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ”ڪريم پوٽو“ سيد آهي. پاڻ شاهه ڪريم جي پٽ جلال شاهه ( يا جمال شاهه) جو پڙپوٽو، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ حبيب شاهه جو پٽ آهي. شاهه عبداللطيف پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم جي اعليٰ اخلاق ۽ مثالي ڪردار کان گهڻو متاثر ٿيو. سندس مزار مبارڪ تي مقبرو پنهنجي نظرداريءَ هيٺ تعمير ڪرايائين. هڪ مشهور روايت آهي ته شاهه ڪريم جو رسالو(بيان العارفين) هميشه پاڻ سان رکندو هو.

(2)    سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ قاضي قادن کان پوءِ شاهه ڪريم جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. سندس نوي کان وڌيڪ بيت سنڌي اساسي شاعريءَ جو گويا ڪهِ بنياد آهن. اڳتي هلي خاص طرح سان شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف سنڌي زبان ۾ شعر چئي، شاهه ڪريم جي شاعرانه روايتن کي اڳتي وڌايو.

(3)    شاهه عبدالڪريم پهريون سنڌي عارف آهي، جنهن جي ”ملفوظات“ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي اسان تائين پهتي آهي. ملفوظات فارسي زبان ۾ ”بيان العارفين“ نالي ڪتاب ۾، مصنف محمد رضا بن عبدالواسع، سنه 1038هه/ 1628ع ۾ تيار ڪئي. سنڌ جي صوفياڻي ادب ۾ عام طرح ۽ فارسي ادب جي حوالي سان خاص طرح، محمد رضا جي هيءَ هڪ وڏي اهم خدمت تسليم ڪئي وڃي ٿي.

بيان العارفين و تنبيه الغافلين:

بيان العارفين جو مصنف محمد رضا ٺٽي جو رهواسي هو. پاڻ شاهه ڪريم جو مريد ۽ ويجهو مجلسي هو. هن  فارسي زبان ۾ شاهه ڪريم جي قولن ۽ بيتن تي مشتمل هي ڪتاب سنه 1038 هه ۾ تيار ڪيو. اُن وقت شاهه ڪريم جي وفات کي ڇهه ورهيه مس ٿيا هئا. پاڻ پنهنجو تعارف هن ريت ڏنو اٿس:”مون نالي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن سيد عبدالڪريم شاهه عرف ميون شاهه ڪريم(944-1033 هه) بن لال محمد عرف لَله بن عبدالمنعم بن هاشم بن حاجي بن حلال عرف جراڙ بن مير علي سنڌي داروغه گهر ساڪن ٺٽه، جيڪو حضرت جن جي دلي طور ظاهري توڙي باطن جي لحاظ کان خادم ۽ پيرن جي خاڪ آهي، تنهن حضرت جن جون دلپذير حڪايتون ۽ وڏيون ڪرامتون، سنڌي بيت، توحيد ۽ نصيحت جا عجيب ۽ اعليٰ نڪتا گڏ ڪيا آهن“ ( ديباچو: ”بيان العارفين)

مصنف موصوف جو هن کان وڌيڪ احوال ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داروغه گهر کي داروغه ڪيهر لکيو آهي، جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. راشدي صاحب بيان العارفين جو مختصر تعارف هن طرح ڏنو آهي:”هي ڪتاب فارسيءَ ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه


 

ڪيهر رجب 1038هه/1629ع ۾ لکيو. ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ست باب ۽ هڪ خاتمو آهي. ست باب ٻارهن فصلن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ شاهه ڪريم جي سوانح ، ملفوظات، اوراد ۽ وقت جي مشائخن جا تذڪرا اچي وڃن ٿا. شاهه ڪريم جا سنڌي بيت ۽ قاضي قاضن جا ست بيت، جن کي سنڌي شاعريءَ جو اساس سمجهيو وڃي ٿو.، هن ڪتاب مان مليا آهن. ڪتاب ۾ گهڻن سنڌي بزرگن جو ذڪر ٿيو آهي“ (حديقته الاولياءَ“ مقدمو، ص 24-25، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1967ع)

 


جدا جدا اديبن ۽ عالمن ”بيان العارفين“ جي هيٺين نسخن، ترجمن ۽ ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي.

 

(الف) قلمي نسخا:

1-        هڱورجا جي پير عبدالباقي ولد حافظ حبيب الله جو 17 صفر 1051هه جو ڪتابت ڪيل  پير حسام الدين راشدي صاحب جي ذخيري ۾ هو.

2-       محمد سعيد عرف الهه رکيي،بيان العاارفين 1183هه ۾ نقل ڪيو. هي نسخو پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ هو.

3-       ڪاتب فقير ڌڻي پرتو بلڙوي، صفر 1196هه ۾ هڪ نسخو تيار ڪيو.

4-       ”بيان العارفين“ جو هڪ نسخو ضياءُ الدين بن گل محمد 29 رمضان المبارڪ 1228هه تي لکي پورو ڪيو، جو هن وقت سيد علي مير شاهه جوُڻن واري وٽ موجود آهي. هي نسخو نهايت معتبر، درست، خوشخط ۽ مڪمل آهي، ان ڪري فاضل مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پنهنجي ترجمي ۽ تحقيق جو انحصار هن نسختي تي ڪيو آهي ڪتاب جي ترجمي جي آخر ۾ ضياءُ الدين  جي نقل ڪيل فارسي نسخي کي عڪس جي صورت ۾ پڻ مڪمل طرح سان ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي.

 

 

5-       بيان العارفين جو هڪ نسخو محمد صالح سن 1243ع ۾ تيار ڪيو. هي نسخو منصوره ڪاليج جي لئبرري ۾ موجود آهي.

(ب) سنڌي ترجما:

1-        ڀڄ شهر جي رهاڪو عبدالرحمان ڪاٺ ٻانڀڻ الف اشباع ۾ سن 1213هه/1798ع ۾ منظوم  ترجموڪيو. هي ترجمو ٻن ڀاڱن  ۽ سورهن بابن ۾ آهي. جلد اول ۾ يارهن باب ۽ جلد دوم ۾ پنج باب آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ سن 1244هه جو هڪ نسخو موجود آهي. اُن جو ڪاتب سيد غلام شاهه بن سيد احمد شاهه آهي.

2-       مخدوم عبدالصمد بن حاجي مقيم نورنگ پوٽي سنڌي نثر ۾ اختصار ڪيو. بيان العارفين جو هي اختصار ڪاتب خود 1293هه/1886ع ۾ بمبئي مان ڇپرايو.

3-       هڪ وڌيڪ سنڌي ترجمو در محمد ويٺل لقمان(خيرپور) تيار ڪيو ۽ ماستر هريسنگ ڪتب فروش سکر 1909ع ۾ لاهور مان ڇپرايو.

4-       ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سال 1973ع ۾ سنڌي ترجمو نئين طرح تيار ڪري، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سنڌ يونيورسٽي کي پيش ڪيو. هن ۾ درست سنڌي متن، مقدمو، بيتن جي شرح ۽ تاريخي  ڳالهين جي اپٽار ڪيل آهي.

(ج) ڪريم جو ڪلام:

1-        رساله ڪريمي: مرزا قليچ بيگ سن 1904ع ۾ بيان العارفين تان سنڌي بيت اخذ ڪري هي رسالو ڇپرايو.

2-       شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائودپوٽي ”بيان العارفين“ جي اختصار سان گڏ شاهه ڪريم جي سنڌي شعر کي مرتب ڪيو. ۽ پڻ اُن ۾ آيل قاضي قادن جي بيتن کي نروار ڪيو. هي ڪتاب 1937ع ۾ ڇپيو. ٻيو ايڊيشن 1977ع ۾ نڪتو.

3-       رسالو شاهه عبدالڪريم: هي مختصر ڪتابڙو مير محمد نظاماڻي تيار ڪيو. جو سال 1961ع ۾ ڇپيو.

4-       ڪريم جو ڪلام: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، بيان العارفين جو اختصار ۽ ترجمو ڪري”ڪريم جو ڪلام“ ترتيب ڏنو. هي ڪتاب پهريون ڀيرو  سال 1963ع ۾ شايع ٿيو.

5-       shah abdul karim: mystic poet of sindh

هي ڪتاب موتي لال جوتواڻي تيار ڪيو. هن ۾ شاهه ڪريم جي شعر جو انگريزيءَ ۾ (منظوم) ترجمو ڏنو ويو آهي. اُن سان گڏ سنڌي شعر به ڏنل آهي. ابتدا ۾ شاهه ڪريم جي سوانح تي به قلم کنيو ويو آهي. هي ڪتاب 1989ع ۾ دهليءَ مان ڇپيو. وري ڪراچي مان 1986ع ۾ ڇپيو. ساڳيو ڪتاب جوتواڻي صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ سماج“ (انگريزي) ۾ به شامل آهي. هي ڪتاب 1979ع ۾ دهليءَ مان ڇپيو پر اُن ۾ ڪريم جو سنڌي ڪلام شامل ڪونهي.

6-       ابيات شاهه ڪريم: منظوم اردو ترجمو، از ڊاڪٽر نجم الاسلام، هي ترجمو سنڌالاجي 1987ع ۾ ڇپيو.

بيان العارفين جو موجوده نئون ڇاپو:

محمد رضا جي فارسي ڪتاب”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ جي قلمي نسخن، ترجمن ۽ اُن تان اخذ ڪيل جدا جدا ڪتابن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي. هن معروف ڪتاب جا جيڪي به سنڌي اختصار يا ترجما ٿيا آهن، اُنهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪاوش کي ڇڏي ڪري، ٻيا ترجما يا ته اڻ ڇپيل آهن، يا وري اُهي پراڻي دور جي نمائندگي ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جو ترجمو موجوده دور جو آهي، پر اُهو اڃا تائين نه ڇپيو آهي. ان پس منظر ۾ ”بيان العارفين“ جي هڪ نئين مفصل ترجمي، مستند شرح ۽معياري متن جي بيحد ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي. شڪر آهي ته اِهي سموريون ضرورتون ”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ جي صورت ۾ تازو سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پوريون ڪيون آهن.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سنڌ جي علمي ۽ سُڄاڻ حلقن ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1- سيپٽمبر 1951ع تي ڄائو. سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس سي رياضي ۾ ڪري. اُتي ئي استاد مقرر ٿيو. ستت پوءِ مرڪزي اعليٰ ملازمتن وارو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمنٽ گروپ ۾ عملدار بنيو. پاڻ ملازمت  دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ بعد ۾ ڪمشنر جي حيثيت ۾ خدمتون بجا آندائين. حڪومت سنڌ جدا جدا کاتن جو سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو. سومرو صاحب هن وقت ڪراچيءَ ۾ مرڪزي ملازمت جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. ملازمت جي دوران پنهنجي مطالعي کي جاري رکندي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”فلسفي“ ۾ ايم اي ڪري ورتائين. ان کان سواءِ ايل ايل بي  جي ڊگري به حاصل ڪيائين. بعد ۾ انگلينڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان ترقياتي اڀياس ۾ ڊپلوما پڻ ڪري آيو. شاهه عبداللطيف جو صوفياڻو فڪر ۽ مولانا رومي جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ لکيل سندس ٿيسز تي، سال 1998ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ملي چڪي آهي. ڀٽ شاهه تي ”ايوان رومي“ جي رٿا ۽ اڏاوت ۾ سندس ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. جڏهن پاڻ ڪمشنر حيدرآباد جي حيثيت ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. سندس ڇپيل ڪتابي اثاثو ڪجهه هن طرح آهي. 1- پراسرا ڪائنات (ترجمو:1974ع) 2- اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل(ترجمو؛1978ع) 3- فلڪيات (1986ع) -4 مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (انگريزي 1989ع) 5- شاهه عبداللطيف (1993ع)6- بيان العارفين(ترجمو، تحقيق ۽ تشريحي حوالا. 2002ع) ان کان علاوه سومري صاحب جي شاهه لطيف تي لکيل مذڪوره ٿيسز جي اشاعت جو پڻ علمي دنيا کي انتظار آهي.

بيان العارفين و تنبيه الغافلين جا مختلف ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ترجما موجود آهن، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون. هن ڪتاب جو جيڪو تازو ترجمو ڇپجي آيو آهي، هيٺ اسين دلپذير عالمانه ايڊيشن جو هڪ عام جائزو ۽ تعارف پيش ڪنداسين. ڪتاب جو سٽاءُ هن ريت آهي:

تعارف- از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مهاڳ ۽ مقدمو مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ديباچو مصنف محمد رضا

فصل (1) پيري مريدي ۽ تاريخ ولادت

فصل (2) شاهه ڪريم جو مرتبو ۽ مقام

باب پهريون : حق جو ذڪر ۽ طلب ۽ ورد وظيفن جي بيان ۾

فصل(1) حق جو ذڪر ۽ اُن جي سمجهاڻي

فصل(2) ورد وظيفا، نفل، نمازون وغيره

باب ٻيو: سوال ۽ جواب

باب ٽيون: حلم، تواضع، مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾

فصل(1) حلم، تواضع ۽ مجاهدي جو بيان

فصل(2) خدمت ۽ سخاوت جو بيان

باب چوٿون: محبت ، شوق ، وجد ۽ سماع جي بيان ۾

فصل(1) محبت ۽ شوق جي بيان ۾

فصل(2) سماع ۽ وجد جي بيان ۾

باب پنجون: توحيد ۽ اُن جي سمجهاڻي

باب ڇهون: نبين، ولين ۽ بزرگن جون حڪايتون

فصل(1) نبين سڳورن جون حڪايتون ۽ آخرت جو احوال

فصل(2) اڳين بزرگن ۽ ولين جو حڪايتون

فصل(3) سنڌ جي اوليائن جون حڪايتون

باب ستون: تصرفاتن جي بيان ۾

فصل(1) تصرفات

فصل(2) ڪرامتون

ضميمو: تاريخ وفات ۽ ڪجهه ارشادات

فصل(1) تاريخ وفات

فصل(2) اولاد جي باري ۾ ارشادات

تشريحي حوالا

فهرست (1) قرآني آيتون، حديثون ۽ قول

فهرست (2) مقدمي، متن ۽ حوالن ۾ آيل ڪتاب

فهرست (3) ماڻهن جا نالا

فهرست (4) ماڳن، مڪانن، شهرن، ذاتين جا نالا

”بيان العارفين“ جي هن تازي ترجمي ۾ بابن ۽ فصلن جو وچور اهو ِ آهي. هن وچور کي ڏسڻ سان اندازو ٿي وڃي ٿو ته  اصل ڪتاب ۾ ڪهڙا مضمون ۽  عنوان آهن. جڏهن ته هن فهرست کي ڏسڻ سان فاضل مترجم جي ڪيل اٿاهه جاکوڙ جو پڻ  خوب اندازو ٿي وڃي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي علمي ۽ تمدني تاريخ جي اڀياس جو هڪ اهم ماخذ آهي. جنهن وقت هي ڪتاب لکيو ويو هو، اُهو وقت سنڌ جي تاريخ جو هڪ پرآشوب زمانو هو. سنڌ ابتدا ۾ ارغونن ۽ پوءِ ترخانن ۽ مغلن جي حاڪميت ۾ رهي. اهل سنڌ لاءِ سياسي طرح سان بدترين دور هو، ليڪن ذڪر هيٺ زماني ۾ سنڌ اندر فارسي زبان ۾ هر عنوان تي  ڪتاب لکيا ويا. جن ۾ جائزي هيٺ آيل ڪتاب پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان شاهه ڪريم جي زندگي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ پڻ اُن وقت جي سنڌ جا حالات سامهون اچن ٿا. مجموعي طرح سان پنهنجي وطن جي صوفياڻي دنيا جي دل کي ڇهندڙ  هڪ جهلڪ پسڻ جو موقعو ملي ٿو. شاهه ڪريم کان علاوه ڪجهه همعصر درويشن ۽ اصل تصوف جي باري ۾ به ڪي اهم ڳالهيون هن ڪتاب جي ذريعي اسان تائين پهچن ٿيون. اسان جو پنهنجو دور مونجهارن ۽ مشڪلاتن جو زمانو آهي. ملفوظات تي مشتمل هي ڪتاب پڙهڻ سان اسين پنهنجي پرپيچ زندگيءَ کي پڻ آسان ۽ سڦل بنائي سگهون ٿا.

فاضل مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ”بيان العارفين“ کي آسان ۽ مڪمل بنائي پيش ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پاران پوري پوري علمي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڏس ۾ سندس لکيل تشريحي حوالا وڏي اهميت رکن ٿا. ملفوظات ۾ ذڪر ٿيل ڪردارن ۽ جاگرافيائي ماڳن بابت سومري صاحب جي تحقيق ۽ کوجنا، خاص طرح سان واکاڻ جوڳي آهي. ليڪن خبر نه آهي ته پاڻ سنڌ اندر صدين کان وٺي مڃيل هڪ حقيقت کان پهلوتهي ڪندي، ڪيئن مخدوم بلال جي شهادت بابت هاڪاري راءِ نه ڏني اٿن(ص 321) سنڌي زبان تي اردو جو وڌندڙ اثر، اسان جي ٻُوليءَ جي مئونث ۽ مذڪر تي به اثر انداز ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جُزوي طرح اُن کان بچي نه سگهيو آهي. جيئن پاڻ لکي ٿو ته:”نياڻين جو اولاد“(ص 302) سنڌيءَ ۾ اولادُ درست ٿيندو. اِن طرح فاضل مترجم، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ جي لاءِ لکيو آهي ته اُن جو ٻيو ڇاپو 1958ع ۾ ۽ ٽيون ايڊيشن 1977ع ۾ نڪتو هو. حقيقت ۾ 1958ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مرتب ڪيل رسالي کي درستين ذريعي مڪمل ڪيو هو، ليڪن اِهو درست ڪيل نسخو اوڻيهه سال پوءِ سال 1977ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. بهرحال ايڪڙ ٻيڪڙ جزئيات کي ڇڏي ڪري سمورو ترجمو ۽ تحقيق ساراهه جوڳي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ بيان العارفين (فارسي) جو عڪس پڻ ڏنو ويو آهي. ان طرح گويا ڪه هن نامور ڪتاب کي وڌيڪ مڪمل ڪيو ويو آهي. اسين اهڙي ڳڻپ جوڳي اهم علمي ڪم جي شاندار تڪميل تي جناب عبدالغفار سومري کي مبارڪباد پيش ڪندي پنهنجيون نيڪ تمنائون آڇيون ٿا. خدا کين وڌيڪ تحقيقي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي.


[1]  چونڊ ملفوظات نالي هڪ ڪتاب سال 1999ع ۾، قاضي شوڪت علي قريشي صاحب ترتيب ڏيئي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ مخدوم نوح رحه جا ملفوظات درگاهه سان لاڳاپيل ماخذن جي ذريعي حاصل ڪري. ترتيب ڏنا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com