هنن کنڊرن جا نشان ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن،
جتان مينهن جي مند ۾ سرون، پٿر، لوهه جا ٽڪر، شيشو
وغيره لڀندا آهن.
امراڻو:-
هي کنڊر عمرڪوٽ جي موجود شهر کان ٽي چار ميل کن
اتر طرف کاروڙي ڳوٺ جي اوڀر ۾ شو جي مندر تائين
موجود آهن ۽ برهمڻن جي روايتن موجب قديم زماني ۾
شو جو اهو مندر امراڻي جي شهر لڳ هو ۽ آثارن مان
به ائين ظاهر ٿئي ٿو.
هنن کنڊرن اندر، شاه عنايت صوفيءَ جي هڪ خليفي
معشوق علي شاهه دهلوي عرف نماڻي شاهه شهيد جو قبو،
کڙڪي فقير جو مقام ۽کنڊرن کان عمر ڪوٽ تائين
’ولهار‘ نالي مشهور ڏهر آهي، جنهن جو زڪر ڀٽ ڌڻي
سر سارنگ ۾ اجهو هيئن ڪيو آهي.
ڪن اچي ”عمر ڪوٽ“ تان وسايا ”ولهار“.
کنڊرن جي اتر اولهه ۾ ”کاروڙي“ جو مشهور ڳوٺ آهي،
جتان سومرن جي دور ۾، عمر سومري جي ظالمانه روش
سبب، مارئيءَ جا مائٽ لڏا کڻي ’پائر‘ طرف سوڍن جي
حڪومت ۾ ”ويڙهي جهپ“ ڳوٺ ڏانهن هليا ويا هئا، جنهن
جو ذڪر شاهه عبداللطيف به اجهو هيئن ڪيو آهي ته:
”کاروڙيا“ کڻي، ”ويڙهي جهپ“ ويا،
سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هت هئا،
پسي پڊ تنين جا، لڙي لڙڪ پيا،
ڏيهي ڏور ٿيا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
عمر ڪوٽ:-
عمر ڪوٽ جو شهر، جيڪو اڳ امرڪوٽ جي نالي سان مشهور
هو ۽ هاڻ کيس مسلمان عمرڪوٽ ۽ هندو امر ڪوٽ سڏيندا
آهن ۽ٿر جي لوڪ گيتن ۾ اڃا به ”امراڻو“ اچاريو وڃي
ٿو، سو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو تختگاهه ۽ پوءِ ”ڍٽ“
جو تختگاهه، ۽ انگريزن جي دور ۾ 1905ع تائين ضلعي
جو هيڊڪوارٽر ۽ پوءِ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هن
جي اتر ۾، ميل کن پنڌ تي، اڪبر بادشاهه جي جنم هنڌ
تي هڪ ننڍو چبوترو ٺهيل آهي. انهيءَ کي اڳي
”جوڳڙيائي“ يعني جوڳين ۽ سناسي فقيرن جي رهڻ جو
هنڌ سڏيندا هئا، جتي گهاٽو جهنگ هو. ۽ انهيءَ هنڌ
تي ئي عمرڪوٽ جي راڻي، همايون بادشاهه کي رهايو هو
۽ شهر جي اوڀر ۾ ميل کن پنڌ تي ’روحل جي واءِ‘
آهي، جيڪا اڃا به ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. انهيءَ
ايراضيءَ کي ’پدمات‘ چوندا آهن ۽ روحل فقير اتي
ڪافي زمانو رهيو هو.
شهر کان ميل کن ڏکڻ طرف ’مومل جي ماڙي‘ جا آثار
آهن، جيڪي اٽڪل ميل کن ايراضيءَ ۾ آهن ۽ اولهه –
ڏکڻن واري ڇيڙي تي انهيءَ محل يا ماڙيءَ جا کنڊر
آهن، جنهن ۾ مومل نالي هڪ حسينه رهندي هئي، جنهن
ڍولي نرور کي پنهنجي پريت جي پيچ ۾ اهڙو ته پختو
ڪري پاڻ وٽ روڪي رکيو هو، جو هن کان پنهنجي ننڍي
هوندي جي مڱ ”مارل“ به وسري ويئي هئي. مارل عمرڪوٽ
جي بادشاهه ”پنگڙ راءِ“ يا ”پنگل راءِ“ جي ڌيءَ
هئي ۽ اهو پنگل راءِ همير سومري پهرئين هٿان شڪت
کائي جيسلمير طرف هليو ويو هو، جتي هن قلعو ٺهرايو
هو، جيڪو اڄ به ”پنگل ڳڙهه“ نالي سان ياد ڪيو پيو
وڃي. ڍولي کي جڏهن مارل طرفان پيغام پهتو ته:-
آمان پڪا آميان، وڻ پڪا ونيان،
گوري گرجڻ سڀ پڪا، رس وهي نيڻان.
تڏهن مومل جا سڀ حيلا رد ڪري ’پنگل ڳڙهه‘ پهتو ۽
مارل سان لائون لهي کيس پنهنجي ملڪ وٺي آيو هي اڃا
عمرڪوٽ کان ڪجهه پري هو ته مومل اها خبر ٻڌي بيحال
ٿي پيئي، ۽ پاڻ کي ان ماڙيءَ اندر باهه ڏيئي ساڙي
ڇڏيائين، جنهن کانپوءِ اهو هنڌ ’مومل جي ماڙي‘
نالي سان مشهور ٿي ويو آهي.
هنن کنڊرن جي اوڀر ۾ ’وهري‘ جو پراڻو ڳوٺ آهي.
جيڪو اصل ”وهار“ مان ”وهارو“ ٿي ”وهرو“ بڻجي ويو
آهي. هتي ٻڌ ڌرم وارن جا عبادتگاهه هئا، جن جو هن
وقت ڪو نشان به ڪو نه ٿو لڀي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ انهيءَ ڳوٺ ۾ ميان نور محمد ڪيريي
جو مدرسو هو، جنهن جي هڪ مجذوب دوست يا معتقد ”عبن
فقير پلي“ عرف ”عبن دهلڙي واري“ جي پاراتي سان
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو خاتمو ٿيو هو. قصو هيئن
هو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جڏهن اتر سنڌ ۾ سلامتي
نه ڏسي اچي عمر ڪوٽ جو قلعو وسايو هو تڏهن عمرڪوٽ
کان چيلهه تائين مهراڻ درياهه جي پراڻي پيٽ مان
واهه کوٽائي، چيلهه لڳ اڀرندي ناري سان ڳنڍي، آدم
شاهه ٽڪري مان پٿر کڻائي، ٻيڙين ذريعي عمرڪوٽ
پهچائي، قلعي کي پڪو ٿي ڪيائين. ان ڪم ۾ ميان جي
ماڻهن مٿئين بزرگ ميان نورمحمد ڪيريي جي مدرسي جا
شاگرد به بيگار ۾ آندا هئا، جن جي مدد لاءِ جڏهن
”عبن فقير“ اتي پهتو تڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي هن
کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن تي فقير صاحب جوش ۾ اچي
بيت ڏنو ته:
”واهه“ وهندو ڪين ڪي، م ڪر ماڻهن کي ماهه،
ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي، سرن جي سانباهه،
”ڳوڙهياريءَ“ وٽ ڳاهه، وڃي نورو ٿيندين نڪري.
بس الله جي قدرت ٿي جو مٿان هاڪڙي مان گهاري پوڻ
سبب واهه سڪي ويو ۽ پٿرن واريون ٻيڙيون جتي هيون
اتي ئي بيٺيون رهيون ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو، نادر
شاهه جي عمر ڪوٽ طرف ڪاهه جو ٻڌي، ڀٽن جو ڪنارو
ڏيئي وٺي اتر طرف ڀڳو، ۽ جيسلمير علائقي ۾
”ڳوڙهياريءَ“ جي لڪ وٽ خناق جي بيماريءَ ۾ مبتلا
ٿي گذاري ويو.
ميان نور محمد جوپوٽو ميان جان محمد ڪيريو مشهور
بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي مزار تي چيٽ مهني ۾ هر
سال ميلو لڳندو آهي.
کيجڙياري:-
وهري
جو ڳوٺ کان ڏکڻ طرف اٽڪل ٽن ميلن جي پنڌ تي
کيجڙياريءَ جو تاريخي ڳوٺ آهي، جنهن جي لڳ پراڻي
شهر جا کنڊر واقع آهن، جتي 50-60 سال اڳ هڪ کوهه
جان نشان موجود هئا، جيڪو پڪو کوهه هو ۽ سمورو
گول سرن سان ڀريل هو ۽ انهن سرن جي هڪ پاسي گوتم
ٻڌ جي مندر جو فوٽو اڀريل هو.
هي شهر مدد خان جي حملي جو شڪار پڻ ٿيو هو. ڪلهوڙن
جي دور ۾ هتي وڏا ديني مدرسا هئا.
نهٽو:-
کيجڙياريءَ کانپوءِ ”نبي سر“ ۽ ”راڄاريءَ“ جا
پراڻا کنڊر آهن ۽ انهن کانپوءِ نوهٽي“ جا کنڊر اچن
ٿا، جيڪو ”مهر راڻيءَ“ جو شهر هو، مهر راڻيءَ جا
اڻانگا شرط پورا ڪري راءِ لاکي ڦلاڻيءَ ساڻس شادي
ڪئي هئي ۽ پوءِ پرمتڙيو ٿي ان کي ڏهاڳ ڏيئي هليو
ويو هو. کنڊرن لڳ ”مهر جو ڏهر“، ”مهر جو مقام“
۽ٻيا آثار موجود آهن.
پوئين دور ۾ جڏهن شهر جو آخري اوج هو تڏهن شهر جو
حاڪم راء جکرو هو، جيڪو راءِ ڌورنگ سهتي جو پٽ هو
۽ هن جي دور ۾ مهراڻي ۾ ايڏي آبادي هئي جو ان لاءِ
چوندا هئا ته ڍوري ناري يا هميراڻي مان پاٽي رواني
ڪبي هئي ته اها هٿوهٿ نهٽي پهچي ويندي هئي ۽ هن
دور لاءِ هڪ بيت به مشهور آهي، جيڪو هن طرح آهي
ته:
جڏهن واري جکري، تڏهن نهٽي ”نو سو هٽ“،
پري کان ئي پانڌين کي ٿي آئي عطر ڇٽ،
محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾.
نهٽي کانپوءِ ”لاليءَ جو ڀڙو“، ”ڳاڙهيار جو ڀڙو“،
”ونگو“، ”رحمڪي بازار“ ۽ ”وڳهه ڪوٽ“ هن وهڪري جا
پراڻا تاريخي کنڊر آهن، جن جو احوال گهڻو ڪري
مشهور عام آهي.
هاڪڙو درياهه:
مهراڻ کانپوءِ هن پٽ کي آباد ڪندڙ هاڪڙو درياهه
يا هاڪڙي جي اولهه واري شاخ هئي، جيڪا بهاولپور
وٽان سنڌوءَ جي ويجهو وهندي، روهڙيءَ ويجهو ڏکڻ
ڏانهن مڙي، خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن مان وهندي، ”غلام
نبي شاهه“ جي موجوده ڳوٺ جي ويجهو اچي ٿرپارڪر ۾
داخل ٿيندي هئي ۽ عمرڪوٽ کان اٽڪل 13-14 ميل اولهه
طرف هلندي نهٽي ويجهو مهراڻ جي لڳو لڳ وهندي رحمڪي
بازار وٽ پهچي وڃي سمنڊ داخل ٿيندي هئي.
هاڪڙي جي هيءَ شاخ به ايترو ئي قديم هئي جيترو
اڀرندو هاڪڙو يا وهيندو دريا، ڇو ته هن ئي وهڪري
جي ڪناري تي ”ڪوٽ ڏيجي“ جا کنڊر آهن، جيڪي ”موهن
جي دڙي“ کان به پنج سو ورهيه پراڻا آهن.
هن وهڪري جو اوج تڏهن گهٽيو، جڏهن ”مهراڻ درياهه“
هن کي سکر ضلعي جي مهڙ وٽان ڪٽي ڇڏيو ۽ هي وهڪرو
پوءِ مهراڻ جي هڪ شاخ بڻجي رهجي ويو ۽ جڏهن مهراڻ
ختم ٿيو تڏهن هي به ان سان گڏ پورو ٿي ويو.
هي وهڪرو ٻيو دفعو تڏهن وهيو، جڏهن بکر ويجهو اروڙ
ٻنڌ وٽان ”اڀرندي ناري“ وارو ڦاٽ نڪري اچي هن سان
مليو ۽ ان کانپوءِ هي ڪيترن ئي نالن سان سڏجڻ لڳو،
جيئن ته ڍورو، ڍورو نارو، اڀرندو نارو، وغيره.
ضلعي جو مشهور ڪلاسيڪي شاعر صوفي صديق فقير چوي ٿو
ته:
”ڍوري“ اندر ڍورو، سڃا چرن صديق چئي.
ٻيو هڪ شاعر چوي ٿو ته:
”ڍورو نارو“ هيلان ڏي لا.....
ٽيون چوي ٿو ته:
ڀڳي ٻنڌ اروڙ، جي ٿيو ”نارو“ نروارو.
چوٿون چوي ٿو ته:
”اڀرندو نارو“ اٿليو، سوين ڳوٺ ٻڏا.
هن وهڪري تي ٿرپارڪر ضلعي ۾، سڀ کان پهرين ”کڻهار“
جا کنڊر اچن ٿا، جيڪي ڍوري ناري اسٽيشن لڳ هئا ۽
هاڻ آباديءَ هيٺ اچي ويا آهن.
هميراڻو:-
کڻهار کانپوءِ هن جي ساڄي ڪپ تي، صوفي فقير جي
ڳوٺ کان ميل کن ڏکڻ طرف ”هميراڻو“ يا ”همير جو
ڀڙو“ موجود آهي. ڀڙي جي اوچائي ثابت ٿي ڪري ته هتي
3-4 تهذيبون دفن آهن. گمان غالب آهي ته ان جي آخري
تهذيب سومرن جي دور جي هئي، جنهن جو نڪمو ۽ عياش
حاڪم همير سومرو هو، جنهن کي پٽيندي سمنگ چارڻ چيو
هو ته:
ڍري ”ڍوري راءِ“، جنهن جو چارڻ سان کاهه،
پتڻ پٽئي جو ٿيو، سيج وتايو ساهه،
”هميران“ پوءِ راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.
هن ڀڙي جي وڏي دڙي جي پکيڙ اٽڪل بلاڪ کن ۾ ۽ شهر
جي ٺڪراٽ ميل کان به وڌيڪ ايراضيءَ ۾ موجود آهي.
ڀڙي جي اتر ۾ 25 فوٽ ڊگهي اصحابيءَ جي تربت ۽ ڏکڻ
اوڀر طرف، وهڪري جي کاٻي پاسي، محمود غزنويءَ جي
دور جي ”نورشاه“ نالي هڪ درويش جو مقبرو آهي. انهن
ٻنهي بزرگن تي ساليانه اجتماع ٿيندا آهن.
ڀڙي جي ڏکڻ ۾ ”صديق فقير“ جو ٿلهو ۽ ان جي سامهون
صوفي شهر جي اوڀر ۾ صديق فقير سومري جو قبو ڏسجي
پيو، جتي هر سال 11، 12، 13، 14 چيٽ تي عرس ۽ ميلو
ٿيندو آهي.
صديق فقير سنڌ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي بيتن
جو رسالو 38 سرن تي مشتمل آهي ۽ جنهن ٽالپرن کي
پاراتو ڏنو هو ته:
ڀورا، اچي ڀيل، ساري سنڌ صديق چئي!
ٻڌي نه ٻڌي جهڙي، ٻاروچاڻي ٻيلهه،
دريا مٿان ريل، ٽوپر اچي ٽپاءِ تون.
برسات جي مند ۾ هن ڀڙي تان سڪا، چوڙيون، ٺڪر،
لوهه، پٿر، مڻڪا، سرون ۽ ٻيو سامان لڀندو آهي.
راڻي جو ڀڙو:-
همير جي ڀڙي جي بلڪل سامهون ميل کن پنڌ تي، هاڪڙي
جي کاٻي ڪناري تي ”راڻي جو ڀڙو“ آهي، جنهن جي پکيڙ
5-6 ايڪڙ ۽ ٺڪراٽ ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل اٿس.
هيءُ ڀڙو راڻي مينڌري جي راڄڌاني هو ۽ ڍٽ جي
گاديءَ جو هنڌ پڻ هو. هن ڀڙي تي به مينهن وسڻ
کانپوءِ ڪئين شيون لڀن ٿيون. تازو صوفي فقير جي هڪ
اديب محترم محمد ابراهيم ”پرواز“ کي منڊيءَ جي هڪ
ٽڪ هٿ آئي هئي، جنهن اندر هڪ راجا جو فوٽو اڪريل
آهي ۽ اها ٽڪ مس پيڊ تي لڳائي، پني يا ڪپڙي تي هڻڻ
سان اڌ فوٽو ظاهر ٿي بيهي ٿو، جنهن جي مٿي تي
چوٽيءَ جو نشان آهي.
ڪيترن دوستن جو اهو خيال آهي ته اها ٽڪ اصل ۾ راڻي
مينڌري جي منڊيءَ جي ٽڪ آهي، جيڪا مهر طور استعمال
ٿيندي هئي، هن ڀڙي جي ڏکڻ ۾ وهڪري جي ويجهو، مومل
جي ڀڙيءَ جا کنڊر آهن، جتي مومل رهندي هئي ۽ آخري
وقت اتي پاڻ کي جلايو هئائين. هن ڀڙيءَ کان ميل کن
اڀرندي صوفي شاخ جي ويجهو ’واهوندن جي ڀڙي‘ آهي،
جيڪا پڻ آثارن مان هنن ڀڙن جي همعصر معلوم ٿئي ٿي.
هن ڀڙيءَ کان اوڀر طرف، ٿر واهه جي کاٻي پاسي ديهه
سونپور ۾ هڪ ڀڙي آهي. جنهن کي ’سونپور جي ڀڙي‘ يا
سانگيءَ جي ڀڙي چوندا آهن. هن ڀڙيءَ جي ڪناري تي
ٻه سو سال اڳ هڪ واءِ هئي، جيڪا ان وقت به سڪل هئي
۽ سموري هرڻن جي سڱن سان ٻڌل هئي. هن ڀڙيءَ لڳ
’ساگي فقير ٻٽي‘ جي مزار آهي، جيڪو وڏو درويش ٿي
گذريو آهي.
همير جي ڀڙي جي اولهه ۾ 3-4 ميل پري، ’هيرل واهه‘
جي ساڄي پاسي ’نور علي شاهه جي ڀڙي‘ آهي، جتي
آڳاٽو بزرگ ’اسماعيل شاهه‘ به دفن آهي. روايت آهي
ته 50-60 سال اڳ تائين ڪو شينهن هر سال سندس مزار
جي حاضري ڀرڻ ايندو هو، جنهن جا عيني شاهد اڃا به
ڪي آهن.
هڪ روايت موجب ’واهوندين جي ڀڙي‘، ’راڻي جو ڀڙو‘،
’همير جو ڀڙو‘ ۽ ’نور علي شاهه جي ڀڙي‘- همير
سومري ۽ سندس چئن ساٿين- راڻي مينڌري، ڏونر ڀٽي،
شينهڙي ڌماچاڻيءَ جا پڊ آهن، جن لاءِ ڀٽ ڌڻي
فرمايو هو ته:
چڙهيا ’چارئي يار‘، سوڍا شڪاري.
اچ به هن پٽ ۾ سومرا، سوڍا، ڀٽي ۽ شينهڙا (سينهڙا)
قومن جا افراد رهن پيا، جيڪي ان دور جي نشاني آهن.
’نور علي شاهه جي ڀڙي‘ کان ڏکڻ طرف، 13 ميل هيرل
جي موريءَ کان سڌو ڏکڻ، هڪ پٽ جو نالو ’ڏاڏي آدم
جي ٻني‘ آهي، جنهن ۾ ’ساري سنگهار جي ترائي‘ ۽
’ساري سنگهار جو نهيرو‘ پراڻا آثار آهن. نهيري
وارو تاريخي پٿر، چند سال اڳ خانصاحب محمد اسماعيل
نون مرحوم رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر ڪڍائي ويو هو. خبر
ناهي ته اهو پٿر اڄڪلهه ڪٿي آهي.
ٻنيءَ کان اولهه طرفن ’ستين جو ديرو‘ يا ’ستين جو
ڏهرو‘ ۽ ڏکڻ طرف ’ستين جو ٿان‘ ۽ ’جوڳيءَ جو ڍير‘
پڻ پراڻا نشان آهن.
پچٽ جو ڀڙو:-
مذڪور کنڊرن کان ڏکڻ طرف، هميراڻي کان اٽڪل 10-12
ميل پري، ديهه 23 هيرل ۾، هن ڀڙي جو دڙو موجود
آهي، جيڪو سامي نسل جي ’پچٽ راءِ‘ نالي جادوگر
حاڪم جي راڄڌاني هو، جتي آس پاس جون ڪئين سهڻيون
مقرر تاريخن تي سندس سلامي ڀرڻ اينديون هيون، جن
مان راءِ چنيسر داسڙي جي محبوبه ليلان پڻ هڪ هئي.
هن ڀڙي کان اڳتي هاڪڙي ۽ مهراڻ جي قرب وٽ نهٽي جو
ڀڙو به هن کي ويجهو پوي ٿو، جيڪو مهراڻ جي ساڄي
پاسي ۽ هاڪڙي جي کاٻي ڪپ تي آهي، اهڙي طرح ’لاليءَ
جو ڀڙو‘، ’ڳاڙهيار جو ڀڙو‘ ۽ ’ارڻيءَ جوڀڙو‘ پڻ
اهڙن هنڌن تي آهن، جيڪي هاڪڙي خواهه مهراڻ جا
قريبي شهر ٿي سگهن ٿا، ’ارڻيءَ جو ڀڙو‘، جيڪو
موجوده ڪلوئي شهر جي لڳ آهي، سو هڪ تاريخي کنڊر
آهي، جتي سما قوم جي ڪنهن حاڪم جي راڄڌاني هئي ۽
ارڻي نالي مهاڻي سندس محبوبه هئي. هي قصو لڳ ڀڳ
’نوري‘ ۽ ’ڄام تماچي‘ جي عشقيه داستان وانگر آهي.
هيءُ ئي شهر هو، جيڪو ’ڄام ننگر‘ يا ’سما ننگر‘ جي
نالي سان مشهور هو، جنهن جي حاڪم جي باري ۾
ماموئيءَ جي فقيرن ’پراڻ جي دريا‘ ۾ ’ڀرئي
گاروڙيءَ‘ جي رڌل گوشت جو ديڳڙو لڀي، گوشت کائي،
پيشنگوئيءَ جا بيت ڏنا هئا ته:
1.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، ”سمي“ ايندا سوکڙي.
هن حقيقت جو ثبوت فقيرن جي ٻئي بيت مان ملي ٿو،
جيڪو هن طرح آهي ته:
2.
وڃي ويهجو ماڙهوئا، ”ننگر“ جي آڌار،
”پراڻا“ پرار، نوان اڏجو نجهرا.
هي بيت ٻئي نموني به پڙهيو ويندو آهي، پر ان ۾
”پراڻا پرار“ لفظ ٻڌائي ٿو ته: ”پراڻ کان پريان“
هاڻ بيت جو مطلب هيئن ٿيندو ته:
”اي ماڻهوئو! اوهين ننگر جي چوڌاري، پر ”پراڻ“ جي
پريان (اوڀر پاسي) وڃي ويهجو!“
واضح هجي ته هن ايراضيءَ ۾ پراڻ دريا به اچي هاڪڙي
کي ويجهو ٿئي ٿو ۽ هتي لڳ ڀڳ ٻنهي وهڪرن جي وچان
20-25 ميل وڇوٽي مس هوندي.
ٻئي طرف ماموئي فقيرن جون قبرون پڻ پراڻ جي ڪناري
واري ”عامريءَ جي مقام“ ۾ آهن. اهي سڀ اهڃاڻ ثابت
ٿا ڪن ته هن قصي جو ٺٽي سان ڪو به تعلق ڪونه آهي.
هن ڀڙي جي ويجهو ”ٽيڪراءِ جي ماڙي“ جا کنڊر پڻ
آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي دور سان واسطو رکن ٿا.
اهڙيءَ طرح هن کان اڳتي ”رحمڪي بازار“ جا کنڊر اچن
ٿا، جن لاءِ به روايتون آهن: هڪڙا چون ٿا ته اهو
”رحمڪي بازار“ اصل ۾ ”راهه- مڪي“ بازار آهي ۽
ٻيا چون ٿا ته اتي راحوما قوم جي پراڻي بستي هئي،
بهرحال، اسان جي خيال ۾ پوئين روايت وڌيڪ وزندار
پيئي لڳي.
مطلب ته هاڪڙو درياهه ٿرپارڪر جو مشهور پراڻو
وهڪرو ۽ ثقافت جو گنج هو، جنهن جو تهذيبي خزانو
اڃا تهن هيٺ آهي.
ريڻي ندي:-
وهيندي، مهراڻ ۽ هاڪڙي کانپوءِ هن علائقي کي آباد
ڪندڙ ندي ”ريڻي ندي“ هئي، جيڪا هاڪڙي جي اولهه
کان، سکر ضلعي جي ايراضيءَ مان، سنڌوءَ کان جدا
ٿي، خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن مان وهندي، شادي پليءَ
ويجهو اچي ٿرپارڪر ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ ساماري
تعلقي مان وهندي ”نهٽي“ ويجهو وڃي هاڪڙي سان ملندي
هئي.
جڏهن مهراڻ درياهه هاڪڙي کي ڪٽي ڇڏيو هو ۽ ٻيئي
وهڪرا تباهه ۽ برباد ٿي ويا هئا. تڏهن ”ريڻي ندي“
اٿل ڪري ناري پٽ کي ٻوڙي ڇڏيندي هئي ۽ ان الاجي
ڪيترا دفعا هن پٽ کي ٻوڙيو هو، ان کي ايتري شهرت
حاصل ٿي هئي، جو جڏهن اڀرندي ناري جي ميلاپ سان،
هاڪڙو، هاڪ سان وهيو ۽ اٿل ڪري هن پٽ کي ٻوڙيندو
هو، تڏهن به هن پٽ جا ماڻهو چوندا هئا ”ها! اجها
ريڻي آئي“. اڪثر ڪري وڏڙا پراڻي زماني بابت خبرون
ٻڌائيندي، اهو چوندا هئا ته ”فلاڻي ريڻي آئي هئي،
تڏهن هيئن ٿيو هو! يا فلاڻي ريڻيءَ وقت فلاڻو
واقعو ٿيو هو! وغيره“. هن نديءَ تي جيڪي پراڻا ۽
اهم کنڊر آهن، انهن جو تفصيل هن ريت آهي.
داسڙن جو ڀڙو:-هي
ڀڙو شادي پلي اسٽيشن جي اولهه طرف ۽ ريلوي لائين
جي ڏکڻ پاسي موجود آهي، جنهن جو وڏو دڙو 6-7 ايڪڙن
۾ ۽ ٺڪراٽ ميل کن جي ايراضيءَ ۾ موجود آهي. چون
ٿا ته هتي ”داسڙن“ جي بادشاهت هئي، پر ان بابت
ڪنهن دور يا وڌيڪ حالتن جو پتو ڪو نه ٿو پوي. ڪن
روايتن موجب اتي ’ٻروڙ‘ جو قلعو هو، جنهن کي چچ
نامي جي مصنف ’بهرور‘‘ ڪري لکيو آهي.
:’اسٽيشن صالح ڀنڀرو‘ جي اتر اولهه طرف، کن فارم
جي لڳ ۽ گلاب شاهه غازيءَ جي مزار جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾
ڀوريءَ جي شهر جا نشان موجود آهن، جيڪي تمام قديم
هئڻ ڪري زمين سان اچي مليا آهن، ۽ هاڻي گريڊرن ۽
ٽريڪٽرن سان کڄندا ۽ ختم ٿيندا پيا وڃن. شايد
ايندڙ ٿوري عرصي اندر انهن جو ڪو نشان به نه رهي!
هن ئي هنڌ ٽالپرن جي دور جي شروع ۾ ۽ ڪلهوڙن جي
دور جي آخر ۾ ”خاناڻي“ ميرن جو تاريخي شهر
”خانپور“ يا ”کن“ هو، جيڪو ناري پٽ جو مشهور مجذوب
فقير ”عبن فقير دهلڙيءَ واري“ جي پاراتي سان برباد
ٿيو هو.
عبن فقير انهيءَ ايراضي جي مشهور عالم ۽ درويش
مخدوم عبدالرحمان عرف ”رام جاڳي“ جو مريد هو. هڪ
دفعي ميرن ۽ لڪياري ساداتن جي تڪرار ۾، ساداتن جو
طرف وٺي ميرن کان سيدن جون مينهون ڇڏائڻ لاءِ ويو.
ميرن نه رڳو کيس جواب ڏنو پر هنن ساداتن کي به
ڪافي برو ڳالهايو، جنهن تي فقير صاحب کي جوش اچي
ويو ۽ هن دهلڙي وڄائي، هيٺيون بيت ڏنو:
’پلي‘ اڳيئي پڌرو، ٻيو ٻيلي ٿيس ’رام‘،
’علودي‘ ۽ ’مقصود‘ جي ’ڪنڍي‘ رهندي ڪان،
پيئي هن جي پٽ ۾، ڪم ڪندي ڪا نه،
عرض ’عبن فقير‘ جا، سڻ مديني جا ڄام،
’خانپور‘ جا ’خان‘، لڏي لهوارا ٿيا.
خدا جي قدرت جو فقير صاحب جي پاراتي کانپوءِ جلد
ئي خانپور جي شهر ۾ اچي ماڪوڙا نڪتا، ۽ مال ۽
ماڻهن ۾ اچي بيماري پيئي، جنهن کان بيزار ٿي ماڻهو
سڀ لڏي ويا ۽ ميرن جا اڳواڻ علودو ۽ مقصودو به
بيماريءَ ۾ مري ويا. باقي مير اتان لڏي لهوارا
روانا ٿيا ۽ نئون شهر ”راڄو خاناڻي ۾“وڃي ٻڌائون.
جيڪو تعلقي ٽنڊي باگي ۾ اڄ به موجود آهي.
مذڪور کنڊر جي اولهه ڏکڻ ۾ ’مير مبارڪ‘ جو تاريخي
قبرستان ۽ ان جي اولهه ۾ ’مخدوم عبدالرحمان‘ عرف
’مخدوم رام‘ يا ’رام جاڳي‘ جو وڏو تاريخي قبرستانن
آهي، جن جي تاريخ لاءِ هڪ جدا مضمون جي ضرورت آهي.
ڳاڙهو ڀڙو:-’کن‘
جي کنڊرن کان ڏکڻ طرف، ’ساماري شهر‘ ۽ ’ساماري –
روڊ‘ اسٽيشن جي وچ تي، شاهي روڊ جي اتر پاسي هڪ
قديم ڀڙو آهي، جنهن بابت ڪا به تفصيلي خبر ڪا نه
ٿي ملي، فقط ان کي ’ڳاڙهوڀڙو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ان
جي پويان انهيءَ ايراضيءَ واري ديهه جو نالو پڻ
’ڳاڙهو ڀڙو‘ مشهور ٿيو ۽ لکيو ويو آهي.
هن ڀڙي جي اوڀر طرف اٽڪل ٻن ميلن تي، ريلوي لائين
جي اوڀر پاسي ’پراڻي ساماري‘ جا کنڊر آهن، جن جو
نالو اڃا زنده آهي ۽ اڳ به ان کي ميين شاهه عنات
رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سارنگ جي سرن ۾
ياد ڪيو آهي.
انهن کنڊرن جي ڏکڻ ۾، ۽ موجود ’ساماري روڊ‘ جي شهر
لڳ، ڀرڳڙين جي ڪارخاني واري ايراضيءَ ۾ اڳ
’ٽٻوهين‘ جو تاريخي ۽ پراڻو شهر هو، جنهن جا نشان
هاڻي آباديءَ هيٺ ايندا پيا وڃن.
ڳاڙهي ڀڙي کان اولهه طرف ’همير هور‘ ۽’سوڍا ٻوڙ‘
جا پٽ ۽ اهڃاڻ مشهور آهن، جيڪي پڻ پنهنجي جدا
تاريخ رکن ٿا.
ليلان جو ڀڙو:-
هيءُ تاريخي ڀڙو به ’ساماري شهر‘ ۽ ‘ساماري روڊ‘
جي وچ تي، ’ڳاڙهي ڀڙي‘ جي ڏکڻ ۾ موجود آهي، جنهن
تي هن پٽ جو مشهور بزرگ ’حسن باگواڻي‘ يا ’حسن
باغبان‘ جي تجر ٺهيل آهي. قديم دور ۾ هي ڀڙو
’ليلان‘ جي مائٽن جو شهر هو، جتان ’پچٽ راءِ‘ جي
راڄڌاني 10-12 ميل اوڀر طرف هئي ۽ ايترو ئي پري
ڏکڻ طرف ’راءِ چنيسر داسڙي‘ جو شهر هو.
پٽڻ يا ليهور:-پٽڻ
يا ليهور جي شهر جا کنڊر، ليلان جي ڀڙي جي ڏکڻ ۾،
ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن، جن کي ڪن تاريخدانن
پٽڻ جي بدران پٽڻ يا پتپن ڪري به لکيو آهي.
هن کنڊرن جي چوڌاري ”ليلان جي ماڙي“ ڪونروءَ جي
ماڙي، ’ليلان يا لولان شاخ‘، ليلان يا لولان
ديهه، ليلان جي ڪنڊي، ’ليلان جي ترائي‘، ’ليلان
وارو بڙ‘ ۽ ٻيا ڪافي آثار آهن. هنن کنڊرن جي اوڀر
۾ ’ڪينجهه جو ڀڙو‘ نالي هڪ پراڻو ڀڙو آهي، جنهن
بابت اڃا ڪا به اهڙي پوري خبر ڪو نه ٿي ملي، جنهن
جي آڌار تي چئي سگهجي ته هي ڀڙو ڪڏهن آباد هو ۽
اتي ڪهڙي قوم يا راجا جي راڄڌاني هئي. اڳتي هلي
’ريڻي ندي‘ هاڪڙي سان ملي وڃي ٿي، جنهن ڪري اڳتي
ان جي ڪناري تي ٻئي ڪنهن شهر جو نشان ڪو نه ٿو
ملي.
:- ’وهيندي‘، ’مهراڻ‘، ’هاڪڙي‘ ۽ ’ريڻي ندي‘
کانپوءِ هن علائقي کي آباد ڪندڙ وهڪرو ’پراڻ
درياهه‘ آهي، جيڪو نواب شاهه ضلعي جي ’موري‘ ۽
’سڪرنڊ‘ تعلقن جي وچ وٽان نڪري، شهدادپور وٽان
وهندو، ميرپورخاص شهر وٽ اچي ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل
ٿئي ٿو ۽ اڳتي ’جهلوري‘ جي ڀر وٽان ’جيمس آباد‘ جي
الهندي پاسي کان، ٽنڊي جان محمد جي اڀرندي طرف کان
۽ جهڏي شهر جي اولهه کان هلندي، اڳتي هلي حيدرآباد
۽ ٿرپارڪر ضلعن جي دنگ وٽان وهندي، رحمڪي بازار
کان 8-10 ميل پري هلندي، اڳتي وڃي ‘لکپت‘ بندر وٽ
عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
ميين شاهه عنات هن نديءَ جو ذڪر اجهو هن طرح ڪيو
آهي:
وٺا پٽ ’پراڻ‘ جا، ’اڪڙي‘ ’سامارو‘
۽ ڀٽ ڌڻي سندس بيان هيئن ڪيو آهي:
وٺا پٽ ’پراڻ‘ جا، وٺيون ’ساماري‘
نه رڳو ايترو پر هيءَ اها تاريخي ندي آهي، جنهن جي
هڪ پتڻ تان اڪرندي، سنڌ جي سورهيه ‘لاکي ڦلاڻي‘ ان
پتڻ جي سمورن وڻن کي اوڍايو هو ۽ان بعد، سنڌ جي
مشهور ’وڻجاري‘ ان پتڻ وارن وڻن کي وري سون جا
زيور پارايا هئا. ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي، ڪنهن
شاعر، ’پراڻ‘، کان پڇيو هو ته:
جهوني تون پراڻ، وقت گهڻيرو سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا ’پيهڙا‘.
۽ وري ان شاعر خود پراڻ جي زباني ورندي ڏني هئي
ته:
‘لاکا‘ لکين آئيا، انڙ ڪروڙيون اٺ،
پر ’هيم – هيڙائو‘ هڪڙو، آيو هو مون وٽ.
هن وهڪري تي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيڪي ڀڙا لڀن ٿا، انهن
مان ’ڪاهوءَ جوڀڙهو‘، بالوءَ جا ڪنب، يا ’بالائي
ڪوٽ‘ يا ’ٻالائي ڪوٽ‘ ’منڍرن جا ڀڙا‘، ‘ٿري‘ ۽
’وسائي جون ماڙيون‘ وڏي اهميت وارا ۽ تاريخي کنڊر
آهن.
انهن کنڊرن مان ’منڌرن جا ڀڙا‘ يا منڌرن جون
ماڙيون“ ذڪر لائق انهيءَ ڪري به آهن، جو ڪيترا
ماڻهو ’منڌرا‘ کي مينڌرا سمجهي، ان کي ’راڻي
مينڌري‘ جامائٽ قرار ڏيئي، کين سوڍا راجپوت
ڪوٺيندا آهن، پر اصل ۾ ائين ڪونه آهي. هي قوم سنڌ
جي پراڻي نسل مان يا سماٽ قوم مان آهي، جن جي
راڄڌاني نه رڳو پراڻ جي ڪناري تي هئي، پر سندن
بيٺڪون لاڙ طرف ’مانڌر‘ جي پاسي پڻ هيون، جتي ڪنهن
درويش ظلم جو شڪار بڻجي، منڌرن جي ظالم حاڪم کي
پاراتو ڏنو هو ته :
سر سڪو، پٻڻ سائي، ’تاجن‘ ڏني تانگهه،
جيسين ڌرتيءَ مٿي ٻانگ، تيسين مور نه موري
’منڌرو‘.
ڪلهوڙن جي دور ۾ منڌرا قوم جو مشهور عالم مخدوم
عبدالله منڌرو ٿي گذريو آهي، جنهن جا سنڌي ٻوليءَ
۾ لکيل ڪتاب اڄ به اسان لاءِ وڏي وٿ آهن.
هن ئي قوم جي هڪ شاعر، عربن جي دور ۾ شاعرن لاءِ
برمڪي خاندان جي سخا جو ٻڌي، ‘خالد برمڪي’ يا
‘يحيٰ برمڪيءَ‘ جي دربار ۾ انعام ۽ خلعت لاءِ پهچي
پنهنجا سنڌي شعر خليفي کي ٻڌايا، پر خيلفي کيس ٻئي
وقت تي اچڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي ان شاعر- جيڪو
سنڌ کان ڪهي اتي پهتو هو. تنهن بروقت هڪ دوهي جهڙو
شعر چيو ته:
اهڙا آسرا ڪوهه ڪريو؟ ڪيئن ڪري ’منڌريو‘؟
ان شعر کي عرب مورخن عربيءَ ۾ هن طرح لکيو ته:
اره اصره ڪڪره، ڪي ڪره مندره
خليفي جڏهن اهو شعر ٻڌو تڏهن ترجمان کان ان جو
مطلب پڇيائين، جنهن چيو ته ته هي اوهان جي سخا جي
ساراهه ٿو ڪري، ۽ پوءِ جڏهن خليفي جي حڪم سان
ترجمان، سنڌي شاعر کان سندس ’گهر‘ بابت پڇيو ته هن
ان جي جواب ۾ هيٺيون شعر چيو:
اهڙا ڀري ڳڻ ڪريو، گهورون گهوري منڌريو.
هن شعر کي عربن وري اجهو هيئن لکيو ته:
اره بره ڪن ڪره، ڪرا ڪري مندره
واضح رهي ته عربن وٽ ڙ، ڀ، ڳ، ڻ، گهه، نون گهڻو
۽ڌال جا اچار ڪو نه هئا ۽ اسان جي محققن جو وري
اهو حال آهي جو هنن پنهنجي تاريخ تي گهري کوجنا
ڪرڻ جي بدران فقط بنگلن ۾ ويهي اهو چئي ڇڏيو ته
اهي شعر سنڌي ٻوليءَ جا ڪونه آهن ۽ عربن کان اها
غلطي ٿي آهي!
هن حقيقت کي هتي ڇڏيندي، آءٌ فقط اهو عرض ڪندس ته
ٿرپارڪر ضلعو- جنهن کي هن وقت پوئتي پيل ضلعو ۽ ان
جي ٿر کي ويرانو ۽ واريءَ جو ڍڳ ڪوٺيو وڃي ٿو- سو
ماضيءَ ۾ سنڌ جي سونهن ۽ پراڻي تهذيب جو مرڪ ۽
سرچشو رهيو آهي، جنهن ۾ مٿين پنجن ندين ۽ انهن جي
شاخن جي ڪنارن تي ڪئين پراڻا ۽ تاريخي شهر کنڊرن
جي روپ ۾ اسان کي سڏيو پيا چون ته:
تاريخ هتي دفن آهي،
تاريخ هتي ڳوليو! |