ڊاڪٽر گل حسن لغاري
ليڪچرار گورنمينٽ ڪاليج، ميرپورخاص
سنڌ جو ماضيءَ ۾ تجارتي عروج
سر زمين سنڌ، قديم زماني کان، متمدن قومن جي تاريخ
۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ سنڌين جو تمدن 5000 ق. م
ورهيه پراڻو آهي. هن ملڪ جي هنر ۽ واپار جو اثر
متمدن دنيا، خصوصاً عراق ۽ مصر تائين ڦهليل رهيو ۽
مغربي ايشيا تائين سندس روشني پکڙجي ويئي. سنڌ جي
خوشحالي ۽ ترقيءَ جو سبب ”سنڌوندي“ پئي رهي آهي.
قديم دور ۾ ته سنڌونديءَ جي علاوه سرسوتي ۽ هاڪڙو
نديون به سنڌ مان وهنديون هيون ۽ ٿر کي آباد
ڪنديون هيون. سنڌ جي موجوده ويران علائقي جي انهن
ڀٽن مان اها ثابتي ملي ٿي ته ڪنهن زماني ۾ اهو
اعلائقو سمنڊ هيٺ هو. راجپوتانا ۽ ڪڇ جو رڻ پڻ
سمنڊ جي تري هيٺ هئا. جڏهن اڪبر اعظم سنڌ فتح ڪئي،
تڏهن بدين سمنڊ جي ڪناري وارو شهر هو.
جهڙيءَ طرح مصرين، عراقين، يمن جي حميرين ۽ سبائن
جي تجارت، صنعت ۽ حرفت جو انحصار نيل، فرات، دجله
۽ يمن جي سَدِ عرم تي هو، اهڙيءَ طرح سرزمين سنڌ
جي تجارت وغيره جو دارو مدار به سنڌونديءَ جي
شادابي ۽ سامونڊي ڪناري جي موجودگيءَ تي هو.
انهيءَ قديم دور ۾ هند ۽ سنڌ ٻه جدا ملڪ هئا، ۽
سنڌ جون سرحدون اسلام جي اچڻ تائين اهي ئي هيون،
جن ۾ موجوده پاڪستان آهي ۽ ماضيءَ ۾ انهيءَ حصي کي
”سنڌو“ يا ”واديءَ مهراڻ، چيو ويندو هو.
وطن سنڌ قديم دور کان واپار، صنعت، تمدن ۽ تهذيب
جي ڪري مشهور پئي رهيو آهي. پراڻين تهذيبن، عراق،
فلسطين ۽ مصر جي قديم آثارن مان اهو معلوم ٿئي ٿو
ته ”بابل، جا قديم رهاڪو، سنڌ جي ململ کي ’سنڌو‘
سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو ايندو ئي سنڌ مان
هو.“ سنڌ جي اها ململ ايراني نار کان بابل ويندي
هئي ۽ ايرانين ۽ بابلين جي وسيلي يهودين سان
واپاري ناتن ٿيڻ ڪري، يهودين به سنڌ مان ململ ۽
ٻين جنسن جو واپار شروع ڪيو.
ايران ۽ سنڌ جي واقعات کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته
سائرس اعظم (558-530 ق.م) بابل کي فتح ڪري، هندي
وڏي سمنڊ تائين رهندڙ قومن تي قابض ٿيو ۽ ”مهراڻ“
جو سمورو ڊيلٽا سندس ئي حڪومت هيٺ هو. ايرانين
واپار لاءِ جيڪو سڪو جاري ڪيو؛ تنهن ۾ نج سنڌي سون
هو، ان ڪري انهيءَ سڪي جو وڏو قدر هو. ايلم، ميڊيا
۽ بابل وارا سنڌ ۾ اچي سون خريد ڪندا هئا. سنڌ جو
سون ايڪبتانا، سوسا ۽ بابل جي خزانن ۾ جمع هو.
دارا جڏهن ميڊيا جي تختگاهه ايڪبتانا (همدان) تي
قبضو ٿي ڪيو، تڏهن کيس بادشاهي خزاني مان سترهن لک
خالص سون حاصل ٿيو هو. عربن جي جاهليت واري دور ۾
سنڌ مان قافلن رستي، ريشمي ڪپڙا، گرم مصالحو، عاج،
سون ۽ خوشبودار شيون مڪي شريف مان، حجاز جي رستي
بيت المقدس ۽ مصر ڏانهن ويندا هئا، انهيءَ مان سنڌ
کي ساليانو چار ڪروڙ روپيا آمدني ٿيندي هئي، جنهن
مان ٻه ڪروڙ روپيا ساليانو فائدو ٿيندو هو.
سڪندر اعظم، پنهنجي يوناني لشڪر سان سنڌ ۾ پهتو.
سڪندر اعظم کي به سنڌ تي فاتح ٿيڻ لاءِ اهو مقصد
سامهون هو ته، هتي جي اڻ کٽ دولت هٿ ڪجي ۽ يوناني
زبان، تهذيب ۽هنر جو اثر مشرق ۾ قائم رکجي؛ ان ڪري
هن ا ُچ (اسڪلنده) پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻيءَ جي
بندرگاهن تي گوديون تعمير ڪرايون، هن ايرانين
وانگر، واپار جي لاءِ سڪا به جاري ڪيا، جيڪي بلخ،
بخارا ۽ راولپنڊيءَ مان آثار قديمه جي ماهرن هٿ
ڪيا آهن.
اسلامي دور حڪومت کان پهرئين، عربن جو سنڌ سان
واپاري تعلق تمام گهڻو هو، ڇو ته عرب خشڪي رستي به
يمن ۽ شام، عراق ۽ مصر تائين واپار ڪندا هئا. سنڌ
تي حملي ڪرڻ وقت هنن جو عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ،
ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار تي قبضو هو. سنڌ فتح ڪرڻ
کانپوءِ سمورا واپاري رستا سندن قبضي هيٺ رهيا.
ڪيترا عرب سياح، مورخ ۽ جاگرافي دان هتي پهتا.
انهن سنڌ جي واپار ۽ ماحول تي ڪافي روشني وڌي آهي.
ابن جاحظ المتوفيٰ 255 هه / 864ع، پنهنجي رسالي
”فخر السودان علي البضان“ (ص-81) ۾ لکي ٿو ته:
”هندوستان وارن لاءِ اهو باعثِ فخر آهي ته صراف ۽
روپي جوڪاروبار ڪندڙ، پنهنجن پئسن جون ٿيلهيون ۽
خزانو صرف سنڌين ۽ انهن جي اولاد کي سپرد ڪندا
هئا، ڇو ته اهي سنڌين کي صراف جي ڪم ۾ سڀني کان
ماهر، قابل اطمينان ۽ ايماندار سمجهن ٿا. روم ۽
خراسان وارن کي ڪير به پنهنجي خزاني جون ڪنجيون نه
ٿو ڏئي. ماڻهو،برڪت جي لحاظ کان به سنڌين کي
خزانچي مقرر ڪن ٿا.“
بلا ذري، المتوفيٰ 227هه / 892ع ”فتوح البلدان“ ۾
سنڌ مان حاصل ڪيل ڌن دولت لاءِ لکي ٿو ته: ”وقايع
نگارن جو بيان آهي ته جڏهن حجاج، سنڌ جي جنگ جي
آمدني ۽ خرچ جو جائزو ورتو، تڏهن کيس معلوم ٿيو ته
محمد بن قاسم جي لشڪر تي هن ڇهه ڪروڙ خرچ ڪيو هو ۽
ان جي عيوض هن کي ٻارهن ڪروڙ مال غنيمت حاصل ٿيو
هو. انهيءَ تي چوڻ لڳو ته اسان جو غصو ٿڌو ٿي ويو
جو اسان پنهنجي رت جو بدلو حاصل ڪري ورتو ۽ ان جي
علاوه ڇهه ڪروڙ درهم ۽ راجا ڏاهر جو سِر به حاصل
ڪيو.“
شريف الادريسي ڇهين صدي هجريءَ جو جاگرافي دان
آهي. منصوره جي تجارتي پيداوار ۽ دولت متعلق
پنهنجي ڪتاب ”نزهـة المشتاق في احتراق لافاق“ ۾
لکي ٿو:
”منصوره جي آب و هوا گرم آهي. کجور ۽ ڪمند جي
پيداوار تمام گهڻي آهي. هتي ليمون يا نارنگي ٿئي
ٿي. هتي جي عام دولت چانور، پوک ۽ باغات آهي. هيءُ
شهر ڪشادو آهي. هتي تاجر ڪثرت ۾ آهن. بازار آباد
آهي ۽ ضروريات زندگي ڪثرت سان مهيا ٿئي ٿي. هتي
مڇي تمام گهڻي اچي ٿي ۽ گوشت به سستو آهي. ڪجهه
ميوات هتي جي آهي ۽ زياده تر ٻاهران اچي ٿي.“
سنڌ ۾ عرب جيتوڻيڪ نووارد هئا، تنهن هوندي به سنڌ
جي تهذيب و تمدن ۽ ثقافت ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ سنڌ
جي شين سان انهن کي بي پناهه محبت هئي. مثلاً سنڌ
جي ”اَيٽ“ کي هنن اندلس تائين پهچايو ۽ انهيءَ تي
عربي نالو ”ناعوره“ رکيو. مڪران ۽ سنڌ ۾ کجور جام
ٿيندي هئي، پر سنڌي انهيءَ مان ايترو فائدو حاصل
ڪري نه سگهندا هئا. عربن، سنڌين کي کجور مان کنڊ ۽
حلوو ٺاهڻ سيکاريو، جو ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي اگهه تي
وڪامندو هو. عباسين جي دور حڪومت ۾، اسلامي ملڪن
جي اڌ حصي کي ڳڙ ۽ ڳاڙهي کنڊ مڪران مان پهچائي
ويندي هئي. عراق ۾ سنڌي ليما پهچايا ويا. گدامڙي
جو وڻ سنڌ مان بصره پهتو. سنڍ (زنجيل) عربن جي
وسيلي عمان ۾ ٿيڻ لڳي ۽ نيلوفر جا گل خراسان کان
سنڌ ۾ پهتا.
چمڙي سازيءَ جي هنر به سنڌ کي واپار ۾ وڏي ترقي
ڏني، عربن جو انهيءَ ۾ وڏو هٿ هو، ڇو ته سنڌي
پهريائين چـُن سان چمڙو صاف ڪندا هئا ۽ اهو جٽادار
نه هوندو هو. ليڪن عربن سنڌين کي کجور مان چمڙو
رڱڻ سيکاريو ۽ انهيءَ چمڙي جا جوتا، بغداد ۽ مغرب
الاقصيٰ ۾ صرف امير طبقو ۽ شهزادا خريد ڪري سگهندا
هئا. اهي ڀڀڪيدار جوتا منصوره ۽ کنڀات ۾ ٺهندا
هئا. صندوقون ۽ پيتيون به چمڙي مان ٺاهيون وينديون
هيون. فان آرلش
(Von Orlich)
لکي ٿو ته: ”سنڌ جو چمڙو، نرمائي ۽ پائيداريءَ ۾
يورپ جي چمڙي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي.“
ڪپڙي سازيءَ ۾ به وطن سنڌ واپار جي ڪري مشهور هو ۽
سوٽي باريڪ ململون، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ رنگين
ڇيٽون بمبئيءَ کان اينديون هيون ۽ جتان ٻين ملڪن
سان واپار هلندو هو. سترهين صدي عيوسيءَ ۾، ٻاهرين
ملڪن مان يوروپي واپارين، پورچوگيزن، ڊچن ۽انگريزن
سنڌ ۾ ڪپڙي جي واپار لاءِ ڪوٺيون قائم ڪيون. ان
وقت ڪپڙي تيار ڪرڻ جا خاص ۽ اهم مرڪز ٺٽو، نصرپور
۽ سيوهڻ هئا.انهن ۾ ننڍا مرڪز ڪنڊيارو، درٻيلو،
بکر، سکر، روهڙي، گمبٽ، بوبڪ ۽ سن هئا. سنڌ ۾
ريشمي ڪپڙي جون لنگيون ٺٽي ۾ نهايت دلڪش تيار
ٿينديون هيون. اوني ڪپڙي ۾ غاليچا، ڪمبل، کٿا ۽
اوني کرسڻ تيار ڪيا ويندا هئا. ٿرپارڪر جا اڇا
ڪمبل ۽کٿيون هتي جي هڪ مکيه شيءِ پئي رهي آهي. سنڌ
۾ برساتي علائقن، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ا ُن تمام عمدي
جي قسم جي ٿئي ٿي؛ ڇو ته اتي رڍون تمام گهڻيون
پاليون وڃن ٿيون.
سنڌ اصل کان چوپائي مال، مينهن، ڍڳين، اٺن گهوڙن
جي واپار کان به مشهور پئي رهي آهي. خاص طرح سان
ريگستاني علائقي ٿر ۽ کيرٿر جي جابلو علائقي ۾
سنڌي ماڻهو رڍون ۽ ڍڳيون وغيره پاليندا هئا. سنڌ ۾
عزت ۽ دولت وارو ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو،
جيڪو گهڻي ۾ گهڻو چوپايو مال رکندو هجي ۽ سٺي
”وِي“ جو مالڪ هجي؛ انهيءَ ڪري سنڌ ۾ مکڻ ۽ گيهه
جام ٿيندو هو، جيڪو مسقط ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن ڏانهن
موڪليو ويندو هو، جانورن ۾ اٺ به ”صحرا جو جهاز“
آهي ۽ ٻين جانورن کان نهايت مضبوط هاٺي وارو آهي.
ماضيءَ ۾ اٺن جا قافلا واپار آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ڪم
ايندا هئا. اڄ به وارياسي ٿر جي ڏورانهن علائقن جي
باربرداريءَ ۽ سواريءَ لاءِ واحد ذريعو اٺ آهي.
ماضيءَ ۾ ٽپال کي ترت پهچائڻ لاءِ گهوڙا مواصلات
جو بهترين ذريعو هئا. سنڌ جو هندستان ۽ ٻين ملڪن
ڏانهن گهوڙن ۽ اٺن جو واپار به جام هلندو هو. سنڌ
۾ خراسان کان به گهوڙا گهرايا ويندا هئا.
سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ڌاري سنڌ ۾ مڇي ۽ پلي
جو واپار به عروج تي هو؛ ڇو ته سنڌ ملڪ کي تمام
ڪشادو سامونڊي ڪنارو آهي. ان جي علاوه سنڌوندي به
آهي. هيملٽن سنه 1699ع ۾ سنڌ ۾ اچي ڏٺو ته ”سنڌو
درياءَ ۾ سٺي پاڻي واري مڇ يجا ڪيترائي قسم پيدا
ٿين ٿا ۽ انهن سڀني ۾ ”پلي“ جهڙي مڇي، هن پنهنجي
سموريءَ حياتيءَ ۾ چکي يا ڏٺي به نه آهي.“ پوسٽنس
لکي ٿو: ”ڪراچيءَ کان ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن
برآمد ٿيندڙ شين ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شيءِ آهي ۽
ڄرڪن
(Sharks)
جا هڏا ۽ ڪنهڙا بمبئي ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“
ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ به ڪراچي سنڌ ملڪ جي واپار
جومرڪز بڻجي چڪو هو ۽ مسقط، بندر عباس، کنڀات،
بمبئي ۽ ملبار جي سوداگرن جا ايجنٽ هتي رهندا هئا.
مير صاحبن کي ڪسٽم مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي. ڏهه
هزار روپيا ساليانو صرف مڇيءَ جي واپار مان حاصل
ڪندا هئا. مڇيءَ جو ڪاروبار هندو واپارين جي هٿ ۾
هوندو هو ۽ مهاڻا سيٺين جا مقروض هوندا هئا.
انهيءَ مڇيءَ جي واپار مان انگريزن کي 1856ع ۾ هڪ
لک چار هزار پنج سو اٺ روپين جي آمدني ٿي هئي.
ميرن جي صاحبيءَ تائين سنڌ، هنر ۽ واپار ۾ يورپ
تائين شهرت حاصل ڪئي هئي. سنڌ جي هر هڪ شهر ۽ ڳوٺ
۾ ديسي هنرن جا ڪارخانا هوندا هئا، جن مان اڄ به
ڪي موجود آهن. حيدرآباد، مينا ڪاريءَ، چانديءَ تي
سون چاڙهڻ، چمڙي چمڙي رنڱڻ ۽ چمڙي جي سامان کان
مشهور هو. هالا ۽ سيوهڻ، مٽيءَ جي برتنن، ڪاشيءَ
جي ڪم ۽ ڪاشي جي سرن کان مشهور هئا. خانوٺ ۽ هالا،
جنڊيءَ جي سامان جي ڪري اڄ تائين مشهور آهن.
ڪنڊيارو،گمبٽ ۽ نصرپور، کيس ۽ سوسين کان مشهور
آهن. ٽنڊو جان محمد رنڱاوت ۽ ڇر جي ڪم کان مشهور
هو. نبي سر چم جي دٻن، جتين ۽ ڪنجهي جي سامان کان
مشهور پئي رهيو آهي. مٺيءَ جا پاکڙا، هنا ۽ تل جو
سامان، ڇاڇري جا کٿا لويون، ۽ پاکڙي، مٽياري ۽
عمرڪوٽ ڀرت جي ڪم کان مشهور پئي رهيا آهن. سر
بارٽل فريئر، ڪمشنر سنڌ، سنه 1851ع ۾ لنڊن جي
هائيڊپارڪ جي صنعتي نمائش ۾ سنڌ جون صنعتي شيون
موڪليون، جتي سنڌي ڪاريگرن کي خراج تحسين مليو.
جيئن ته انگريزين سڄي هندوستان تي واپاري حيثيت ۾
اچي، واپاري ڪوٺيون قائم ڪري، قبضو ڪيو هو. اهڙيءَ
ريت سنڌ ۾ اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيائون. جڏهن
سنڌ به انگريزن جي قبضي ۽ حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويئي
ته انهن سنڌ جي هر قسم جي واپار ۽ هنر کي پنهنجي
صنعتي انقلاب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪيائين ڀيڄ،
وڄون وسڻ آئيون، سارنگ چڙهيو سيج،
تنـﮧ نوريون نوازيون، ڏيئي ڏوڻا ڏيج،
ٻج کڻي پَٽ هليا، هاري منجهه هيج،
راضي منجهان ريج، عالم سڀ آباد ٿئو.
-شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
”معمور“ يوسفاڻي
ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جا پراڻا
وهڪرا، ڀڙا ۽ کنڊر
کنڊرن جا کوٽائو، ڳجهه جا ڳولائو ۽ تهن جي تر ۽ بر
جا ڄاڻو اهو مڃي چڪا آهن ته سنڌ جي سڀيتا، دنيا جي
سڀني تهذيبن کان پراڻي ۽ سڌريل آهي.
آڳاٽي سمي ۾ جڏهن دنيا جي ٻين ڀاڱن ۾ ماڻهو جانورن
وانگر رهندا هئا، تڏهن به سنڌ جا رهاڪو سوڌا ۽
سڌريل هئا ۽ سندن رهت لڳ ڀڳ اڄوڪيءَ رهت سان ملندڙ
جلندڙ هئي. جنهن جي ساک لاءِ هن ڀونءِ جا پراڻا
وهڪرا، ڍورا، ڦاٽ ۽ انهن جي پاسن وارا پڊ موجود
آهن.
سونهاري سنڌ ۾، سنڌوءَ ۽ هاڪڙي جي مختلف وهڪرن جا
جيڪي پيٽ آهن، انهن بابت جيتوڻيڪ اڃا تائين پورو
پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي، پر تنهن هوندي به اهو
اچئي سگهجي ٿو ته هن علائقي ۾ ”هاڪڙي“ ۽ ”سنڌوءَ“
جا مختلف وهڪرا ۽ انهن جون ڀرتي ڪندڙ ۽ کانئن
ٽرندڙ شاخون ڪافي تعداد ۾ آهن. انهن تي نه رڳو
”موهن جو دڙو“، ”آمري“، ”ڪوٽ ڏيجي“، ”برهمڻ آباد“
۽ ”ڀنڀور“ جا ڀڙا سنڌ جي تهذيب جو املهه سرمايو
آهن، پر ٻيا به ڪئين پراڻا کنڊر موجود آهن، جيڪي
اڃا تائين اڻ کوٽيا، اڻ ڳڻيا ۽ اڻ لکيا پيا آهن.
اهي سڀيئي آثار هن ملڪ جي مختلف ڀاڱن جي جدا جدا
دورن جي تاريخ ۽ تهذيب جا اهم اهڃاڻ ۽ نشان آهن.
سنڌ جي اهڙن سڀني وهڪرن ڀڙن ۽ کنڊرن بابت لکڻ جي
سگهه نه ساريندي، آءٌ فقط پنهنجي علائقي، يعني
ٿرپارڪر ضلعي جي پراڻن وهڪرن ، ڀڙن ۽ کنڊرن بابت
ڪجهه حقيقتون پيش ڪندس، جن تي تحقيق ڪرڻ جي بهرحال
وڏي گنجائش موجود آهي.
ٿرپارڪر ضلعو، جيڪو هن وقت ميرپورخاص، جيمس آباد،
ڊگهڙي، ساماري، عمرڪوٽ، ڇاڇري، ڏيپلي، مٺي ۽
ننگرپارڪر تعلقن تي مشتمل آهي، سو اڄ به سنڌ جي
پراڻي تهذيب جو آئينو ۽ رکوالو آهي ۽ منجهس سنڌ جو
پراڻو ويس، سينگار، ٻولي، رسمون ۽ قومن جا سماجي
قانون مروج آهن، جن تي اسين جيترو به فخر ڪريون
اهو جائز آهي.
هي ئي ضلعو آهي جنهن ۾ ”اوڍ“ ۽ ”ويس“ جي ذريعي
ماڻهن کي پري کان ڏسي، اهو آسانيءَ سان چئي سگهجي
ٿو ته اهو ايندڙ يا ويندڙ ماڻهو فلاڻيءَ قوم،
فلاڻي نسل يا فلاڻي پٽ جو رهاڪو آهي.
هي ئي ضلعو آهي، جيڪو ڳوٺن، شهرن، ديهن، پٽن ۽
ڇَننِ جي نالن پويان ڪم آيل حرفي پڇاڙين جي ذريعي،
لسانيات جي شائقين کي دعوت ٿو ڏئي ته هو انهن تي
تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌيءَ ٻولي جو بڻ بنياد
معلوم ڪن.
هي ئي ضلعو آهي جيڪو سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ
داستانن جو مرڪز ۽ ڀنڊار آهي، جيڪي لوڪ ادب سان گڏ
سنڌ جي تاريخ جو اهم باب پڻ آهن.
۽ هي ئي ضلعو لوڪ گيتن جو اٿاهه سمونڊ آهي، جنهن ۾
ايترا ته لوڪ گيت سرجيا ۽ وجود ۾ آيا آهن ۽ اچن
پيا جو ميڙڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي.
انهن سڀني مسئلن کي پاسيرو رکي، آءٌ پنهنجي اصل
مقصد ڏي موٽان ٿو، جنهن ۾ ٿرپارڪر جي پراڻن وهڪرن،
ڀڙن ۽ کنڊرن جو بيان ڪرڻو آهي، جن جو تفصيل هن طرح
آهي.
وهيندو درياهه:
ٿرپارڪر ۾ جيڪي پراڻا وهڪرا ملن ٿا، انهن ۾ سڀني
کان پراڻو ۽ آڳاٽو وهڪرو ”واهند“ يا ”وهيندي“
درياهه جو آهي، جنهن کي ”پراڻو هاڪڙو“ يا ”هاڪڙي
جي اڀرندين شاخ“ پڻ ڪوٺين ٿا.
هن وهڪري لاءِ هڪڙن ماهرن جو رايو آهي ته اهو
وهڪرو پڻ اصل ۾ سنڌوءَ جي هڪ وڏي شاخ آهي، جيڪا
”پنج ند“ وٽان ٽري، پنجاب، بهاولپور ۽ جيسلمير
علائقن مان وهندي اڀرندي سنڌ ۾ داخل ٿيندي هئي.
ٻئي طرف ٻيا ڄاڻو چون ٿا ته هي وهڪرو ”انبالا“ جي
مٿان، شيوالڪ وٽان، هماليه جبلن مان نڪري، سنڌوءَ
کان جدا وهندو، پنجاب، بهاولپور ۽ جيسلمير علائقن
مان لنگهندو، سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي داخل
ٿيندو هو ۽ ”پاري ننگر“ جو پراڻو ۽ تاريخي شهر هن
جي ڪيٽيءَ جو هڪ بندر هو، جيڪو ”ڪوريءَ جي نار“ يا
”کاري نار“ تي سامونڊي واپار جو وڏو مرڪز هو، جنهن
جا آثار اڄ به ننگرپارڪر تعلقي ۾ ”ويرا واهه“ جي
ويجهو موجود آهن. انهيءَ کانسواءِ ”ويرا واهه“،
”پوڏيسر“ ۽ ٻيا ڪافي شهر هن درياهه جي ڪيٽيءَ تي
هئا، جن مان ڪيترن جا ته نشان به ڪو نه ٿا ملن.
پاري ننگر جي آثارن کانسواءِ هن وهڪري تي ڇاڇري
شهر کان 20 ميل اوڀر ڏکڻ طرف ۽ ننگر پارڪر کان
اٽڪل 40 ميل اتر طرف، ڪمڻهار جي ڳوٺ لڳ،
ٻانڀڙائيءَ جي ترائيءَ جي پاسي ۾ هڪ وڏي کنڊر جا
نشان موجود آهن، جنهن جي دڙي جي ايراضي 2-3 ايڪڙ ۽
شهر جي ٺڪراٽ ميل کن ۾ آهي، جنهن تان برسات جي مند
۾ سرون، پٿر، چوڙيون، لوه جا ذرڙا ۽ ٻيو سامان
لڀندو آهي. انهن ۾ سرن جو چٽام ڏسڻ وٽان آهي.
مقامي ماڻهو هن دڙي کي ”گڍ“ ”گڍ پليواڙ“ ۽ ٻين
نالن سان ياد ڪندا آهن.
هن وهڪري تي ٿرپارڪر ۾ ٻيا ڪهڙا شهر ٻڌل هئا، ۽
سندس ٻيون ڪهڙيون شاخون هيون، تنهن بابت اڃا ڪو به
پتوڪو نه ٿو پوي.
هڪ روايت موجب جيسلمير علائقي ۾ ”لڊاڻو“ نالي واهه
به هن درياهه جي شاخ هو، جنهن تي ”ڪاڪ“ ۽ ”لودري“
جا مشهور شهر هئا، جتي هينئر فقط مومل جي ماڙيءَ
جا آثار ملن ٿا ۽ ان کان پهرئين دور جي ڪا به
نشاني ڪو نه ٿي ملي.
اهڙيءَ طرح ننگر پارڪر تعلقي ۾ وري ”جين ڌرم“ وارن
جا آثار موجود آهن، جن جو احوال مختلف ڪتابن ۾ عام
طرح لڀي ٿو.
هن وهڪري جي ڀرتي ڪندڙ ندين مان هيستائين فقط ٻن
ندين جا نالا مليا آهن، جيڪي آهن هندستان جون
مشهور نديون ”سرسوتي“ ۽ ”درو شادتي“، جيڪي اڄ کان
تقريباً ٽي هزار سال پهرين سڪي ختم ٿي، پنهنجو
وجود وڃائي چڪيون آهن. باقي ”وهيندي“، ”واهند“ يا
”هاڪڙي“ جي هن شاخ بابت اهو پتو ڪو نه ٿو پوي ته
اها ڪڏهن بيٺي ۽ هي علائقو، جيڪو هن وقت ”ٿر“ سڏجي
ٿو، سو ڪڏهن برباد ٿيو.
مٿين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اڄ
کان ٽي هزار سال پهرين، موجوده ريگستان (ٿر) ندين
جي وڏي ڪيٽي هو، جيڪو پوءِ پاڻي هٽڻ ۽ ندين جي رخ
مٽڻ ڪري آهستي آهستي ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي.
درياهي ڪيٽيءَ لاءِ اهو به هڪ ثبوت آهي ته سڄي ٿر
۾ هر هنڌ مٺي پاڻيءَ جي وهڪرن جا ڪوڏ ۽ سپيون عام
طرح لڀن ٿا ۽ ان جي برعڪس سامونڊي ڪوڏن جو ڪو به
نشان ڪو نه ٿو ملي.
مهراڻ درياهه:-”وهيندي“
يا ”واهند“ يا ”اڀرندئين هاڪڙي“ کانپوءِ هن علائقي
کي آباد ڪندڙ ٻيو مشهور وهڪرو هو، جيڪو سکر ضلعي
جي اوٻاوڙي تعلقي مان مڙي، وڄڻوٽ جي کنڊرن وٽان
هيٺ وهندي، جيسلمير ۽ خيرپور جي حد مان نڪري، کپري
تعلقي جي اڀرندئين حصي مان وهندي، موجوده ”ڇوڙ
اسٽيشن“ وٽ ”وهيندي“ يا پراڻي هاڪڙي جي پيٽ ۾ اچي
ڇوڙ ڪندوهو، جنهن تان ئي موجوده هنڌ تي، هڪ ڳوٺ
جو نالو ”ڇوڙ“
مشهور ٿيو، جيڪو هن وقت ٻن ٽن نالن سان مشهور آهي،
جيئن: ”ڇوڙ پراڻو“، ”ڇوڙ نئون“، ”ڇوڙ اسٽيشن“
وغيره. هن جاءِ (ڇوڙ) کان عمر ڪوٽ ڏي ايندي،
امراڻي جي پراڻن کنڊرن تائين اهي ٻئي وهڪرا گڏجي
وهندا هئا ۽ اتان هڪ وهڪرو (وهيندو يا پراڻو
هاڪڙو) امراڻي جي اوڀر طرف کان ڏکڻ اوڀر طرف مڙي،
ڇاڇري تعلقي مان وهندو پاري ننگر پهچندو هو ۽ ٻيو
وهڪرو يعني ”مهراڻ درياهه“ کاروڙي ڳوٺ جو اولهه
طرف ڏيئي، سڌو ڏکڻ ڏي هلندو هو ۽ نئين ڪوٽ ويجهو
ٻن شاخن ۾ ورهائجي پوندو هو، جن مان ننڍي شاخ يعني
اڀرندي واري شاخ اتان اوڀر ڏکڻ طرف مڙي، ويڙهي جهپ
۽ ڏيپلي وٽان وهندي ٻلهيار يا ٻلهياريءَ جي بندر
وٽ وڃي کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ اولهه واري مکيه
شاخ يعني ”مهراڻ“ اتان اڳتي هلندي هئي ۽ ”ڪلوئي“
جي ڳوٺ وٽ ان مان وري هڪ ٻي شاخ ڦٽي اوڀر ڏکڻ
مڙندي هئي، جيڪا پڻ ٻلهيار وٽ سامونڊي کاريءَ ۾
وڃي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ مهراڻ راهمڪي بازار وٽ سمونڊ
داخل ٿيندي هئي.
مهراڻ وارين انهن شاخن مان هڪ جو نالو ”ڍاڳي“ ۽
ٻيءَ جو ”ڍورو“ يا ”ڍور“ هئا، جن جو ذڪر ڀٽ ڌڻي
سـُر ڏهر ۾ هن طرح ڪيو آهي.
”ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾“.
مهراڻ جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ ڪنهن سمي، سما قوم جي
مشهور سخي حاڪم ’جسوڌڻ مهڙائيءَ‘ جي راڄڌاني هئي،
جيڪا مهراڻ جي انهيءَ ڪيٽيءَ کان اولهه طرف پٽيهل
درياهه ۽ ترائيءَ تائين ۽ اوڀر وهيندي جي ڦٽل پيٽ
”سانگاه“ تائين هئي، جتي ڪنهن ڍوري تي هڪ پراڻي
”ڪنڊي“ سان مخاطب ٿيندي، ڀٽ ڌڻي، ”جسو ڌڻ“ بابت
اجهو هيئن پڇيو آهي.
’ڪنڊا‘ تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ”ڍورو“ وهي،
”جسوڌڻ“ جيڏو، تو ڪو گڏيو ’پيهڙو‘.
مهراڻ جي هن ڪيٽيءَ ۾ رحمڪي بازار ۽ ٻلهياريءَ جي
وچ تي هڪ وڏو ڏهر هو، جتي ”ڏهر“ نالي ڳوٺ اڄ به
موجود آهي. انهيءَ ڏهر واري ايراضيءَ جي تاريخ کان
متاثر ٿيندي ڀٽ ڌڻي انهيءَ سر جو نالو ”ڏهر“
رکيو،جنهن ۾ مهراڻ جي شاخن جي سڪڻ ۽ جسوڌڻ جي
راڄڌانيءَ مان ماڻهن جي لڏي وڃڻ جا اهڃاڻ پڻ ملن
ٿا، جيئن:
ڪنڌيين اڪ ڦلاريا، ’سانگهه‘ سڪو ساهه،
’مهڙائيءَ‘ وٽاء، رويو راڄ رضا ڪري.
انهيءَ کانسواءِ آڳاٽي دور ۾، هن علائقي اندر
”ميڻي ندي“ نالي هڪ وهڪري جا آثار پڻ ملن ٿا، جنهن
تي مٺي تعلقي جي اندر ”ڪيرٽي“ ۽ ”ڪڙلي ننگر“ جا
شهر آباد هئا، جن مان ڪيرٽي 10-11 صدي ڌاري مڪواڻن
جي گادي پڻ هو. باقي ’ڪڙلي ننگر‘ جا کنڊر اڃا ڪونه
لڌا آهن.
مهراڻ جي هيءَ ڪيٽي ئي هئي، جنهن کي هڪ پاسي
سامونڊي کاري ۽ ٻن پاسن کان ندين جا ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي
وهڪرا هئڻ سبب، فوجي لحاظ کان مضبوط سمجهي، چچ
برهمڻ انهيءَ ڪيٽيءَ اندر ”راوڙ“ جو شهر ٻڌايو هو،
جيڪو سندس پٽ راجا ڏاهر جي راڄڌانيءَ وقت عربن
هٿان فتح ٿيو ۽ راجا ڏاهر پڻ اتي ئي جنگ ڪندي
مارجي ويو.
هن ڪيٽيءَ ۾ رهمڪي بازار کان اولهه طرف بدين ۽
ٽنڊي باگي تعلقي جي حد ۾ ”وسائي جي ماڙين“ جا کنڊر
موجود آهن، جتي راجا ڏاهر جي هڪ مضبوط فوجي چوڪي
هئي ۽ انهيءَ چوڪيءَ واري ٻيٽ جو حاڪم ”وسايو“ هو، جنهن جو هڪ پٽ ”راسل“
راجا ڏاهر جو طرفدار هو ۽ ٻيو پٽ ”مکي“ محمد بن
قاسم جو خيرخواه هو. آخر ان جي ئي مدد سان مذڪور
ٻيٽ اندر پهچي ٻيڙين جي پل ٺاهي، عربن جو لشڪر
مهراڻ اڪري راوڙ پهتو ۽ فتح کانپوءِ هنن اهو
ڪيٽيءَ وارو سمورو علائقو، اڀرندي طرف
”وجورته“ يعني ”وڄوتري“ يا ”وڄوٽي“ جي ڳوٺ سميت
مکي پٽ وسائي کي انعام ڏنو ۽ اهو ”وڄوتري“ يا
”وڄوٽي“ جو ڳوٺ اڄ به نئين ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وچ تي
موجود آهي.
مهراڻ جي هن وهڪري جا ثبوت موجود آهن. کپري تعلقي
جون ”ڍوري نما“ بيشمار ڍنڍون، نئين ڪوٽ لڳ ”مهراڻ
جي ڍنڍ“ ۽ڪلوئي لڳ هڪ ڦٽل ڍورو جنهن کي ڦٽل ٻوليءَ
۾ ’مهراڻ‘، جي بدران ’مهرانڊ‘ سڏيندا آهن. ڪن
تاريخدانن هن وهڪري کي ”دامن درياهه“ جي نالي سان
به ياد ڪيو آهي ۽ هن درياهه تي ٿرپارڪر اندر ڦٽلن
شهرن جا جيڪي کنڊر ملن ٿا، اهي هن طرح آهن:
ٻانهياريءَ وارو ڀڙو:-
هن ڀڙي جا کنڊر ’نئين ڇور‘ جي شهر کان اتر طرف ۽
تڳو سر جي ترائيءَ کان به ٿورو اتر ڏي موجود آهن،
جنهن ڪري ڪي ماڻهو هن کي ”تڳو سر جا کنڊر“ پڻ
سڏيندا آهن ۽ ٻانهياريءَ جا کنڊر ان ڪري سڏين، جو
کنڊرن جي اولهه ۾ ٻانهياريءَ جي مشهور ڍنڍ آهي.
|