سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 11

افسوس اهو آهي ته اسان جا ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو انهن حقيقتن کي ڄاڻندي ۽ سمجهندي به، انگريزن جي لکيل دشنام طرازيءَ ۽ ڪن انگريز نواز ديسي ليکڪن جي غير ذمه دارانه تهمت تراشيءَ کي تحقيق ۽ ريسرچ سمجهي ايمان آڻي چڪا آهن. بلڪ وڌيڪ افسوس  جي ڳالهه اها آهي ته اهي نائون مل جهڙي غدار شخص جي لکيتن کي غداري به چون ٿا، پر ان سان گڏ ان قسم جي ان بڪواس کي به تسليم ڪري رهيا آهن، جا نائون مل جهڙن وطن دشمن ۽ غدارن جي لکيتن جو بلڪل عڪس آهي.

ان سلسلي ۾ اڄ کان گهڻو اڳ هڪ هندو ليکڪ ”ميراڻي سنڌڙي“ جي نالي هڪ ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ سعيو ڪري چارلس نيپئر، برٽن ۽ ڊاڪٽر برنس جي ڪتابن مان اهڙا اقتباس ڳولي ڪڍيا ويا هئا، جن ۾ ٽالپورن جي خلاف غلط بياني ڪئي وئي هئي. شڪر آهي جو ان جو دندان شڪن جواب، سنڌ جي مشهور عالم ۽ محقق مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڏنو، جنهن جو نالو هو ”ميرن جي صاحبي“. ان ڪتاب جي تعريف سنڌ جي حق پسند هندو عالمن به ڪئي. حڪيم صاحب مرحوم اهو ثابت ڪيو ته ”ٽالپورن جي راڄ ۾ سنڌ کي صحيح نموني ۾ سوراج حاصل هو“. اهو ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي. افسوس اهو آهي جو اڄ ڪلهه جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي جي نگاهه ان ڪتاب تائين گهٽ پهتي آهي.

حضرات! تاريخ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته انگريزن کي سنڌ ۾ ٻن طبقن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻي هئي، هڪ حڪمران ۽ ٻيا اعليٰ خاندان جا ماڻهو ۽ سادات وغيره. ان سلسلي ۾ ڪيترن علمي ڪتابن ۾ به دل آزار نموني جا ڪيئي بحث اچي چڪا آهن.

مثلاً ڊاڪٽر سورلي آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾ اهو سڀ ڪجهه گڏ ڪيو آهي، جو کانئس اڳ لکيو ويو آهي. ان طرح ڊاڪٽر ڇٻلاڻيءَ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ نالي ڪتاب لکي ڇوهه ڇنڊيا آهن، جنهن ۾ هن نوي سيڪڙو حوالا انگريزن ۽ ڌارين جا ڏنا آهن. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب جي صفحي 29 تي ٽالپر اميرن بابت لکي ٿو ته ”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هنن جي حڪومت ۾ امن امان هو، پر اهڙو امن، جنهن ۾ ملڪ لاءِ ڪا به آسودگي ڪا نه هئي، حڪومت ته هئي پر بنا ڪنهن قانون جي. ٽالپور بي پرواهه ۽ عياش حاڪم هئا. هنن جو سمورو شوق شيل شڪار تي هوندو هو.“ هو پاٽنجر جي حوالي سان لکي ٿو ته ”جنهن ملڪ تي هنن جي حڪومت آهي، ان جي انتظار تي هو ڪو توجهه ڪو نه ٿا ڏين. نه ڏوهاريءَ کي سزا ٿي ملي، نڪي ڪنهن مظلوم کي انصاف ٿو ملي. هن وقت ائين کڻي چئجي ته هن ملڪ ۾ ڪا حڪومت آهي ئي ڪانه، ڇو ته هنن بلوچ سردارن کي رڳو پنهنجن ئي کاسارن جي لڳل آهي. عام رعيت جو الله واهي آهي.“ وري ڇٻلاڻي صفحي 63 تي لکي ٿو ته ”ڪلهوڙن جي جاءِ نشين ٽالپورن به انهيءَ وڳوڙ کي ضابطي هيٺ ڪو نه آندو. جهڙا هئا ناقابل تهڙا سست. شڪار جي انڌي شوق ۾ ايترو ته محو هئا، جو ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي زندگيءَ جو کين ڪو به اونو ڪو نه هو.“ وري ڇٻلاڻي ص-109 تي بنان حوالي جي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايلچي جي نائب ايلس 1809ع ۾ انهن هٻڇي ۽ جاهل اميرن جي دور ۾ سنڌ جي واپار ۽ تجارت  ۾ تيزيءَ سان ايندڙ زواليت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مختلف غير سنڌين جي حوالن سان ميرن ۽ بلوچن کي تنگ نظر، لالچي ۽ وحشي، ريڍار شهزادا، هندن سان ظلم ڪندڙ ۽ عمارت سازيءَ جا مخالف وغيره وغيره لکيو اٿس. اسان طوالت جي خيال کان وڌيڪ سمع خراشي ڪو نه ٿا ڪيون.

حضرات! هاڻ علمائن ۽ مشائخن بابت به ڪجهه ٻڌندا. ڊاڪٽر برنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي دربار“ ۾ (سنڌي ترجمو صفحه 71) لکي ٿو ته – ”اهو تعصب، جنهن ڪري ايتريون ظالمانه ڪارروايون ٿين ٿيون، سو هڪ ٻي ڳالهه مان به ظاهر ٿئي ٿو ته سيدن يعني آل رسول کي بي حد عزت ڏني وڃي ٿي. هندن کي برهمڻن ۽ پروهتن جو ايترو خوف ۽ حراس نه ٿيندو آهي، جيترو مسلمانن کي سيدن جي قوم کان ٿيندو آهي. هڪڙو ذليل ادنيٰ ماڻهو به انهيءَ اعليٰ نسل جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو، تنهن کي به مجلس ۾ وڏي ۾ وڏي دنيوي مرتبي جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ بهتر جاءِ ملندي.... انهن رعايتن ۽ سهوليتن جي ڪري سيدن جون بهيرون ڀر وارن ملڪن مان سنڌ ۾ اينديون آهن. هو نه فقط سماج جا نڪما ۽ سست رڪن آهن، پر هنن جو عوام جي دلين تي به تمام برو اثر پوي ٿو ۽ هو خلق تي ڳرو بوجو آهن. حيدرآباد جا رستا فقيرن سان ڀريا پيا آهن. هو نهايت بي حيائيءَ ۽ آڪڙ سان خيرات گهرندا آهن، جنهن مان سندن اثر ۽ طاقت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. تحقيق هي فقير ماڻهن جي اخلاقي پستيءَ جي هڪ دکدائڪ ثابتي آهن.“

دوستو! ظاهر آهي ته اهي سمورا ڪوڙ هئا، جيڪي انگريزن ويهي هنيا هئا. ساڳئي ڪتاب جي صفحه 89 تي حيدرآباد جي حڪومت جي مکيه وزير سيد محمد اسماعيل شاهه بابت لکي ٿو ته ”اسماعيل شاهه مغرور ۽ تنگدل سيد فقط پنهنجي نسب ۽ ماڻهن جي طرفداريءَ ڪري چڙهيو آهي“. رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جون قومون“ (صفح 168) ۾ سنڌ جي دائرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته- ”انهن ۾ عام طرح گهٽ درجي جا ماڻهو، ڪي سيد ۽ جلالي فقير ويندا آهن.“ ان طرح پوسٽنس جي ڪتاب ”پرسنل آبزورويشن آن سنڌ“ جي صفحي 50-51 جو اختصار هن ريت آهي ته ”سيدن، پيرن ۽ ٻين مسلمان فقيرن جو عوام خواهه مير، خاص عزت جو مقام رکندا آهن. مذهبي خيال کان هو پاڪ سمجهيا ويندا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪ سست سيد ۽ بيڪار ديني معلم جي سنڌ ۾ سرپرستي ڪئي ويندي آهي، جا ٻين ملڪن ۾ اها غير معلوم آهي. لازمي طرح اهي ديني رهبر سر ڦريل آهن ۽ ملڪ جا ڪي بهترين حصا هنن کي انعام ۾ مليل آهن. هر بلوچ سردار ۽ قبيلي کي پنهنجو مرشد آهي، جيڪو پنهنجي عهدي جيان هنن کان ڏن وٺندو آهي. خراسان، ڪابل، پشين، سينٽرل ايشيا، ايران ۽ هندستان جي هر حصي جا ماڻهو هنن خون چوسيندڙ ماڻهن کي ڏن ڏيندا آهن، جنهن ڪري هي تمام شاهوڪار ٿي ويا آهن“. پوسٽنس وري به ڪتاب جي 160 صفحي تي لکي ٿو ته ”سيد، جي عام طرح ميرن جا صلاحڪار آهن ۽ ان معاملي ۾ وڏو شخصي رايو ڏيکاريندا آهن“. برٽن به پنهنجي ڪتاب ”سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“ (سنڌي ترجمه جي صفحه 200 تي) لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ هڪ ٻيو به رواج آهي ته ماءُ يا ڌيءُ طرفان ڪو به سيد هوندو ته ان کي سيد سڏيو ويندو آهي.“ وري 189 تي لکي ٿو ته ”چون ٿا ته سنڌين جهڙن موم دل ماڻهن ۾ به اڳ زبردست پيرپرستي هئي. اهڙا پير پنهنجن دشمنن کي پنهنجن مريدن هٿان آسانيءَ سان مارائي ڇڏيندا هئا،تنهن هوندي به مڪاني حڪام انهن نام نهاد صوفي فقيرن جي حمايت ۾ هئا، ڪجهه وهم ۽ وسوسي سبب ۽ ڪجهه انهيءَ ڪري ته هنن کي هر هڪ پير جي پوتي ڪڇيل هوندي هئي، پيرن کي بهرحال وڏيون سهوليتون هونديون هيون. اسان جي حڪومت ۾ هنن کي مريدن کي ڦٽڪن هڻائڻ ۽ مارائڻ جو ڪو به حق نه آهي. اسان جي حڪومت اڪثر پير پاڻ کي فقير سڏيندا آهن، پر وٽن سوين خدمتگار ۽ گهوڙا هوندا آهن ۽ هو ڪنهن وقت ماڻهن کي پنهنجي پوشاڪ جي هيٺيان بدن تي پيل اٺ جي ڏاس جي صدري ڏيکاري، دنياداريءَ کي پنهنجي لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندا آهن“.... ”ڏکڻ يورپ جي قومن وانگر ڪيترائي ڪمزور دل سنڌي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه رکندا آهن ته ولين ۽ فقيرن جي دعا کين دوزخ جي باهه کان بچائيندي. مون ڏٺو آهي ته ايرانين جو تخيل ۽ افغانن جو بي انتها تعصب انهن  ۾ ساڳيو اثر پيدا ڪري ٿو، انهيءَ ڪري پير جي مالي حالت ريس ڪرڻ جي لائق هوندي آهي. هن کي مريدن وٽان آمدني ۽ پيدائش جي اٺين حصي کان ويندي اڌ حصي تائين نذرانه طور ملندو آهي. مريدن کي همت نه ٿيندي آهي، جو ساڻس ٺڳي ڪري سگهن. الٽو جيڪڏهن ڪو اوچتو وار ملندو اٿن ته هو کيس قيمتي تحفا ڏئي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا آهن ته اسان جي قسمت پير جي دعا سان کـُلي آهي. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته پير جي عقل سان هلي ته ٽيهه هزار روپيه (جي اڄ جي ٽن لکن کان به وڌيڪ آهن) سال ۾ سولائيءَ سان ڪمائي سگهي ٿو“.

ان طرح ڪرنل برنس پنهنجي ڪتاب ”ٽريولس ان بخارا“ جلد 3-صفحه 226 تي لکي ٿو ته – ”سنڌ ۾ شاهوڪار يا بلوچ سردار آهن  يا مذهبي اڳواڻ يا هندو“. اٽڪن صاحب جي ”سنڌ گزيٽيئر“ جي صفحه 179 تي آهي ته – ”تاتارين جي حملي وقت ڪيترن پارسا عالمن ۽ سيدن وچ ايشيا مان لڏي سنڌ ۾ پناهه ورتي ۽ اڪثر مسلمان حڪمرانن کين عزت ڏني، مگر سڀ کان وڌيڪ ٽالپورن کين  عزت ۽ اعزاز ڏنا“. ناٿن ڪرو جي حوالي سان ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ جي صفحه 158 تي لکي ٿو ته- ”سنڌي ماڻهو ڪنهن به ڳالهه ۾ ايتري فياضي نه ٿا ڏيکارين، جيتري سيدن کي کارائڻ ۾؛ ڪنهن به ڪم تي ايتري تياري نه ٿا ڪن، جيتري مذهبي معاملات ۾؛ ڪنهن به ڪم ۾ ايترو جوش نه ٿا ڏيکارين، جيتري قدر عيد جي خوشيءَ ۾؛ هنن جو ڪو به ذوق ڪو نه آهي، فقط پراڻن مقبرن جي سينگارڻ ۾.“

جناب اعليٰ ! مون فقط ’يڪ مشت از نمونهء خروار‘ طور چند مثال ڏنا آهن. ڇا اهڙن   حوالن کي تاريخ ۾ ڪم آڻي ٿو سگهجي؟ ڇا سچ پچ اسان جا بزرگ ۽ وڏا اهڙا هئا؟ تعجب ته انهن صاحبن تي آهي، جيڪي هن قسم جي غيرن جي حوالن کي آڌار بڻائي ڪتاب  ۽ مضمون تيار ڪن ٿا. اسان انهن جي عقل تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ  ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون!

جناب اعليٰ! سلطان دودي شهيد عليه الرحمـة، مائي مارئي عليه الرحمـة، دولهه دريا خان رحه، ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان (آخري سلطان ميرپور خاص) جي زرين ڪارنامن ۽ حب الوطنيءَ جي جذبن کي هي انگريز عيار مسخ ڪري سگهن ٿا؟ هرگز نه !

هي شهر ميرپورخاص، جنهن ۾ هي مجلس مذاڪره ٿي رهي آهي، اهو سنڌ جي چوٿين حصي جو تخت گاهه ۽ ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان جي جاءِ سڪونت آهي. آثار قديمه جي لحاظ کان به هي شهر وڏي اهميت جو حامل آهي. جو ”ڪاهوءَ جي دڙي“ جو قديم شهر به ميرپور خاص ڀرسان ئي آهي.

جناب عاليٰ! هن بحث جو ٻيو رخ به آهي، جيڪو ڪن نيڪ ۽ديانتدار انگريزن لکيو آهي. انهن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي تعريف به ڪئي آهي، پر انهن انگريزن، جن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو هجو ڪئي آهي تن به ڪٿي ڪٿي غير اختياري طور يا وري ان سبب ته متان آئينده جا مورخ يڪطرفه لکندڙ سڏين، هو به تعريف ڪري ويا آهن. مثلاً: ڪئپٽن ايسٽوڪ پنهنجي ڪتاب ”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ“ ۾ يا ميجر آئوٽرام پنهنجي ڪتاب ”ڪمينٽري آن دي ڪانڪئسٽ آف سنڌ“ ۾ يا ڪٿي خود برٽن به تعريف ڪري ويو آهي. مثلاً: پنهنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب جي صفحه 206 تي يا ايسٽوڪ صفحه 264 ۽ 265 تي تعريف ڪئي آهي. مگر طوالت جي سبب في الحال انهن حوالن جو ذڪر ڪري نه ٿو سگهان. مون اهڙو احوال تفصيل سان پنهنجي ڇپجندڙ ڪتاب ”تاريخ سنڌ- اميران ميرپور خاص“ ۾ ڪيو آهي، جو جلد وڪري لاءِ ميسر ٿي سگهندو. آءٌ وري به پنهنجي ملڪي تاريخ لکندڙن کي عرض ڪندس ته هو تحقيق ڪن ۽ هروڀرو ڌارين تي ڀروسو ڪري پنهنجي تاريخ کي پاڻ مسخ نه ڪن.

آخر ۾ صاحب صدر ۽ حاضرين مجلس جو شڪريه ادا ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.

والسلام

حڪم ٿيو بادل کي، ٿا سارنگ ساٺ ڪجن،

وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،

جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،

پنجن مان پندرهن ٿيا، ائن ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن،

وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،

سيد چئي سڀن، آه توه تنهنجو آسرو.

-شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

              ”ناشاد“

اسسٽنٽ ايڊيٽر سماهي ”مهراڻ“

پاري ننگر-سنڌ جو قديم بندرگاهه

زمين جي مٿاڇري تي شروع کان وٺي جاگرافيائي اٿل پٿل ۽ قدرتي حادثن سبب ڪيئي بندر ۽ بازاريون، شهر ۽ وسنديون، وهڪرا ۽ واهه، نديون ۽ نالا، ڍنڍون ۽ ڍورا، هڪڙا پئي تباهه ۽ برباد ٿيا آهن ته ٻيا وري نئين سر پئي نروار ٿيا آهن. قدرت جي اٽل قانون تحت اسان جي سنڌ ۾ به هزارن سالن کان وٺي مٿيون فطري عمل ڪارفرما رهندو آيو آهي. سنڌ جا ڪيئي قديم بندرگاهه ۽ مختلف دورن ۾ زلزلن ۽ برساتن، ٻوڏن ۽ طوفانن، درياهن جي رخن بدلجڻ ۽ مختلف سماجي ۽ معاشي سببن ڪري ماڻهن جي لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا، جن مان ڪن جا فقط ڪي آثار نظر اچن ٿا ته ڪن جاري وري تاريخن ۾ نالا ئي ملي سگهيا آهن. اهڙن تباهه ٿيل قديم بندرگاهن ۾ ”پاري ننگر“ به ملڪان ملڪ مشهور بندر هو، جنهن جي اوج ۽ عروج جو زمانو  عيسوي پهرين صديءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو.

سنڌ جي نقشي تي نظر وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته ان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪارونجهر ٽڪرين جي هنج ۾ ننگر پارڪر جو شهر آهي، جنهن جي اتر ۾ ٿر جو وارياسو علائقو آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. تاريخدان متفق آهن ته موجوده ننگرپارڪر ۽ ڪڇ رياست جي وچ ۾ جيڪو تقريباً ست هزار چورس ميلن جو رڻ سڃ لڳائي بيٺو آهي، اهو قديم زماني ۾ پاڻيءَ هيٺ هو ۽ عربي سمنڊ جو اٿاهه ساگر اتي موجزن هو. جهاز ۽ ٻيڙا اهو پاڻي جهاڳي اچي ”پاري ننگر“ جي بندر تي لنگر انداز ٿيندا هئا. انهيءَ آمدورفت لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، جنهن ڪري چوندا هئا ’پاري کاري‘ يا ’پار اُڪر‘- جنهن مان بدلجي ’پار کار‘ ٿيو، ۽ اڳتي هلي اهو لفظ ”پارڪر“ جي صورت اختيار ڪري بيٺو.

1847ع ۾ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس ڪڇ ڀڄ تي اسسٽنٽ پوليٽيڪل  ايجنٽ مقرر ٿي آيو. ٿر ۽ پارڪر جو سمورو علائقو سندس انتظام ۾ ڏنو ويو. هن صاحب ٿر ۽ پارڪر جي موضوع تي 1856ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار شايع ڪيو. اهو پهريون ماخذ آهي، جنهن مان هن خطي جي قدامت جو قدري تفصيلي احوال ملي ٿو. ريڪس جي تحقيق موجب پارڪر ۾ هڪ شاندار سلطنت جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جنهن جو مکيه شهر ۽ بندر ”پاري ننگر“ هو. هو ان جو بنياد عيسوي پهرين صدي قرار ڏئي ٿو.

”پاري ننگر، جا قديم آثار ۽ کنڊر هن وقت موجوده ننگر پارڪر شهر کان اتر طرف چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي، ويرا واهه شهر کي ويجهو نظر اچن ٿا. هن وقت اتي لوهه جا وڏا وڏا ٽڪر ۽ پٿرن جا ڍير موجود آهن، جي وسيع ايراضيءَ ۾ جابجا منتشر نظر اچن ٿا. سنگتراشيءَ ۽ اڪر جو ڪم ڏسي، انهيءَ زماني جي فنڪارن جي مهارت ۽ هنرمنديءَ کي داد ڏيڻو پوي ٿو. ڪن هنڌن تي، صدين پڄاڻا، مندرن جي بتن جي حالت بوسيده ٿي چڪي آهي ۽ اهي سڙيل ۽ دونهاٽيل صورت ۾ ڏسجن ٿا. پنج مندر خسته حالت ۾ اڃا به موجود آهن. کاميل صورت ۾ هڪ آدم قد بت لڌو آهي، جو اتي ئي هڪ ڦٽل جاءِ جي ٻاهران کتل آهي.

ويرا واهه جي هڪ مندر ۾ سنگمرمر جو هڪ نفيس بت رکيو آهي، جنهن جي اکين ۾ چمڪندڙ پٿر لڳل آهن، جي اونداهيءَ ۾ تجلو ڪن ٿا. اهو جين ڌرم وارن جي ”ريکو ديو“ جو مجسمو آهي، جو ”پاري ننگر“ جي ڦٽڻ کان پوءِ ماڻهن آڻي ويرا واهه ۾ رکيو آهي.

پاري ننگر جي عروج واري زماني ۾ اتي جين ڌرم جا ماڻهو آباد هئا. ان طرح اوسواڙ قوم جي ماڻهن جي به اڪثريت معلوم ٿئي ٿي. ان وقت پاري نينگر جي آدمشماري تقريباً اڌ لک هئي ۽ سرمائيدار آباديءَ سبب خوشحاليءَ جو دور دورو هو. شهر ۾ علم ۽ فضل جو چرچو هو، ۽ وڏي تعداد ۾ پاٺشالائون  ۽ ڌرمي وديا جا مرڪز هئا.

عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر هن خطي جو بهترين ۽ مصروف بندر هو ۽ ڏورانهن ڏيهن سان واپار ۽ اچ وڃ جو واحد وسيلو هو. ان وقت هن بندر کي گويا هڪ بين الاقوامي بندرگاهه جي حيثيت حاصل هئي، جو هتان جي جهاز راني هزارن ميلن تائين وسيع هئي. سنڌ جا جهاز ۽ ٻيڙا ان زماني ۾ ڪڇ، ڀڄ، پوربندر، کنڀات ۽ مانڊلي کان ٿيندا، لنڪا لتاڙي، ڏور ڏکڻ ڏکڻ  اوڀر جي تجارتي ٻيٽن ۽ مرڪزن، جاوا ۽ سوماترا- تائين پهچندا هئا. اهي ٻيڙا هتان سنڌ مان اناج، ڪپهه، کونئر، نير، لاک، ماکي، ان ۽ ٻيو مال نيندا هئا ۽ واپسيءَ تي دالچيني، الائجي ڪارا مرچ ۽ گرم مصالحا سوُڌيندا هئا. ڪڇ، ڀڄ، مانڊلي پوربندر، کنڀات ۾ ”پاري ننگر“ جا همعصر بندر آهن ۽ اڄ به سمنڊ تي آباد آهن.

پاري ننگر ۾ ان وقت جهازن ۾ ٻيڙن جي تعميرات ۽ مرامت جو مڪمل انتظام هوندو هو. وڏي تعداد ۾ گودين ۽ ڪارخانن سببان، هن خطي جي جهاز رانيءَ لاءِ هر طرح فني سهوليت ميسر هوندي هئي. ان زماني ۾ سنڌونديءَ جي هڪ شاخ، پنجاب مان نڪري، عمر ڪوٽ جي اوڀر مان ٿيندي، پاري ننگر ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، جا هاڪڙي جي نالي سان مشهور آهي. هاڪڙي ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي پاري ننگر جي سهوليت لاءِ ويراواهه وٽ بيهندا هئا. بعد ۾ زلزلي سبب نديءَ جي وهڪري ۾ تبديلي آئي ۽ سمنڊ جي سڪي هٽي وڃڻ ڪري سون ميلن جي خشڪي هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ آبادي نه هئڻ ڪري ڪلر جو کاڄ ٿي ويئي- ان طرح ڪڇ جو رڻ نمودار ٿيو، ۽ پاري ننگر اجڙي ويو. موجوده ڪڇ جي رڻ ۽ ننگرپارڪر واري ڀاڱي ۾ اڃا تائين جابجا ڪوڏيون، شنک، رائو ۽ کانکروٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو خطو اڳي سمنڊ هيٺ هو.

محقق ۽ آثار قديمه جي ماهرن جي تحقيق موجب سنڌ جو هي عظيم الشان بندر اڄ کان ٻه هزار سال اڳ پنهنجي پوري شان شوڪت ۽ اوج عروج تي پهتل هو. ان جي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ جين ڌرم وارا ۽ اوسواڙ باشندا، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ٻين علائقن طرف پکڙجي ويا ۽ بندر کنڊر جي صورت ۾ بدلجي ويو.

هن وقت پاري ننگر جي قديم آثارن وٽ سون مڻن جي انداز ۾ لوهه جا زنجير، عمارتن مان لٿل لوهه جا ٽڪرا ۽ جهازن جا فولادي حصا زمين اندر دٻيا پيا آهن، جن کي ’ڪٽوهڙ‘ چئجي ٿو. ان طرح پٿرن جا ٽڪرا ۽ بتن جا ڀڳل حصا به جابجا پکڙيا پيا آهن، جي جيني مندرن جا معلوم ٿين ٿا.

سنڌ جو اهو هاڪارو ۽ ڏيهارو ڏيهه مشهور بندر گاهه ڪهڙي سمي ۾ ۽ ڪهڙي سبب سان تباهه ۽ ويران ٿي ويو، تنهن جي مستند احوال لاءِ تاريخن ۾ تفصيل نه ٿو ملي. هونءَ ته ڪيترائي من گهڙت قصا ۽ ڏند ڪٿائون هن بندر جي تباهيءَ سان منسوب آهن، مگر ڪئپٽن ريڪس جي راءِ البت مستند نظر اچي ٿي، جنهن موجب زلزلن ئي سمنڊ کي هٽائي، هاڪڙي کي اجاڙي، ”پاري ننگر“ جي بندر کي هميشه لاءِ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. الائسي ريڪلس نالي هڪ سياح ڄاڻايو آهي ته ”ڪڇ جي رڻ جو موجوده خطو عيسوي چوٿين صديءَ تائين اٿاهه سمنڊ هو، جو پوءِ زلزلن سبب ظاهر ٿيو. ننگرپارڪر جي اتر-اوڀر طرف جيڪو ويران علائقو نظر اچي ٿو، سو سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هو“.

طبقات الارض جي ماهرن جي تحقيق موجب قديم زماني کان وٺي انڊونيشيا کان وٺي افغانستان تائين وارو علائقو ”زلزلن جو پٽو“ رهندو اچي ٿو. انهيءَ پٽي ۾ ايامن کان وٺي صدها زلزلا ايندا رهيا آهن، جن جي ڪري سنڌ جا ڪيترائي بندر ۽ شهر، وهڪرا ۽ ڍورا، پراڻ ۽ درياهه اڪثر متاثر پئي ٿيندا رهيا آهن. مختلف زمانن ۾ سنڌونديءَ جي وهڪرن ڦيرائڻ جا اڪثر ڪارڻ زلزلائي رهيا آهن. ان قديم فطري روش يقيناً ’پاري ننگر‘ کي به معاف نه ڪيو هوندو ۽ عالمن جو اندازو يقين جي صورت اختيار ڪري ٿو ته زلزلن ئي هن بندر کي ويراني جي صورت ڏني آهي.

سنڌ جو مشهور نيم تاريخي رومانوي داستان ”سڏونت سارنگا“ به هن شهر سان وابسته آهي. پارڪر علائقي جي لوڪ گيتن ۾ اهو عشقيه داستان اڄ تائين ڳائبو آهي. ’سارنگا‘ پاري ننگر جي هئي ۽ پنهنجي محبوب ’سڏونت‘ کي پنهنجي گهر جو ڏس هن طرح ٿي ڏئي:

”پاري ننگر پڌارجو، ڪر جو ڀڳوئا ويس،

جس گهر ناريل رونکڙو، ا ُس گهر ڏيجو آڏيس.“

- يعني ”گيڙو لباس پائي، پاري ننگر ۾ اچج ۽ جنهن گهر ۾ ناريل جو وڻ بيٺل ڏسين، اتي پيغام ڇڏج.“ ناريل جو وڻ اڪثر سمنڊ جي ڪناري جي ئي پيدائش آهي، جنهن مان ثبوت ملي ٿو ته پارڪر ننگر ان وقت سمنڊ جي ڪناري تي آباد هڪ وسندڙ بندر هو.

وٺو مينهن وڏ ڦرو، جهان جهان ڪري جهڪور،

موچاري ملير جون، مينهون ٽلن مور،

هاديءَ  لاٿا   هور،   ولهارن  وس  ٿي.

صوفي صادق فقير

نمائش
مرحبائي تقرير

از: سيد نور احمد شاهه

چيئرمن جشن ”سنڌ صدين کان“ ڪميٽي

محترم پيار علي الانا صاحب، وزير تعليم۽ ثقافت سنڌ ۽ ثقافت سنڌ ۽ معزز سامعين ڪرام.

سڀ کان اول آءٌ اوهان صاحبن جي تشريف آوريءَ تي مسرت محسوس ڪندي دل جي والهانه جذبن سان خيرمقدم ڪريان ٿو. خاص ڪري الانا صاحب جن، پنهنجي لاتعداد مصروفيتن جي باوجود، ڪجهه وقت ڪڍي، ٿرپارڪر ضلعي جي آرٽ ۽ دستڪارين جي نمائش جي افتتاح لاءِ اچڻ جي تڪليف ورتي آهي، ان لاءِ آءٌ ۽ ڪميٽيءَ جا ارڪان سندن شڪر گذار آهيون. اڄ سندن ميرپور خاص ۾ آمد کي اسين هن ضلعي جي ثقافتي ورثي ۽ تهذيبي سرمايي جي حوصله افزائي ۽ قدردانيءَ جي علامت تصور ڪريون ٿا.

سائين! هن ضلعي جي آرٽ ۽ ڪلچر، دستڪارين ۽ هنرن، زيورن ۽ قديم هٿيارن، لباس ۽ نادر شين، ناياب قلمي مسودن ۽ مختلف قسمن جي تاريخي شين متعلق تعارف طور ڪجهه عرض ڪرڻ منهنجي خيال ۾ مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اوهان جي فن شناس ۽آرٽ جي دلداده شخصيت انهن مڙني ڳالهين کان اڳي ئي متعارف آهي، ۽ سنڌ جي ان عظيم تهذيبي سرمايي ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت ۽ افاديت کان اوهان بخوبي آگاهه آهيو. ”سنڌ صدين کان“ جي تاريخي سيمينار ۽ نمائش جو اهتمام انهيءَ ڳالهه جو بعين ثبوت آهي.

سائين! سنڌ جي ٻين ضلعن جيان هن ضلعي ۾ پڻ صدين جي ثقافت جا اهڃاڻ ۽ آثار موجود آهن. هن ضلعي ۾ فنون لطيفه جي مڙني شعبن جون اڪيچار شيون موجود آهن، مثلاً: ڪشيده ڪاري ۽ دستڪاريون، مصوري ۽ سنگتراشي، آڳاٽا لباس ۽ زيور وغيره

اسان هن ضلعي جي سڀني تعلقن مان گهربل سمورين شين کي هٿ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڄ هن نمائش ۾ سجائي رکيون ويون آهن. مون کي اميد آهي ته اڄ هن نمائش ۾ رکيل نوادرات ۽ دستڪارين کي اوهان ۽ سمورا ناظرين قدر جي نگاهه سان ڏسندا.

سائين! جيئن اوهان کي معلوم آهي، هن ضلعي جو ريگستاني علائقو ”ٿر“، دستڪارين ۽ هنرن جي ڏس ۾ عالمي شهرت جو حامل آهي. ٿر جا گج ۽ ڀرت جو سامان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي لاءِ فخر جو باعث آهي. ان سلسلي ۾ ٿر جي انهن هنرن کي زندگي بخشڻ جي وڏي ضرورت آهي. اسان کي يقين آهي ته اوهان جهڙا فن شناس، سنڌ جي سموري ثقافتي ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾، ٿر جي هنرن ۽ دستڪارين جي وڌ ۾ وڌ حوصله افزائي ڪرڻ فرمائيندا.

اڄوڪيءَ نمائش ۾ جيڪي نوادرات ۽ هنر، دستڪاريون ۽ نادرشيون، هٿ ڪري رکيون ويون آهن، تن جي حاصلات جي سلسلي ۾ هن ضلعي جي معزز شهرين، عملدارن ۽ ٻين مڙني ساٿين ۽ ڪارڪنن جنهن جذبي ۽ محبت سان ڪم ڪري، مون سان تعاون ڪيو آهي، تن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آهيان، خاص ڪري هن ضلعي جي برک علمي شخصيت مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر جو ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب هن ضلعي جي نامور خاندان – ماڻڪاڻي ٽالپر- جي نوادرات کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي خلوص ۽ انهماڪ سان تعاون ڪيو آهي. ان طرح سان مرحبائي ڪميٽيءَ جي ڪنوينر چوڌري رفيق احمدصاحب جنهن اخلاص ۽ جذبي سان نمائش کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جيڪا سرجوشي ڏيکاري آهي، ان کي پڻ ساراهڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهجي. ساڳيءَ طرح نمائش ۾ موجود سمورن هنرن ۽ دستڪارين جي مالڪن – جيڪي هن ضلعي جي دور دراز مقامن تان پنهنجا قيمتي سامان کڻي اچي هتي پهتا آهن – تن جو پڻ شڪريه ادا ڪرڻ لازم ٿو سمجهان. دراصل اهو مٿين سمورن ڪرمفرما بزرگن، مخلص ساٿين ۽ ڪارڪنن، ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ دستڪارين جي وارثن ۽ مالڪن جي گڏيل ڪوششن جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ هتي ايڏي وڏي پيماني تي نماش جو اهتمام ٿي سگهيو آهي.

آخر ۾ آءٌ هڪ دفعو ٻيهر اوهان صاحبن ۽ سمورن ناظرين جي آمد تي شڪريو ادا ٿو ڪريان.

سارنگ سنبهي آئيو، پرين جي پارا،

آئي مند مينهن جي، وڄڙين ڪيا وارا،

جن اڏيا اکڙين اوتارا، سي ”صادق“ ملن سپرين.

- صوفي صادق فقير رحه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org