سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 16

ڪارخانا

1-            ميرپورخاص شگر ملس، ميرپورخاص.

ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا

2-           ميشرس خدا بخش انڊسٽريز، ميرپورخاص.

3-           ميشرس ايس ايل ڊي ڪاٽن جننگ فئڪٽر، ميرپورخاص.

4-           ميشرس احمد ڪاٽن جننگ فئڪٽري، ميرپورخاص.

5-            ميشرس موتياڻي ڪاٽن جننگ فئڪٽري، ميرپورخاص.

6-           ميشرس زميندار ڪاٽن جننگ فئڪٽري، ميرپورخاص.

7-           ميشرس رامچند مانجي مل ڪاٽن جننگ فئڪٽري ميرپورخاص.

8-           ميشرس پارومل نٿو مل ڪاٽن جننگ فئڪٽري، ميرپورخاص.

9-           ميشر والڪرٽ (پاڪ) لميٽيڊ - (ڪاٽن جننگ فئڪٽري) ميرپورخاص.

10-       ميشرس پهلومل موتيرام ڪاٽن جننگ فئڪٽري، ميرپورخاص.

11-        ميشرس آدم ڪاٽن جننگ فئڪٽري ميرپورخاص.

12-       ميشرس حبيب ڪاٽن جننگ فئڪٽري (شادي پلي).

13-                 ميشرس ڪريسينٽ ڪاٽن جننگ فئڪٽري، (شادي پلي).

14-                 ميشرس بسومل واڌو مل ڪاٽن جننگ فئڪٽري (پٿورو).

15-        ميشرس ڀرڳڙي ڪاٽن جننگ فئڪٽري (جيمس آباد).

16-       ميشرس حڪيم الدين هرموسجي ڪاٽن جننگ فئڪٽري (جيمس آباد).

17-       ميشرس ڊگهڙي ڪاٽن جننگ فئڪٽري (ڊگهڙي).

18-       ميشرس هاشمي ڀرڳڙي ڪاٽن جننگ فئڪٽري (سامارو روڊ).

19-       ميشرس بيگ ڪاٽن جننگ فئڪٽري (نبي سر روڊ).

20-      سنڌ ڪاٽن جننگ ۽ پريسنگ فئڪٽري (ڪنري).

21-       نثار ڪاٽن جننگ فئڪٽري (ڪنري).

22-      ميشرس روپچند چيلا رام ڪاٽن جننگ فئڪٽري، (ٽنڊو جان محمد)

تيل جا ڪارخانا

23-      آدم آئل ملس (ميرپورخاص)

24-      ڌنراجمل مانومل ائنڊ سنس آئل ملس (ميرپورخاص).

25-       ميرپورخاص آئل ماس (ميرپورخاص).

اٽي جا ڪارخانا

26-      محمدي رولر ائنڊ فلور ملس (ميرپورخاص)

برف جا ڪارخانا

27-      محمدي آئيس فئڪٽري (ميرپورخاص)

28-      ميمڻ آئيس فئڪٽري (ميرپورخاص).

29-      گلشن آئيس فئڪٽري (ميرپورخاص).

30-      مهراڻ آئيس فئڪٽري (جيمس آباد).

31-       دولت آئيس فئڪٽري (ڊگهڙي).

32-      جهڏو آئيس فئڪٽري (جهڏو)

33-      اشوڪ آئيس فئڪٽري (ڪنري)

34-      نئون ڪوٽ آئيس فئڪٽري (نئون ڪوٽ)

سئنيمائون

1-

پئلس سئنيما

ميرپورخاص

596

سيٽون

2-

قائم سئنيما

=

636

=

3-

تصوير محل

=

482

=

4-

فردوس سئنيما

=

413

=

5-

مهر سئنيما

=

780

=

6-

پاشا سئنيما

=

340

=

7-

وينس سئنيما

ميرواه

432

=

8-

نشاط سئنيما،

جيمس آباد

260

=

9-

ڊگهڙي سئنيما

ڊگهڙي

463

=

10-

مئجسٽڪ سئنيما

ڊگهڙي

240

=

11-

اوپن ايئر سئنيما

ٽنڊو جان محمد

290

=

12-

نور سئنيما

جهڏو

460

=

13-

شهباز سئنيما

ڪنري

324

=

14-

اوپن ايئر سئنيما

عمرڪوٽ

300

=

15-

فردوس سئنيما

سامارو

175

=

بجلي

ضلعي جا هيٺيان شهر ۽ڳوٺ بجليءَ سان منور آهن:

ميرپور خاص تعلقو: ميرپورخاص، ميرواهه گورچاڻي، مکڻ سمون، لاکو شاهه، وڏل شاهه، مير خالد حسين، اميد علي لغاري، دولتپور، ۽ هوت خان لغاري، حاجي شاهه بخش، فقير شير محمد، حاجي ساجن، پير بخش جروار.

ڊگهڙي تعلقو: ڊگهڙي، ديهه 170، حاجي ولي محمد شاهه، ٽنڊو جان محمد، انب موري، ڄاول خان ڪلوئي، جهڏو، سرائي ڳوٺ، احمد خان کوسه، عبدالله خان کوسه، نئون ڪوٽ، مير علي مراد، ڪوٽ مير جان محمد.

جيمس آباد تعلقو: جيمس آباد، ڪاڇيلو فارم، ڀرڳڙي ڳوٺ، ڪوٽ ميرس، ڪاڇيلو اسٽيشن.

عمرڪوٽ تعلقو: عمرڪوٽ ۽ ڍورو نارو.

ڏيپلو تعلقو: ڏيپلو (جنريٽر)

ٻوليون

هن ضلعي ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، پشتو، ڪڇي، مارواڙي، ڍاٽڪي (ٿري)، پارڪري ۽ مڪراني ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

قومون ۽ قبيلا

هن ضلعي ۾ مختلف مذهبن ۽ فرقن، متن ۽ عقيدن جا ماڻهو سڪونت پذير آهن. ملڪ جو اهو واحد ضلعو آهي، جنهن ۾ سڀ کان گهڻي اقليت رهي ٿي. ساڳيءَ طرح قاديانين جي پڻ گهڻائي آهي. ان طرح سان پوئتي پيل قومن (هريجن) ۽ رولو قومن جو تعداد، ٻين ضلعن جي نسبت سان وڌيڪ آهي. 1961ع جي آدمشماريءَ موجب ضلعي ۾ 81840 هندو، 204284 هريجن، 1338 عيسائي، 54 پارسي ۽ 209 متفرقه اقليت موجود هئا. هڪ اندازي موجب، هن وقت، ضلعي ۾ فقط اقليت جي آبادي چار لک کن آهي، تنهن مان ساڍا ٽي لک هريجن آهن ۽ باقي عام هندو، قادياني ۽ عيسائي وغيره آهن.

مختلف عقيدن جي باوجود ضلعي جا سمورا باشندا پاڻ ۾ کير کنڊ آهن ۽ هڪ ٻئي جي مذهبي جذبن جو پورو پورو احترام ڪن ٿا. پراڻي زماني ۾، ضلعي ۾ جين ڌرم ۽ اوسواڙ قوم جا ماڻهو پڻ ججهي انداز ۾ رهندا هئا، جن جا اهڃاڻ مندرن جي صورت ۾، ننگرپارڪر جي گردو نواح ۾ اڄ به ملن ٿا.

هن وقت ضلعي ۾ رهندڙ قومن ۽ ذاتين جي لسٽ هن طرح آهي:

مسلم: سيد، قريشي، انصاري، عباسي، پيرزادا، صديقي، فاروقي، افغان، سرهندي، مغل، مرزا، پٺاڻ، ترڪ، مڪواڻا، آغا، خانزادا، پنهور، دائود پوٽا، هاليپوٽا، وسائي پوٽا، موسيٰ پوٽا، داد پوٽا، لغاري، لاشاري، لشاري، رند، بروهي ڪهيري، مري، ڇلگري، ڪپري، مغيري، دلواڻي، نوحاڻي، بنگلاڻي، سنجراڻي، شهاڻي، جسڪاڻي، لانگهاڻي، گورچاڻي، مرڙاڻي، نوتڪاڻي، نونداڻي، نظاماڻي، لنجواڻي، ڀوتراڻي، باگراڻي، بڊاڻي، احمداڻي، ڪورائي، ڌونڪائي، ڪلوئي، مستوئي، کوهي، گشڪوري، جمالي، پتافي، ڀرڳڙي، کوسا، چانڊيا، بوزدار، ٽالپر، گرگيج، چانگ، لنڊ، ڀنڊ، خشڪ، شر، جت، جروار، ٻٻر، ڌماچ، حاجاڻا، باجوا، راجا، آرائين، اعواڻ، ملڪ، وساڻ، سومرا، سما، جکرا، ناريجا، جوڻيجا، سميجا، هڱورا، هڱورجا، زنگيجا، جاڙيجا، عاليجا، رونجها، راهوما، نهڙي، ڏاهري، جاڳا، ڇڇا، ڇورا، ڀنڀرا، سهتا، لاکا، اوٺا، ڏيٿا، لنجا، ٿيٻا، ديدا، وڪيا، ڪيريا، ڪوٽڙيا، چنا، رامڏيا، ولها، پاڙها، ٻٽا، مياڻا نٻا، ڪاڇيلا، آڙهوٽا، اگرا، مڏا، سينهڙا، مڱريا، ٿانهريا، شورا، ڪاڪا، منڌرا، ميتڙا، ڳاها، چانهيا، مهاڻا، پڃارا، ابڙا، ٻاٻڙا، ٻگهيا، اڱاريا، ڀيا، داسڙا، ڏيرا، جويا، چاوڙا، ڇڄڙا، بڪيرا، هيلاريا، چٺا، چيما، چيها، لنگها، جنجهي، سنگراسي،  سولنگي، ماڇي، سرائي، ڪاسائي، کٽي، ڌوٻي، خاصخيلي، شيدي، برڙي، بوهري، تيلي، ڍورائي، عمراڻي، زنگي، لاسي، ولهاري، چاڪي، ڀٽي، ڪشميري، قائم خاني، اڌيپوري، ڌانڌو، گجر، لوريڙ، راهو، پاتو، ڪالرو، ميڻو، ڏورت، کاڙت، ڏوهٽ، ڀٽ، جٽ، راجپوت، راڄڙ، ويسر، جيسر، ڇڇر، ڪلر، مهر دٻگر، کوکر، ساهڙ، چاچڙ، بيسر، بجير، پهوڙ، ڪوراڙ، کيبر، راٺوڙ، ميربحر، ڪٻر، رانگڙ، انڙ، آريسر، درس، دل، رمدان، ساند، ڪرن، کوڙ، جهاڳوڙ، ٻاراچ، مهراڻ، مومن، ميمڻ، ڪيلهڻ، زندپور، نڪرچ، سيال، چوپاڻ، نون، ڏيانگ، شڪردين، ٿهيم، ڀاڳ، حجام، اعواڻ، ملهيا، مورا، ابڙينگ، ارباب، بلال، ڌانڌل، چوهاڻ، چنڊ، شيخ، گوندل، گونگا، پلي، پلهه، پليهه، گلال، پڙهيار، نوتيار، ٻهپار، ڪنڀار، لوهار، مڱڻهار ۽ ڀنگي (مسلم – عمرڪوٽ ۾ ڪجهه رهن ٿا).

هندو: لوهاڻه، ڀاٽيه، برهمڻ،  راجپوت يا ٺڪر (راڻا، سوڍا، پرمار، چوهاڻ، راٺوڙ) سوٽهڙ،  چارڻ ، ڀاٽ ، جاٽ ، ٻارٽ ، ڪرياگر ، ڪلال ، دٻگر ، اهير، بجير، ڪنڀار، ٻاوا، ورتيا، سونارا، نائي، ڪاريا، کتري ، سامي، درزي ، مالهي ، رٻاري ۽ ڪراڙ.

پوئتي پيل قومون: مينگهواڙ، اوڏ، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، جٽيا، گراڙ، موچي، سوچي، ڀنگي.

 

رولو قومون: جوڳي، سانسي، سامي، ٺوري، ٿوري، آهيڙي، شڪاري، گواريا، ٻالا، ڪبوترا، جنڊ آهوڙا، ڪوچڙا، گرگلا.

زيور

هي ضلعو مختلف ثقافتي قدرن جو سنگم رهيو آهي، لهٰذا هتي جي زيورن ۾ بلوچ، سماٽ، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جيسلميري طرز جا زيور مروج رهندا اچن ٿا: هڪڙا زيور اهڙا آهن، جي مشترڪ طور مسلمانن ۽ هندن ۾ مستعمل آهن، ته ڪن زيورن جو استعمال هڪٻئي جي برعڪس آهي. سردست، زيورن جي ورڇ هن ريت بيان ڪجي ٿي:

مٿي جا زيور:آلي، ٽڪو، ٽڪڙو، ٻير، ٻور، سنڪليون، بڪل، سڳي، چوٽي ڦل، مينڍا – ڦل.

ڪنن جا زيور: واليون، والڙيون، پوپٽيون، ٻنڊا، پوپٽ، مرڪيون، چنگل، پنڙا، جهالر، جهومر، ڪڙڪون، جهمٽيون، در، جهومڪ ايرنگ، درگلا، الولک، ليلم، ڪوڪا، پائڪان، والا، ڦليون، نسبيون.

نڪ جا زيور: بولو (رائداري بولو، ڪانيائون يا ڇلائون بولو، بينسري بولو)، نٿ (ٻاروچي نٿ، بينسري نٿ، فيشني نٿ)، وينڊو (رامسائي وينڊو، موراڪاري وينڊو)، بولي،  ڦلڙي، لونگ ۽ ڪوڪو.

ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ جا زيور : هنسي، هنس، والڙو، ڪاترو، ڪنٺي، نينٻوري، هار، گلوبند، چندن هار، سٻي، ڪٺمال، دهري، سريون، ماڏريا، تعويذ، ڇاتلا، جهوڙا ۽ سريون.

هٿن ۽ ٻانهن جا زيور:

 ڇلا، منڊيون (گول منڊي، بادامي منڊي، کير منڊي، فيشني منڊي)، ڇٽ، ورڻو، هٿ سڪڙو، ڪنگڻ، ڪنگڻيون، منگليون، چوڙيون، پٽيون، ٻانهوٽا، دستيون، گجريون، پـؤنچيون، موريون، کنج، بند، چوڙا، ٻانهي، بازوبند، جهاٻا، ڪاتريا ۽ انيٽا.

چيلهه ۽ پيرن جا ڳهه: چيلهه بنديا چيلهه سڪرو، پٽو، ڪڙيون، نيور، نورا، لنگر، ساٽيون، پازيب، گهنگهرا، جهانجهر، ڇير، اونرا، پولريون، رمجهول، پير منڊيون، آڱوٺيا، اَڻوٽ.

لباس

ضلعي ۾ رهندڙ ماڻهن جو لباس هن طرح آهي:

مسلم مردن جو لباس: پٽڪو، لونگي، ٽوپي، (ترڪي، ڀرتل، جناح ڪئپ ۽ سفيد)، صدري، قميص،پهراڻ، ٻنڊي، ڪوٽ، واسڪوٽ، گوڏ، سٿڻ، اجرڪ، ٽوال، دشالو، چادر، ملير، کٿو.

مسلم عورتن جو لباس: چني (کهنبي، ٻانڌڻي، ٻگهه)، ريٽو، ابوڇڻي، رئو، ڪجري، گج، چولو، پٺيو، گهگهو، سٿڻ، پڙو، گوڏ، ڪنجرو، لاوڻ.

هندو مردن جو لباس: رنگين پٽڪا، روماليون، ڦينٽو، ٽوٽيون، انگرکو، پٺيو، صدري، قميص، لانگوٽو، ڌوتي، گوڏ، پتلون، سٿڻ.

هندو عورتن جا لباس: پوتي، پوچمچو، ڍنڪ، جهٻو، ٻولڪو، ڪڙتي، ڪنجري، چولو، گهاگهرو، پتلون، ساڙهي. 

ضلعي جون ٻه خصوصيتون

 ضلعي جون ٻه اهم خصوصيتون آهن: ”پيئڻ“ (بلا) ۽ ”مور“.

پيئڻ

”پيئڻ“ نالي نرالي بلا فقط ٿر ۾، وسڪاري جي موسم ۾ ٿئي. ٿري – جيڪي ازين قسم جي قدرتي آفتن کي جڳن کان وٺي همت ۽ صبر سان منهن ڏيندا ٿا اچن- سي پڻ هن نگري بلا کان پوريءَ طرح ڇرڪن ۽ ان کي ”بڇڙي“ ڪوٺين. اها ”بڇڙي بلا“ جنهن جو ڪو موثر علاج اڃا تلاش ٿي نه سگهيو آهي- رات جو ستل ماڻهوءَ جي وات ۾ زهر هاري، پڇ جي زوردار سٽڪي سان سجاڳ ڪري، ڀڄيو وڃي. انهيءَ عجيب قدرتي آفت کان بچاءُ لاءِ ماڻهو بصر کائي، هنڌ تي پکيڙي، بتي ٻاري، روشنيءَ ۾ سمهن، ڇو ته بصر جي بوءِ ۽ روشنيءَ جي ويجهو ڪا نه اچي. پيئڻ جي پيتل کي ڦٽڪي کارائين، اونداهيءَ  ۾ سمهارين، ۽  مختلف ٽوڻا ڦيڻا ڪن.

مور

سونهن ۾ پکين جي سردار ”مور“ جو وطن ٿر آهي. دڙن جي ديس جو هي سندر ۽ سانتيڪو پکي هر اهل دل جي همدردي ۽ محبت، دلچسپيءَ ۽ ڪشش جو مرڪز رهندو اچي ٿو. ٿر ۾ مور جهجهو ٿئي. ٿر جي ٿڌڙن ريٽن تي، سانجهيءَ ٽاڻي، ان جو ناچ فطرت جي رنگينيءَ ۾ حسين اضافو ڪريو ڇڏي. شاعرن کيس وڏي پيار مان ياد ڪيو آهي.

مور نانگ جو ازلي ويري آهي. نانگ بلا کان بچاءُ لاءِ ماڻهو مور جا کنڀ آڻي گهر ۾ رکن. اڄڪلهه شڪارين ۽ بيدرد ماڻهن جي بي رحميءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب هن سهڻي من مهڻي پکيءَ جو نسل جيئن پوءِ تيئن گهٽجي رهيو آهي!

شڪار

ضلعي جو وارياسو حصو ”ٿر“ ڪنهن زماني ۾ هرڻن ۽ ٻين صحرائي جانورن ۽ پکين جي شڪار جو مرڪز هو، مگر ماضي قريب کان ان جي اڻهوند ٿيندي وڃي ٿي، ڇو ته انڌاڌنڌ شڪار سبب انهن جا نسل يا ته مري کپي ويا آهن يا ڀڄي ويا آهن.

ٿر ۾، هن وقت، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي ۾ گڍڙي طرف ڇڊا هرڻ ڏسجن ٿا. تلور ۽ تتر جو شڪار اڪثر ميسر آهي.

صحافت

سنڌي اخبار نويسيءَ جي سلسلي ۾، هن صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ئي هن ضلعي حصو ورتو آهي. ميرپورخاص مان 1910ع ڌاري ”جعفر زٽلي“ نالي رسالو نڪتو. ان ئي زماني ۾ ”ميرپور خاص گزيٽ“ ۽ ”مسلمان“ اخبارون جاري ٿيون. ميرپورخاص جي اخبارن ۾ ”جنم ڀومي“، ”جئه ڀارت“، ”ڪرانتي“، ”همدرد“ ۽ ”مخلص“ (رسالو) پڻ شامل آهن. ولهيٽ  مان ”قرآني“ ۽ عمر ڪوٽ مان ”زندگي“ شايع ٿيا. هفتيوار ”سچائي“ ورهين جا ورهيه ضلعي جي مظلوم عوام جي ترجمانيءَ جا فرض احسن طريقي سان انجام ڏنا. ان کانسواءِ مومن، مبلغ، الحق، الفاروق، پيغام سنڌ، غازي، چنگاري، هلال وطن اخبارون ۽ رسالا پڻ نڪتا، روزانه ”خادم وطن“ جي شروعات ميرپورخاص مان ٿي، جيڪا پوءِ حيدرآباد منتقل ڪئي ويئي. هن وقت ميرپورخاص مان ”همدرد“ ۽ ”سرتاج“ ٻه هفتيوارون اخبارون شايع ٿي رهيون آهن ۽ ”ميرپورخاص مئٽرس“ نالي هڪ ماهانه انگريزي نيوز بليٽن پڻ شايع ٿيندي رهي ٿي، جنهن ۾ ضلعي جي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جو جائزو هوندو آهي.

ضلعي ۾ طباعتي سهوليت لاءِ هن وقت 8 پريسون آهن:

آفتاب پرنٽنگ پريس، همدرد پرنٽنگ پريس، عيد مبارڪ پرنٽنگ پريس، عثمانيه پرنٽنگ پريس، پيپاس پرنٽنگ پريس، سچائي پرنٽنگ پريس.

اديب ۽ شاعر

هن ضلعي پنهنجي ماضيءَ جي عظيم صوفي شاعرن – صوفي صديق فقير، فقير عبدالرحيم گرهوڙي ۽ مهدي شاهه – تي فخر حاصل آهي. ان کانسواءِ ”سانوڻ فقير“ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي، جنهن جا ”نڙ بيت“ جهرجهنگ ۾ مقبول ۽ مشهور آهن.

موجوده دؤر ۾، ضلعي جا ڪيئي اديب ۽ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صاحب قلم، سنڌي ادب جي خدمت ۾ پيش پيش آهن.

جيئن نالي مان ظاهر آهي، مشهور اديب، ناول نويس، ڊرامه نگار ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي، ضلعي جي شهر ڏيپلي جو آهي.

”تاريخ ريگستان“ (2 ڀاڱا) ضلعي جي مشهور اديب سرڳواسي استاد رائچند جو قابل فخر علمي ۽ تحقيقي ڪارنامو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجي بهترين اضافي سان مستند ۽ معتبر حيثيت رکي ٿو.

”امرڪوٽ اتهاس“ نالي سان تيج سنگهه سولنڪيءَ جي ڇپيل ڪتاب مان ضلعي جي آڳاٽي تاريخ جا ڪافي ڪارائتا اهڃاڻ ملن ٿا.

”پراڻو پارڪر“ منگهارام اوجها جي تصنيف آهي، جنهن ۾ پارڪر جي قديم تاريخ بيان ٿيل آهي.

”مسڪين جهان خان کوسو“ ضلعي جي صاحب طرز اديب مرحوم محمد بخش ”مجنون“ جو شهرت يافته ڪتاب آهي، جنهن ۾ ضلعي جي مخلص ۽ بي لوث زندهه سماجي ڪارڪن ”مسڪين“ جي دلچسپ ۽ قابل رشڪ سوانح بيان ٿيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org