سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 17

مير محمد بخش ٽالپر،ضلعي جي نامور علمي شخصيت آهي، جنهن وٽ ڪافي معياري ڪتابن جو ذخيرو آهي. سندس ٻه ڪتاب ”شير سنڌ“ ۽ ”ماڻڪي ٽالپرن جي تاريخ“ (زير طبع) آهن، جن ۾ ٽالپري عهد تي تاريخي معلومات سمايل آهي.

شرما نند لال ”نندن“، ٿر جو پراڻو ليکڪ آهي، جنهن نظم ۽ نثر ۾ مختلف موضوعن تي ڪيئي ڪتاب ڇپايا آهن.

راڄ محمد پلي، ”معمور“ يوسفاڻي، مرحوم حڪيم عبدالعزيز جان سرهند،ي پير عبدالحق سرهندي، عنايت الله زنگيجو، ضلعي جا مشهور اهل قلم آهن، جن مختلف علمي موضوعن تي متعدد شاهڪار مقالا لکيا آهن.جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عبدالقادر جوڻيجو ۽ وليرام ”ولڀ“ وڏيءَ شهرت جا مالڪ آهن.

ضلعي جي نامور ۽مقبول شاعرن ۾ عبدالڪريم پلي، ولي محمد”وفا“، سروپچندر ”شاد“، ”مجرم“ لغاري، ”معمور“ يوسفاڻي، ”ولي“ سروري، ”جليل“    سروري، گل حسن ”مجذوب“، ”مرتضيٰ“ ڏاڏاهي، عباس ”ساٿي“ ۽ محمد جمن ”دربدر“ قابل ذڪر آهن. راقم (ناشاد) کي پڻ جديد سنڌي شاعرن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

فنڪار

ضلعي جو وارياسو علائقو ”ٿر“ ساز ۽ آواز جي ڏس ۾ شاهوڪار خطو آهي، جتي مختلف ثقافتن جي سنگم سان هڪ منفرد موسيقيءَ جنم ورتو آهي. هتي جي موسيقيءَ ۾ مارواڙي، ڪڇي، سنڌي، ڍاٽڪي ۽گجراتي موسيقيءَ جو ميلاپ آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا لوڪ گيت ۽ انهن جي موسيقي، صوبي جي لوڪ ادب ۽ موسيقيءَ ۾ ممتاز مقام رکن ٿا. اهي لوڪ گيت نه فقط انداز ۾ ججها آهن، پر ان سان گڏ منفرد  ۽ دلچسپ پڻ آهن.

تمام ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته وقت جي مقبول ترين فنڪار ”جيوڻي ٻائي“ هن ضلعي (پٿوري) جي هئي. هن وقت، صوبي جي مقبول ترين عوامي ڳائڻي ”مائي ڀاڳي“ پڻ ضلعي جي آهي ۽ اصل ڳوٺ مٺي اٿس. انهن کانسواءِ مراد فقير ۽ ٻڍو فقير پڻ ريڊيو وسيلي پنهنجي فني شهرت مڃائي چڪا آهن.

هتان جو مير محمد سنڌي موسيقيءَ ۾ وڏي شهرت رکي ٿو، جيڪو هڪ ئي وقت تي ٽن سازن جو فني مظاهرو ڪندو آهي. ان طرح راڻو ۽ ميوو کڙتال وڄائڻ ۾ مشهور آهن.

سماجي بهبود جا ادارا

هيءُ ضلعو، جيڪو زندگيءَ ۾ مختلف شعبن ۾ جتي ڪافي پوئتي پيل آهي، اتي ان کي ترقي وٺائڻ ۽ ان جي ڏتڙيل ۽ پسمانده عوام جي خدمت لاءِ، ميرپورخاص ۽ ٻين مکيه شهرن ۾ ڪيئي سماجي ۽ فلاحي معاشرتي ۽ ثقافتي، علمي ۽ ادبي ادارا سرگرم عمل آهن. اهڙن ادارن کي ضلعي ۽ ميرپورخاص جي متعدد مخير، علمدوست ۽ ثقافت جي دلداده خواتين ۽ حضرات جي مالي اعانت حاصل آهي، تنهنڪري اهي انساني، سماجي ۽ ثقافتي خدمت جي نيڪ جذبي تحت، عملي ميدان ۾ تيزيءَ سان اڳتي رهندا اچن ٿا.

عام تصور جي برعڪس – جيڪو هن ضلعي جي طبعي جوڙجڪ ۽ پسماندگيءَ جي پيش نظر قائم ٿيل آهي- هن ضلعي ۾ جيڪي سماجي ۽ فلاحي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت جا عملي ثبوت ملن ٿا، تن کي ڏسي اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته صوبي اندر ڪراچيءَ کان پوءِ فقط هيءُ ضلعو ئي ان ڏس م اڳڀرو رهندو اچي ٿو. ضلعي ۾، فقط ميرپورخاص اندر ئي جيڪي ويهارو کن سماجي بهبود جا ادارا پنهنجا فرض جنهن احسن طريقي سان انجام ڏيئي رهيا آهن، تن تي بلاشبه ضلعي کي ناز حاصل آهي.

آزاديءَ کان ستت ئي پوءِ انهن ادارن جي عملي ڪارڪردگي شروع ٿئي ٿي، ۽ موجوده وقت تائين انهن ادارن طرفان اٽڪل 75 لک روپين جي صرفي سان ڪيتريون ئي سماجي خدمت جون رٿائون عمل ۾ آنديون ويون آهن، جن ۾ ڪاليج، اسڪول، اسپتالون، لئبرريون، صنعتي سکيا جا گهر، ثقافتي مرڪز ۽ آديٽوريم، شاپنگ سينٽر، ٻارن جي فلاح جا مرڪز، وندر ۽ تفريح جا مرڪز، وغيره شامل آهن.

هن وقت ضلعي ۾ هيٺيان مکيه ادارا ڪم ڪري رهيا آهن:

(1) هلال احمر سوسائٽي: هي ادارو 1947ع ۾ قائم ٿيو، جنهن پنهنجن متن ۽ مقصدن تي ڪاربند رهندي، ضلعي جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي امن توڙي جنگ يا خشڪ ساليءَ جي زماني ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي.

هن اداري جي سالياني بجيٽ هڪ لک روپين کان مٿي آهي ۽ هيل تائين اٽڪل ساڍا ڏهه لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. سوسائٽيءَ طرفان ميرپورخاص ۾ اکين جي اسپتال ۽لئبارٽري قائم ڪيا ويا آهن. ازانسواءِ ديهه 170، ٽنڊو جان محمد، کاڻ، شادي پلي ۽ تلو ڄام ۾ پڻ سوسائٽيءَ طرفان اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. ضلعي جي دور دراز علائقن ۾، وقت بوقت، اکين جي مفت علاج لاءِ ڪئمپن جو انتظام ڪيو ويندو آهي. تازو، ريگستاني علائقي ٿر ۾، پهريون دفعو، اسلام ڪوٽ ۾، اهڙي ڪئمپ لڳائي ويئي هئي، جنهن مان اٽڪل هزار کن اکين جي مريضن مفت فائدو ورتو.

هن اداري کي خود ڪفيل بڻائڻ خاطر ميرپورخاص ۾ شاپنگ سينٽر تعمير ڪيو ويو آهي.

(2) ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ائسوسئيشن: هي ادارو 1949ع ۾ قائم ٿيو، ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو سماجي بهبود جو ادارو آهي. هن اداري تعليمي ميدان ۾  قابل فخر تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن ۾، ضلعي ۾ 4 ڪاليجن ۽ 8 اسڪولن جو قيام اچي وڃي ٿو. انهن ڪاليجن مان هڪ گرلس ڪاليج آهي. هيل تائين اهو ادارو تقريباً 25 لک روپيا تعليمي خدمت لاءِ خرچ ڪري چڪو آهي. هن اداري طرفان نادر ۽ ذهين شاگردن کي وظيفا ۽ انعام پڻ ڏنا وڃن ٿا. تازو، هن اداري طرفان غريب شاگردن لاءِ ”بڪ بئنڪ“قائم ڪئي ويئي آهي ۽ ٿر جي رهاڪو شاگردن کي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ پڙهائيءَ لاءِ ٻه اسڪالر شپون منظور ڪيون ويون آهن.

هن اداري طرفان، جڳ مشهور ٿري ڀرت جي حواصله افزائيءَ لاءِ ميرپورخاص ۽ اسلام ڪوٽ ۾ صنعتي گهر قائم ڪيا ويا آهن.

(3) روٽري ڪلب، ميرپورخاص:هي ادارو 1953ع ۾ قائم ٿيو ۽ پاڪستان جي بهترين ادارن ۾ ان جو شمار ٿئي ٿو. هن اداري طرفان سماجي فلاح ۽ بهبوديءَ جي مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو آهي، جن ۾ اکين جي مفت علاج لاءِ ڪئمپ جو اهتمام، ميون ۽ گلن جي نمائش ۽ شاگردن لاءِ راندين جو انتظام اچي وڃي ٿو. هن اداري جي حسن ڪارڪردگيءَ جي پيش نظر، مقامي ميمبر ڊاڪٽر ڊريگو کي هن سال پاڪستان لاءِ ”روٽري گورنر“ چونڊيو ويو آهي، ۽ ”بين الاقوامي روٽري ڪلب“ طرفان، هن اداري کي بهترين ڪارڪردگيءَ جي سند پڻ ڏني ويئي آهي.

هن اداري طرفان ڏيڍ لک روپيا مختلف رٿائن تي خرچ ٿي چڪا آهن.

(4) اپوا برانچ ميرپورخاص: عورتن جو اهو ادارو، 1958ع ۾ قائم ڪيو ويو. هن اداري طرفان مڊل اسڪول ۽ صنعتي سکيا جو مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. تازو هن اداري جي آفيس لاءِ جديد طرز جي هڪ شاندار عمارت راس ٿي چڪي آهي. هن اداري طرفان مختلف رٿائن تي اٽڪل ٽي لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن.

(5) ڊسٽرڪٽ ٽي . بي . ائسوسئيشن: تپ دق جي موذي مرض کي منهن ڏيڻ خاطر، هي ادارو 1959ع ۾ قائم ٿيو. هن اداري طرفان ٽي . بي . ڪلينڪ ڪم ڪري رهي آهي، جتي مفت علاج جو انتظام آهي. اداري طرفان شاپنگ سينٽر پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي. هن اداري طرفان، عنقريب ٿرين کي علاج جي سهوليت ميسر ڪرڻ لاءِ عمر ڪوٽ ۾ ٽي . بي اسپتال کولي ويندي. هن اداري جي سالياني بجيٽ سوا لک روپيا آهي ۽ هيل تائين ساڍا ٻارهن لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن.

(6) ڊسٽرڪٽ ڪلچرل ائسوسئيشن: ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جي ڏس ۾، 1959ع ۾ قائم ٿيل هن اداري، پنهنجو ڪردار نهايت موثر نموني ادا ڪيو آهي. اداري طرفان هڪ ديده زيب ۽ شاندار عمارت ٺهرائي ويئي آهي، جنهن ۾ پبلڪ لئبرري، مصوريءَ جي سکيا جو مرڪز ۽ آڊيٽوريم موجود آهن. عنقريب ان عمارت ۾ هڪ عجائب گهر قائم ڪيو ويندو، جنهن وسيلي ضلعي جي نوادرات ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي نماءُ جوموقعو ملندو. اداري طرفان هن وقت تائين ساڍا پنج لک روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. اداري جو وسيع ۽ عريض آڊيٽوريم شهر جي مختلف سماجي ۽ ثقافتي گڏجاڻين لاءِ ڪتب ايندو رهي ٿو.

(7) اقبال نگر رٿا: سماجي بهبود واري کاتي طرفان، هيءُ ادارو، 1962ع ۾ قائم ڪيو ويو آهي. هن وقت، انهيءَ طرفان صنعتي سکيا جا ٻه گهر، يوٿ ڪلب ۽ بالغن جي تعليم جو مرڪز هلي رهيا آهن. هيل تائين، اداري طرفان 34 هزار روپيا خرچ ٿي چڪو آهي.

(8) ڊسٽرڪٽ مئٽرنٽي ائنڊ چائلڊ ويلفيئر ائسوسئيشن: مائرن ۽ ٻارن جي بهبود لاءِ هي ادارو 1963ع ۾ قائم ٿيو. هن اداري طرفان هڪ ويم گهر ۽ ٻارن جي بهبود جو مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. ٻارن جي مرڪز ۾، هر مهيني، باقاعدگيءَ سان ٻارن جي صحت ۽ تندرستيءَ جي چڪاس ڪري کين گهربل علاج فراهم ڪيو وڃي ٿو.

هيل تائين هن اداري طرفان اڍائي لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

(9) بيڪانير سوشل سروس ڪلب: هي ادارو 1964ع ۾ قائم ٿيو ۽ غريب شاگردن کي وظيفا ۽ مفت ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ٿا. هيل تائين هن اداري طرفان 31 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

(10) ڊسٽرڪٽ ليپراسي (ڪوڙهه) سوسائٽي: ڪوڙهه جي موذي مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ هي ادارو 1970ع ۾ قائم ٿيو ۽ هيل تائين 37 هزار روپيا خرچ ڪري چڪو آهي.

(11)آر . سي . ڊي پراجيڪٽ ڪائونسل، ڊگهڙي : سماجي بهبود جي کاتي طرفان هي ادارو 1970ع ۾ قائم ٿيو. عورتن لاءِ صنعتي سکيا جو مرڪز، هڪ ريڊنگ روم، ٽائيپ جي سکيا جو مرڪز ۽ بالغن جي تعليم جو مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. هيل تائين اداري طرفان 24 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن.

(12) سوشل سروسز ڪو آرڊينيشن ڪائونسل: هي ادارو 1971ع ۾ قائم ٿيو ۽ سماجي بهبود جي ادارن جي سکيا لاءِ ٻه ورڪشاپ قائم ڪيا ويا آهن. اداري طرفان ”ميرپورخاص مئٽرس“ جي نالي سان، انگريزيءَ ۾ نيوز بلٽين، هر مهيني شايع ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ضلعي جي فلاحي ۽ سماجي سرگرمين جو ذڪر هوندو آهي. اداري طرفان اٺ هزار روپيا هيل تائين خرچ ٿي چڪو آهي.

(13) خواتين ليک (ميرپورخاص) : عورتن جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو اهو ادارو 1971ع ۾ قائم ٿيو. اداري طرفان صنعتي سکيا جو مرڪز ۽ بالغن جي تعليم جو مرڪز هلي رهيا آهن. بيوه عورتن ۽ يتيم نياڻين جي تعليمي خدمت کانسواءِ ڏاج جي سلسلي ۾ پڻ مالي اعانت ڪئي وڃي ٿي.

ميلا

سڳوري سنڌ جي هر خطي وانگر، هن ضلعي ۾ پڻ جابجا عارفن ۽ اوليائن، صوفي شاعرن ۽ درويشن، ساڌن ۽ سنتن جا مدفن ۽ مقام آهن، جتي وڏيءَ عقيدت سان ساليانه ميلا لڳن ٿا. ضلعي جا هيٺيان ميلا وڌيڪ مشهور آهن:

(1) پير پٿورو: پٿوري (اڪڙي) جنڪشن ڀرسان هن بزرگ جو آستانو آهي، جنهن کي ”پٿوري جي ماڙي“ چوندا آهن. هي ميلو ضلعي جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جو سال ۾ ٻه دفعا (چيٽي چنڊ ۽ ڪتيءَ جي چنڊ تي) آب و تاب سان لڳندو آهي. پير پٿورو، سومرن جي دور جو بزرگ آهي، جنهن کي حضرت غوث الحق بهاولدين زڪريا ملتاني رحه کان سهروردي طريقي ۾ خلافت عطا ڪئي ويئي. ميلي ۾ هندن ۽ مسلمانن کانسواءِ مينگهواڙ قوم جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ خصوصي عقيدت سان شريڪ ٿيندا آهن.

(2) صوفي صديق فقير: سنڌ جي ”شهيد اعظم“ صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ شريف جي سلسلي ۾ حضرت صوفي شاهه قلندر جو وڏو خليفو، صوفي صديق فقير ”صادق“، ٽالپري عهد ۾، اهل دل بزرگ ۽ صوفي شاعر هو. 95 سالن جي طويل عمر ۾ 11 رمضان المبارڪ 1265هه (1848ع) تي وصال ڪيائين. سندس رسالو سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صوفي فقير ۾، هر سال چيٽ مهيني جي يارهين تاريخ کان ٽي ڏينهن فقير صاحب جوميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان مريد ۽ معتقد وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن.

(3) دوريش راضي شاهه لڪاري: اسٽيشن نئون ڪوٽ کان 3 ميلن جي فاصلي تي، وارياسي ۽ ميداني علائقي جي ڪس تي، من موهيندڙ ماٿريءَ ۾، درويش راضي شاهه لڪياري جي درگاهه آهي، جتي ذوالحج مهيني جي پهرئين ڏهي ۾، نائين تاريخ تائين، هن بزرگ جو ساليانو ميلو لڳي ٿو. هن درويش کي مقامي ماڻهو ۽ معتقد ”مهراڻي جو مير“ ۽ راضي شاهه گهوٽ“ جي پيارن نالن سان ياد ڪندا آهن. هي بزرگ ٽالپري عهد جو آهي ۽ انگريزن جي دور ۾ وصال ڪيائين. مير صاحبن وٽ درويش راضي شاهه جي تمام گهڻي عزت هوندي هئي. درويش وڏي پايي جو اهل دل، بي رياءَ، راست گو ۽ پرهيزگاريءَ جو صاحب هو. هٿ آيل سندس چند معياري بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ وڏي مرتبي جو شاعر پڻ هو ۽ ججهو ڪلام چيو هوندائين، مگر افسوس جو سندس مڪمل بياض اڻلڀ آهي. درويش راضي شاهه جي درگاهه، ڍير، تڪيو ۽ تلاءُ معتقدن لاءِ زيارت گاهه آهن، جتي خاص ڪري ٿر مان ججهي انداز ۾ ماڻهو اچي عقيدت جو نذرانو پيش ڪندا رهن ٿا.

(4) فقير پار برهم: ڏيپلي تعلقي جي ويڙهي جهپ ڳوٺ ۾، ڄيٺ مهيني ۾، مسلسل ڏهه ڏينهن، فقير پار برهم (پارو فقير) جو ميلو لڳندو آهي. اهو فقير اصل گجرات پاسي جو هو ۽ اتان جي هڪ چشتي بزرگ کان فيضياب ٿي، مرشد جي حڪم تي ٿر ۾ اچي شرڪ، بدعت ۽ ڇوت ڇات ختم ڪرڻ لاءِ سکيا ڏنائين. وڏو نيڪ، صاحب دل ۽ انسان دوست بزرگ هو. خلق جي خدمت جي ايڏي اون هيس جو رات وچ ۾ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ ڪاٺين جو انتطام ڪري ڇڏيندو هو. سندس تعريف ٻڌي، شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس آستاني تي ڀيرو ڪيو. سندس ڪلام مان فقير صاحب لاءِ اشارا پڻ ملن ٿا. فقير پار برهم غالباً سومرن جي دور جو آهي.

ضلعي ۾ جيڪي ٻيا ميلا لڳن ٿا، تن جي فهرست هن ريت آهي:

تعلقو ميرپورخاص

1.

پير تاج ڌڻي جيلاني

(ميرپورخاص شهر)

2.

اسماعيل شاهه

(لڳ فروٽ فارم ميرپورخاص)

3.

سيد لشڪر شاهه

(لڳ نازڪ آباد)

4.

سيد شير محمد شاهه

(لڳ کاڻ)

5.

ميلو سخو

(لڳ پاٽويون)

6.

چنڊ موريو

(لڳ مکڻ سمو)

7.

جمن شاهه

(لڳ مير شير محمد ڳوٺ)

8.

احمد فقير ڪاڇيلو

(لڳ کهنبڙي)

9.

ابراهيم شاهه

(لڳ ميرپور پراڻي)

10.

معصوم شاهه

(لڳ رتن آباد)

11.

چيٽوڙي

(لڳ ميرپور پراڻي)

12.

برهان فقير

(لڳ دولت لغاري)

13.

علي بخش شاهه

(لڳ ميرواهه)

14.

شري شنڪر

(لڳ ميرواهه)

 

تعلقو سامارو

 

15.

پير پٿورو

(لڳ پٿورو جنڪشن)

16.

علي شير شاهه

(مقام رام جاڳو)

17.

مقبول شاهه

(شادي پلي)

18.

ميون قاسم ڪالرو

(لڳ محمد قاسم ڪالرو)

19.

حسن باغبان

(لڳ سامارو روڊ)

 

تعلقو ڊگهڙي

 

20.

سيد محسن شاهه

(لڳ ٽنڊو جان محمد)

21.

سوامي نارائڻ

(لڳ ٽنڊو جان محمد)

 

تعلقو جيمس آباد

 

22.

سيد لعل بخش شاهه

(ڳوٺ ا ُميد علي شاهه)

 

تعلقو عمرڪوٽ

 

23.

صديق فقير صوفي

(صوفي فقير)

24.

اولياء صلاح الدين عرف گجو راڻو

(لڳ عمرڪوٽ)

25.

شو جو ميلو

(کاروڙو)

26.

نانگن جو ميلو

(نبي سر روڊ)

27.

کنگهار پير

(جانهيرو)

28.

ميون جان محمد

(وهرو)

29.

عارف هاليپوٽو

(راڙهار)

30.

منگهو ساڌ

(نبي شهر شهر)

 

 

 

 

تعلقو مٺي

 

31.

راضي شاهه لڪياري

(لڳ نئون ڪوٽ)

32.

سيد مصري شاهه

(لڳ مٺي)

33.

محمود شاهه

(ٻورلي محمد شاهه)

34.

نيڻون ڀڳت

(اسلامڪوٽ)

35.

چيتن ڀڳت

(اسلامڪوٽ)

36.

هرداس ڀڳت ۽ نرسنگ ڀڳت

(مٺي)

37.

مڙد

(ڪيرٽي)

38.

پربت گر سوامي

(لڳ مٺي)

39.

جمال شاهه

(لڳ مٺي)

40.

شو  جو ميلو

(مٺي)

 

تعلقو ڏيپلو

 

41.

فقير پار برهم

(ويڙهي جهپ)

 

تعلقو ڇاڇرو

 

42.

سيد حيات شاهه

(ڇڇي)

43.

لعل فقير مڱريو

(لپلو)

44.

پير جڙيل  شاهه

(حيات هاليپوٽو)

45.

ميان غازي شاهه

(ا ُوڏائي)

46.

دين شاهه

(لڳ ڇاپر کوسا)

47.

پير عالم شاهه

(لڳ گڍڙو)

48.

مين شاهه

(هيرار ڏيٿا)

49.

پير حسن علي شاهه

(هيرار ڏيٿا)

50.

ڏيول ڏيوي

(روهڙ چارڻ)

51.

سيد صلاح الدين شاهه

(مڪان چهڙو)

52.

رامگر

(ڳوٺ رڙلي)

53.

مالهڻ

(ڳوٺ هريار)

54.

چندو پير

(لڳ ڪانٽيو)

 

تعلقو ننگر پارڪر

 

55.

سيد غلام شاهه

(کاريو دل)

56.

ميون حامد الله

(ٻهه)

57.

رامڏيو

(ڪاسبو)

58.

شو جو ميلو

(سارڌرو، ڪارونجهر)

59.

مارئيءَ جو ميلو

(ڀالوا)

 

]مارئيءَ جي ماڳ ”ڀالوا“ تي، 1967ع ۽ 1968ع ڌاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان ٻه ميلا منعقد ڪيا ويا هئا.[

ٿر ۾ روينيو سرشتو

ضلعي جي وارياسي علائقي ”ٿر“ ۾ روينيو جو سرشتو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ صوبي جي مروج سرشتي کان مختلف ۽ منفرد آهي. ان جون چند خصوصيتون هيٺ ڏجن ٿيون:

(1) ڍل جي وصوليءَ جو طريقو: ٿر ۾ آباديءَ جو واحد وسيلو برسات آهي، ان ڪري ڍل فقط پوک هيٺ آيل زمين تي ورتي وڃي ٿي. ننگرپارڪر تعقلي ۾ ڳوٺ ڪاسبو وٽ اٽڪل ٻه سو ايڪڙ زمين کوهن جي پاڻيءَ تي آباد ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ڍل نه ورتي ويندي آهي. ٿر ۾ ڍل، زمين جي درجي بندي (ڪلاس) جي مقرر حساب سان ورتي ويندي آهي، توڙي جو ان ۾ ڪهڙي به قسم جو فصل پوکيو وڃي. ڍل جي وصوليءَ جوطريقهء ڪار هن ريت آهي:

 

ايراضي

ڪلاس

طريقو

ڍل

1.  ڇاڇرو ۽ مٺي تعلقا

I

5                  ايڪڙن تائين

2-روپيا

 

II

5 کان 10            =   =

3 روپيا

 

III

10 کان 20         =   =

5 روپيا

 

IV

20 کان 30          =   =  

ساڍا ڇهه روپيا

 

V

30 کان 40          =   =

8 روپيا

2. ڏيپلو تعلقو

I

1 کان 23-2       =   =

1 روپيا

۽ تعلقي ننگر پارڪر

II

24-2 کان 7- 5 =   =

2 روپيا

جو وارياسو ڀاڱو

III

8-5 کان 13-10 =   =

3 روپيا

 

IV

14-10 کان 00-31 =

5 روپيا

 

V

1-31 کان 13-41 =  

8 روپيا

3. ننگر پارڪر تعلقي

I

في ايڪڙ

25 پئسا

جو ٽاڪرو ڀاڱو

II

   =   =

22 روپيا

 

III

   =   =

19 روپيا

 

IV

  =   =

12 روپيا

سرڪاري زمين جو نيڪال: ٿر ۾ سرڪاري زمين جي نيڪال لاءِ ڪچهريءَ جي ذريعي نيلام جو رواج نه آهي. آبادي لائق زمين فقط ان شخص کي ملي سگهي ٿي، جيڪو آبادگار ڪلاس سان تعلق رکندڙ هجي (ميمڻ، مهيشوري، لهاڻه غيرآبادگار ڪلاس ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا) ۽ مڪاني هجي. اول گهربل زمين واسطيدار جي نالي ”يڪساله“ طور منظور ڪئي ويندي آهي. مسلسل پنجن سالن جي آباديءَ کان پوءِ اها زمين ”هميشگي“ ياداشت ۾ داخل ڪئي ويندي آهي، ۽ 15 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ”مالڪاڻه“ وصول ڪري آبادگار جي نالي منظور ڪئي ويندي آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org