سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 4

عزيزو – هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هي ٻئي ۽ ٻيا ادارا ريسرچ ۽ تحقيق جا مرڪز کولين، جن ۾ سنڌ جي گذريل سالن، خاص طرح 1936ع کان پوءِ جي علمي، تعليمي، ثقافتي، اقتصادي، تاريخي، سياسي ۽ معاشرتي مضمونن تي ڪتاب لکيا وڃن ۽ دنيا کي سنڌ سان ٿيل ويلن ۽ ڌانڌلين کان واقف ڪيو وڃي. اسان مان جيڪي ناانصافيون فردن، ادارن،اخبارن ۽ ڪارخانيدارن ڪيون آهن، انهن جو دنيا کي علم ٿئي. هن وقت سڄو هڪ طرف جو معاملو آهي، سنڌ جو طرف ڪنهن نه کنيو آهي ۽ نه ٻڌايو آهي. ڪريون اميد ته هيءَ ادارا هن ڏس ۾ ڪجهه ڪندا.

عزيزو – آءٌ اڄ هڪ تازي واقعي جو بيان ڪندس. توهان کي خبر هوندي ته ٿورا ڏينهن ٿيندا ته ڪن نام نهاد اسلام ۽ پاڪستان جي ‎ٺيڪيدارن، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي خلاف اخبارن ۾ شرارت انگيز تنقيد ڪئي، ۽ ڪجهه بيان بازي جاهل قسم جي اخبارن ۾ ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿي. خير، حڪومت انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي. مگر چوڌاري خبر رکڻ سان ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪنهن سازش جي ابتدا آهي. نظر ائين ٿو اچي ته چند ڳالهين جي زياده ياد ۽ پرچار اسلام جي ٺيڪيدارن جي دماغ ۾ آهي. اهي صبحاڻي اسان کي ڳو‎ٺن، جاين، نهرن، ڍنڍن، قبيلن ۽ انسانن جي نالن کي به بدلائڻ جي ڪوشش ڪرائيندا ته انهن ۾ فلاڻو ڀوت ٿو نظر اچي. صبحاڻي مائي ڀاڳي، ٻيڙو فقير ۽ مڱڻ خان سڀني ۾ غير اسلامي بوءِ ايندي. اسلامي نالا فقط فسادي صاحب، الحادي صاحب، سازشي صاحب ۽ بربادي صاحب اچي رهندا. صبحاڻي لڪياري، جرار پوٽه، ڦل ڦوٽه، ڀٽه جتوئي ۽ جکراڻي سڀ غير اسلامي سڏيا ويندا.  پوءِ سنڌ جو نالو به ننديو ويندو.ته انهن ۾ به کين خبر نه آهي ڪهڙي بوءِ ايندي. ڇا حماقت، مڪاري ۽ عياري آهي. مون کي اهو وقت ياد ٿو اچي جڏهن سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۾ ۽ ڊويزنل ڪائونسلن ۾ سنڌيءَ ۾ قسم کڻڻ جي اجازت نه هئي ۽ تلاوت قرآن کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جرم هو. مون کي اهو ياد آهي جو پاڪستان بحريه جي امير البحر جي جهاز جو نالو ”سنڌ“ هو، جو قائد اعظم رکيو هو ، اهو لاٿو ويو ۽ سنڌ اسپيڪرس جو نالو ڪڍيو ويو ۽ اهو سڀ وحدت ۽ اسلام جي نالي ۾ ڪيو ويو! اسان جي تاريخي شخصيتن سان گستاخي ۽ هٿ چراند ڪندي ڪي نوان فلسفي ۽ اخبار نويس اسان کي اڃان به وڌيڪ شر انگيز نموني برو ڀلو چوندا ۽ پوءِ ماضي ته ٺهيو پر موجوده انسان به نه بچندا. چڱو آهي ته اسين انهن چالبازين ۽ مڪارين کان آگاهه هجون ۽ انهن جو مقابلو فقط اسان جا ثقافتي، علمي، ادبي ۽ صحافتي ادارا ئي ڪري سگهندا. اميد ته پاڪستان جي گذريل 27 سالن جي تاريخ ۾ نام نهاد قومي ۽ اسلامي صحافت يعني (اردو صحافت) جي سنڌ جي متعلق رويي ۽ ڪردار تي آءٌ ڪي ڪتاب لکي هنن بزرگن کي پيش ڪندس. من اهڙو آئينو کين شرم ڏيکاري ۽ سندن شڪل ڏيکاري.

عزيزو – اڄ اسين وڏي تيزيءَ سان ڪِري ۽ منتشر ٿي رهيا آهيون. اسان جو سڄو معاشرو پرائي شيءِ جي کائڻ ۽ ڦٻائڻ ۾ مشغول آهي. اسان وٽ شين جي قدر ۽ قيمت جو تخيل ختم ٿي رهيو آهي. ڇا اسان جون اڄوڪيون معجزانه خوش نصيبيون اسان کي ايترو غافل ڪري ڇڏينديون. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اسين پنهنجي آئينده جي مصيبتن ۾ اضافو ۽ زياده شدت پيدا ڪري رهيا آهيون. ڇا ائين نه آهي ته اسان جا هي اعمال و افعال اسان کي اهڙيءَ حد تي پهچائيندا، جو 1948ع کان 1971ع جون مشڪلاتون، تڪليفون ۽ مصيبتون انهن جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هجن. اسين تاريخ جي گهراين کان غافل نظر اچون ٿا.

عزيزو – گذريل چند سالن ۾ آءٌ ڪجهه خدشات محسوس ڪري رهيو آهيان. اسان وٽ سنڌ تي ۽ سنڌ جي نالي ۾ اديب، مورخ، جاگرافر ۽ نقاد پيدا ٿي رهيا آهن، جن جي علم، معلومات ۽ تنقيد کان منهن ڪري ڀڄي وڃجي. مون کي ڊپ وٺيو وڃي ته اهي انسان، جن جي سطحي معلومات آهي، اهي هام هڻي سنڌ جي تاريخ جي تصحيح ۽ تعبير ۾ مصروف آهن. اڄ هڪ نئين قسم جو جانور پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو پنهنجن ڏاڏن ۽ نانن جي تاريخ سنڌ جي نالي ۾ لکڻ چاهي ٿو، جن جو سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. اگر هيءَ تحقيق ۽ تجسس جو ميدان اسان اهڙن ماڻهن لاءِ ڇڏيو ته اسان جي ڪمبختي آهي. 1972ع جي فيصلن کان پوءِ اسان وٽ هڪ نئين قسم جو عالم، اديب ۽ مورخ پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي تاريخ جي جوڙ توڙ ۾ رڌل آهي ۽ هڪ خاص مقصد سان لکي رهيو آهي. اسلام جي نالي ۾ خبر نه آهي ته ڇا بڪواس لکي رهيو آهي. اسان کي خبر آهي ته قومن جي تاريخ ۾ پاڪيزه لفظن جهڙوڪ الله ۽ رسول، دين ۽ روحانيت، آزادي، مساوات ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ڪيترا گناهه ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي سنڌ جي نالي ۾ ڪيترا گناهه ڪيا پيا وڃن. ڇا اسان جو مدهوش نوجوان هن خطرناڪ سازش کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ۽ سمجهي ايترو علم ۽جرئت رکي ٿو، جو فڪري، ذهني ۽ ادبي طرح اهڙين طاقتن جو مقابلو ڪري، دماغ جي سازشن، حرفتن ۽ مڪارين جو مقابلو گارين، هنگامن، هلڙبازي، نعري بازي، گروه بنديءَ سان نه ٿيندو. سنڌ کي نئون وجود ۽ نئون وقار حاصل ٿيو آهي، ان کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ ان کي تقويت ڏيڻ لاءِ، علم، ادب، فڪر، لکڻ ۽ همت جي ضرورت آهي. اسان جا نوجوان ڀٽڪي آواره ٿي رهيا آهن. هو پنهنجن هٿن سان سنڌ کي ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي وڏين افسردگين ۽ مشڪلاتن ۾ وجهندا. جيڪڏهن هيءَ آهي اسان جي نوجوان جي دماغي، اخلاقي، فڪري ۽ ادبي ڪيفيت ته هيءَ جشن، ميلا، مقالا ۽ جلسا بيڪار آهن. اسان پئسو، وقت ۽ طاقت ضايع ڪري رهيا آهيون، جن لاءِ ڪري رهيا آهيون، اهي ته مست، بودلا ۽ نشي ۾ آهن، جن جي هٿن ۾ ڪا به شيءِ صحيح سلامت، پاڪ ۽ پائيدار رهي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن ادبي، علمي، فني ۽ سائنسي دنيا ۾ اسين منڊا، ٽنڊا، ڄامڙا، ڪٻڙا، ڪيڙا ۽ مڪوڙا پيدا ڪندا رهنداسين ته هيءَ ”سنڌ صدين کان“ پروگرام رڍن اڳيان رباب وڄائي رهيا آهيون.

عزيزو – هي وقت آهي ته اسين اکيون کوليون ۽ پنهنجي ماحول کي سمجهون ۽ آئينده لاءِ تيار رهون. ٺلهيون ڳالهيون ڪو به ڪم نه ڏينديون. جيڪڏهن اسان نوجوان نسل کي هن دماغي ۽ اخلاقي انداز ۾ ڇڏيو ۽ برداشت ڪيو ته اسان جو حشر خراب ٿيندو. اسان جي معاشري جي مائٽن، رهبرن، عالمن ۽ سوچيندڙن لاءِ اڄ امتحان آهي.

والله المستعان و عليـﮧ التکلان

اُٺو ڍَٽُ پَٽ پارڪر، اُٺو سارو سَوارو،

مينهَن مور نه مَٽيو، ’ونگو‘ ويچارو،

اُٺا پَٽَ ’پر ُاڻ‘ جا، ’لڪڙي‘، ’سامارو‘،

وڌي گاهه وڏو ٿئو، تنهن موه ُ۾ موچارو،

وِڄڙين وري ڪئو، ’ڍلي‘ تي ڍارو،

ترائي تار ڪيائين، ’وَهيري‘ وارو،

’ٿڌا‘ وڻ ’ولهار‘ جا، جت صدَر سونهارو،

اکڙين آرو، اوڏاهين ’عِنات‘ چئي!

(ميون شاهه عنات نصرپوري رحه)

تقرير

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي)

محترم مير مجلس، جناب نور احمد شاهه صاحب، مير محمد بخش خان، ۽ هن محفل جا منتظم صاحبو، ڀينرو ۽ ڀائرو!

آءٌ نهايت ممنون آهيان، اسان جي مير مجلس ۽ منتظمين جو، جن مون کي هن محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني آهي. آءٌ معافي طلب آهيان، جو ڪن مجبورين جي ڪري هن محفل ۾ پوري وقت تي پهچي نه سگهيس.

منهنجو خيال هو ته هن موقعي تي آءٌ ٿرپارڪر ضلعي جي جاگرافي ۽ تاريخ تي روشني وجهندس، مگر هن موضوع تي هن کان اڳ هڪ اَدي (فقير بشير احمد لغاري) ايترو ته سٺو مضمون پڙهيو آهي، جو آءٌ چاهيان ٿو ته ٿرپارڪر بنسبت ڀل سندس اهو ئي مضمون رڪارڊ تي رهي، تنهن ڪري آءٌ هن محفل جي خاص موضوع يعني ”سنڌ صدين کان“ تي ڪجهه روشني وجهندس.

اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ، تاريخي نقطه نظر کان، يا جغرافيائي نقطه نظر کان ڪيتري قديم آهي؟ صدين کان وٺي سنڌ قائم آهي، پر ڪيترين صدين کان؟ تاريخي طور اسان کي اهو ثبوت ڪيستائين ملي سگهي ٿو؟  انهيءَ سوال جو جواب ڪنهن حد تائين آءٌ توهان جي آڏو رکندس.

علم الارض (علم زميني) جي لحاظ سان، اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته تمام گهڻيون صديون اڳ، اڃا به مٿي، سنڌ جو لاڙ وارو حصو سمنڊ جي هيٺان آيل هو. انهيءَ جا نشان ۽ ثبوت خاص طرح سان توهان جي ضلعي ۾ موجود آهن، جو ٿر واري ڀاڱي ۾ آڳاٽن سامونڊي جاندارن جا هڏا ۽ کوپا ملن ٿا. هاڻي سوال آهي ته سنڌ، سمنڊ مان نڪتي ته ڪڏهن نڪتي؟ ڪن جو خيال آهي ته اڄ کان ٽيويهه سو سال اڳي، سنه 325 قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم هتي آيو هو، تڏهن سنڌ جو لاڙ وارو گهڻو ڀاڱو اڃان سمنڊ هيٺان هو. اسان انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪريون ٿا. اسان جو خيال آهي ته لاڙ، جيڪو هينئر آهي ۽ جنهن صورت ۾ آهي، سو سڪندر جي اچڻ کان اڳ ڪم و بيش ساڳيءَ صورت ۾ موجود هو.

سنڌ جو وجود انهيءَ کان گهڻو اڳ موجود هو، جنهن جا ثبوت باقي آهن. انهيءَ سلسلي جا جيڪي مکيه آثار اسان کي مليا آهن، سي ”مئن جي دڙي“ جا آهن. انهن آثارن مان اسان يقيني طور سمجهون ٿا ته سنڌ عيسوي سنه کان پنجويهه سـﺂ سال اڳ موجود هئي، ۽ ان وقت ان جو وڏو تمندن هو ۽شاندار ثقافت هئي.

پر اڃا به انهيءَ کان ڪجهه اڳتي وڌون ٿا، ڇاڪاڻ جو خود ”مئن جي دڙي“ جي جيڪا کوٽائي ٿي آهي، سا اندازاً ٽيهه فوٽ هيٺ تائين آهي. اسان جيئن جيئن هيٺ کوٽائي ڪنداسون، تيئن معلوم ٿيندو ته اڃا به ان اڳ اتي ڪي ماڻهو رهندا هئا، ۽ جن جا گهر هيٺ ۾ هيٺ هوندا، سي سڀ کان اڳ اتي آباد ٿيا هوندا. اوهان پاڻ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ۾ ڪيترا سارا ڳوٺ آهن، جن جي جيڪا موجوده مٿين  سطح آهي، تنهن تي هاڻوڪي دور جا گهر آهن، جيڪڏهن اسان هيٺ کوٽائي ڪنداسون، ته هيٺان اڄوڪن گهرن کان اڳ واري دور جي گهرن جا نشان ملندا ۽ اڳئين دور جي ڀتين جون بنائون ملنديون.

اهڙي طريقي سان ”مئن جي دڙي“ تي ٽيهن فوٽن هيٺ تائين جيڪا کوٽائي ٿي آهي، تنهن مان اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته اتي جي بستي عيسوي سنه کان پنجويهه سـﺂ سال کن اڳ موجود هئي؛ پر هن شاهي دڙي جي بستي گهٽ ۾ گهٽ سٺ فوٽ هيٺ تائين آهي: يعني ته اڃان ٽيهه فوٽ ٻيا به جيڪر اسان هيٺ کوٽائي ڪريون ته ٿي سگهي ٿو ته جيڪي آڳاٽيون قديم بنائون ۽ آثار ملن، سي اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ جا هجن. هينئر اسان جي حڪومت تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي ۽  ”يونائيٽِڊ نيشنس“ جي  خاص  اداري  ”يونيسڪو“

(UNESCO) جي مدد ۽ معاونت سان هن قديم تاريخي دڙي جي بچاءُ ۽ بقاء واسطي اپاءُ ورتا پيا وڃن. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڏهن پندرهن سالن ۾ اتي ويندي سٺ فوٽ هيٺينءَ سطح تايئن کوٽائي ٿيندي ۽ اسان مان جيڪي جيئرا هوندا سي ڏسندا. مون کي يقين آهي ته هيٺين ۾ هيٺين سطح تائين کوٽائيءَ مان سنڌ جي ثقافت جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ تائين وڌي ويندي. انهيءَ جي معنيٰ ته سنڌ جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي تهذيب، مصر جي تهذيب ۽ عراق جي تهذيب جي ساٿياري ٿيندي.

هاڻي اسان ڏهن هزارن سالن اڳ تائين وياسون، پر اهو ته وڃي بيٺاسون سنڌ جي تمدن، تي، جيڪو تمام برسيل هو ۽ جيڪو تمام شاندار هو. پر يقيني طور انهيءَ برسيل تهذيبي کان گهڻو اڳ هتي ماڻهو رهندا هئا، جن جا آثار پڻ اسان کي مليا آهن، خاص طرح سان روهڙيءَ وارو جيڪو ٽڪر آهي، ۽ ٻيا ڪي ٽڪر جيڪي سنڌ ۾ آهن، جهڙوڪ ٺٽي ضلعي ۾ ”گجي“ لڳ شاهه تراب جي قبرستان واري ٽڪري، اتي اسان کي اهي آثار مليا آهن، جيڪي قديم دور جي انسانن جا هئا، اهي آهن پٿر جا وڍڻ ۽ ڪُٽڻ جا اوزار، جيڪي قديم انسانن ڪم آندا. جنهن جي معنيٰ ته انسان جي بستيءَ جي لحاظ سان، سنڌ جي تاريخ ڏهن هزارن سالن کان به اڳتي وڌي ”پٿر واري دور“ (Stone age) تائين پهچي ٿي، جڏهن انسان پٿر استعمال ڪندو هو.

اهو آهي مختصر خاڪو سنڌ جي تاريخي قدامت جو ۽ سنڌ ۾ انسان جي رهائش جو، ته ڪيتري وقت کان وٺي انساني ثقافت هتي موجود هئي.

جيڪڏهن قديم دور جي قبل از تاريخ وارن نشانن کي ڇڏي، فقط قديم تاريخي اهڃاڻن کي ڏسون ٿا ته به سنڌ ۾ تاريخ نهايت ئي آڳاٽي دور کان شروع ٿئي ٿي. پنجويهه سـﺂ ورهيه کن اڳ ايران جي شهنشاهه ”ڪورش“ سنڌ جي سرسبز واديءَ کي فتح ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو، پر اهو واٽ تي بلوچستان ۾ ئي پورو ٿي  ويو. ان کانپوءِ ٽيويهه سؤ سال کن اڳ سڪندر يونانيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي يونان جي تاريخ دانن تفصيل سان لکيو آهي. سڪندر بادشاهه سنڌ جي ”پاتال“ شهر مان لنگهيو، جيڪو هاڻي فنا ٿي ويو آهي، ۽ پوءِ سامونڊي ڪناري وٽان موجوده ڪراچي ۽ پوءِ لس ٻيلي – بلوچستان وارين حدن مان اڳتي ايران طرف ويو.

يونانين جي سلسلي ۾ هڪ خاص ڳالهه جيڪا اسان کي سمجهڻ گهرجي، سا هيءَ آهي ته يونانين ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ کي ”انڊ“ ۽ ”انڊو“ ڪري لکيو، يعني ته هنن پنهنجي ٻوليءَ ۾ منڍ واري ”س“ جواُچار مٽائي ”الف“ ڪري لکيو. يونانين جي انهن ”انڊ“ ۽ ”انڊو“ وارن اچارن مان پوءِ ”هند“ ۽ ”هندو“ لفظ اسريا، ”هندوستان“ نالو پڻ اتان پيو. اهي سڀ نالا ”سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ جي نالي پويان پيا آهن ۽ اها وڏي ڳالهه آهي. ”هند“ ۽ ”هندوستان“ جا نالا اڳي ڪو نه هئا، پر سنڌ جي نالي جي ڪري پيا.

اهو ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جو سلسلو ويندي اسلامي دور تائين هلندو آيو. اڄ کان ٻارهن سـﺂ ورهيه اڳ ۽ ان کان چار پنج صديون پوءِ تائين جيڪي ڪتاب لکيل آهن، تن ۾ ذڪر ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جو ئي آهي. هن برصغير جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي يا صوبي جو ايترو ذڪر ڪونهي، شهرن جا نالا ملن ٿا، پر ملڪ هن برصغير ۾ جيڪڏهن هئا ته فقط ٻه هئا: هڪڙو سنڌ ۽ ٻيو هند.

انهيءَ سلسلي جي ڪتابن مان آءٌ اوهان کي هڪڙي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جيڪا وڏي عجب واري آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تمدني ترقيءَ جي لحاظ سان  تمام ڪارگر آهي. اها پنجين صدي هجري، يعني اڄ کان تقريباً نو سـﺂ يا ساڍا نو سـﺂ ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. ان وقت تائين ٻين علمن سان گڏ ”طب جي علم“ کي مسلمان عالمن اوج تي پهچايو هو. انهيءَ طب جي علم جو هڪڙو خاص شعبو آهي ”پسار“، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ميٽريا ميڊيڪا“ سڏجي ٿو. ”پسار“ يا ”پسارڪي علم“ جو تعلق پسارڪي وکر جي سڃاڻپ ۽ هر وکر جي طبي خوبين جي ڄاڻ سان آهي. ساڍا نو سـﺂ سال اڳ جڏهن عالمن ”پسارڪي وکر“ بابت ڪتاب لکڻ شروع ڪيا، ته سندن آڏو اهو سوال آيو ته هر پسارڪي وکر جو نالو ڪهڙو لکجي، ڇاڪاڻ ته هر وکر کي جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا نالن سان سڏجي ٿو.

انهيءَ ڪري هر وکر ۽ دوا جا جيڪي مشهور نالا هئا سي لکيائون، ۽ ڪيترن وکرن جا ”سنڌي نالا“ پڻ ڪتابن ۾ درج ڪيائون. سڀ کان پهرين ”فزاري“ قبيلي جو عالم، جنهن جو نالو بشر هو ۽ عبدالوهاب جو پٽ هو، سو سنڌ ۾ آيو ۽ هتي اچي سنڌ جي جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جو مطالعو ڪيائين ۽ پوءِ ”تفاسير الادويه“ (دوائن جو تفسير) جي نالي سان ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هن برصغير مان فقط ”سنڌي“ ۽ ”هندي“ نالا قلمبند ڪيا. کانئس پوءِ جڳ مشهور عالم ’بيروني‘ هن سلسلي ۾ پنهنجو ”ڪتاب الصيَدنه“ لکيو، جنهن ۾ هو جڙين ۽ دوائن جا جدا جدا نالا ڏئي ٿو.  يوناني، سرياني، عربي ۽ فارسي نالن ڏيڻ کانپوءِ ٻين ملڪن جي ٻولين ۾ وکرن  جا نالا لکي ٿو. پر هو برصغير جي ٻولين مان فقط ٻن ٻولين جو ذڪر ڪري ٿو: هڪ ”سنڌيءَ“ جو، ۽ ٻيو ”هنديءَ“ جو.

انهن حوالن مان هي نتيجو نڪري ٿو ته ساڍا نو سؤ سال اڳ سنڌ ۾ ”طب“ ۽ ”پسار“ جي ڄاڻ اوج تي پهتل هئي،  ۽ سنڌي ٻولي انهيءَ لحاظ سان ايڏي ته مکيه هئي جو بين الاقوامي سطح تي انوقت جي طبيبن ۽ محققن وکرن جي سنڌي نالن جو ڏيڻ ضروري سمجهيو. هن حقيقت بابت مون تفصيل سان انگريزيءَ ۾ هڪ مضمون لکيو آهي ۽ اڃان انهيءَ تي اڳتي وڌيڪ لکندس. هت هن بيان جو مقصد هي آهي ته اسلامي دور تائين جغرافيائي، تاريخي توڙي لساني اعتبار سان هن برعظيم ۾ اهميت وارا ملڪ ٻه ئي هئا: هڪ ”سنڌ“ ۽ ٻيو ”هند“ ۽ انهيءَ لحاظ سان بين الاقوامي سطح تي پڻ هتان جي فقط ٻن ٻولين يعني ”سنڌي“ ۽ ”هندي“ جو ذڪر هليو. ويندي مولانا جلال الدين روميءَ جي دور تائين، جيڪو ست سؤ سال اڳ ٿي گذريو، ۽ هڪ وڏو صوفي درويش هو ۽ ان سان گڏ وڏو عالم ۽ داناءُ پڻ هو ۽ جنهن جي علم ۽ فڪر کي سڄي دنيا مڃي ٿي، تنهن پڻ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”مثنوي“ ۾ هڪ جاءِ تي فقط ”سنڌي“ ۽ ”هندي“ جو ذڪر ڪيو آهي. چوي ٿو ته:

سنديان را اصطلاحِ سند مدح

هنديان را اصطلاحِ هند مدح

(يعني ته: سنڌين لاءِ سنڌي ٻولي سهڻي ۽ هندين لاءِ هندي)

هيستائين جيڪو بيان مون ڪيو، سو هو صدين کان وٺي سنڌ جي قدامت جو ان جو مقصد هو ته سنڌ جي تاريخ تمام آڳاٽي آهي: ايتري آڳاٽي آهي، جو هن برعظيم جا ٻيا جيڪي ڀاڱا آهن، تن جي باري ۾ ايتري گهڻي خبر اسان وٽ ڪانهي ڪا جيتري سنڌ جي باري ۾ آهي. سڄو برصغير جاگرافيءَ جي لحاظ سان ”سنڌ“ ۽ ”هند“ آهي. اهو اصطلاح صدين تائين هليو آيو.

دوستو! ٻيا گهڻا صاحب هتي ويٺا آهن، جيڪي اڃا پنهنجا مضمون توهان کي پڙهي ٻڌائيندا،  انهيءَ ڪري مون کي ٿورو وقت وٺڻ گهرجي. آءٌ البت آخر ۾ هڪ عرض ڪندس، تنهن کانپوءِ پنهنجي جاءِ وٺندس.

هن کان اڳ اسان جي دوست سيد غلام مصطفيٰ شاهه سنڌالاجيءَ جي اداري جي باري ۾ جيڪي پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي، تنهن جي باري ۾ حقيقتون بيان ڪرڻ ضروري آهن. شايد کيس ايتري خبر نه هجي يا جيڪي خبرون وٽس پهچنديون هجن سي صحيح نه هجن. پاڻ ذڪر ڪيو اٿس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”سنڌالاجيءَ“ جي اداري جو، ۽ ڇاڪاڻ جو آءٌ هينئر سنڌيونيورسٽيءَ جو سربراهه آهيان، تنهن ڪري کيس حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.

پهرين ڳالهه ته شاهه صاحب جن اسان وٽ وائيس چانسيلر ٿي آيا، تنهن کان گهڻو اڳ سنه 1962ع ڌاري اسان يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌالاجيءَ“ جو ادارو قائم ڪيو. شروع کان وٺي اسان اها ڪوشش ڪئي هئي ته ”سنڌالاجي“  (Sindhology) کي اسان ”ايجپٽالاجي“(Egyptology) ايرانالاجي (Iranalogy) ”انڊالاجي“ (Indology) وانگر تحقيق ۽ تفتيش لاءِ هڪ وڏو ادارو بڻائينداسون ته جيئن بين الاقوامي سطح تي واضح ڪري سگهجي ته سنڌ جي باشندن جو انسان ذات جي تهذيب ۽ ترقيءَ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو حصو رهيو آهي. انهيءَ تحقيقي مقصد لاءِ پهريائين پهريائين اسان هن اداري لاءِ ڪتب خانو گڏ ڪيو. اهو بنيادي ڪم سنڌيونيورسٽيءَ جي پنهنجي گرانٽ جي ٿورڙن پئسن مان ڪيو ويو. ٻاهران اسان کي ڪنهن به گرانٽ ڪا نه ٿي ڏني. ”ون يونٽ گورنمينٽ“ جو زمانو هو. محترم محمد حنيف صديقي صاحب کي اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ته ڪتبخاني لاءِ مواد سهيڙڻ ۾ مدد ڪري. پهرين شروعاتي سالن ۾ سڄو توجهه ڪتب خاني کي وڌائڻ طرف لڳو ۽ چار پنج سال پوءِ جڏهن شاهه صاحب اسان وٽ آيو، ان کان اڳ ڪتب خانو تمام عاليشان ٿي چڪو هو. شاهه صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ پڻ ڪجهه وڌيڪ ڪتاب گڏ ٿيا ۽ ان لاءِ اسان تجويزون ڏنيون ۽ خدمت ڪئي. کيس خبر آهي ته ڪيترا سارا ناياب رسالا ۽ ڪتاب ۽ ڪيتريون ناياب اخبارون، سنڌالاجيءَ جي اداري لاءِ منهنجي ڏنل تجويزن ذريعي گڏ ٿيون. انهيءَ سلسلي ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ جا اٺٽيهن کن سالن جا ناياب فائيل ڪراچيءَ مان آءٌ کڻائي آيس، جيڪي پوءِ سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ رکياسون. شاهه صاحب کي ٻڌي خوشي ٿيندي ته جيڪو ڪم پاڻ ڇڏي ويا آهن، تنهن کي اسان اڳتي وڌايو آهي. اسان پوءِ ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار جي سمورن سالن جي پرچن کي هٿ ڪري، ان جو ”مائيڪرو فلم“ ڪرايو آهي ۽ مون کي هينئر اطلاع مليو آهي ته اهو سڄو ”مائيڪرو فلم“ تيار ٿي ويو آهي، جيڪو سگهو ئي اداري ۾ پهچي ويندو. انهيءَ اضافي سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ بابت اخباري مواد، سنه 1890ع کان و‎ٺي محفوظ ٿي ويندو.

”سنڌالاجي“ جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻيو قدم جيڪو اسان کنيو آهي، سو قلمي ڪتابن جي ذخيري وڌائڻ جو آهي. شاهه صاحب کي ٻڌي خوشي ٿيندي ته اسان کانئن پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سو قلمي ڪتاب ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار سو آڳاٽا ڇاپي ڪتاب گڏ ڪيا آهن.

ٽيون قدم جيڪو اسان کنيو آهي، سو موسيقيءَ جي شعبي قائم ڪرڻ بابت آهي. راڳ اسان جو هڪ وڏو علم آهي، ۽ اسان جي ثقافت جو جز آهي. اسان سنڌي گرامو فون رڪارڊ گڏ ڪري محفوظ ڪري رهيا آهيون، ۽ گهٽ ۾ گهٽ سؤ يا ڏيڍ سؤ وڌيڪ  رڪارڊ وڏي ڪوشش سان اڳئين ذخيري ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن سلسلي ۾ ٻيو مکيه قدم اهو کنيو اٿئون، جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو راڳ رڪارڊ ڪرايو اٿئون. اهو راڳ جمعي جمعي تي ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ٿيندو آهي. حضرت شاهه صاحب جن 1752ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندن حياتيءَ کان وٺي، يعني ته اڄ کان اڍائي سو سال اڳ کان وٺي ڀٽائي صاحب جو راڳ ٿيندو اچي ٿو. سنڌ ۾ راڳ جو اهو هڪ پراڻي کان پراڻو تاريخي ادارو آهي، جنهن جهڙو پاڪستان توڙي هندستان ۾ ٻيو ڪو ادارو ڪونهي. باوجود انهيءَ جي، ڀٽائي صاحب جي راڳ کي محفوظ ڪو نه ڪيو ويو هو. راڳائي فقير گذاريندا ويا ۽  پنهنجو علم پاڻ سان کنيو ويا. انهيءَ سلسلي ۾ مون وڏي ڪوشش وٺي، ڀٽائي صاحب جي راڳ کي رڪارڊ ڪرائڻ جو انتظام ڪيو آهي، ۽ هن وقت تائين ڀٽائي صاحب جو وڏو حصو رڪارڊ ٿي چڪو آهي. رڪارڊ ڪرايل اهو سڄو ذخيرو اسان وٽ پهچي ويو آهي ۽ سنڌالاجيءَ جي اداري ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. راڳ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي هڪ وڏو ڪارنامو آهي. انهيءَ سڄي رڪارڊ جو  اسان اڳتي هلي مطالعو ڪنداسين ۽ سنڌ ۾ موسيقيءَ جي تاريخ مرتب ڪنداسين.

شاهه صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اسان ڪوشش ڪري ”فورڊ فائونڊيشن“ سان هلندڙ ڳالهين جي تڪميل ڪئي ۽ انهن سان معاهدو ڪري سنڌالاجيءَ جي اداري لاءِ ضروري سامان، ڪتاب وغيره خريد ڪيا آهن. شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌالاجيءَ جي عمارت واسطي سنڌ گورنمينٽ کان پئسا مليا ۽ عمارت ٺهڻ شروع ٿي. پر مليل رقم ناڪافي هئي. اهڙيءَ طرح يونيورسٽيءَ ۾ ٻيون جايون، جيڪي ٺهي رهيون هيون، تن لاءِ به پئسا ڪين هئا. جايون ٺهڻ شروع ٿيون، پر پئسا ڪٿان اچن؟ اسان قرض کڻي به جاين جي تعمير ڪئي آهي ۽ اميد ته اسان جي صوبائي حڪومت اسان جي مدد ڪندي. سنڌالاجيءَ جي عمارت جو جيستائين تعلق آهي ته مون خاص ڪوشش ڪئي آهي ته اها عمارت اڳ ۾ ٺهي راس ٿئي. ٻين ڪن جاين کي روڪايو به اٿئون، پر سنڌالاجيءَ جي عمارت جو ڪم هلندو رهي ٿو ۽ اميد ته هيءَ عمارت سگهي تيار ٿي ويندي ۽ انشاءَ الله انهيءَ کي سهڻي نموني سان سينگارينداسون ۽ ان ۾ عاليشان ڪتب خانو، ثقافتي ميوزيم، موسيقيءَ جو شعبو ۽ ٻيا تحقيقي شعبا قائم ڪنداسون.

جيستائين اسان ”سنڌالاجيءَ“ جي اداري بابت رڳو سنڌ اندر ويٺا سوچينداسون پر دنيا کي نه ٻڌائينداسون، تيستائين اسان جي ڳالهه مٿي نه ٿيندي. انهيءَ سلسلي ۾ شاهه صاحب کان اڳ جناب حسن علي عبدالرحمان صاحب جي ايامڪاريءَ ۾ مون ٻه رسالا شروع ڪرايا هئا: هڪ سنڌيءَ ۾ ”علمي آئينو“ ۽ ٻيو انگريزيءَ  ۾ ”بليٽن آف انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“، انهيءَ لاءِ ته دنيا کي ٻڌايون ته ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ“ جو مقصد ڇا آهي. انهن ٻنهي رسالن جي طباعت بند ٿي چڪي هئي، جيڪا دوباره شروع ڪرائي وئي آهي.

 سنڌالاجيءَ جي اداري کي دنيا جي ادارن سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ضروري هو ته اسان بين الاقوامي سطح جا تحقيقي ڪتاب شايع ڪريون. انهيءَ سلسلي ۾ جڳ مشهور عالم بيرونيءَ جي هڪ قلمي ڪتاب جو عڪس اسان جي لئبريريءَ ۾ موجود هو، جو گهڻو اڳ منهنجي ڪوشش ۽ مرحوم قاضي احمد ميان اختر جي مهربانيءَ سان احمد آباد (هندستان) جي ڪتب خاني مان هٿ ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ ملتان ۽ سنڌ جو ذڪر آهي. دنيا ۾ اهو ڪتاب ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪونهي. جڏهن شاهه صاحب وائيس چانسيلر هو،تڏهن مون کيس تجويز ڏني ته سنڌالاجيءَ جي اداري کي اڳتي ڪرڻ خاطر اسان اهو ڪتاب ڇاپيون ۽ مون انهيءَ ڪتاب کي ”ايڊٽ“ ڪرڻ جو ذمو پاڻ تي کنيو. آءٌ جناب شاهه صاحب کي ٻڌايان ٿو ته اهو ڪتاب وڏيءَ محنت سان، باوجوديڪ انهيءَ جي جو وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ مون کي تمام گهڻو ڪم آهي، مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ سنڌالاجيءَ جي اداري طرفان ڇپجي چڪو آهي. اهو ڪتاب علمي دنيا ۾ اسان جو مُنهن مٿي ڪندو.

شاهه صاحب جي جُتيءَ ۾ ڪنهن جو پير ڪو نه پوندو، پر آءٌ کيس بلڪل مطمئن ڪرڻ ٿو چاهيان ته سنڌيونيورسٽيءَ ۽ سنڌالاجيءَ جي اداري جي اسان کان جيڪا خدمت ٿيندي سان پنهنجي مخلصانه نموني ۾، محبت سان، جيتري قدر اسان ۾ علم آهي، جيتري قدر اسان ۾ توفيق آهي، سا ڪندا رهنداسون.سنڌيونيورسٽيءَ جي سڀني شعبن ۽ سنڌالاجيءَ کي سنڀالينداسون ۽ نهايت ئي سٺي نموني سان سنڀالينداسون. ماڻهو اچڻا وڃڻا آهن، ۽ آءٌ به هليو ويندس، پر اهي ادارا رهندا ۽ خدا وري ٻين کي توفيق ڏيندو ته انهن ادارن کي وڌائيندا. شاهه صاحب پاڻ اسان جي همت افزائي ڪري ۽ جيڪي اسان نه ٿا ڪري سگهون، تنهن ۾ پاڻ اسان کي مدد ڏئي. اسان سڀڪجهه ڪنداسون، پر ائين چوڻ ته ادارو اڌ مري ويو اڌ جيئرو آهي،  اهي نااميديءَ جون ڳالهيون آهن ۽ نه ڪرڻ گهرجن. ڳالهيون اڳتي وڌڻ جون ڪرڻ گهرجن، همت ۽ مردانگيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ حوصلو بلند رکڻ گهرجي. اسان کي شاهه صاحب جن جي مدد جي ضرورت آهي. جيڪي پاڻ چيو اٿن، سو به اسان ٻڌو آهي. انشاءَ الله اسان سڀڪجهه ڪنداسون.

آخر ۾ آءٌ منتظمين جو شڪر گذار آهيان، جو سندن مهربانيءَ سان آءٌ هن محفل ۾ شريڪ ٿيس، ۽ آءٌ اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان منهنجي هن زباني تقرير کي محبت سان ٻڌو آهي.

اتر کـﺂن ٿي آئيو،  ميگهُه موچاريءَ ويرَ،

ٻَڌائين ٻاجهه پَئِي، ڀَلائيءَ جا ڀيرَ،

هادي هدايت جو، وڌو سَڏُ سويرَ،

سـُڪا ڏهر ساوا ٿيا، جڏ پريـَن پاتا پيرَ،

مهدي مِيرَ مَٿيرَ، ”قاسم“ قحط وَڍيو.

خليفو نبي بخش لغاري رحه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org