پهرينءَ رات واري محفل موسيقيءَ ۾ سامعين جو هڪ
منظر
سيد خادم علي شاه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (صدر
مجلس) ۽ سيد غلام حيدرشاهه
سابق وزير تعليم سنڌ، نمايان نظر اچي رهيا آهن.
محفل
موسيقيءَ ۾ ٿر جي روايتي ڏونڪن جي ناچ جو هڪ منظر
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ناياب قلمي ڪتابن جو معائنو ڪري
رهيو آهي.
نمائش ۾ رکيل چند نوادرات جو هڪ منظر
ويٺل ساڄي کان: محترم پير اسحاق جان سرهندي، محترم
پير آفتاب حسين جيلاني، محترم مير محمد بخش خان
ٽالپر، محترم پيار علي الانا وزير تعليم سنڌ،
محترم سيد نور احمد شاهه، محترم چوڌري رفيق احمد،
محترم مير خدا بخش ٽالپر (مرحوم).
بيٺل ساڄي کان: مسٽر محمد اسحاق مهر، مسٽر محمد
رمضان لغاري ،
مسٽر مولا بخش ميمڻ ، محترم ڊاڪٽر
هر چندراءِ، مسٽر محمد هاشم چانهيو، الحاج مولا
بخش لغاري،
مسٽر محمد هارون ميمڻ، مسٽر عبدالرحيم خشڪ،
پويان بيٺل: مسٽر ايس. اي. خان ۽ پير سرهندي.
ٻيءَ رات واري محفل موسيقيءَ ۾ محترم پيار علي
الانا صاحب (صدر مجلس) محترم نور احمد شاهه صاحب ۽
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سامعين ۾ نمايان نظر اچي
رهيا آهن.
سيٺ هرچندراءِ، صدر هندو پئنچات ميرپورخاص، جشن جي
سلسلي ۾
چيئرمن صاحب کي عطيه جو چيڪ ڏيئي رهيو آهي
جشن جا ڪارڪن، ڪميٽيءَ جي چيئرمن سيد نور احمد
شاهه صاحب سان گڏ.
ضلعي جون انفرادي خصوصيتون
(1)
صوبي جو اهو واحد ضلعو آهي، جنهن جو نالو ڪنهن
شهر يا ڳوٺ جي نالي بجاءِ طبعي ڀاڱن سان منسوب
آهي.
(2)
ايراضيءَ جي لحاظ کان هي ضلعو صوبي جو سڀني کان
وڏو ضلعو آهي.
(3)
صوبي جو وڏي ۾ وڏو تعلقو (ڇاڇرو) هن ضلعي ۾ آهي.
(4)
صوبي ۾، ڀارت سان لاڳيتو وڌ ۾ وڌ سرحد هن ضلعي جي
آهي.
(5)
ٻين ضلعن جي نسبت، هن ضلعي ۾ وڌيڪ قديم آثار آهن،
جن مان جين ڌرم ۽ ٻڍ ڌرم جا آثار قابل ذڪر آهن.
(6)
ٽالپرن، گهڻي ۾ گهڻا قلعا، هن ضلعي ۾ ٺهرايا.
(7)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميين شاهه عنات ۽ ٻين صوفي
شاعرن جي ڪلام ۾ هن ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن، ماڳن ۽
مڪانن، وڻن ۽ ٻُٽن جو وڌ ۾ وڌ ذڪر موجود آهي.
(8)
اونهي ۾ اونها کوهه (300 فوٽ) هن ضلعي ۾ واقع آهن.
(9)
چورس کوهه هن ضلعي ۾ ئي ملن ٿا.
(10)برصغير
جو ”سرسبز ريگستان“ (ٿر) هن ضلعي ۾ آهي.
(11)
ملڪ ۾ مرچ جو وڏو پيداواري مرڪز ۽ منڊي ”ڪـُنري“
هن ضلعي ۾ آهي.
(12)گهڻيون
لوڻ کاڻيون هن ضلعي ۾ آهن.
(13)گاهن
۽ ٻوٽن جا گهڻا قسم هن ضلعي ۾ آهن.
(14)نرالي
بلا ”پيئڻ“ فقط هن ضلعي جي ٿر ۾ ٿئي.
(15)برصغير
جو هڪ شهنشاهه، اڪبر، هن ضلعي ۾ (عمرڪوٽ) ڄائو هو.
(16)ساڳين
نالن واريون هندو مسلم ذاتيون اڪثر هن ضلعي ۾ آباد
آهن.
(17)صوبي
۾، اقليت جو وڏو تعداد هن ضلعي ۾ رهائش پذير آهي.
(18)سنڌ
جا گهڻي ۾ گهڻا نيم تاريخي عشقيه داستان هن ضلعي
سان وابسته آهن.
(19)سنڌي
لوڪ ادب ۾، گهڻيون لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ گيت هن ضلعي
جا آهن.
(20)لباس
۽ زيورن جا گهڻا قسم هن ضلعي ۾ مروج آهن.
(21)هن
ضلعي جي ڀرت جي ولايت تائين هاڪ آهي.
(22)آل
انڊيا ڪانگريس جو پهريون ۽ واحد سنڌي مسلمان جنرل
سيڪيريٽري رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي هن ضلعي جو
رهاڪوهو.
(23)هاري
تحريڪ دوران پهرين ۽ واحد شهيد عورت مائي بختاور
هن ضلعي جي هئي.
-
ور جان وسڻ آئيون، وڄون واهوندن،
مند ميڙائي مينهن جي، مرجان مينهن وسن،
سپن تي سمونڊ ۾، بوندون ٿيون برسن،
ڪريو ويس وڏاندرا، بجليون ڀڙڪا ڪن،
اڃي اولي، شريف چئي، سڀن سان لهن،
ڳاڙي ويل ڳڙن، پئي پٽ پسائيا.
- شاهه شريف ڀاڏائي رحه
تاريخي پس منظر
سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي واقع ضلعو ٿرپارڪر هڪ طرف
پنهنجي طبعي بناوت جي لحاظ کان منفرد ۽ تضاد جو
مجموعو آهي ته ٻئي طرف عام ماڻهن لاءِ اجهل
دلچسپيءَ جو مرڪز رهندو اچي ٿو، خصوصاً انهن لاءِ
جن کي ڪڏهن هن علائقي ۾ اچڻ جو موقعو نه مليو آهي.
عام طرح سان هن ضلعي لاءِ اهو تاثر قائم ٿيل آهي،
ته اهو گرم ۽ تيز ساڙيندڙ لـُڪن ۽ جهولن جو صحرائي
خطو آهي ۽ ائين آهي به حقيقت! پر جڏهن سارنگ جا
سهسين ساٺ ٿين ٿا، تڏهن اها ڳالهه بنهه برعڪس
بڻجيو وڃي. چوڻي آهي: ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“ ان
برپٽ بيابان ۽ لق و دق صحرا تي وسڪاري جي موسم ۾
گل و گلزاري لڳيو وڃي ۽ هي دڙن جو ديس ان سمي ۾
ڪشمير جون سڪون لاهيو ڇڏي.
تاريخي نقطه نظر سان هن ضلعي جي قدامت صدين تائين
ڦهليل نظر اچي ٿي. سنڌ جي هر ضلعي وانگر هي ضلعو
پڻ وقت جي وڏن وهڪرن مان لڙهيو آهي! ڪڏهن برسات ۽
ٻوڏن هن ضلعي جي ڪن حصن کي شاداب ۽ سرسبز پئي ڪو
ته ڪڏهن وري زلزلن ۽ طوفانن، درياهن جي رخن بدلجڻ
۽ ازين قسم جي قدرتي آفتن هن ضلعي جي جاگرافيءَ ۾
تبديليون پئي آنديون آهن. مختلف دورن ۾ هتي وهرڪن
۽ درياهن، واهن ۽ ڍورن، ندين ۽ نالن جي ڪنارن تي
شاندار شهر ۽ بندر آباد هئا، جن ۾ تهذيب ۽ تمدن
جا چراغ روشن هئا. هڪ اندازي موجب تقريباً ٻن هزار
سالن جي تهذيبي سفر جا آثار هن ضلعي ۾ بلڪل چٽا ۽
واضح نظر اچن ٿا.
هن ضلعي جي مختلف خطن تي مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي
قبيلن ۽ قومن پنهنجو تسلط پئي قائم رکيو آهي ۽
ڪيترن ئي متن ۽ مذهبن، ڌرمن ۽ طريقن پنهنجو پرچار
جاري رکيو. پراڻي زماني ۾ هن ضلعي جا مختلف حصا
جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٻين حالتن سبب جدا جدا نالن سان
مشهور هئا،مثلاً: نارو، ڍاٽ، کائڙ، پارڪر، ديرڪ ۽
ونگو، وغيره. اهي حصا ڪڏهن ڪنهن وڏيءَ حڪومت جي
تسلط هيٺ هئا ته ڪڏهن وري انهن جي الڳ الڳ قومن ۽
ڌرمن فرمانروائي ٿي ڪئي، مثلا ً: ٻـُڌ، جين، هندو،
راجپوت ۽ مسلمان. انهن قومن جا آباد ڪيل شهر اڄ به
ڪي سالم حالت ۾ ته ڪي کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن،
مثلاً: امراڻو، هميراڻو، پاري ننگر، مومل جي ماڙي،
پروڙ، پتڻ، ونگر، وڳهه ڪوٽ، ڪيرٽي، نهٽو، کن،
ليهور، آرڻيءَ جو ڀڙو، راڻي جو ڀڙو، ڪاهوءَ جو
ڀڙو، منڌرن جا ڀڙا، ۽ ميرپورخاص، مٺي، نئون ڪوٽ،
اسلام ڪوٽ، چيلهار، سينگارئي ۽ کڏيءَ ۾ ٽالپري عهد
جي قلعن جا نشان. مجموعي طور تي، تاريخي اهڃاڻن جي
روشنيءَ ۾ اهو واضح ٿئي ٿو ته ضلعي جي مختلف حصن
تي راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي، پرمارن،
مڪواڻن،سومرن، سوڍن، راڻن، راٺوڙن، سمن، داسڙن،
سهتن، منڌرن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جا راڄ
رهيا آهن.
هن ضلعي جا ڪيترائي پٽ ڏورانهين لشڪر ڪشيءَ جي
لتاڙ هيٺ پڻ رهيا آهن، سلطان محمود بيگڙي، سلطان
محمود غزنوي، مدد خان پٺاڻ ۽ نادرشاهه جي چڙهاين
جو ذڪر تاريخن ۾ صاف صاف ملي ٿو. شهنشاهه هند،
نصير الدين همايون، دهليءَ جي تخت کي ٻيهر حاصل
ڪرڻ لاءِ جڏهن سرگردان هو، تڏهن و قت جي وهڪري کيس
عمرڪوٽ جي ماڳ تي آندو، جتي ان وقت جي حڪمران سندس
آدر ڀاءُ ڪيو ۽ اتي ئي هاڪارو مغل شهنشاهه جلال
الدين محمد اڪبر ڄائو.
هن ضلعي جو ريگستاني علائقو ٿر پنهنجي طبعي بناوت
جي لحاظ کان سنڌ جو منفرد خطو آهي. تحقيق مان اها
ڳالهه واضح ٿي آهي ته موجوده ٿر وارو ڀاڱو ڪنهن
سمي پاڻيءَ هيٺ هو ۽ زلزلن جي ڪري سمنڊ سڪي هٽي
ويو ۽ ڀٽون نروار ٿي بيٺيون، تاريخي طور اهو واضح
ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ ٻه هزار سال اڳ اها تبديلي عمل ۾
آئي آهي.
هي ضلعو لوڪ ادب، تمدن ۽ موسيقيءَ جي کاڻ آهي. ٿر
جو لوڪ ادب صوبي جي سموري لوڪ ادب کان نه صرف
انداز ۾ گهڻو آهي، پر افاديت جي لحاظ کان منفرد ۽
مايه دار پڻ آهي.
هن ضلعي جي وارياسي خطي ”ٿر“ کي ئي اهو شرف حاصل
آهي، جو وطن جي حب جي بينظير ۽ لافاني ڪردار
”مارئي“ کي جنم ڏنائين، جنهن جي حب الوطنيءَ جي
آدرش کي بلاشه دنيا جي سمورين قومن تي افضليت حاصل
آهي.
هن ضلعي جي ذري ذري تي رومانوي ڪهاڻيون ڦهليل آهن،
جن مان ”مومل راڻو“ سر فهرست آهي. ان کانسواءِ
ڍولامارو، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، مهر راڻي
راءِ لاکو ۽ سڏونت سارنگا پڻ هن ضلعي جا عشقيه
داستان آهن.
سنڌ ۾، هارين ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ”هاري هلچل“ جي
شروعات پڻ هن ضلعي مان ٿي. 1931ع ۾، ميرپورخاص ۾،
پهريون دفعو، وڏي پيماني تي ”سنڌ هاري ڪانفرنس“
منعقد ٿي، جنهن ۾ ان تنظيم جوبنياد رکيو ويو. ان
ڪانفرنس جو باني ۽ روح روان محترم جي ايم سيد هو،
۽ ان ۾ جمشيد نسروانجي مهتا، پروفيسر گوڪلي، ڄيٺمل
پرسرام، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ قادربخش نظاماڻي
۽ ٻيا مشهور هاري ڪارڪن شريڪ ٿيا. اڳتي هلي، تحريڪ
جو سڀ کان اهم ۽ غير معمولي واقعو- مائي بختاور
جي شهادت – هن ضلعي ۾ ٿيو، جنهن تحريڪ ۾ روح ڦوڪي،
ان کي فعال ۽ سرگرم بنايو.
ضلعي جي تشڪيل
انگريزن جي آمد کان اڳ، ٽالپري عهد ۾، هن ضلعي جو
سمورو علائقو ”سرڪاري ميرپور“ جي نالي سان سڏبو
هو، جتي ماڻڪاڻي ٽالپر خاندان جي فرمانروائي هئي.
دٻي جي جنگ جي هيري مير شير محمد خان ”شير سنڌ“ هن
علائقي تي تدبر ۽ دانشمنديءَ سان حڪومت ڪئي.ٽالپري
دور ۾ وڏن وڏن شهرن ۾ ”ڪاردار“ مقرر ٿيل هئا، جي
مقامي انتظام هلائيندا هئا. |