سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 6

”ثقافت هڪ حقيقت آهي، جا انسان ذات جي خواهشن ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ثقافت فرد کي منظم گروهن ۾ بدلائي ٿي ۽ گروهن کي قومن ۾ تبديل ڪري ٿي، انهن لاءِ رسمون ۽ رواج مقرر ڪري ٿي، ۽ هر فرد کي انهن قانونن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.“

مٿين وصفن موجب ثقافت جي دائري ۾ ماڻهن جي روزانه زندگيءَ جي طريقن، رهائش، رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ لباسن جو مطالعو، ٻولي، ريتون رسمون، زراعت ۽ ان جا وسيلا، اچي وڃن ٿا. مقامي ٻوليون به ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن؛ ڇاڪاڻ ته ٻولي سماج ۽ سماجي گروهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي؛ ۽ ٻوليون سماج ۾ مختلف طبقن، سماجي قدرن،سماج جي مزاج، سماجي ڪارج، سوچ ويچار ۽ ذهني ارتقا جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿيون. انهيءَ ڪري ثقافت هڪ طرف انسان جي مادي زندگيءِ لاءِ ضروري شين جهڙوڪ اوزارن، هٿيارن، ڪپڙن ۽ رهائش سان واسطو رکي ٿي، ته ٻئي پاسي غير مادي ڳالهين يعني روحاني زندگيءَ سان واسطيدار شين جهڙوڪ ٻولي، علم ادب، فن، مذهب، اخلاق ۽ قانون سان پڻ نسبت رکي ٿي. انهيءَ لحاظ کان چئبو ته ثقافت ڪنهن قوم جي سماجي زندگيءَ، نظرين، اعتقادن، اُن جي اخلاقي لاڙن ۽ قدرن جي آئينه دار هوندي آهي ۽ ثقافتي تاريخ ان قوم جي پوري سماجي تاريخ جو عڪس ۽ نچوڙ هوندي آهي.

جيڪب آباد واري سيمينار (جشن ”سنڌ صدين کان“ جو سيمينار) ۾ مون پنهنجيءَ تقرير ۾ عرض ڪيو هو ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ واديء سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تاريخ کي دنيا جي ماهرن لاءِ مطالعي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. هن دڙي جي کوٽائيءَ واديء سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ۽ ڪهڻي، لباس ۽ ٻئي گهرو سامان، مطلب ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ جي پراڻي تهذيب، پراڻي تمدن، ان زماني جي سماجي زندگيءَ جي اصولن ۽ قدرن جي طرف نشاندهي ڪئي آهي.

مون اتي اهو به عرض ڪيو هو ته هاڻ اهو اسان جو فرض آهي، اسان جي عالمن جو فرض آهي ته انهيءَ قديم تهذيب جي اهم ڳالهين کي کڻي، موجوده تهذيب جي اهم ڳالهين سان ڀيٽي ڏسون. اسان کي گهرجي ته ڏسون ته انهيءَ قديم تهذيب جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي اسان ۾ اڄ به هوبهو ڏسجن ٿيون؛ يا اهي اسان ٿوريءَ تبديليءَ سان پاڻ وٽ قائم رکيون آهن. اهڙو مطالعو ٻنهي تهذيبن جي ثقافتي ۽ تمدني رابطي جي مطالعي ۾ وڏي مدد ڪندو. ثقافتي رابطي (CULTURAL CONTINUITY) جو ثبوت سنڌي سماج، سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ وڏي مدد ڪندو. اسان کي گهرجي ته ڏسون ته موهن جي دڙي، چنوءَ جي دڙي، جهڪر جي دڙي، ڪوٽ ڏيجيءَ، آمريءَ جي دڙن مان لڌل اهي ڪهڙا ڪهڙا برتن آهن، جن جهڙا اڄ به سنڌ ۾ ٺهن ٿا، سماجي ڪارج جا اهي ڪهڙا ڪهڙا اصول آهن، جيڪي اڄ به سنڌ جي رهاڪن پاڻ وٽ سانڍيا آهن. انهيءَ قديم تهذيب واري زماني ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا جانور رهندا هئا؛ ڪهڙا ڪهڙا پکي رهندا هئا؛ انهن مان ڪهڙا ڪهڙا جانور گهرو جانور ڪري پالبا هئا، مرد يا عورت جي حيثيت ڪهڙي هئي؟ ان زماني جا ماڻهو ڪنهن مذهب جا پوڄاري هئا يا نه، جيڪڏهن هئا ته هو ڪنهن جي پوڄا ڪندا هئا. سندن عبادت جو طريقو ڪهڙو هوندو هو؟ مطلب ته هن سلسلي ۾ گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي. هن تحقيق مان نڪتل نتيجا سنڌ جي سماجي، مذهبي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ اهم حصو ڪري ليکيا ويندا.

اڄ جي هن مجلس ۾ سنڌ جي ثقافت، سڀيتا ۽ سماجي اصولن جي سلسلي ۾ عرض ڪيل سڀني جزن جو جائزو وٺڻ آسان نه آهي. اڄ ٿوري وقت اندر، هن مختصر مقالي ۾ سنڌي سماج جي رهڻي ڪهڻي ۽ لباس جي هڪ نقطي يعني ”هارسينگار جي سامان ۽ زيورن“ جي بار ي ۾ گفتگو ڪئي ويندي.

سنڌ مان ڌار ڌار هنڌن ۽ جاين تان لڌل سامان جي ڪيل مطالعي جي مدد سان، هن قديم تهذيب جي ڌڻين يعني هتي جي ماڻهن جي سوچ، رهائش ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي طور طريقي، سماج ۽ سماجي ٻنڌڻن، مذهب ۽ مذهبي رسم و رواجن تي گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هن ڌرتيءَ جا ڌڻي يعني موهن جي دڙي جا ماڻهو جهنگلي زندگي گذاريندڙ نه، هتي جا رهاڪو ڪتاب وصف وارا اڻ آريا نه، پر سڌريل، سليقي وارا، صاف ۽ سٿرا، اڇا ۽ اُجرا، هنرمند ۽ ڪاريگر، وڻج ۽ واپار ۾ ماهر، ڏيساور ڏانهن سفر ڪندڙ، ان ۾ ڪپهه اپائيندڙ يعني زراعت جا ڄاڻو، هوائن ۽ گرهن، سيارن ۽ تارن جي ڦيرن گهيرن جا پارکو، راندين روندين جا ڪوڏيا، راڳ ۽ ناچ جا شائق، مطلب ته سڌريل معاشري وارا هئا.

واديء سنڌ جون عورتون زيورن ۽ هارسينگار جون شوقين هونديون هيون. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت زيور ۽ هارسينگار جا اهي سامان آهن، جيڪي آمريءَ جي دڙي، موهن جي دڙي، چنوءَ جي دڙي، جهڪر جي دڙي ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ مان لڌا ويا آهن. انهن دڙن جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل سامان تي شايع ٿيل رپورٽن مان معلوم ٿو ٿئي ته هنن جاين تان هر قسم جا زيور هٿ آيا آهن. انهن ۾ مٿي تي پائڻ جا زيور، ڳچيءَ ۾ پائڻ جا زيور، ڪنن ۾ پائڻ جا زيور، نرڙ جا زيور،  چيلهه تي ٻڌڻ جا زيور، ٻانهن ۾ پائڻ لاءِ چوڙيون، ٻانهيون، هٿ گجريون، منگليون، ڪنگڻ، ٻانهوٺا، بازوبند، پيرن جون ڪڙيون ۽ نورا، پيرن ۽ هٿن جي آڱرين جون منڊيون عام طور هٿ آيون آهن.وري دلچسپيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته هر عضوي جو هڪ هڪ نموني جو زيور نه، پر هر عضوي جا ڌار ڌار نمونن ۽قسمن، ڌار ڌار ڊزائينن، مختلف نقشن ۽ چٽن وارا زيور هٿ آيا آهن، جن تي نڪتل نقش ۽ چِٽَ مطالعي طالب آهن. هر زيور جو گهاڙيٽو، بناوٽ، بيهڪ جو نمونو، تور ۽ ماپ، ڊيگهه ۽ ويڪر هڪٻئي کان نرالا آهن.

هن ڏس ۾ آمريءَ جو دڙو سڀني کان پراڻو آهي، بلڪ دادو ضلعي ۾ نئنگ، جهانگارن ۽ باجارن وارو پاسو وساريل ۽ نظرانداز ڪيل آهي. دادو ضلعي ۾ آمريءَ ۽ غازي شاهه وٽ کوٽائي ڪندي مٿي جا زيور لڌا آهن. انهن ۾ ٽامي جي هڪ سنهي ”پَتري“ (Foil) آهي، جا گاجي شاهه وٽان لڌي ويئي آهي. ان جي ماپ ڊيگهه ۾ 65ء 1 انچ ۽ ويڪر ۾ 35ء انچ آهي. اها پتري دراصل هڪ ”سربندي“ (Filler) جو حصو آهي. اهڙِ نموني جا ”سربند“ موهن جي دڙي، چنوءَ جي دڙي ۽ جهڪر جي دڙي مان به لڌا ويا آهن.

موهن جي دڙي مان ڌار ڌار نمونن جا ڳچيءَ جا هار به هٿ آيا آهن. ڪي هار سون جي مڻين جا به هئا. انهن مان هڪ هار هلڪي سائي رنگ جي موتين جو ٺهيل هو، جنهن جو هر موتي 9ء انچ ڊگهو، وچ 045ء انچ ڊايا ميٽر ۾، ۽ ڇيڙا 25ء انچن جا آهن. هر هڪ موتيءَ جي وچ تي ٿالهيءَ جي نموني جا پاترا سون جا ٺهيل پنج پنج موتي پوتل آهن. سون جي هر هڪ موتيءَ جي ماپ 04ء انچ ڊايا ميٽر آهي. هيءُ هار ٿوريءَ تبديليءَ سان اڄ به سنڌ ۾ مروج آهي.

موهن جي دڙي مان گلابي رنگ جي موتين جو هڪ ٻيو هار به هٿ آيو آهي. اهي گلابي رنگ جا موتي بيضوي شڪل جا آهن. هر هڪ موتيءَ جي ڊيگهه 85ء انچ ۽ ويڪر 4ء. انچ ڊايا ميٽر آهي. انهن ۾ آرپار سوراخ ڪيل آهي. گلابي رنگ جي هر موتيءَ کان پوءِ مسلسل ڪنجهي جا ڇهه ڇهه موتي پوتل آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ڇهه سرو سونو هار ۽تائيٿ به لڌا ويا آهن، جيڪي اڄ به رواج ۾ آهن.

ڳچيءَجي زيورن ۾ هارن کانسواءِ گلوبند ۽ گليپٽَا به هٿ آيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي مذڪور دڙن مان ڪنجهي ۽ ٽامي مان ٺهيل چوڙيون، ٻانهيون، ٻهه رکيون ۽ بازو بند به لڌا ويا آهن. وري اهڙيون مورتيون پڻ مليون آهن، جن کي اهي سڀ زيور پاتل ڏيکاريل آهن. مورتين جي ڏسڻ سان اها پڪ ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ انهن سڀني زيورن جي پائڻ جو رواج اڄ کان پنج هزار سال اڳ به هو.

موهن جي دڙي مان چانديءَ جي ٺهيل آڱرين جي هڪ اهڙي منڊي به هٿ آئي آهي، جنهن کي اڄ جي زبان ۾ ”کيرو وَلَ“ چئبو آهي. ان جي مٿان + نشان جو نقش ۽ چِت چٽيل آهي. اهڙيءَ طرح ٽامي ۽ ڪنجهي جهڙي ڌاتوءَ مان ٺهيل منڊيون پڻ مليون آهن.

موهن جي دڙي مان چانديءَ ۽ ڪنجهي مان ٺهيل ڪنن جا زيور، جهڙوڪ پنڙا، ڪوڪا، ايئرنگ ۽ ٽاپس به لڌا ويا آهن. اهي ڌار ڌار ڊزائينن وارا آهن. انهن مان ڪي گول آهن، ڪي ٻپاسا آهن، ڪي نبات جهڙا يعني ڪونِ (Cone) وانگر آهن ته ڪي وري چورس ٺهيل آهن.

سڀني کان دلچسپ زيور تائيٿ آهي، ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته قديم زماني ۾ به موجوده زماني وانگر سنڌ ۾ تائيٿ پائڻ جو رواج تمام گهڻو هوندو هو. جيتوڻيڪ ان زماني جي سونارن جي ڪاريگري ڏسڻ لاءِ ڌار ڌار نمونن ۽ گهاڙيٽن وارا هار ئي ڪافي آهن، پر موهن جي دڙي مان لڌل تائيٿ مطالعي ۽ اڀياس لاءِ دلچسپ آهن. انهن مان ڪي پکين، جانورن، جاندارن ۽ ٻوٽن توڙي گلن جي شڪلين ۽ صورتن تي ٺهيل آهن. انهن مان هڪ تائيٿ سرهن (Ibex) جي شڪل جو ٺهيل آهي، ڪنجهي مان ٺهيل هڪ تائيٿ ڪتي جي شڪل تي ٺهيل آهي، هڪ تائيٿ اهڙو به هٿ آيو آهي، جو ڪوڏ مان ٺهيل آهي ۽ واڳوءَ جي شڪل تي آهي. هڪ ٽپاسو تائيٿ پرزم جو آهي، جنهن جي هڪ پاسي تي هاٿيءَ، گڻيش، هرڻ ۽شڪاريءَ جي تصوير اُڪريل آهي، ته وري ٽئين پاسي تي جانورن جون تصويرون نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح ڀولڙي، ڍڳي، ۽ سهي جي شڪلين تي ٺهيل تائيٿ به هٿ آيا آهن.

موهن جي دڙي مان قميص جا بٽڻ پڻ لڌا ويا آهن. انهن مان ڪي ڪوڏ جا ٺهيل آهن. انهن تي مختلف ڊزائينون، نقش ۽ چِٽ چٽيل آهن. ڪي بٽڻ رٿ جي چڪر يا ڦيٿي جي نموني تي ٺهيل آهن.

موهن جي دڙي مان لڌل ناچو ڇوڪريءَ جي مورتي توڙي ٻين هٿ آيل مورتين کي پيل ڏيکاريل زيورن ۾ هار، گلوبند، ڳچيءَ پَٽا، چوڙيون، ٻانهيون، ٻانهونٽا، بازوبند، چيلهڪيون (چيلهه – پٽا)، نورا ۽ڪڙيون ڏسي اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سرزمين سنڌ ۾ سونارڪو هنر تمام پراڻو آهي ۽ هزارن سالن کان ترقيءَ تي آهي. اهي زيور هزارين سال اڳ جي سماجي زندگيءَ، لباس، مردن توڙي عورتن جي مزاج، زيورن، جي پسند، رنگن ۽ روپن جي رواج، نقش نگاريءَ ۽ چِٽ چٽڻ جي فن، ڪاريگرن جي هنرمنديءَ جي تاريخ ۽ تاريخي ثبوت پيش ڪن ٿا.

اهڙيءَ طرح چنوءَ جي دڙي مان به سون، مٽيءَ ۽ ٽامي ۽ سپيءَ مان ٺهيل چوڙيون، هار، تائيٿ، ٻهه رکيون، بازوبند، ڏند – کوٽڻيون، ڪن – کوٽڻيون، وارن جون ٽاچنيون، سُرمي وجهڻ جون سرايون ۽ ڪانيون هٿ آيون آهن.

چنوءَ جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي تائيٿن مان هڪ تي ٻن هرڻن جون تصويرون نڪتل آهن. مٽيءَ جي هڪ تائيٿ تي ”ڪنول جي گل جي ميوي“ جي تصوير اڪريل آهي. هڪ تائيٿ تي رسيءَ جي هڪ ڳنڍ (سرڪ سهيو (Reef – knot =  شڪل ۽ نشان نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح ڪن تائيٿن تي ٽڪنڊا ۽ گول نشان اڪريل آهن. مٽيءَ جي ٽاچنيءَ جي شڪل ڪنول جي گل نما آهي. اهڙيءَ طرح ڪنول جي گل جي نموني تي ٺهيل ڪنن ۾ وجهڻ جا ڪوڪا به لڌا ويا آهن. صرف تائٿن تي نڪتل تصويرن، شڪلين ۽ نشانين جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي قديم تمدن جي تاريخ جو ويهي اڀياس ڪجي ته نهايت دلچسپ معلومات ملي سگهندي.

حاصل مطلب ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ عاج، ڪوڏ، مٽيءَ، سپيءَ، هڏي، ڪنجهي، ٽامي، چانديءَ ۽ سون مان زيور ۽ سينگار جا ٻيا سامان ٺاهيا ويندا هئا. واديء سنڌ ۾ انهن ڌاتن جا ڪاريگر ۽ هنرمند رهندا هئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فن ۾ مهارت رکندا هئا. انهن مان فقط سونارن جي مهارت جو ثبوت زيورن جي گهاڙيٽي، بناوٽ، بيهڪ، سونهن، سينگار، خوبصورتيءَ ۽ دلڪشيءَ مان ملي ٿو. مُنڊين، تائيٿن، قميص جي بٽڻ تي ٿيل نقش نگاري، جاميٽريءَ  جي شڪلين جون انيڪ ڊزائينون، ڌار ڌار قسمن ۽ نمونن جا چِٽ، ڌار ڌار گلن،ٻوٽن، پکين، جانورن، جاندارن جي شڪلين تي ٺهيل ڪنن جي ڪوڪن، ٽاپسن، ڳچيءَ جي تائيٿن ڏسڻ سان ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

انهن دڙن جي کوٽائيءَ مان لڌل مورتين کي جاچي ڏسڻ سان هن ڳالهه جو ثبوت ملي ٿو ته سنڌو ماٿر جون عورتون مٿي کان وٺي پيرن تائين پاڻ کي زيورن سان سينگارينديون هيون. وارن کي سينگارڻ ۽سنوارڻ لاءِ ڦڻي لڳائڻ جورواج عام هوندو هو. ڦڻيون ڪاٺ ۽ عاج مان ٺاهيون وينديون هيون.

سون ۽ چانديءَ کانسواءِ واديء سنڌ ۾ سينگار لاءِ ڌار ڌار قسمن جا قيمتي پٿر، جهڙو عقيق، سنگ سليماني، سنگ يشب جهڙا قيمتي پٿر استعمال ڪيا ويندا هئا. پٿرن کانسواءِ سفيد ۽ نيري مادي جا ڪيترائي موتي به هٿ آيا آهن.

واديء سنڌ جون عورتون هار سينگار لاءِ، زيورن کانسواءِ، سرمو به استعمال ڪنديون هيون. دڙن جي کوٽائيءَ مان ڪيتريون ئي سرميدانيون ۽ سرمي وجهڻ جون ڪانيون به هٿ آيون آهن.  موهن جي دڙي مان شيهي جو ڪاربونيٽ به هٿ آيو آهي. جو شايد منهن جي داغن ۽موهيڙن کي مٽائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. اهڙيءَ طرح ٽامي جون گول ٽِڪون (آرسيون) به هٿ آيون آهن، جيڪي منهن جي سينگار لاءِ ضروري هيون.

مٿي بيان ڪيل انهن سڀني زيورن ۽ سينگار جي سامانن جي موجودگي هن ڳالهه کي ثابت ٿي ڪري ته واديء سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال اڳ به اوج تي هئي.

سنڌ اڄ به پنهنجي هن ثقافتي ورثي کي سنڀاليو آهي. اڄ به ڌار ڌار خطن ۾ رهندڙ ڌار ڌار قبيلن ۽ ذاتين جون عورتون ۽ مرد زيورن پائڻ جا شوقين آهن. اڄ به سنڌ ۾ زيورن تي نقش ۽ چِٽ ٺاهيا وڃن ٿا. اڄ به سونارا پنهنجي ڪاريگريءَ ۽ فن کي سانڍيو اچن. اڄ به سنڌ ۾ نٿ، وينڊو، دُهري، ڪٺمال، هس، هسي، تائيٿ، چندن هار، هار، ڏورو، سنگهر، ٻيڙا، ٻنجوڙا، گليپٽو، کارڪ، ٻنڌڙا، پنڙا، واليون، نسبيون، جيئندڙو، پکون، الولک، ڪـُرڪون، مـُرڪيون، ڪيوٽيون، ڏاڻيون، والڙيون، وٽ والا، ڇلڙيون، مگر، ڦل، ڪوڪا، جهومڪ، ايئرنگ، جهُمٽيون، دستيون، ڪـُربا، واڍولا، ڪنگڻ، منگيلون، چوڙيون، ڇوڙ، ٻانهين، ٽپٽو، ٻارکيون، ٻانهونٺا، نـُورا، پازيب، گهنگهريا، ڇير، ساٽا، ساٽيون، ٽوڙها، رم جهول، وڇونٺڙا، کير ول، ويڙهه، هٿ ونگيون، ورڻ، وغيره عورتن جا زيور آهن. مرد وري منڊيون، زنجير، چوڙا، تائيٿ، ڪيوٽيون، ڪڙيون ۽ بازوبند پائيندا آهن.

هاڻي وقت آيو آهي ته انهن سڀني شين کي هٿ ڪرڻو آهي ۽ سنڀالڻو آهي. موجوده زماني جي زيورن جي گهاڙيٽي، ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ، زيورن تي نڪتل نقشن، چِٽن، گلن وغيره کي قديم زماني جي زيورن تي نڪتل نقشن، چٽن ۽گلن سان ڀيٽي نتيجا ڪڍڻا آهن.

هن ڏس ۾ فن لطيف جي ماهرن، علم رياضيءَ جي ڄاڻن ۽ ٻين دانشورن جو فرض آهي ته پنهنجي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ مطابق مذڪور زيورن تي نڪتل چٽن، نقشن، گلن، جاميٽريءَ جي مختلف ڊزائينن جو مطالعو ڪن ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي قديم زماني جي سماجي حالتن،سماجي قدرن، سنڌي سماج جي مزاج ۽ سنڌي سماج جي تاريخ جي اوسر ۽ ارتقا جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪن. هي مطالعو سنڌ جي تمدن جي تاريخ، سماجي تاريخ، فن لطيف جي تاريخ، علم رياضيءَ جي تاريخ ۽ هنرن ۽ ڪاريگرن جي موجوده تاريخ جي سوچ ۽ اڀياس ۾ انقلابي حيثيت رکندو.

مند ٿي، منڊل وڄيا، سارنگ سٽاڻو،

آيو اوڀر اپار ڏنـﮧ،ُ لنگهي ’لوڊاڻو‘،

ڏنائين ’ڏيره‘ کنئون، ٿر مٿي ٿاڻو،

تڙ تلاء سڀ تار ٿيا، ڀريو ’ڀاناڻو‘،

پين پاڪ پٽن تي، ماڻهو مينهاڻو،

ساري سنڌ سُکي ٿي، واءُ ٿڌو واڻو،

سڀڪنهن سيباڻو، هر ڪنهن جاءِ ”حمل“ چئي.

(حمل فقير لغاري رحه)


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

     پرنسيپال گورنمينٽ ڪاليج رتوديرو

هاڪڙو درياهه

ڪنهن زماني ۾ سرزمين سنڌ مان ٻه درياهه وهندا هئا: سنڌو درياهه ۽ هاڪڙو درياهه. هاڪڙو درياهه، قديم زماني ۾ سنڌو نديءَ کان بالڪل جدا وهندو هو. هي درياهه ”انباله“ کان مٿان هماليه جي شاخن ”سيوالڪ“ جبلن مان نڪري، بهاولپور، بيڪانير ۽سنڌ جي اڀرندينءَ حصي کي پنهنجن شاخن وسيلي آباد ڪندو، لکپت جي نار وٽ ڇوڙ ڪندو هو. هاڪڙي جي ڪري بهاولپور وارو صحرائي علائقو ۽ ٿرپارڪر وارو وارياسو پٽ انتهائي زرخيز ڀاڱا هئا. هينئر ٿر ۾ واريءَ جون ڀٽون پيون نظر اچن، ۽ بهاولپور واري صحرائي علائقي ۾ کِپَ پئي نظر اچي. ڪنهن زماني ۾ اتي گهاٽا ٻيلا هوندا هئا. انهن ٻيلن ۾ هاٿي، شينهن، گينڊا ۽ ٻيا ڪيترا خوفناڪ جانور رهندا هئا. رامائڻ جي زماني ۾ اجوڌيا ۾ جيڪي هاٿي آندا ويندا هئا، اهي هاڪڙي جي ٻيلن مان ڦاسايا ويندا هئا.

اهو ئي سبب آهي جو ”هاڪڙي“ جي هاڪ هئي، معلوم ٿئي ٿو، هاڪڙي جي جيئن ته هنڌين ماڳين هاڪ هئي، انهيءَ ڪري مٿس اهو ئي نالو پيو. ”هاڪڙو“ لفظ ”هاڪ“ مان نڪتل آهي. ”هاڪارو“ ڦري ”هاڪڙو“ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو قديم زماني ۾ ”ر“ ۽ ”ڙ“ جي صوتين ۾ فرق نه ڪيو ويندو هو. هاڪڙي جي نشاني ”هڪڙو“ نالي ذات بهاولپور ۽ سنڌ ۾  موجود آهي. ”هڪڙا“ اهي ملاح آهن، جيڪي هاڪڙي درياهه تي ٻيڙيون هلائيندا هئا.

هاڪڙي درياهه جي ڪنارن وارن دڙن ۽ ڀڙن مان جيڪي آثار ملن ٿا، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڪڙي جي واديءَ جي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌو

ڀوڏيسر۾ قديم تاريخي مسجد

Text Box: ڀوڏيسر۾ قديم تاريخي مسجد

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 درياهه جي واديءَ جي تهذيب ۽ تمدن ۾ ڪجهه قدر فرق موجود هو. ارمان آهي جو اڃا تائين هاڪڙي جي واديءَ جي آثارن ۽ اهڃاڻن جي کوٽائي نه ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه قدر ڪم ايم آر هيگ ڪيو هو. ان کانپوءِ ”ڪوٽ ڏيجيءَ“ جي دڙن جي کوٽائي ٿي آهي،  جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته ڪوٽ ڏيجي به هاڪڙا تهذيب جو هڪ نشان آهي. هيءَ تهذيب به ايڏي ئي پراڻي هئي، جيڏي موهن جي دڙي جي تهذيب، پر ان رنگ ڍنگ ۾ ڪجهه قدر مختلف هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org