1843ع ۾ جڏهن سرچارلس نيپيئر مياڻيءَ جي جنگ ۾
ٽالپرن کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هن
ضلعي جي ايراضي انگريزي حڪومت ۾ داخل ٿي. برٽش
حڪومت طرفان، انتظامي جوڙجڪ ڪندي، مٺي، ڏيپلي ۽
ننگر پارڪر تعلقن تي مشتمل ”ٿر ۽پارڪر“ جي نالي
سان ضلعو قائم ڪري، ان جو انتظام ڪڇ جي پوليٽيڪل
ايجنٽ کي ڏنو ويو. ان وقت ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس
اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، جنهن ٿر جي حالتن تي
”ٿر ۽ پارڪر“ جي نالي سان پهريون ڪتاب لکيو. ٻيو
علائقو (عمرڪوٽ، ڇاڇرو، نارا ۽ سانگهڙ تعلقا)
حيدرآباد ضلعي جي انتظام ۾ داخل ڪيو ويو. اڳتي
هلي، 1858ع ۾، قائم ڪيل نئين ضلعي ”ٿر ۽ پارڪر“
(مٺي، ڏيپلو ۽ننگر پارڪر تعلقا) کي ڪڇ انتظام کان
علحده ڪري، حيدرآباد ضلعي سان شامل ڪيو ويو. ائين
ڪرڻ سان هن ضلعي جي سموري ايراضي حيدرآبا ضلعي سان
وابسته ٿي ويئي. ٻن سالن کانپوءِ، 1860ع ۾، مٿيان
ست تعلقا (مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر، عمرڪوٽ، ڇاڇرو،
نارا ۽ سانگهڙ) حيدرآباد ضلعي کان ڇني، ان جو
علحده انتظام قائم ڪري، ان کي ”ايسٽرن سنڌ
فرنٽيئر“ جو نالو ڏيئي، ”پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ“ مقرر
ڪيو ويو، ۽ ان جو هيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ ۾ رکيو هو.
1882ع ۾ ضلعي جو سربراهه ”ڊپٽي ڪمشنر“ سڏجڻ ۾ آيو.
اڳتي هلي ٻه تعلقا – پٿورو ۽ سنجهورو- پڻ هن ضلعي
۾ شامل ڪيا ويا. وري پٿوري ۽ ناري کي ٽوڙي، سامارو
۽ کپرو تعلقا ٺاهيا ويا. 1896ع ۾ حيدرآباد ضلعي
مان شهدادپور ۽ ديري محبت تعلقن مان ڪجهه حصا ڪڍي
ٿرپارڪر ضلعي کي ڏنا ويا. 1901ع واري آدمشماريءَ ۾
ميرپورخاص تعلقو هن ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1902ع ۾
ضلعي هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ مان ڦيرائي ميرپور خاص ۾
رکيو ويو. 1904ع ۾ جيمس آباد تعلقي جو اضافو ڪيو
ويو. 1912ع ۾ سنجهورو تعلقو نوابشاهه ضلعي کي ڏنو
ويو ۽ حيدرآباد ضلعي مان محال ڊگهڙي ڇني، هن ضلعي
جي حوالي ڪيو ويو. 1953ع ۾ سانگهڙ ضلعي ٺاهڻ وقت
کپرو ۽ سانگهڙ تعلقا هن ضلعي مان نڪري ويا. هن وقت
ضلعي جي جوڙجڪ هن طرح آهي:
1. |
ميرپور خاص سب ڊويزن
(هيڊڪوارٽر: ميرپورخاص) |
ميرپورخاص، ڊگهڙي ۽ جيمس آباد تعلقا |
2. |
نارا وئلي سب ڊويزن
(هيڊڪوارٽر: ميرپورخاص) |
عمرڪوٽ ۽ سامارو تعلقا |
3. |
ٿر سب ڊويزن
(هيڊڪوارٽر: مٺي) |
مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر تعلقا |
انتظامي سرشتو:
ضلعي جو مکيه انتظامي سربراهه ڊپٽي ڪمشنر آهي،
جيڪو ساڳئي وقت ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل
جو ائڊمنسٽريٽر، ڪليڪٽر ۽ ضلعي جي مڪاني ادارن جو
نگران ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو
آهي.
انتظامي ڪم ڪار ۾ کيس مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ائڊيشنل
ڊپٽي ڪمشنر، ٽي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ نو مختيار ڪار مليل
آهن. مٿين عملدارن کي ساڳئي وقت عدالتي اختيار پڻ
حاصل آهن.
پوليس جو مکيه عملدار سپرنٽينڊنٽ آف پوليس آهي،
جنهن کي مدد لاءِ ٽي ڊي ايس پي مليل آهن. ضلعي کي
13 پوليس اسٽيشنن ۽ 11 آئوٽ پوسٽن ۾ ورهايو ويو
آهي.
ان طرح ڊيزرٽ انٽيليجنس يونٽ جي ايس پيءَ جو
هيڊڪوارٽر ميرپورخاص ۾ آهي ۽ کيس مدد لاءِ هڪ ڊي
ايس پي مليل آهي.
ضلعي ۾ هڪ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشنس جج آهي، جنهن کي مد
لاءِ هڪ فرسٽ ڪلاس سول جج ۽ ٽي سب جج، (ميرپورخاص،
عمرڪوٽ ۽ جيمس آباد) مليل آهن.
ان طرح ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ جيل آهي ۽ هر تعلقي ۾
سب جيل قائم ٿيل آهن.
ان کانسواءِ ٻين سرڪاري کاتن جو تفصيل هن ريت آهي:
1- |
پي – ڊبليو – ڊي |
|
|
|
(الف) بلڊنگس |
|
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ميرپورخاص. |
|
(ب) هاءِ ويز |
|
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ميرپورخاص. |
|
(ج) اريگيشن |
1- |
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، جمڙائو ڊويزن. |
|
|
2- |
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، مٺڙائو ڊويزن. |
|
|
3- |
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ٿر ڊويزن. |
2- |
زراعت |
1- |
هارٽيڪلچرلسٽ، گورنمنٽ فروٽ فارم،
ميرپورخاص. |
|
|
2- |
ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ائگريڪلچر،
ميرپورخاص |
|
|
3- |
اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ائگريڪلچرل
ورڪشاپ، ميرپورخاص |
|
|
4- |
لوڪسٽ وارننگ آفيسر، ميرپورخاص |
|
|
5- |
سيڪريٽري، مارڪيٽنگ ڪميٽي، ميرپورخاص |
3- |
ٻيلو |
|
ڊويزنل فاريسٽ آفيسر، ميرپورخاص. |
4- |
ڪو آپريٽو سوسائٽيز |
|
اسسٽنٽ رجسٽرار، ڪو آپريٽو سوسائٽيز،
ميرپورخاص. |
5- |
مڪاني ادارا |
|
اسسٽنٽ ڊئريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ميرپورخاص. |
6- |
پبلڪ هيلٿ ۽ ڊرينيج |
|
ايگزيڪيوٽو انجنيئر ، ميرپورخاص. |
7- |
صحت |
1- |
سول سرجن (سول اسپتال). |
|
|
2- |
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ميرپورخاص. |
8- |
تعليم |
1- |
ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر، ميرپورخاص. |
|
|
2- |
ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (گرلس) ميرپورخاص. |
9- |
کاڌ خوراڪ |
|
ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر، ميرپورخاص. |
10- |
ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن |
|
ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن آفيسر، ميرپورخاص. |
11- |
انڪم ٽئڪس |
|
انڪم ٽئڪس آفيسر، ميرپورخاص. |
12- |
تار ۽ ٽپال |
|
سپرنٽينڊنٽ، پوسٽ آفيسز، ميرپورخاص. |
13- |
سينٽرل ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن |
|
انسپيڪٽر، ميرپورخاص. |
14- |
اوقاف |
|
مئنيجر اوقاف، ميرپورخاص. |
15- |
محنت |
|
اسسٽنٽ ڊئريڪٽر لئبر، ميرپورخاص. |
16- |
سماجي بهبود |
|
سوشل ويلفيئر آفيسر، ميرپورخاص. |
17- |
جانورن جي سنڀال |
|
اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ائنيمل هسبنڊري، ميرپورخاص. |
18- |
ٽيليفون |
|
اسسٽنٽ انجنيئر، ميرپورخاص. |
19- |
بجلي |
|
ايس . ڊي. او (واپڊا) ميرپورخاص. |
20- |
ريلوي |
|
اسسٽنٽ آپريٽنگ آفيسر، ميرپورخاص. |
21- |
ٽرانسپورٽ |
|
ڊسٽرڪٽ مئنيجر، ميرپورخاص. |
حدون
اتر ۾ سانگهڙ ضلعو، اولهه ۾ حيدرآباد ۽ بدين ضلعا
اوڀر ۾ ڀارت جا باڙمير ۽ جيسلمير ضلعا، ڏکڻ ۾ ڪڇ
جو رڻ
بيهڪ
13-24 ۽ 22 – 25
اتر ويڪرائي ڦاڪ
40-68 ۽ 11-
71 اوڀر
ڊگهائي ڦاڪ
(سطح سمنڊ کان 40 فوٽ مٿي)
طبعي وصفون
- ميداني علائقو (ميرپورخاص، جيمس آباد،
ڊگهڙي، سامارو ۽ عمرڪوٽ تعلقا
- وارياسو علائقو (مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگر
پارڪر ۽ عمرڪوٽ تعلقي جا ٻه تپا).
- ٽاڪرو علائقو (ننگر پارڪر جو
شهر ۽ گردونواح).
پکيڙ
پکيڙ جي لحاظ کان هي ضلعو صوبي جو وڏي ۾ وڏو ضلعو
آهي ۽ ان جي ڪل ايراضي 10591 چورل ميل آهي، جنهن
مان 2094 چورس ميل ميداني علائقو آهي ۽ 8497 چورس
ميل وارياسو علائقو (ٿر) آهي. تعلقي وار پکيڙ هن
ريت آهي:
|
تعلقو |
پکيڙ |
|
(1) |
ميرپور خاص |
420 |
چورس ميل |
(2) |
جيمس آباد |
313 |
= |
(3) |
ڊگهڙي |
418 |
= |
(4) |
سامارو |
491 |
= |
(5) |
عمرڪوٽ |
1462 |
= |
(6) |
مٺي |
1562 |
= |
(7) |
ڇاڇرو |
2797 |
= |
(8) |
ڏيپلو |
1510 |
= |
(9) |
ننگرپارڪر |
1618
10591 |
= |
نوٽ: عمرڪوٽ تعلقي ۾ 1010 چورس ميل وارياسو علائقو
آهي ۽ ننگر پارڪر تعلقي ۾ 12 چورس ميل ٽاڪرو
علائقو (ڪارونجهر ) آهي.
آدمشماري
1951ع، 1961ع ۽ 1972ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ جا انگ اکر
هن ريت آهن:
سال |
مرد |
عورتون |
ٽوٽل |
1951ع |
329847 |
274660 |
604507 |
1961ع |
396350 |
331950 |
728300 |
1972ع |
533000 |
467972 |
1000972 |
مٿين انگن مان معلوم ٿيندو ته 1951ع ۽ 1961ع
درميان، آدمشماريءَ ۾ 5ء20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽
1961ع ۽ 1972ع درميان 4ء37 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
1972ع جي آدمشماريءَ مطابق جملي آباديءَ جو 14ء16
سيڪڙو شهرن ۾ مقيم آهي ۽ 59ء83 سيڪڙو ٻهراڙين ۾.
آدمشماريءَ جي لحاظ کان ضلعي کي 3 قومي اسيمبليءَ
لاءِ ۽ 7صوبائي اسيمبليءَ لاءِ سيٽون مليون آهن.
ڳوڙهائي
في چورس ميل – 92 ماڻهو
آب و هوا
هن ضلعي جي ٻن مختلف طبعي ڀاڱن ۾ آب هوا پڻ مختلف
رهي ٿي. ميداني علائقي جي آب و هوا موافق آهي.
اونهاري ۾ نه ايتري گرمي ٿئي ٿي ۽ نه سياري ۾
ايتري سردي. وارياسي علائقي (ٿر) ۾ واريءَ جي ڀٽن
سبب اتي جي آب و هوا ۾، ميداني علائقي جي نسبت سان
وڌيڪ گرمي ۽ سردي ٿئي ٿي. ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ گرميءَ
جو درجو 120 درجا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ۽ ائين تمام
ٿورين موسمن ۾ ٿيندو آهي. ضلعي هيڊڪوارٽر
ميرپورخاص ۾، گذريل پنجن سالن ۾ وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو
درجو113 ، مئي 1975ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
مينهن
هن ضلعي جي وارياسي علائقي ٿر جون ڀٽون، صدين کان
وٺي مينهن لاءِ سڪايل رهنديون ٿيون اچن. هن ڀاڱي
جو مينهن سان ايترو ته گهاٽو تعلق آهي، جو چوڻي
آهي ته ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“. ٿر جا ماروئڙا
سدائين آگم جي آس ۾ اڀ ڏي پيا واجهائيندا آهن، ڇو
جو مينهن تي ئي سندن جياپي جو دارو مدار آهي. عام
حالتن ۾ مينهن هن ضلعي ۾ تمام گهٽ پوي ٿو. گذريل
پنجن سالن دورن ميرپورخاص ۾ ڪل 15 سينٽ، ننگرپارڪر
۾ 1 انچ 5 سينٽ رڪارڊ ڪيو ويو. لهٰذا، نتيجي ۾
خشڪساليءَ سبب، هن ضلعي جي ٿري باشندن کي، جيڪي
جڳن کان وٺي اهڙين آفتن سان منهن مقابل ٿيندا ٿا
اچن، نهايت ئي ڏکيو وقت ڪاٽڻو پيو. ان جي برعڪس،
هيل (1975ع) مينهن پنهنجي سمورن مانڊاڻن سان پلٽي
پيو. ننگر پارڪر ۾، ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ مينهن پيو،
جيڪو 35ء 30 انچ رڪارڊ ڪيو ويو. هڪ اندازي موجب
گذريل پنجاهه سالن ۾ ايترو مينهن نه پيو آهي،
جيترو هيل! جون کان وٺي آڪٽوبر تائين وارو عرصو،
برساتي موسم ليکي ويندي آهي.
گذران جا وسيلا
هن ضلعي ۾، مجموعي طور، سڄيءَ سنڌ وانگر، گذران جو
مکيه وسيلو زراعت آهي. ضلعي جي باشندن جو ٻيو نمبر
مکيه اقتصادي ذريعو مال چارڻ آهي. ٿر واسين جو اهو
اهم ۽ مکيه وسيلو آهي، جنهن ڪري چوڻي آهي ته ”ٿر
آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي!“ صنعت سان هن ضلعي جو گهٽ
واسطو آهي، پر ان هوندي به موجوده سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ ان سان شناسائي وڌندي رهي
ٿي. ان ڏس ۾ هن ضلعي ۾ ڪيترائي ڪپهه ٽاڻڻ جا
ڪارخانا آهن، ڇو ته هي ضلعو ڪپهه جي پيداوار جي
لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. انهن ڪارخانن وسيلي
هزارين ماڻهو برسر روزگار آهن. ميرپورخاص ڀرسان
ڪمند پيڙڻ جو ڪارخانو ۽ شهر ۾ اٽي بيهڻ جو ڪارخانو
پورهيتن لاءِ خاصو گذران جو ذريعو ثابت ٿيا آهن.
نبي سر روڊ ۾، سرڪار طرفان، جانورن جي پالنا ۽
بهترين نسل جي افزائش لاءِ ”ڪئٽل فارم“ قائم ٿيل
آهي، جتي ڪيترن ئي ماڻهن کي پورهيو ميسر آهي.
ان کانسواءِ ٿر ۾ ننڍي پيماني تي صنعت پڻ ٿئي ٿي.
مٺي، ڏيپلي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ غاليچن جا
ڪارخانا، اتي جو غريب پورهيتن کي چڱو پورهيو مهيا
ڪن ٿا. ساڳئي وقت کٿن، لوين ۽ اوني شين جي تياريءَ
سان پڻ ڪاريگرن کي چڱي اجرت حاصل ٿيو پوي.
ٿر جو ڀرت اڄڪلهه ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. ولايت ۾
اهو وڏي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. ان جي تياريءَ سان
ٿر جي غريب پورهيت عورتن کي وڏي مالي هٿي ملي ٿي.
ڏڪر جي حالتن ۾، ٿر جا باشندا، روزگار جي تلاش ۾
ميداني علائقي ڏي رخ رکن، جتي پورهيو ڪري پنهنجو
پيٽ قوت ڪن. ان سبب نه صرف سندن گذران جو مسئلو حل
ٿيو وڃي، پر ان سان گڏ ميداني علائقي کي وڏي تعداد
۾ پورهيت ميسر ٿي سگهن ٿا.
مکيه فصل ۽ ميوا
هن ضلعي جا مکيه فصل ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ٻاجهر آهن. ڪمند
پڻ ججهي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو. ان کانسواءِ تيلي
ٻج، مرچ، گوار، ساريون، جوئر، مڱ ۽ تر پڻ پوکيا
وڃن ٿا. هي ضلعو، سڄي ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ مرچ اپائي ٿو،
ان ڪري مختلف شهرن ۾ مرچ منڊيون قائم ڪيون ويون
آهن، تن مان ”ڪنري“ اهم ۽ مکيه منڊي آهي.
ميون مان انب هن ضلعي جي خصوصيت آهي. ان کان
سواءِ، ڪيلو، چڪو، زيتون ۽ توت پڻ پيدا ٿين ٿا. هن
ضلعي ۾ انب نه صرف وڌ ۾ وڌ ايراضيءَ ۾ اپجي ٿو، پر
ان سان گڏ اها بهترين جنس ثابت ٿي آهي ۽ ان لحاظ
کان هي ضلعو سڄي ملڪ ۾ اولين حيثيت رکي ٿو. هڪ
اندازي موجب، 18036 ايڪڙن تي انب ۽ 8360 ايڪڙن تي
ڪيلو پوکجي ٿو.
ميون جي ضمن ۾، هن ضلعي ۾ ٻه شاندار فروٽ فارم
واقع آهن، جن جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ آهي: ميرپورخاص
گورنمينٽ فروٽ فارم ۽ ڪاڇيلو فروٽ فارم (نزديڪ
جيمس آباد). انهن تحقيقي فارمن ۾ انبن ۽ ٻين ميون
جون نت نيون ۽ بهترين جنسون پيدا ڪيون وڃن ٿيون.
سم ۽ ڪلر
سم ۽ ڪلر سان اسان جو سمورو ملڪ اڄڪلهه دوچار آهي،
انهيءَ آزار ملڪ جون بهترين زرخيز زمينون ويراني ۾
تبديل ڪري ڇڏيون آهن. جديد سائنسي طريقن سان ان تي
قابو پائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هي ضلعو پڻ ان
آزار کان متاثر ٿيل آهي. هڪ اندازي موجب 1971ع
تائين ضلعي ۾ اٽڪل 208126 ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر سبب
پيداواري صلاحيت وڃائي چڪي آهي، ان جو تعلقي وار
تفصيل هن ريت آهي:
1. |
ميرپورخاص |
21101 |
ايڪڙ |
2. |
جيمس آباد |
28947 |
= |
3. |
ڊگهڙي |
26935 |
= |
4. |
سامارو |
83286 |
= |
5. |
عمرڪوٽ |
47857 |
= |
معدنيات
هن ڏس ۾ ضلعي ۾ فقط لوڻ ملي ٿو. ڏيپلي تعلقي ۾
”سارڻ“ نالي مکيه لوڻ کاڻ آهي، جتان وڏي انداز ۾
لوڻ حاصل ڪيو وڃي ٿو.
ازان سواءِ ننگر پارڪر ويجهو ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾
مستقبل ۾ معدنيات هٿ اچڻ جا امڪان روشن آهن.
ٽڪريءَ جو پٿر عمارت سازيءَ لاءِ مفيد ثابت ٿي
سگهي ٿو. راڻپور ويجهو هٿ آيل مٽي عمدي قسم جي
قرار ڏني ويئي آهي.
آبپاشيءَ جا ذريعا
ضلعي جي مختلف قدرتي ڀاڱن ۾ آبپاشيءَ جا ذريعا پڻ
مختلف آهن. ميداني علائقي ۾ واهن جي پاڻيءَ تي پوک
ڪئي وڃي ٿي ۽ وارياسي علائقي جو دارومدار برسات تي
آهي. جمڙائو ۽ مٺڙائو ٻه مکيه واهه آهن، جي صوبي
جي وڏي آبپاشيءَ نظام سکر بئراج جي نارا ڪئنال مان
نڪري، ضلعي جي سموري ميداني علائقي کي سيراب ڪن
ٿا. انهن واهن جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن مان
ڊسٽرين، مائنرن ۽ واٽرڪورسن جو وڏو ڄار خريف ۽
ربيع جي فصلن کي ريج رسائي ٿو. جيئن ته هيءَ ضلعو
نارا سسٽم جي پڇڙيءَ تي واقع آهي، ان ڪري پاڻيءَ
جي اڪثر قلت رهي ٿي، نتيجي ۾ هزارين زرخيز زمين
ناقابل ڪاشت بنجيو وڃي. ضلعي ۾ ٽيوب ويل ورلي آهن،
ڇو جو زير زمين پاڻي کارو آهي.
وارياسي علائقي (ٿر) ۾ آبپاشيءَ جو واحد وسيلو
برسات آهي. ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي مثلاً ڪاسبو تعلقه
ننگرپارڪر ۾ کوهن جي پاڻيءَ تي ڀاڄيون ۽ ميوا
پوکبا آهن.
تلاءُ
ٿر جي ڏهرن ۾، جتي زمين ڪجهه ڏاڍيري آهي، تلاءُ
آهن، جن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿئي. اهو پاڻي ماڻهو
پاڻ واپرائين ۽ مال کي پڻ پيارين. ٿري ماڻهو تلاءَ
کي ”ترائي“ چون. ڀوڏيسر ۽ ويراواهه ويجهو سانگاه ۽
ڀوڏيسر تلاءُ جي نالي سان وڏا تلاءُ آهن. انهن
کانسواءِ مٺي، گڍڙي، کينئسر، چيلهار، لورلائي،
ڀڪو، نرياسر ۽ ڀاڻاسر ۾ وڏا وڏا تلاءُ آهن.
آمد رفت جا وسيلا
ريل، اٺ ۽ بس ضلعي ۾ آمد و رفت جا وسيلا آهن.
ميداني علائقي ۾ تقريباً سمورا اهم شهر ريلوي ۽
سڙڪن ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ضلعي هيڊڪوارٽر
ميرپور خاص ريلوي جنڪشن آهي، جتان حيدرآباد ۽
نوابشاهه ضلعن کان سواءِ اندرون ضلعي لاءِ ٻه
ريلوي لائينون آهن. ريلوي سرشتي جو تفصيل هن ريت
آهي.
(1) ميرپورخاص کان 120 ميلن جي لائن تي هيٺيون
اسٽيشنون آهن:- ميرپورخاص، شگرمل هالٽ، جمڙائو،
جهلوري، جيمس آباد، ڪاڇيلو، ڊگهڙي، صوفي آباد،
ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، نئون ڪوٽ، فضل
ڀنڀرو، ٽالهي، نبي سر روڊ، حسن رند، ڪنري،
ڪنجهيجي، سامارو روڊ، محمد رحيم ڪالرو، صالح
ڀنڀرو، پٿورو (جنڪشن)، سائينداد ۽ شادي پلي.
(2) ميرپورخاص کان ڀارت جي سرحد تائين 77 ميل
ريلوي لائن تي هيٺيون اسٽيشنون آهن:- ميرپورخاص،
شگرمل هالٽ، جمڙائو، شادي پلي، سائينداس، پٿورو،
هيرل، ڍورو نارو، هاسيسر، ڇور، نيو ڇور ۽ کوکرا
پار.
(3) ٽين ريلوي لائين نواب شاهه وڃي ٿي، جنهن جي هن
ضلعي جي 17 ميلن اندر کاڻ، نازڪ آباد ۽ پاٽويون
اسٽيشنون آهن.
(4) چوٿين لائين حيدرآباد ڏي آهي، جنهن جا فقط 9
ميل هن ضلعي ۾ آهن، جنهن تي رتن آباد واحد اسٽيشن
آهي.
ريل سان گڏ ميداني علائقي ۾ سڙڪ ۽ ڪچا رستا پڻ
مسافريءَ جو ذريعو آهن. هي ضلعو پڪين سڙڪن جي
سلسلي ۾ ڪافي پوئتي پيل آهي ۽ هن وقت هيٺيان پڪا
سڙڪ موجود آهن:
(1)
ميرپورخاص کان حيدرآباد (ضلعي جا ساڍا پنج ميل)
(2)
ميرپورخاص کان عمرڪوٽ (469 ميل)
(3)
ميرپورخاص کان جيمس آباد ۽ سامارو (39 ميل)
(4)
ميرپورخاص کان ميرواهه، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد ۽
جهڏو ( 45ميل )
(5)
ميرپورخاص کان سانگهڙ (ضلعي جا 16 ميل)
(6)
ڊگهڙي کان ٽنڊو غلام علي (ضلعي 8 ميل)
انهن کانسواءِ جهڏو نئون ڪوٽ، سامارو – عمرڪوٽ،
عمر ڪوٽ – ڇور، صوفي فقير – ڍورو نارو، ميرپورخاص
– کاڻ ۽ ميرپورخاص-ٽنڊو آدم رستا زير تعمير آهن،
جي عنقريب راس ٿيندا.
عام طرح ضلعي جي سمورن ڳوٺن ۽واهڻن درميان ڪچا
رستا سفر جو وسيلو آهن، جن تي بسون ۽ خانگي
سواريون پڻ هلن ٿيون. ضلعي ۾ جملي 3212 ميل ڪچا
رستا آهن، جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي نگرانيءَ ۾ آهن.
تازو، سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن طرفان، هن ضلعي
۾ پهريون دفعو سرڪاري بسن جو انتظام ڪيو ويو آهي،
جن ضلعي جي مکيه روٽن تي هلڻ شروع ڪيو آهي. ان کان
سواءِ ضلعي ۾ 87 خانگي ڪمپنين طرفان 240 بسون عوام
کي سفر جي سهوليت مهيا ڪري رهيون آهن.
وارياسي علائقي (ٿر) ۾ پڪين سڙڪن جو نالو نشان نه
آهي. اتي فقط جي ايم سي ٽرڪن (لارين) وسيلي سفر جي
سهوليت آهي، جي هن وقت 32 آهن. اهي لاريون ٿر جي
مکيه شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون.
ٽپال، تار ۽ ٽيليفون
ضلعي جي تقريباً سمورن تعلقي هيڊڪوارٽرن ۽ مکيه
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٽپال، تار ۽ ٽيليفون جو بندوبست
آهي. (البت ڇاڇرو اڃا ٽيليفون کان محروم آهي).
هيٺين هنڌن تي ٽپال گهر آهن:
ميرپور خاص هيڊ پوسٽ آفيس، ڪچهري برانچ، مهاجر
ڪالوني برانچ، سيٽلائيٽ ٽائون برانچ، ڇاڇرو، ڇور،
ڍورو نارو، ڊگهڙي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، جيمس آباد،
جهڏو، ٽنڊو جان محمد، عمرڪوٽ، کوکرا پار، نبي سر
روڊ، ننگرپارڪر، نئون ڪوٽ، پٿورو، سامارو، شادي
پلي، مٺي ۽ ڪنري. انهن پوسٽ آفيسن کان سواءِ ضلعي
۾ 92 برانچون پڻ آهن.
هيٺين هنڌن تي تار آفيسون آهن:
ميرپورخاص، نئون ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، مٺي،
جيمس آباد، سامارو، ڪنري، ڊگهڙي، جهڏو، ٽنڊو جان
محمد، نبي سر روڊ، ڇور، شادي پلي، پٿورو، عمرڪوٽ ۽
ڇاڇرو.
هيٺين هنڌن تي ٽيليفون ايڪسچينج آهن:
ميرپورخاص، ڊگهڙي، جهڏو، ڪنري، جيمس آباد، ٽنڊو
جان محمد، ڍورو نارو، نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ، پٿورو،
سامارو، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ميرواهه، مٺي، شادي
پلي، ننگرپارڪر، ڇور، نبي سر روڊ. انهن کان سواءِ
مومن ڳوٺ نزديڪ ڪنري، چيلهه، ڳوٺ سيد جيئندل شاهه،
ڳوٺ حاجي پير شاهه، جهلوري ۽ دولتپور ۾ پبلڪ ڪال
آفيسون آهن.
آرامگاهه
ضلعي جي هيٺين هنڌن تي ريسٽ هائوس موجود آهن:
ميرپورخاص تعلقو – ميرپورخاص، پاٽويون، جهلوري، 10
ميل پراڻ.
ڊگهڙي تعلقو – ڊگهڙي، جهڏو، ٽنڊو
جان محمد، آهوري، فضل ڀنڀرو
۽ نئون ڪوٽ (زير
تعمير).
جيمس آباد تعلقو – جيمس آباد.
عمرڪوٽ تعلقو – عمرڪوٽ، ڍورو نارو فرش، ڇور،
ڪرنا، کوکرا پار،
شهلي
جي واءِ، نبي سر شهر، ڪنري، ڪنجهيجي،
سلور.
سامارو تعلقو- سامارو، پٿورو، شادي
پلي، ٻريجي، رام جاڳو، دڙيلو.
مٺي تعلقو- مٺي ۽ اسلام ڪوٽ.
ڏيپلو – ڏيپلو، ڪلوئي ۽
ڀٽارو.
ڇاڇرو تعلقو – ڇاڇرو
نگرپارڪر تعلقو – ننگر پارڪر.
ان کانسواءِ ميرپورخاص، ڊگهڙي، نبي سر روڊ، پٿورو
۽ ڇور ۾ ريلوي ريسٽ هائوس آهن.
متعدد هنڌن تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان عوام لاءِ
ڪيترائي مسافر خانا پڻ قائم ٿيل آهن، جي اڪثر
ناقابل استعمال آهن.
صحت
ميداني حصي ۾ صحت جي سلسلي ۾ قدري مناسب انتظام
آهن، البت ٿر ان بنيادي انساني ضرورت جي ڏس ۾
وڏيءَ حد تائين محروميءَ جو شڪار آهي.
ميرپور خاص جي سول اسپتال ۾ هڪ سـؤ بسترن جي
گنجائش آهي. ان کانسواءِ ٽي بي ائسوسئيشن طرفان ٽي
بي ڪلينڪ ۽ هلال احمر طرفان اکين جي اسپتال (28
بسترا) واسطيدار شعبن ۾ عوام کي گهربل علاج فراهم
ڪري رهيون آهن. ميونسپل ڪميٽيءَ طرفان متعدد
اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن. چرچ مشنريءَ طرفان
ميرپورخاص ۾ ”سينٽ ٽريسا“ نالي اسپتال سو ڏهه
بسترن تي مشتمل آهي. ميرپورخاص ڀرسان رتن آباد ۾
مشنريءَ جو گشتي دواخانو پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن
۾ 60 بسترن جو بندوبست آهي.
جهڏي ۽ نبي سر ۾ رورل هيلٿ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن،
۽ عمرڪوٽ ۽ مٺيءَ ۾زير تعمير آهن. ڪنريءَ ۾ ٽائون
ڪميٽيءَ طرفان اسپتال قائم ڪئي ويئي آهي ۽ چرچ مشن
اسپتال پڻ ڪم ڪري رهي آهي. ٻين اهم شهرن ۽ اندروني
علائقن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان اٽڪل 25 کن
اسپتالون عوام جي مفت خدمت ڪري رهيون آهن. عمرڪوٽ
۾ عنقريب ٽي بي اسپتال ڪم شروع ڪري ڏيندي.
ميرپورخاص ۾ ميونسپل طرفان 16 بسترن تي مشتمل ويم
گهر مصروف خدمت آهي. اهڙو ويم گهر ”مدر ائنڊ چائلڊ
هيلٿ سينٽر“ نالي خانگي اداري طرفان قائم ڪيو ويو
آهي. ڪنريءَ ۾ پڻ ٽائون ڪميٽيءَ طرفان 14 بسترن
وارو ”ويم گهر“ آهي. انهن کانسواءِ اندرون ضلعي ۾
پڻ ڪيترائي ويم گهر آهن، جي مڪاني ادارن ۽ هلال
احمر طرفان قائم ڪيل آهن.
جانورن جي علاج لاءِ ضلعي ۾ هيٺين هنڌن تي شفاخانا
موجود آهن:
ميرپور خاص تعلقو – ميرپور خاص، دولت پور، کاڻ،
جهلوري.
جيمس آباد تعلقو- جيمس آباد، ڊينگاڻ،
ڊگهڙي تعلقو- ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد،جهڏو، نئون
ڪوٽ، ديهه 170
سامارو تعلقو – سامارو، پٿورو، شادي پلي.
عمرڪوٽ تعلقو- عمرڪوٽ، ڪنري، نبي سر، فقير
عبدالله، ٽالهي، ڍورو نارو، ڇور.
مٺي تعلقو – مٺي، اسلام ڪوٽ، آڏي جو تڙ.
ڇاڇرو تعلقو – ڇاڇرو، چيلهار.
ڏيپلو تعلقو – ڏيپلو.
ننگر پارڪر تعقلو – ننگر پارڪر.
تعليم
تعليمي ميدان ۾ هي ضلعو ڪافي پوئتي پيل آهي. نئين
زماني جي تعليمي لهر ضلعي ۾ چڱي اثر انداز ٿي آهي
۽ ڪيترائي نوان اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن.
1961ع جي آدمشماريءَ مطابق ضلعي ۾ 54819 ماڻهو، جن
جي عمر 5 سالن کان مٿي هئي، پڙهيل هئا. انهن مان
48771 مرد ۽ 11048 عورتون هيون. مجموعي آباديءَ
مان 7ء 9 سيڪڙو پڙهيل هئا. جنسي تناسب جي لحاظ کان
38 ء 14 سيڪڙو مرد ۽ 97 ء 3 سيڪڙو عورتون پڙهيل
هيون.
هن وقت ضلعي ۾ 6 ڪاليج آهن، انهن مان هڪڙو گرلس
ڪاليج (ميرپورخاص) آهي. باقي ڪاليجن مان 2
ميرپورخاص ۾، 1 ٽنڊي جان محمد ۾، 1 عمرڪوٽ ۾، ۽ 1
مٺيءَ ۾ آهن. (ڳوٺ محمد عالم پليءَ ۾ اورينٽل
ڪاليج هلي رهيو آهي.)
هن وقت ضلعي ۾27 هاءِ اسڪول (2- گرلس)، 59 مڊل
اسڪول (19گرلس) ۽ 1426 پرائمري اسڪول (204 گرلس)
تعليم جي خدمت ۾ مصروف آهن.
مڪاني حڪومت جا ادارا
ضلعي ۾ واحد ميونسپالٽي فقط ميرپور خاص شهر آهي.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر پڻ ميرپورخاص آهي،
جنهن جو انتظام ڊپٽي ڪمشنر جي هٿ ۾ آهي. ضلعي جي
هيٺين شهرن ۾ ٽائون ڪميٽيون آهن:
ڊگهڙي، جيمس آباد، عمرڪوٽ، سامارو، مٺي، ڏيپلو،
اسلام ڪوٽ، نئون ڪوٽ، ڪنري، جهڏو، ٽنڊو جان محمد،
ميرواه، ڍورو نارو، شادي پلي، پٿورو ۽ نبي سر روڊ.
ان کان سواءِ ضلعي ۾ 69 يونين ڪائونسلون آهن. |