ان کانپوءِ، سنڌ جي مشهور عالم ۽ محقق ۽ انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجيءَ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محترم ڊاڪٽر
غلام علي الانا پنهنجي مقالي ۾ اهو واضح ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ته اسان جا هاڻوڪا زيور ۽ هار سينگار جا
ٻيا سامان، موهن جي دڙي ۽ ٻين قديم دورن جي دڙن
مان لڌل زيورن سان مشابهه آهن.
ان طرح، مشهور اديب ۽ محقق محترم ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، هاڪڙي درياهه متعلق تاريخي
معلومات تي مشتمل پنهنجو شاهڪار مقالو پڙهيو.
ان کانپوءِ راقم (ناشاد) پنهنجو مختصر مضمون پيش
ڪيو، جنهن جو عنوان هو: ”پاري ننگر- سنڌ جو قديم
بندرگاهه“.
منجهند جي مانيءَ جي مهل ٿي چڪي هئي، تنهنڪري باقي
مقالن لاءِ شام جو وقت مقرر ڪيو ويو. اديبن، عالمن
۽ مهمانن کي ڪميٽيءَ طرفان، جيمخانه ڪلب ۾ شاندار
لنچ ڏني ويئي.
شام جو سيمينار جي ٻي نشست جي شروعات ۾، محترم
ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ جي پڙهيل تحقيقي مقالي جو
عنوان هو: ”سنڌ جو ماضيءَ ۾ تجارتي عروج“. لغاري
صاحب پنهنجي مقالي تي وڏي محنت کان ڪم ورتو هو.
ان کانپوءِ سنڌ جي نامور عالم ۽ اديب ۽ سه ماهي
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر محترم مولانا غلام محمد
گرامي صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي
ويئي.گرامي صاحب حسن دستور سنڌ جي شان ۽ شرف جي
اڪيچار پهلوئن جي نهايت دلنشين انداز سان اپٽار
ڪري، سامعين کي خوب محظوظ ڪيو. گرامي صاحب سنڌ جي
شاندار ماضيءَ جي ڪن اهڙين اهم حقيقتن کي بيان
ڪيو، جن کان سامعين پهريون دفعو روشناس ٿيا.
ميرپور خاص جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس تقرير جو
پوءِ به ڪافي ڏينهن تائين چرچو رهيو.
مير محمد بخش خال ٽالپر پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه
تي زور ڏنو ته سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪم ۾ انگريز
عالمن جي لکيل ڪتابن کي معتبر ۽ مستند تصور نه ڪيو
وڃي. مير صاحب کي شڪايت هئي ته انگريز مصنفن
پنهنجن تصنيفن ۾ سنڌ جي ثقافت جي صحيح تصوير پيش
ڪرڻ ۾ ديانتداريءَ کان ڪم نه ورتو آهي. مير صاحب
ان موضوع تي هڪ تفصيلي مقالو پڻ آندو هو، جيڪو وقت
جي ڪميءَ سبب اتي پيش ٿي نه سگهيو.
ان کانپوءِ عمرڪوٽ تعلقي مان آيل، ضلعي جي پراڻي
اديب ۽ شاعر محترم ”معمور“ يوسفاڻي پنهنجو مضمون
پڙهيو، جنهن جو عنوان هو: ”ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جا
پراڻا وهڪرا، ڀڙا ۽ کنڊر.“ يوسفاڻي صاحب طرفان
سندس مضمون تي ڪيل محنت کي ساراهيو ويو.
محترم پير محمد اسحاق جان سرهندي پنهنجي تقرير ۾
ضلعي جي چند پراڻن بزرگن جي سوانح تي روشني وڌي ۽
جشن جي انعقاد تي مسرت جو اظهار ڪري منتظمين کي
مبارڪباد ڏني.
سيمينار جنهن ڪاميابيءَ سان ٿي گذريو، مهمان عالمن
۽ اديبن ان کي هڪ عظيم الشان سيمينار قرار ڏنو.
سامعين جي وڏي تعداد جي راءِ هئي ته ميرپور خاص ۾
گذريل ڪافي سالن کان پوءِ انهن کي اهڙي شاندار
سيمينار ٻڌڻ جوموقعو ميلوآهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب
۽ خاص ڪري ٿرپارڪر ضلعي جي ثقافت ۽ علم ادب متعلق
واقفيت حاصل ٿي آهي. توڙي جو سيمينار جون ٻه
نشستون ٿيون ۽ اهو سڄو ڏينهن جاري رهيو، مگر
ميرپور خاص ۽ ضلعي جي ادب نواز شهرين ان کي سمورو
وقت پوري شوق ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌو.
ڊي سي هائوس تي چانهه پارٽي
شام جو ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه صاحب طرفان
سندس رهائشگاهه جي پُرفضا لان تي اديبن ۽ عالمن،
معزز شهرين ۽ ڪارڪنن جي اعزاز ۾ چانهه پارٽيءَ
جوانتظام ٿيل هو، جنهن لاءِ شاهه صاحب هر مهمان ۽
ڪارڪن کي شخصي طور دعوت ڏني هئي.
ان سادي پر پروقار تقريب ۾ شاهه صاحب مهمانن جي
آدرڀاءُ ڪندي، سندن آمد تي دلي مسرت جو اظهار ڪيو
۽ سيمينار جي ڪاميابيءَ تي سڀني عالمن ۽ اديبن جو
شڪريو ادا ڪيو. شاهه صاحب چيو ته اڄوڪي سيمينار جي
ڪاميابي اسان جي معزز مهمانن،اديبن ۽ عالمن جي
تشريف آوريءَ سان ئي وابسته آهي.
ان موقعي تي شاهه صاحب ضلعي جي طرفان انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ کي، عطيه طور، پندرهن هزارن روپين جي
رقم جوچيڪ سنڌيونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي پيش ڪيو، جيڪو
صاحب موصوف شڪريي سان قبول ڪيو.
ان خوشگوار موقعي تي معزز مهمانن جي عزت افزائيءَ
لاءِ پوليس بئنڊ ڌنون پيش ڪندي رهي، جنهن سان
ماحول تهان ئي وڌيڪ پروقار بڻجي ويو. ان پر مسرت
سمي ۾ هر مهمان ٻهڪي رهيو هو ۽ هڪ شادماني جو منظر
پيدا ٿي چڪو هو.
چانهه پيئڻ کانپوءِ ڪميٽيءَ جي چيئرمن ۽ اراڪين
طرفان عالمن ۽ اديبن کي رخصت ڪيو ويو.
رات جي مانيءَ جو انتظام ميرپور خاص جي مشهور
سادات خاندان جي چشم و چراغ سيد علي قطب شاهه
صاحب، ايم پي اي، جي طرفان جيمخانه ڪلب ۾ ڪيل هو.
ان پر تڪلف ڊنر ۾ مهمانن، ڪارڪنن ۽ معزز شهرين
ججهي انداز ۾ شرڪت ڪئي.
محفل موسيقي
رات جو موسيقيءَ جي محفل منعقد ٿي، جنهن ۾ محترم
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه مهمان خصوصي هو.
محفل ايڏي ته موج مچائي، جو اها رات جو ڪافي دير
تائين جاري رهي.
موسيقيءَ جي محفل پنهنجي روايتي انداز سان جشن ۾
روح پيدا ڪري ڇڏيو. ان ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي اهڙن
صلاحيتمند فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن کي
اڳ ڪڏهن به اسٽيج تي اچڻ جو موقعو نه مليو هو. ان
طرح سنڌ جا مشهور فنڪار پڻ گهرايا ويا هئا، جن
سامعين کي خوب لطف اندزو ڪيو. محفل ۾ حاضرين جو
تعداد ايترو ته وڌي ويو، جو ماڻهن کي بيهڻ لاءِ
مشڪل سان جاءِ نصيب ٿي. جيئن جيئن رات لڙندي ويئي،
محفل ۾ رنگيني پيدا ٿيندي ويئي. فنڪارن طرفان
موسيقيءَ جي تقريباً سمورن سازن جو مظاهرو ڪيو
ويو. چـﺂطرف ڪيف ۽ سرور جو عالم برپا هو.
سڀ کان اول فقير محمد آچر ۽ پارٽيءَ کي سڏيو ويو،
جن شرناين تي، رقص جي مدد سان، شيخ اياز جي مقبول
عام وائي پيش ڪري داد حاصل ڪيو ۽ فقير محمد هاشم ۽
ساٿين سُر مارئيءَ مان ڀٽائيءَ جي ڪافي ٻڌائي.
سنڌ جي نامور فنڪارن فقير عبدالغفور ۽ حسين بخش
خادم، ساٿين جي مدد سان جڏهن ڪورس جي انداز ۾
ڪوهياري شروع ڪئي، تڏهن محفل تي هڪ روح پرور ڪيفيت
طاري ٿي ويئي.
محمد اسماعيل هنڱوري، محمد يوسف ۽ ساٿين طرفان
ٽلين، الغوزه ۽ کڙتال جو گڏيل مظاهرو حاضرين جي
توجهه جو مرڪز هو. فنڪارن کي داد و تحسين کان
سواءِ نقد انعام پڻ مليا.
ساڳئي وقت حسين بخش خادم کي ٻيهر ٻڌڻ جي فرمائش
ڪئي ويئي ۽ ماستر شير محمد بلوچ، مخدوم ”طالب
الوموليٰ“ جو ڪلام ٻڌايو.
سامعين طرفان فقير عبدالغفور کان اياز جي مشهور
وائي ”سهندو ڪير ميار، اور يار!“ ٻڌڻ لاءِ بيحد
اسرار ڪيو ويو. فقير جڏهن ساٿين جي ناچ سان گڏ
ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن ساري محفل بي اختيار جهومڻ
لڳي. سامعين توڙي فنڪارن مان وڏو تعداد ان دلگداز
ڪيفيت کان متاثر ٿي اسٽيج تي چڙهي وڃي رقص ۾ شامل
ٿيو. اهو منظر نهايت سرور آميز هو.
ان کانپوءِ مشهور فنڪار مير محمد هڪ ئي وقت تي ٽن
سازن – دنبوري، الغوزي۽ ڇير- جي مظاهري ڪرڻ سان
خوب داد حاصل ڪيو.
ان طرح گوبند رام ۽ ساٿين ڏونڪن تي جمهر پيش ڪيو،
جنهن سان محفل ۾ ڪافي نواڻ پيدا ٿي. ڀڳت سومجي رام
ڀاٽيه ڀڄن ٻڌايو. غفور ڪافي ٻڌائي. ڦوٽي جوڳي ۽
ساٿين مرلين تي ڌنون پيش ڪيون. ڀڳڙي ڀيل ۽ ساٿين
بينن ۽ کڙتال جو مظاهرو ڪيو. حاجي علي شير بينون
وڄايون. شادي فقير ڪافي ٻڌائي. الهه وسائي نڙ تي
ڪي ڌنون پيش ڪيون. عمر ڪوٽ مان آيل مڪنو، کيمو ۽
ساٿين دهل تي ”مٽڪو“ ناچ جو مظاهرو ڪيو. محفل
دوران، مختلف فنڪارن سان گڏ، حسب ضرورت، ضلع جي
مقبول فنڪارن راڻي ۽ ميوي پنهنجي منفرد انداز سان
کڙتال جو مظاهرو ڪري، حاضرين کان ڀرپور داد پئي
وصول ڪيو. مٺيءَ واري ڪالو فقير (مائي ڀاڳيءَ جي
پٽ) کان هڪ ڪلام ٻڌو ويو.
ان وچ ۾ سنڌ جي نامور سگهڙن – پيڙي فقير ڪنڀر،
حاجي فقير مهيسر ۽ عبدالحنان – لوڪ ادب جي خزاني
مان چند موتي پيش ڪري محفل ۾ نواڻ پيدا ڪئي. رات
جو 2 بجي ڌاري محفل پڄاڻيءَ تي پهتي.
22- ڊسمبر 1974ع
ٻئي ڏينهن، 22- ڊسمبر تي، نمائش جو افتتاح ٿيڻو
هو، جنهن جو عظيم الشان اهتمام ڪيو ويو هو. جيئن
ئي صبح جو سنڌ جو وزير تعليم ۽ ثقافت محترم پيار
علي الانا ڪراچيءَ مان پهتو، جشن ڪميٽيءَ جي
چيئرمن ۽ اراڪين سندس گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو.
منجهند جو وزير موصوف جي اعزاز ۾ ضلعي جي معزز
شخصيت رئيس غلام حيدر وساڻ طرفان ”وساڻ هائوس“ تي
هڪ شاندار لنچ ڏني ويئي، جنهن ۾ اديبن ۽ عالمن،
معزز شهرين ۽ ضلعي جي نامور شخصيتن، ڪميٽيءَ جي
ميمبرن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
نمائش جي افتتاحي تقريب
شام جو 4 بجي، سيمينار واري هال ۾ نمائش جي
افتتاحي تقريب منعقد ٿي. مهمان خصوصي محترم پيار
علي الانا ۽ ٻين مهمانن جي آمد کان پوءِ تلاوت
ڪلام پاڪ سان ڪارروائي شروع ڪئي ويئي، جيڪا
استقباليه ۽ انتظاميه ڪميٽيءَ جي ڪنوينر چوڌري
رفيق احمد صاحب هلائي.
اول جشن ڪميٽيءَ جي چيئرمن محترم نور احمد شاهه
مهمان خصوصيءَ جي آجيان ڪرڻ کانپوءِ نمائش متعلق
فرمايو:
”جيئن اوهان کي معلوم آهي، هن ضلعي جو ريگستاني
علاقو ”ٿر“ دستڪارين ۽ هنرن جي ڏس ۾ عالمي شهرت جو
حامل آهي. ٿر جو گج ۽ ڀرت جو ٻيو سامان دنيا جي
مختلف ملڪن ۾ وڏي شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪري چڪا
آهن، جيڪا ڳالهه اسان جي ملڪ جي لاءِ فخر جو باعث
آهي. ان سلسلي ۾ ”ٿر“ جي انهن هنرن کي زندگي بخشڻ
جي وڏي ضرورت آهي. اسان کي اميد آهي ته اوهان جهڙا
فن شناس سنڌ جي سموري ثقافتي ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾
”ٿر“ جي هنر ۽ دستڪارين جي وڌ ۾ وڌ حوصله افزائي
ڪرڻ فرمائيندا....“.
مهمان خصوصي مسٽر پيار علي الانا پنهنجي افتتاحي
تقرير ۾ فرمايو:
”ٿرپارڪر ضلعي جو هنر، خاص ڪري دستڪارين جو هنر نه
صرف پاڪستان ۾، پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي. حڪومت
سنڌ جي ۽ خاص ڪري منهنجي اها ڀرپور ڪوشش آهي ته
جيتريقدر ٿي سگهي. هن ضلعي جي فنڪارن جي مدد ۽
حوصله افزائي ڪريون. هيءَ جيڪا اڄوڪي نمائش منعقد
ڪئي اَٿو، ان لاءِ مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي
آهي. مون کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ غلام مصطفيٰ شاهه
صاحب کان معلوم ٿيو آهي ته اها هڪ ’بهترين‘ نمائش
آهي.....“
ان موقعي تي نمائش لاءِ گهربل شين گڏ ڪرڻ واريءَ
ڪميٽيءَ جي ڪنوينر مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب
مختصر تقرير ڪندي چيو ته اڄوڪيءَ نمائش جي اهتمام
لاءِ ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف ماڻهن پنهنجا
نوادرات، دستڪاريون، هنر ۽ ٻيو سامان موڪلي تعاون
ڪيو آهي، ان لاءِ اسان سندن شڪر گذار آهيون. اسان
جي ضلعي جي عوام ڀرپور دلچسپي وٺي اخلاص جو جيڪو
مظاهرو ڪيو آهي، سو فقط هڪ هر دلعزيز شخصيت جي
ڪري، اهو آهي اسان جي ضلعي جو نوجوان ڊپٽي ڪمشنر
صاحب. مير صاحب جي انهيءَ حقيقت پسنديءَ واري
اظهار تي تقريب جي حاضرين طرفان زوردار تاڙيون
وڄايون ويون.
ان طرح استقباليه ۽ انتظاميه ڪميٽيءَ جي ڪنوينر
چوڌري رفيق احمد صاحب انگريزيءَ ۾ هڪ مختصر تقرير
ڪندي الانا صاحب کي ٻڌايو ته ضلعي جي ڪيترن ئي
صلاحيتمند فنڪارن کي اڀرڻ جو موقعو نه ٿو ملي. هن
صاحب شڪايت ڪئي ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن ۽ ٻين نماءُ
وارن هندن تي چند فنڪارن جي هڪ هٽيءَ سبب ڪيترائي
ڄاڻو فنڪار گمناميءَ جي گوشي ۾ پيا آهن. چوڌري
صاحب ان ضرورت تي زور ڏنو ته اهڙن صلاحيتمند
فنڪارن کي عوام جي اڳيان پنهنجي فن جي مظاهري ڪرڻ
جا موقعا مهيا ڪيا وڃن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي
وڃي.
افتتاح ۽ معائنو
ان کان پوءِ محترم پيار علي الانا، وزير تعليم ۽
ثقافت سنڌ، نمائش جو افتتاح ڪري ان جو تفصيلي
معائنو ڪيو. نمائش جي وسيع هال ۾ چـﺂطرف اسٽال لڳل
هئا ۽ وچ ۾ ميزون پڻ سامان سان ڀريل هيون. هال ۾
هر طرف کان قسمين قسمين نوادرات، زيور، قلمي
نسخا، قديم هٿيار، ڪشيده ڪاري، مصوري ۽ سنگتراشي،
پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، دستڪاريون، ڀرت ۽ ازين
قسم جون هنر ۽ ڪاريگريون سجايل هيون. ان قسم جي
غير معمولي ۽ عظيم الشان نمائش ڏسي الانا صاحب
نهايت سرهو ٿيو ۽ منتظمين کي دل جي گهراين سان
مبارڪون ڏنائين.
بلاشبه، ڊاڪٽر هرچندراءِ جو لڳايل اسٽال نمائش جي
سمورن اسٽالن کان وڌيڪ قيمتي ۽ دلڪش هجڻ سبب
ناظرين جي نگاهن جو اولين مرڪز بڻيل هو. سندس
اسٽال کي ضلعي جي تهذيب ۽ ثقافت جي جيئري جاڳندي
تصوير قرار ڏيئي سگهجي ٿو. سندس سجايل اسٽال خاص
ڪري ”ٿر“ واري ڀاڱي جي روزمره جي سماجي زندگيءَ
جوچٽو عڪس پيش ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر صاحب نهايت
دلچسپي ۽ تعاون، محنت ۽ محبت سان عمر ڪوٽ ۽ ٿر جي
طرف جا روايتي زيور ۽ لباس، رليون ۽ ڀرت جو ڪم،
قديم ساز ۽ مختلف ڪمن ۾ ايندڙ ناياب شيون، زراعت
جا اوزار ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ
ازين قسم جا سامان آڻي سجايا هئا. ان طرح ڊاڪٽر
صاحب ڪيئي اهڙيون شيون پڻ آنديون هيون، جي اڄڪلهه
جي زندگيءَ ۾ استعمال نه اچڻ سبب ناظرين کي
اوپريون پئي لڳيون. ان طرح ڊاڪٽر صاحب ڀانت ڀانت
جا سون چانديءَ مان ٺهيل زيورات پڻ آندا هئا، جي
اندازاً پنجاهه کن مختلف نالن سان منسوب آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو مخلصانه تعاون فقط ايستائين محدود
نه هو، پر ان کان به اڳتي وڌي ڪري پاڻ ڏهاڪو کن
مددگار ماڻهن جي سموري خرچ پکي جو بار نهايت ئي
خنده پيشانيءَ سان پنهنجي سِر تي هموار ڪيو هو.
الانا صاحب ڪافي وقت ڊاڪٽر صاحب جي اسٽال جو
تفصيلي معائنو ڪيو ۽ سندس ورتل والهانه ڪوششن کي
تحسين جي نگاهن سان ڏٺو. وزير موصوف ڊاڪٽر صاحب
کان ڪيترين ئي ناياب ۽ منفرد شين متعلق واقفيت
ورتي ۽ ڪراچيءَ واري بين الاقوامي نمائش ۾ ان قسم
جي دلچسپ سامان کڻي اچڻ لاءِ دعوت ڏني. ان طرح
محترم سيد غلام مصطفيٰ شاهه. محترم ڊاڪٽر بلوچ ۽
ٻين معزز مهمانن، ڊاڪٽر هرچندراءِ جي محبت واري
تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو.
نمائش ۾ ماڻڪاڻي ٽالپر خاندان جي لڳايل اسٽال تي
مير امام بخش خان ٽالپر جي فرزند کي ٽالپرن جي
دور جي روايتي اميرانه لباس ۾ ملبوس ڏسي، الانا
صاحب ۽ ٻين صاحبن دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ان اسٽال
تي ٽالپري عهد جا نوادرات، قلمي نسخا، هٿيار
پنوهار، بندوقون ۽ ترارون، خنجر ۽ ڇريون، توشه
خانن جون مختلف قسمن جون شيون ۽ سڪا وغيره ڏسي
وزير موصوف پسندگيءَ جو اظهار ڪيو.
فقير بشير احمد لغاريءَ طرفان سجايل سندس خاندان
جي نوادرات ۽ قلمي نسخن، قديمي هٿيارن ۽ ترارن
نمائش جي اهميت ۾ اضافو آندو هو. فقير صاحب پٿر
جون ڪي منقش سرون آنديون هيون، جن لاءِ روايت هئي
ته اُهي سنڌ جي مشهور عشقيه داستان ”مومل راڻي“ جي
دور جون آهن ۽ راڻي مينڌري جي محلات جي قديم آثارن
مان لڌل آهن. الانا صاحب ان اسٽال کي تحسين جي نظر
سان ڏٺو.
معائني دوران مير خدابخش خان ٽالپر، الانا صاحب کي
ٽنڊي جان محمد جي مشهور ڇر جون ٻه چادرون تحفي
طور ڏنيون، جي هن صاحب شڪريي سان قبول ڪيون. ان
طرح مير صاحب جي نوادرات کي پڻ پسند ڪيو ويو.
قديم مخطوطن ۽ قلمي نسخن جي اسٽال تي وزير موصوف
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان انهن جي واقفيت ورتي. اهي
نسخا مير الله بچائي خان ٽالپر، مير خدا بخش خان
ٽالپر، پير اسحاق جان سرهندي، فقير بشير احمد
لغاري، مولوي عبدالرحمان (ولهيٽ) ۽ ٻين صاحبن جا
هئا.
معائني دوران پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه صاحب،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سيد نور احمد شاهه
صاحب، مير محمد بخش خان ٽالپر، ڊاڪٽر هرچند راءِ،
مسٽر ظفر ڪاظمي، مسٽر عاشق حسين عارباڻي، مسٽر لال
محمد پٺاڻ ۽ ٻيا صاحبان وزير موصوف سان گڏ هئا.
معائني کان پوءِ تقريب واري هال ۾ نمائش لاءِ گڏ
ڪيل قيمتي نوادرات ۽ هنرن جي جن مالڪن کي وزير
موصوف آفرين ناما ڏنا، تن جا نالا هي آهن:
ميرپور خاص تعلقو:
1.
مير شير محمد خان ولد مير محمد بخش خان ٽالپر.
2.
مير علي رضا خان ولد مير نبي بخش خان ٽالپر.
3.
مير محمد بخش خان ولد مير عبدالله خان ٽالپر.
4.
مير ملڪ محمد خان ولد مير تاج محمد خان ٽالپر.
5.
سيد خادم علي شاهه ولد سيد حاجي الهڏنو شاهه.
6.
پير محمد اسحاق جان سرهندي.
7.
امير علي خان ولد حاجي ڀورو خان مري بلوچ.
8.
حاجي علي حسن خان ولد خانصاحب محمد حسن خان مري.
9.
مسٽر لال محمد پٺاڻ.
10.
مسٽر الهه نواز ولد قاضي محمد عيسيٰ.
11.
رئيس فقير محمد ولد دين محمد خان.
جيمس آباد تعلقو:
12.
نواب مير حاجي الهداد خان ٽالپر.
13.
مير امام بخش خان ولد نواب الهداد خان ٽالپر.
14.
مير لطف الله خان ولد مير امام بخش خان ٽالپر.
15.
مسٽر محمد سليمان ولد حاجي سعد خان لغاري.
ڊگهڙي تعلقو:
16.
مير الهه بچايو خان ولد مير حاجي فتح محمد خان
ٽالپر.
17.
مير خدا بخش خان ٽالپر.
18.
فقير بشير احمد خان لغاري ولد فقير عبدالله خان
لغاري.
19.
فقير شير محمد ولد فقير فيض محمد بلالاڻي.
20.
قاضي الله بخش ولد قاضي محمد قاسم.
21.
مگهجي ولد ڏونگر سنگهه سوڍو.
عمر ڪوٽ تعلقو:
22.
مسٽر عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پلي.
23.
سيد غلام حيدرشاهه ولد حاجي پير شاهه.
24.
ڊاڪٽر هرچندراءِ.
25.
سيد محمد صديق ولد غلام نبي شاهه.
26.
قاضي محمد عثمان ولد قاضي محمد سلطان.
27.
حاجي نصرالله ولد حبيب الله پلي.
28.
خان محمد ولد قاضي عبدالرحمان پلي.
29.
محمد هاشم ولد عبدالواحد سومرو.
30.
حاجي غلام رسول ولد حاجي عبدالله مومن.
31.
مولوي عبدالرحمان (ولهيٽ)
32.
بنگل خان ولد ماڻڪ خان.
33.
جڳو مل ولد ڀورو مل سونارو.
ڏيپلو تعلقو:
34.
محمد عثمان ميمڻ ولد حاجي احمد علي ميمڻ.
35.
ميان عبدالله ولد حاجي ميمڻ.
36.
ارباب فيض محمد ولد ارباب توڳاچي.
37.
ارباب نور محمد ولد مير خان راهمون.
ننگر پارڪر تعلقو:
38.
راڄو خان ولد سلطان خان کوسو.
39.
فقير ابوبڪر ولد فقير عبدالغفور راڄڙ.
40.
چنيسر خان ولد طالب خان.
مٺي تعلقو:
41.
نانڪرام لکاڻي.
42.
واسديو ٽماڻي.
ڇاڇرو تعلقو:
43.
تاجن ولد چيلارام.
44.
ڀمرو ولد ٽيڪم.
45.
سرتو مل رڻڇوڙ مل.
نمائش ۾ ضلعي جي ممتاز شهرين، خاندانن، نوادرات جي
مالڪن ۽ هنرمندن کان علاوه ڪشمير انڊسٽريل هوم
ميرپورخاص، ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ ڪلچر ائسوسيئيشن،
ٿرپارڪر آرٽ انسٽيٽيوٽ، وليج ڪرافٽس (غلام حسين
مغل)، مڪاني حڪومت جي ادارن ۽ محڪمه تعليم پڻ بهرو
وٺي پنهنجا پنهنجا اسٽال سجايا هئا.
ان طرح نمائش کي سونهن سوڀيا سان سجائڻ لاءِ سنڌ
جي برک مصور مسٽر ظفر ڪاظميءَ سان گڏ ميرپور خاص
جي مشهور مصور مسٽر لال محمد پٺاڻ ۽ سندس ساٿين
ڪافي محنت ڪئي هئي.
مسٽر لال محمد پٺاڻ ۽ مسٽر الهه نواز بلوچ جي
مصوريءَ جا جي چند شاهڪار ديوارن تي آويزان هئا،
تن نمائش جي حسن ۽ زيبائش ۾ اضافو پيدا ڪيو.
ٽيليوزن طرفان سموري نمائش ڪور
(Cover)
ڪئي ويئي. ان ڪم ۾ مسٽر ظفر ڪاظمي سندن رهنمائي ۽
مدد ڪئي.
رات جي مانيءَ جو انتظام پير آفتاب حسين شاهه
جيلانيءَ طرفان ٿيل هو، جنهن ۾ مسٽر پيار علي
الانا ۽ معزز مهمانن، ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن
وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
محفل موسيقي
رات جو موسيقيءَ جي محفل منعقد ٿي، جنهن ۾ مسٽر
پيار علي الانا مهمان خصوصي هو.
محفل، گذريل رات وانگر ڀرپور رنگ لاتو. انجي
ڪارروائي مسٽر محمد هاشم دلنشين پيرايه ۾ هلائي.
حاضرين جي نشستن جو مسئلو دوباره درپيش آيو ۽ هال
جي کچا کچ ڀريل هجڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي ويهڻ جي جاءِ نه ٿي ملي سگهي. سوين
ماڻهو هال جي ٻاهران درين مان ئي محفل جي موج مان
مسرور ٿيڻ لاءِ سڄو وقت بيٺا رهيا.
موسيقيءَ جي محفل جي ابتدا آچر فقير ۽ ساٿين طرفان
شرنانين تي ڌن پيش ڪرڻ سان ٿي. ان کان پوءِ شيوا
منڊلي ميرپورخاص جي ڪارڪنن ڏونڪن تي پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪيو. هيڪر فقير عبدالغفور کان ڀٽائيءَ جو
ڪلام ٻڌو ويو. محمد اسماعيل، ڀڳڙي ڀيل ۽ ساٿين،
راڻي ۽ ميوي طرفان کڙتال جي سنگت سان الغوزه تي ڪي
ڌنون پيش ڪيون. ڊگهڙيءَ واري محمد اسحاق ڪاري ڪلام
ٻڌايو. ڦوٽي جوڳي ۽ ساٿين مرليءَ تي ڪوهياري ٻڌائي
انعام حاصل ڪيو. جڏهن محمد اسماعيل هنڱوري، محمد
يوسف ۽ ساٿين ٽلين ۽ الغوزه تي پنهنجي فن جو
مظاهرو شروع ڪيو، تڏهن حاضرين نهايت مسرور ٿيا ۽
فنڪارن کي نقد انعامن سان نوازيائون.
ان دورانن سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀر ۽ سندس ساٿين لوڪ
ادب جي ڪچهري مچائي، ڳجهارتون ۽ ڏور بيت وغيره
ڏنا.
مير محمد، دستور موجب، هڪ ئي وقت ٽي ساز- نڙ، ڇير
۽ دنبورو – وڄائي ڌن پيش ڪئي. عمر ڪوٽ واري گوبند
راءِ ۽ ساٿين ڏونڪن تي جهمر پيش ڪري سامعين کي
مسرور ڪيو. ڀڳت سومجي رام ۽ ساٿين ”راسوڙو“ ٻڌائي
انعام حاصل ڪيو.
شوقيه فنڪار مسٽر عاشق حسين عارباڻيءَ سورٺ مان
ڪلام ٻڌائي سامعين کي لطف اندوز ڪيو ۽ ڪجهه لطيفا
پڻ ٻڌايا، جن محفل ۾ خاصو رنگ پيدا ڪيو. عمر ڪوٽ
واري پرتاب راءِ پکين جون ٻوليون ٻڌائي چڱو چهچٽو
برپا ڪيو. جنهن تي کيس نقد انعام مليا.
حاضرين جي اسرار تي فقير عبدالغور کي ٻيهر اسٽيج
تي سڏيو ويو، جنهن سچل بادشاهه جي ”گهڙولي“ ۽ اياز
جي وائي پيش ڪري محفل ۾ جان پيدا ڪئي.
ڀڳت سومجي رام کان ٻيهر ڀڄن ٻڌو ويو. ان طرح ڪالو
فقير، ڦوٽي ڀڳت ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪيو. آخر ۾ ”هو جمالو“ جي من موهيندڙ منظر سان،
رات جو دير سان محفل پوري ٿي.
وزير موصوف جي روانگي:
23 ڊسمبر تي صبح جو محترم پيار علي الانا وزير
تعليم ۽ ثقافت سنڌ، جي اُسهڻ جو وقت هو. کيس خدا
حافظ چوڻ کان اڳ محترم نور احمد شاهه، مير محمد
بخش خان ٽالپر، ڊاڪٽر هرچندراءِ ۽ ٻين موجود ميمبر
صاحبن ۽ شهرين سان تبادله خيالات ڪندي الانا صاحب
چيو ته ضلعو ٿرپارڪر ثقافت ۽ تهذيب جي لحاظ کان
نهايت مالا مال آهي، منهنجي هن ضلعي سان دلچسپيءَ
جو سبب پڻ اهو ئي آهي. آءٌ شروع کان وٺي هن ضلعي
جي عظيم سڀيتائي سرمايي جو دلداده رهندو اچان ٿو.
هن ضلعي جي نامور خاندانن وٽ تاريخي نوادرات ۽
يادگار شين جو وڏو ذخيرو آهي. الانا صاحب خواهش
ظاهر ڪئي ته هن ضلعي جا فن شناس بزرگ اگر انهن
ناياب شين جي قدرو منزلت ۽ اهميت کي محسوس ڪري،
انهن کي هڪ هنڌ تي جمع ڪرڻ لاءِ رضامند ٿي تعاون
ڪندا ته حڪومت هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
الانا صاحب شڪايت ڪئي ته هتان جي ڪي بزرگ پنهنجا
نوادرات حيدرآباد واريءَ مرڪزي ٽالپر گئلريءَ ۾
رکڻ پسند نه ٿا ڪن. ان لاءِ تجويز ڏنائين ته هتي
ميرپورخاص ۾، ضلعي سطح تي، هڪ ميوزم قائم ڪري
سگهجي ٿو، بشرطيڪ واسطيدار بزرگ ان ڏس ۾ تعاون ڪن.
الانا صاحب آڇ ڪئي ته اُن مقصد لاءِ گهربل عمارت
اڏاوت واسطي حڪومت سنڌ سمورا اخراجا ت ادا ڪرڻ
لاءِ تيار آهي. هن صاحب چيو ته ڪراچيءَ واري بين
الاقوامي سنڌ سيمينار کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ آءٌ
هتي ميرپورخاص ۾ اچي، مقامي عملدارن ۽ نوادرات جي
مالڪن سان هڪ ميٽنگ ڪرڻ گهران ٿو. هن صاحب توقع
ظاهر ڪئي ته ان موقعي تي نوادرات جي مالڪن جي
تعاون سان انشاءُ الله اسان مجوزه ميوزم جي قيام
لاءِ ڪاميابي حاصل ڪري سگهنداسون. هن صاحب ٻڌايو
ته ان مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جنهن جو
چيئرمن ڊپٽي ڪمشنر صاحب هوندو ۽ ٻيا بزرگ ۽ واسطو
رکندڙ ميمبر ڪري کنيا ويندا.
ان موقعي تي وزير موصوف ڊاڪٽر هرچندراءِ کان ٿر جي
هنرن ۽ دستڪارين متعلق ڪافي معلومات ورتي ۽ ان فن
جي حوصله افزائيءَ لاءِ ڪيترين ئي ڪارگر تجويزن تي
تبادله خيال ڪيو.
ان کانپوءِ الانا صاحب کي رخصت ڪيو ويو.
شڪريه ادائيءَ جي تقريب:
8- جنوري 1975ع تي، شام جو 5 بجي، ميونسپل ڪميٽيءَ
جي هال ۾، جشن جي ڪارڪنن جي شڪريه ادا ڪرڻ جي غرض
سان گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي جشن ڪميٽيءَ طرفان
سندن اعزاز ۾ چانهه پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو ويو.
هيءَگڏجاڻي فقط رسمي چانهه پارٽيءَ تائين محدود نه
هئي، پر اها جشن جي سڀني اهم تقريبن جو ڄڻ لازمي
حصو هئي.
جيئن جشن جي هر تقريب ۾ ڪيئي غير معمولي ۽ غير
رسمي خصوصيتون واضح
ٿي منظر عام تي آيون، تيئن هن ننڍڙي گڏجاڻيءَ ۾ پڻ
هڪ غير معمولي مسرت ۽ افتخار جو ماحول محسوس ڪيو
ويو. هيڏي وڏي پيماني تي منعقد ٿيل جشن جي
سرفرازيءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ مخلص ڪارڪنن
جڏهن پنهنجين والهانه خدمتن جي اعتراف طور سندن
اعزاز ۾ چانهه پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي، تڏهن سندن
دليون مسرت سان سرشار هيون ۽ سندن ڳاٽ افتخار سان
اوچا هئا. هن گڏجاڻيءَ جي هڪ خصوصيت اِها به هئي،
جوان ۾ ننڍ وڏائيءَ جي فرق ۽ امتياز کي يڪسر
نظرانداز ڪري، هر ڪارڪن کي هڪجيترو مان ۽ مرتبو
بخشيو ويو ۽ سندس همت افزائي ڪندي ڪميٽيءَ جي
چيئرمن طرفان دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ويو.
جشن ڪميٽيءَ جي چيئرمن محترم نور احمد شاهه صاحب
پنهنجي مختصر تقرير ۾ سڀني ڪارڪنن جو شڪريو ادا
ڪندي چيو ته دراصل جشن جي ڪاميابي ڪارڪنن جي امنگ
۽ اُتساهه، دل و جان ۽ چاهه، محبت ۽ اخلاص سان ڪيل
تعاون جو ئي نتيجو آهي. شاهه صاحب چيو ته هر ڪارڪن
جنهن انهماڪ ۽
دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ آءٌ هر هڪ جو
فرداً فرداً پڻ شڪر گذار آهيان.
ان موقعي تي ڪارڪنن طرفان، ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري
مسٽر عبدالرحيم خشڪ (ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر) ورنديءَ
طور ٻه لفظ ڳالهائيندي چيو ته شاهه صاحب طرفان
ڪارڪنن جي ڪيل هيءَ عزت افزائي انهن لاءِ ڀرپور
حوصله افزائيءَ جو سبب بني آهي ۽ انهن ۾ تعاون ڪرڻ
لاءِ هڪ نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ٿي چڪو آهي.
تاثرات:
جشن ”سنڌ صدين کان“ جي انعقاد ميرپور خاص ۽ ضلعي
جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو
هو. ان جي ٻنهي ڏينهن پنهنجي مقبوليت جي وسيلي
ضلعي جي تهذيبي ۽ ثقافتي چهچٽن ۽ سرگرمين جي ڏس ۾
منفرد ۽ يادگار حيثيت حاصل ڪري ورتي. ان دوران
ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فقط جشن جي چوپچو هئي، ۽ دور
دراز هنڌن تان ماڻهو شرڪت لاءِ پهچندا پئي رهيا.
شهر ۾ به جشن جي شهرت جو اهو عالم هو جو سڄو وقت
هزارن ماڻهن جي گلستان بلديه ۾ اچ وڃ جاري هئي ۽
رات جو دير تائين اهو سلسلو قائم رهيو. سامعين ۽
ناظرين جي گهڻائيءَ جي پيش نظر ڪيترا ماڻهو نراس
ٿي واپس ورندا پئي ويا، ڇو جو هزارها نشستن جي
بندوبست لاءِ هال ۾ بهرحال گنجائش نه هئي.
خوشقسمتيءَ سان ٻنهي ڏينهن تي موسم به خوشگوار
هئي. ان پُرفضا ماحول ۾ گلستان بلديه ۾ چـﺂطرف
مسرت ۽ شادماني جو دلپذير ۽ من موهيندڙ منظر ٿي
ڏسڻ ۾ آيو. هر ڪنهن کي خاص طرح سان نمائش جي وات
وائي هئي ۽ ان کي هر وقت ساراهيو پئي ويو. نمائش
هال ۾ قدم رکڻ سان ئي هڪ عجيب پُر لطف ۽ دلڪش
ماحول ناظرين جي آجيان ٿي ڪئي. منتظمين طرفان
ناظرين جي دلچسپيءَ جي سموري سامان گڏ ڪري رکڻ ۾
ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويئي هئي.
جشن ڪميٽيءَ جو چيئرمن محترم نور احمد شاهه صاحب ۽
ٻيا اراڪين پنهجين ڪوششن جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ
وچان ٻهڪي رهيا هئا. هو تصور به نه ٿي ڪري سگهيا
ته ڪو سندن محنت کي ايڏي والهانه انداز سان عوام
طرفان قبوليت جو شرف حاصل ٿي سگهندو. شاهه صاحب ۽
سندس ساٿين کي عوام ۽ معزز مهمانن طرفان هر وقت
مبارڪون ملنديون پئي رهيون، جنهن ڪري سندن دليون
مسرت سان سرشار هيون.
نمائش ۾ ناظرين جي ڀرپور دلچسپيءَ جو عالم ان مان
ئي ظاهر آهي جو انهن گهر ڪئي ته ان کي مقرر هڪ
ڏينهن کان علاوه وڌيڪ عرصي تائين جاري رکڻ جا
انتظام ڪيا وڃن، مگر افسوس جو عيد جو موقعي سبب
سندن اِها تمنا پوري ٿي نه سگهي. بهرحال، نمائش کي
وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ جاري رکيو ويو ۽ ناظرين ان
ڏينهن کي به غنيمت سمجهي نه صرف ضلعي جي نوادرات ۽
هنرن جي حوصله افزائي ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي
ديرينه فن شناسيءَ جي روايتن کي قائم رکيو.
ساڳئي وقت ضلعي جي دور دراز حصن مان سفر جون
صعوبتون برداشت ڪري آيل نوادرات ۽ دستڪارين جي
مالڪن ۽ هنرمندن توڙي ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن
جي چهرن تي پنهنجين ڪوششن جي مقبوليت سبب سرهائي
ڊوڙي رهي هئي ۽ اُهي پنهنجي ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾
خوشيءَ ۾ نٿي ماپيا.
ان طرح سان جشن ”سنڌ صدين کان“ ميرپور خاص،
خوشگوار ۽ من موهيندڙ يادن کي هميشه لاءِ حاضرين
جي ذهنن ۽ دلين تي نقش ڪري خيرخوبيءَ سان ختم ٿيو. |