مرحبائي تقرير
از:
سيد نور احمد شاهه
چيئرمن
جشن ”سنڌ صدين کان“ ڪميٽي ٿرپارڪر
جناب صدر، معزز مهمان ۽مهربان سامعين ڪرام!
سڀ کان اول آءٌ انهن سڀني عالمن ۽ اديبن، محققن ۽
مـﺂرخن، دانشمندن ۽ فاضلن جو دل جي گهراين سان
پنهنجي ۽ ڪميٽيءَ جي ميمبرن طرفان آجيان ٿو
ڪريان. مان سندن ٿورائتو آهيان، جو اهي صاحب
پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي، تڪليف وٺي، اڄوڪيءَ مجلس
۾ رونق افروز ٿيا آهن. سنڌ جي نامور ۽ هاڪارن
عالمن ۽ اديبن جي تشريف آوريءَ تي اسان کي ازحد
مسرت محسوس ٿي رهي آهي ۽ انهن جي ميزبانيءَ جا فرض
ادا ڪندي، اها هڪ سعادت سمجهون ٿا. اسان جا اڄوڪا
محترم ۽ معزز مهمان سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جا اهي
برک عالم ۽ فاضل آهن، جن جي رسمي تعارف جي ضرورت
محسوس نه ٿي ڪجي.سندن آمد کي اسان پنهنجي عزت
افزائي تصور ڪريون ٿا.
ميرپور خاص ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ادبي سيمينار
جومنعقد ٿيڻ ۽ ان ۾ سنڌ جي نامور عالمن جو شريڪ ٿي
حصو وٺڻ، منهنجي خيال ۾ اهو پهريون موقعو آهي. مون
کي اميد آهي ته مهربان سامعين اڄوڪي سيمينار ۾ پيش
ٿيندڙ اعليٰ علمي شهپارن ۽ فاضلانه تقريرن مان وڌ
۾ وڌ مستفيد ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا.
سامعين ڪرام!
اسان جي سنڌ سڳوري صدين کان وٺي تهذيب ۽ تمدن،
علم ۽ ادب، دانش ۽ حڪمت جو مرڪز رهندي آئي آهي.
سنڌي تهذيب جي قدامت ۽ افضيلت جا هونئن ته هزارين
مثال تسليم شده آهن، مگر هڪڙو ”موهن جو دڙو“ ئي
لکن جو مٽ آهي.
خواتين و حضرات!
خوشيءَ جو مقام آهي جو هن وقت سنڌي علم ۽ ادب،
تهذيب ۽ ثقافت جي آبياريءَ لاءِ سڻائو واءُ لڳو
آهي. اهو سلو، جيڪو بنهه سڙي سڪي خاڪ ٿيڻ وارو
هو، تنهن جي مورجڻ جا آثار پيدا ٿي رهيا آهن. اڄ
سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي تحفظ جي سلسلي ۾ جيڪي عملي
قدم کنيا پيا وڃن، تن کي ڏسي سنڌي زبان ۽ ثقافت جي
مخلص ۽ بي لوٽ خدمت گذارن جا حوصلا بلند ٿي رهيا
آهن. اسان جو اڄوڪو سيمينار سنڌ جي ثقافت کي اجاگر
ڪرڻ ۽ ان کي سڄيءَ دنيا تائين پهچائڻ لاءِ ٿيندڙ
مجلسن جي هڪ ڪڙي آهي. انهن مجلسن جومقصد اهو آهي
ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ثقافتي خزانن کي منظر
عام تي آڻجي ۽ ان کان دنيا کي روشناس ڪرائجي. اسان
جي اڄوڪن مجلس سينن ۾ سانڍيل مواد ميدان تي آڻڻ
لاءِ آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان
عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي جو دروازو
عالم ۽ اديب اچي گڏ ٿيا آهن ۽ هو پنهنجي علم جي
پالوٽ ڪندا. باقي پيتين ۾ سانڍيل سامان اوهان صاحب
سڀاڻي نمائش ۾ ڏسي سگهندا.
سامعين ڪرام!
ڇاڪاڻ ته هي تقريبون ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي رهيون آهن،
ان ڪري هن ضلعي متعلق مختصر طور ڪجهه عرض ڪرڻ
اميد ته بيجا نه ٿيندو.
سڀاڳي سنڌ جي هر حصي ۽ خطي، تعلقي ۽ تپي، شهر ۽
ڳوٺ، واهڻ ۽ وسينءَ وانگر، هن ضلعي ۾ پڻ جابجا
قديم تهذيبن جا آثار، تمدني ۽ ثقافتي قدرن جا
اهڃاڻ، اوليائن ۽ بزرگن، ۽ عارفن ۽ شاعرن جا
مَدفن، قلعن ۽ ڪوٽن جا ڪنگرا، سورهيائيءَ ۽
سرفروشيءَ جا ماڳ مڪان، حسن و عشق جا داستان، لوڪ
گيت ۽ لوڪ ادب جا ڀنڊار، ساز ۽ آواز جون دلپذير ۽
روح پرور لهرون ۽ حب الوطنيءَ ۽ وطن دوستيءَ جا
لازوال آدرش موجود آهن.
هن ئي ضلعي کي اهو شرف حاصل آهي جو وطن جي حُب جي
بي نظير مثال جي عظيم علامت ”مارئيءَ“ جوملير هت
موجود آهي. ڀالوا جي ڀلاري ڀو ُن، هن ضلعي جي حدن
۾ شامل آهي. سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سمورن عوامي شاعرن پنهنجن
لافاني بيتن ۾ ”مارئي“ کي بيشڪ زنده ڪري ڇڏيوآهي.
سنڌ ۽ مارئي لازم ۽ ملزوم بڻجي چڪا آهن. ٿرڄائيءَ
جو عظيم ڪردار، سنڌ جي زندگي ۽ تابندگيءَ جي ضمانت
ڏئي رهيو آهي.
هن ضلعي جي سڳوري خاڪ کي اها پڻ سعادت حاصل آهي،
جو ان سنڌ جي عظيم عارف ۽ شاعرن جي سرتاج لاکيڻي
لطيف سائينءَ جي قدم بوسي ڪئي آهي. ڀٽائي بادشاهه
پنهنجي ڏکڻ سنڌ جي سير سفر دوران ٿر جي ڪافي
علائقي ۾ گهميو هو. شاهه صاحب جي ڪلام مان ٿر جي
ماحول جي گهري عڪاسي ان ڳالهه شاهديءَ لاءِ شمار
ڪري سگهجي ٿي.
قديم تهذيبن جي آثارن جي ضمن ۾ به هي ضلعو خالي نه
آهي. ميرپورخاص جي ڀرسان ڪاهوءَ جي دڙي جا ڀِڙا
تقريباً اڍائي هزار سالن جي قدامت جي شاهدي ڏيو
بيٺا آهن. عالمن جو اندازو آهي ته اهو شهر ان وقت
جي برصغير جي نامور ٻُڌسٽ مرڪزن ۾ شمار ٿيندو هو ۽
مهاتما ٻـُڌ جي وفات کانپوءِ ان جي خاڪ هتي آندي
وئي ۽ هتي ئي محفوظ ڪئي وئي. ان طرح هن ضلعي جي
ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي جيڪو ننگر پارڪر تعلقو آهي، ان ۾
ڪارونجهر ٽڪرين تي قديم تهذيبن جا ڪيئي آثار اڃا
تائين موجود آهن، جن مان ”جين ڌرم“ جي دور جا
اهڃاڻ مکيه حيثيت رکن ٿا.
ماضي قريب جي آثارن مان قلعي ۽ ڪوٽ هن ضلعي جي
مختلف مقامن تي موجود آهن. عمرڪوٽ جي قديمي قلعي
کانسواءِ باقي سمورا قلعا ٽالپرن جي صاحبيءَ جي
زماني جا آهن، جن جي ڪثرت ريگستاني خطي ۾ آهي.
عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ جا قلعا اڄ به وڌ ۾ وڌ صحيح
سالم صورت ۾ موجود آهن.
وري عمر ڪوٽ جي قدامت تي ويچار ڪجي ٿو ته اهو شهر
تمام آڳاٽو ثابت ٿئي ٿو، جيڪو مختلف دورن ۾ ڪيترن
ئي مقامي حاڪمن جو دارالحڪومت پڻ پئي رهيو آهي.
انهيءَ شهر ۾ برصغير جي هاڪاري مغل شهنشاهه جلال
الدين اڪبر جي ولادت ٿي.
سنڌ جي ڪيترن ئي مقبول نيم تاريخي عشقيه داستانن
کي هن ضلعي ئي جنم ڏنو آهي، جن مان ”مومل راڻو“ سر
فهرست آهي. ڀٽائي سائينءَ ۽ ٻين سمورن عوامي شاعرن
حسن و عشق جي انهيءَ مشهور داستان کي خوب بيان ڪيو
آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي رومانوي ڪهاڻين هن ضلعي
۾ فني شهرت حاصل ڪئي. مثلاً: ڍولا- مارو،
ليلان-چنيسر، سورٺ- راءِڏياچ، مهر راڻي ۽ راءِ
لاکو، سڏونت- سارنگا وغيره.
وطن جي آزاديءَ خاطر، ڌارين جي حملن کي ٻنجي ڏيڻ
جي ڪوشش ڪندي سر کي سُرهي ڪرڻ جي سلسلي ۾ پڻ هن
ضلعي پاڻ ملهايو آهي. انهن سرفروش بهادرن ۾ ”شير
سنڌ“ مير شير محمد خان ٽالپر ماڻڪاڻيءَ جي نالو
ڪنهن کان لڪل آهي؟ سنڌ جي قومي هيرن مان چمڪندڙ،
هن ستاري جو ماڳ مڪان ۽ مدفن هن ضلعي ۾ آئي آهي.
شير سنڌ جنهن بهادريءَ سان انگريزن سان وڙهيو، ان
جو اعتراف خود ڪيترن ئي انگريز مـﺂرخن ڪيو آهي.
هن ضلعي ۾ ڪيترن ئي عارفن ۽ اوليائن، صوفي شاعرن ۽
باڪمال بزرگن، درويشن ۽ روشن ضمير فقيرن جا آخري
آرام گاهه موجود آهن، جتي لکين عقيدتمند حاضريون
ڏيئي رهيا آهن. انهن مان صوفي صديق فقير سومرو ۽
پير پٿورو مکيه شمار ڪري سگهجن ٿا.
ان ريت ادب ۽ شاعري، لوڪ ادب ۽ موسيقيءَ جي ميدان
۾ پڻ هن ضلعي کي وساري نه ٿو سگهجي. خاص ڪري ٿر جي
خطي جو لوڪ ادب، سنڌي لوڪ ادب ۾ اهم جاءِ والاري
ٿو، جيڪو محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ورهين جي ڪشالن ۽
محنت سان هٿ ڪري ان کي شايع ڪيو آهي. ٿر جا لوڪ
گيت- ڍاٽيئڙو، همرچو، چِرمي، ولاڙو، لکيو، ڏهوڪو
وغيره- نهايت مقبول عوامي گيت آهن، جي عوام جي
جذبن ۽ امنگن جي ڀرپور عڪاسي ۽ ترجماني ڪن ٿا.
هن وقت هن ضلعي جي دستڪارين کي پاڪستان کان ٻاهر
ولايت جي ملڪن ۾، خاص ڪري آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڏي
مقبوليت حاصل ٿي چڪي آهي. ٿر جا گج، ڀرت جا ڪپڙا
۽ڪشيده ڪاريءَ جو ٻيو سامان (جيڪو نمائش ۾ سجائي
رکيو ويو آهي ۽ اوهان انهن جو ملاحظه ڪندا) وڏي
پيماني تي تيار ڪيو ٿو وڃي ۽ ولايت ۾ ان جي طلب
وڌي رهي آهي.
سنڌي ماڻهن جي روايتي سٻاجهڙائي ۽ سادگي، نياز ۽
نئڙت، نهٺائي ۽ نماڻائي، شرافت ۽ مروت، مهمان
نوازي ۽ حُسن اخلاقيءَ جي جڳ مشهور اخلاقي قدرن
سان هن ضلعي جا باشندا صدين کان وٺي سرشار رهندا
اچن ٿا. ٿر جي ماروئڙن جي خصوصيتن ۽ وصفن کي ڀٽائي
بادشاهه پنهنجي ڪلام ۾ دل کولي بيان ڪيو آهي.
خواتين و حضرات!
مان سمجهان ٿو ته مون ڪافي وقت ورتو آهي، اسان
سڀني کي پنهنجن معزز مهمانن ۽ سنڌ جي نامور عالمن
۽ اديبن کي ٻڌڻو آهي، ان ڪري آءٌ اجازت وٺڻ مناسب
سمجهان ٿو.
آخر ۾ آءٌ هڪ دفعو ٻيهر، سمورن معزز مهمانن جي آمد
تي سندن شڪريو ادا ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.
خداحافظ
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪن مڃيا مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جـُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وسائيا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سـُڪار،
دوست! تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
اسان جي ثقافت ۽ نوجوان نسل
صدارتي تقرير
الحاج پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه
(سابق وائيس چانسيلر سنڌيونيورسٽي)
نحمده و نصلي علي رسولـﮧالڪريم و علي آلـﮧ و
اصحابـﮧ اجمعين.
عزيزو- آءٌ توهان جو ٿورائتو آهيان، جو مون کي هن
جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جوموقعو ڏنو اٿو. مون کي خوشي آهي
ته سنڌ جي هن تاريخي پروگرام ۾ توهان ۽ توهان جو
نوجوان ڊپٽي ڪمشنر سڀ دلچسپي وٺا رهيا آهيو. آءٌ
سمجهان ٿو ته ”سنڌ صدين کان“ پروگرام پنهنجيءَ
نوعيت جو پهريون پروگرام آهي، جو حڪومت سنڌ 1972ع
جي واعدي کانپوءِ ڪنهن چڱي نموني پيش ڪري رهي آهي
۽ جنهن ۾ سڄي سنڌ جوش ۽ جذبي سان اسان سان تعاون
ڪري رهي آهي. آءٌ حڪومت سنڌ سان گڏ وزير تعليم کي
سندس اخلاص ۽ جرئت جي شاباس ڏيندس. اسين، جيڪي
حڪومت کان ٻاهر آهيون، ۽ معاشري، تعليم ۽ پنهنجي
تاريخ ۾ دلچسپي رکون ٿا، سي انهن سرگرمين کي وڏي
قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اميد ته ”سنڌ صدين کان“
پروگرام سنڌ حڪومت جي واسطي اسان جي زبان، ادب،
ثقافت، معاشرتي وحدت ۽ غيرت جي راهه ۾ پهريون قدم
ٿيندو هيءُ سلسلو جاري رهندو.
عزيزو – مون کي جڏهن ڪن بزرگن ۽ توهان جي ڊپٽي
ڪمشنر جهڙي نوجوان هن ڪم جي سرانجام ڏيڻ سان گڏ
ڪجهه تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو ته مون تي لازم آهي
ته انهن ڳالهين جو ذڪر ڪريان، جيڪي اسان جي
معاشري، ثقافت، اخلاق ۽ مستقبل سان واسطو رکن
ٿيون، ثقافت جاندار ۽ باڪمال ۽ صحتمند معاشري جو
سرمايو آهي ۽ فقط هڪ علم، اخلاق، ۽ ترقي ۽ مستقبل
جي سمجهه رکندڙ نسل جي ميراث ٿي سگهي ٿي.
عزيزو – دنيا هڪ ڪشمڪش ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي جاءِ آهي ۽
سنڌ خاص طرح سان هن امتحان جي دور مان گذري رهي
آهي. اسان جو معاشرو 1971ع تائين هڪ عجيب غير
يقيني ۽ حيرانيءَ واريءَ صورتحال ۾ مبتلا هو.
1971ع کان پوءِ هڪ نئين فضا قائم ٿي، جنهن ۾ هر
طرف پهريون دفعو اسان کي اسان جي ملڪ جي معاملن ۾
حيثيت ۽ مقبوليت ملي. هن کان اڳي اسان پنهنجي ئي
ملڪ ۾ هڪ قسم جا اجنبي ۽ طفيلي ٿي. زندگي بسر ڪري
رهيا هئاسون، محروميت اسان ۾ جنون جي حالت اختيار
ڪري چڪي هئي. نوجوان ته ٺهيو، مگر بزرگ به ويل ۾
هئا. اسان هڪ مشڪوڪ ۽ مڪدر فضا ۾ جي ۽ ساهه کڻي
رهيا هئاسون. حالتن جي نزاڪت جي ڪري لازمي طرح
بزرگن منهن ۾ نوجوانن کي ڏنو ۽ انهن کي استعمال
ڪيو ۽ هنن اهو واحد طريقو پنهنجي وقار ۽ معاشرتي
نجات جو ڏٺو. هن وقت، زندگيءَ ۽ موت جي جدوجهد ۾
اسان مان سڀ اصلاحي صلاحيتون ختم ٿي چڪيون هيون.
علم، حلم، اخلاق، فڪر سڀ ٻئي درجي ۾ رهجي ويا ۽
اسان انقلابي بي چينيءَ ۾ مدهوش ٿي وياسون. اسان
جون سڀ قوتون ۽ صلاحيتون اسان جي بقا جي اصولن ٻئي
درجي ۾ ڦٽيون ڪري ڇڏيون.
عزيزو- ياد رکو، اهو هڪ فطري ۽ معاشرتي اصول آهي
ته جڏهن قومن جو رجحان ۽ انهن جي جدوجهد سالن
تائين فقط هڪ ئي طرف رهندي آهي، ته منجهن فقط
انهيءَ هڪ طرف ۽ انهيءَ انداز ۾ هلڻ جي عادت ٿي
ويندي آهي. 1948ع کان 1955ع تائين هڪ دؤر هو،
1955ع کان 1965ع تائين ٻيو دؤر هو؛ 1966ع کان
1971ع تائين ٽيون دؤر هو، ۽ 1971ع کان اڄ تائين
هڪ ٻئي قسم دؤر آهي. 1966ع کان 1971ع تائين اسان
جو سڄو معاشرو شڪ ۽ تذبذب ۾ رهيو. اهي سڀ ڪم ۽
ترڪيبون، جيڪي اسان جي وجود ۽ بقا لاءِ ڪارآمد
۽ضروري هيون.انهن تي زور ڏنو ويو.
عزيزو – هاڻي اسان جي معاشرتي ارتقا، فلاح ۽ صحت
لاءِ اهي اصول ڪارآمد نه ٿيندا، جنگ ۽ امن جا اصول
ڌار ڌار تقاضائون ڪن ٿا. جنگ جو فلسفو ۽ ان جا
اصول ۽ جدوجهد جا طريقا، امن ۽ صلح لاءِ بلڪل
ڪارآمد نه ٿيندا. مثال مشهور آهي ته جنگين جون
سوڀون يقيناً وڏي حيثيت، سبق ۽ معنيٰ رکن ٿيون،
مگر صلح ۽ امن جا اصول بلڪل ٻئي قسم جا هوندا آهن.
اسان پنهنجي معاشري جي بقا جي جدوجهد ۾ يقيناً هڪ
قسم جي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. مگر ڇا اسين اڃان
انهن ديوانگين ۾ مبتلا هونداسين، جيڪي اسان جي
وجود ۽ غيرت لاءِ برابر ضروري هيون، مگر اسان جي
حال جي ترقيءَ لاءِ بلڪل بيڪار آهن ۽ مستقبل جي
نظر سان فرسوده آهن. احساس ۽ جوش، هاڻي ترقيءَ ۽
ڪاميابيءَ جي راهه تي وٺي وڃڻ لاءِ ڪن ٻين اصولن ۽
ترڪيبن جي طلب ڪن ٿا. اسان کي تعليم، مطالعي، سوچ،
فڪر، هنر، تحقيق ۽ ادب جي ضرورت آهي، جن کان مون
کي افسوس آهي ته اسان جا بزرگ استاد ۽ شاگرد بلڪل
بي خبر، لاپرواهه ۽ دور نظر اچن ٿا. هن قسم جي
ابدي صلاحيتن ۽ ضرورتن ۽ انهن جي اهميت جو احساس
1971ع تائين يا وساريو ويو يا ٻئي درجي ۾ رکيو
ويو. مگر انهن کي هاڻي اصلي درجو ۽ اوليت ڏيڻي
آهي، نه ته جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو اٿـؤن، اهو به
وڃائي وهنداسون.
عزيزو – ياد رکو، 1971ع کان پوءِ جو دور جيتري قدر
اسان جي تقويت جو دؤر به ٿي سگهي ٿو. حالتن جو
سازگار هئڻ هڪ وقفو ٿي سگهي ٿو. حالتون بدلجي سگهن
ٿيون. زمانو نئين ۽ انوکي نوعيت اختيار ڪري سگهي
ٿو. تاريخ کي پاڻ دهرائڻ جي عادت آهي. 1955ع کان
1971ع جا ڏينهن واپس اچي سگهن ٿا، اهو اسان تي
مدار آهي، جيتري قدر اڳي هو.
عزيزو – مون پنهنجي زندگيءَ جا33 سال درس ۽ تدريس،
مطالعي ۽ پنهنجي وسعت آهر هر قسم جي قربانيءَ ۽
خدمت ۾ گذاريا ۽ هاڻي جڏهن سال کن کان سرڪاري
نوڪريءَ کي خيرباد چيو اٿم ته اهي ڳالهيون، جيڪي
سرڪاري نوڪريءَ جي زماني ۾ نوڪريءَ جي اخلاقي
لوازمات يا مجبورين يا فرض شناسيءَ جي حالت ۾ چئي
يا ڪري نه سگهيس، اهي هاڻي وڏي آواز سان چئي ۽ ڪري
سگهان ٿو. خدا جي فضل سان مون کي ڪا به لالچ نظر ۾
نه آهي. جيتوڻيڪ نوڪريءَ جي زماني ۾ به مون پاڻ کي
ايترو بي بس يا ٻڌل يا زير اثر نه محسوس ڪيو، مگر
پنهنجو اخلاقي فرض هميشه محسوس ڪيم. رزق ۽ عزت
پروردگار جي هٿ ۾ آهي. اسين لاڙ ۾ ڏينهن جو ڳاڙهن
چانورن، مڇيءَ جي ٻوڙ ۽ لسي، ۽ رات جو کير ۽
چانورن کائڻ جا هميشه عادي آهيون. آءٌ الله تبارڪ
جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي پير ٻڌي بيهڻ ۽
بنيادي اصولن کي نه ڇڏڻ جي همت ڏني ۽ حالتن جي
نزاڪت ۽ خطرن جي هيبت هوندي به مون مشڪلات کي منهن
ڏنو ۽ وڏي آواز سان چئي سگهان ٿو ته گذريل 25 سال
(1950ع کانپوءِ) آءٌ سنڌ جي سڀني بلند، بارسوخ يا
برسر اقتدار يا مخالفت ۾ شخصيتن جو مشڪور آهيان،
جن منهنجي سنڌ جي متعلق اصولن، خيالن ۽ جذبات جو
احترام ڪيو ۽ اختلافن هوندي به منهنجي نيت ۽
قربانيءَ کي ڏسي مون کي پنهنجي محبت ۽ شفقت سان
نوازيو. آءٌ سنڌ جي هنن بزرگن، حڪومت ۾ يا حڪومت
کان ٻاهر، جي هن قدردانيءَ لاءِ مشڪور آهيان، جي
اڄ هن پوڙهپڻ ۾ به عزت ۽ احسان جي نگاهن سان ڏسن
ٿا. آءٌ ان پروردگار جو شڪر گذار آهيان، جنهن مون
کي بي بس نه بڻايو ۽ نوڪري ميڙي متي ڇڏي، باقي
زندگيءَ جا ڏينهن اسان جي معاشري جي نئين همت ۽
اخلاص سان بنا ڪنهن معاوضي ۽ طمع جي خدمت ڪرڻ شروع
ڪيم. منهنجي ڪنهن اجوري ۾ نظر نه آهي ۽ دعا ڪندا
ته انهيءَ کان موليٰ پاڪ بچائي. زندگي هاڻي خبر نه
آهي ته ڪيترا سال ساٿ ڏيندي.
عزيزو – آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سچ چوڻ جي ڪري گارين جو
پڙاڏو ٻڌندو آهيان. زندگيءَ ۾ تعليم ۽ تربيت دوران
گار ۽ بدڪلاميءَ کي مون ڪڏهن به جاءِ نه ڏني. اسان
جا دوست گاريون ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سندن ڪمزورين
جو انڪشاف ڪريان ٿو. عجيب و غريب ڪوڙ ۽ به تان ۽
من گهڙت ڳالهيون مون سان منسوب ڪيون وڃن ٿيون.مون
سان نسورو ظلم آهي. اهي گاريون، جيڪي بدنيتيءَ
سان ڏنيون وڃن ٿيون، آءٌ انهن کي نظرانداز ڪندو
آهيان ۽ عجب اهو آهي ته گاريون اتان ملن ٿيون،جتي
اسلام جي زياده ۾ زياده لٻاڙ نظر اچي ٿي. آءٌ انهن
سڀني کي قرآن جي ٻن ننڍين ۽ پڇاريءَ جي سورتن
الفلڪ ۽ الناس جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تلقين ڪندس.
آءٌ انهن گارين جي بلڪل پرواهه نه ڪندي، پنهنجي
گذريل 33 سالن جي تجربي ۽ معاملات ۽ انقلاب جي نظر
۾ باوثوق طرح چوندس ته اسان کي اهڙين جماعتن جيڪو
ذهني، فڪري ۽ معاشرتي نقصان رسايو آهي، ان جو
اوهان اندازو نه ٿا لڳائي سگهو. انهن سنڌ جي اخلاص
۽ ديني محبت جو غلط فائدو ورتو آهي. سنڌ جي
نوجوانن کي مذهب جي نالي ۾ گمراه ۽ خريد ڪيو آهي.
هنن جماعتن جي سنڌ سان دشمني سندن بنيادي اصول
آهي. سنڌي نوجوانن ۾ انتشار ۽ گروه بندي ۽ بزرگن ۾
بزدلي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن پئسي، پروپيگنڊا،
چالبازي، لالچ ۽ حوس جا سڀ طريقا استعمال ڪيا آهن.
آءٌ پنهنجي اسلام لاءِ ڪنهن وٽ به ڪنهن سرٽيفڪيٽ
يا سند لاءِ وڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. آءٌ رزق حلال
۽ جرئت سان سچ چوڻ عين اسلامي ۽ خدائي فرض سمجهان
ٿو. مون لاءِ سنڌ جي زمين وڏي اهميت رکي ٿي. زمين
کانسواءِ ثقافت جو صحيح ۽ مڪمل مفهوم مفقود آهي.
ثقافت جي نظريي ۾ جاگرافيءَ جو وڏو حصو آهي. آءٌ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ فرق ڪرڻ کي غير ضروري سمجهان ٿو.
عزيزو – اسان جا نوجوان اڄ هڪ عجيب دماغي، ذهني ۽
عملي انتشار ۽ گروه بنديءَ ۾ مبتلا آهن. اڄڪلهه
فطرت ڪنهن قدر خوشگوار ۽ اقتصادي فضا ۾ ترقيءَ ۽
اضافي جا موقعا موجود ڪري ڏنا آهن ۽ چند جايون ۽
رتبا کين قبل از وقت بنا محنت ۽ بنا صلاحيت رکندي
نصيب ٿيا آهن. سنڌي نوجوان تي هڪ عجيب قسم جي هٻڇ
۽ لالچ جي بي صبري طاري آهي. هڪ نئون ۽ سازگار
ميدان آهي، جيڪو هنن ڪڏهن به اکين سان نه ڏٺو هو،
يا تصور ڪيو هو. هاڻي ان ۾ سندن گهرج ۽ اهميت آهي.
مگر افسوس ته سنڌ جو نوجوان پاڻ ۾ فرائض ۽ صلاحيتن
جي پيدا ڪرڻ يا حاصل ڪرڻ کان ناواقف ۽ بي خبر آهي.
فوري نوڪريءَ ۽ فائدي جي طاق ۽ جستجوءَ ۾ علم،
مهارت، سجيدگي ۽ تدبر وڃائي ويٺو آهي. توهان
انجنيئرنگ گرجوئيٽ سياسي سيڪريٽري يا ذاتي صلاحڪار
يا وڪيل ڏسندا، ته ڪي دهاتي پرچار ۽ پروپئگنڊا ۾
نظر ايندا ته ڪي ڪلارڪيءَ جو کاڄ آهن. زمانو هڪ
عجيب ڪلها گس ۽ ٺوٺين جي راند ۾ مبتلا آهي. اسان
جا نوجوان هڪ عجيب مغالطي ۾ مبتلا آهن. آءٌ اسان
جي نوجوانن جي علمي، ادبي فني صلاحيتن جي فقدان تي
حيران آهيان. کين نه انگريزي ٿي اچي ۽ نه سنڌي!
سندن واسطي هڪ صحيح جملو لکڻ مشڪل آهي ۽ لفظ جي
صحيح صورتخطي محال آهي. معمولي عبارت کي سمجهڻ کان
هو قاصر آهن. ڳالهائيندي لفظ سندن گلي ۾ اٽڪن ٿا.
سستيءَ ۽ لاپرواهيءَ جا سردار اهڙين ڳالهين جي
جستجوءَ ۾ منهمڪ آهن. جن ۾ محنت گهٽ هجي ۽ اجورو
گهڻو. ناقص، اڻ پڙهيل ۽ بيحس استادن جي هٿن ۾ ۽
پنهنجي اعمالن ۾ هو تباهه ٿي رهيا آهن. والدين
حيران ۽ بي بس آهن ۽ پنهنجي ٽوپي بچائڻ ۽ سر لڪائڻ
۾ پورا آهن. بقول منهنجي هڪ دوست
ڀوڏيسر ويجهو هڪ
قديم قبر تي لڳل پٿر
جي، ”سائين! اڳي ماڻهو خدا کان دعا گهرندا هئا ته
صالح پٽ ڏجانءِ، پر هاڻي هٿ کڻي دعا ٿا گهرن ته اي
پروردگار! صالح پٽ ڏجانءِ، متان پيءُ نه پيدا
ڪرين.“
عزيزو- هڪ عجيب غليظ فضا آهي. اسان جي تعليم کي
گذريل 27 سالن ۾ شديد تپ دق اچي ورتو آهي. ته
شاگرد پڙهن ۽ نه استاد پڙهائين. مائٽ ويچارا حيران
۽ مايوس آهن. انتشار، گروه بندي، هنگامي بازي،
بدڪلامي ۽ بداخلاقي، تعليمي ماحول جو جز بڻجي
چڪيون آهن. بداعمال ۽ بدڪردار استاد پڙهائڻ
کانسواءِ ٻيا سڀ ڪم ڪندا. اهو هڪ بنيادي اصول آهي
ته تعليم جو معيار ۽ وقار ۽ ان جو رنگ ۽ بو استادن
مان ملندو. هڪ يوناني قول آهي ته چڱائي ۽ بلندي
چڱن ۽ بلند شخصيتن جي صحبت سان ملنديون. اسان جي
استادن ۾ اهو پرواز ختم آهي.
عزيزو – آءٌ 27 سالن کان ذريعه تعليم ۽ نظام تعليم
متعلق توهان وانگر ٻڌندو، پڙهندو ۽ ڏسندو رهيو
آهيان. اسان تقريرون ٻڌون ٿا، انگريزي تعيلم يا
روشني، آمريڪي، جرمني يا چيني نظام تعليم متعلق
ٻڌون ٿا، اسين سالها سال بيڪار ڪانفرنسون ۽
رپورٽون تيار ڪندا رهيا آهيون، جن جو اصل مقصد
نمائش ۽ حاڪمن کي خوش ڪرڻ جو رهيو آهي. آءٌ اڄ به
چوان ٿو، جيڪو ڪجهه مون مرحوم فضل الرحمان وزير
تعليم حڪومت پاڪستان کي 1949ع ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾
چيو ۽ 1960ع ۾ تعليمي ڪميشن ۾ صدر محترم کي وزير
تعليم جي موجودگيءَ ۾ چيو ۽ آءٌ اڄ به چوان ٿو ته
اسين وقت وڃائي رهيا آهيون، جاهلن، اڻ پڙهيلن ۽ اڻ
ڪڙهيلن جون ڪانفرنسون جشن ۽ تماشا آهن. استادن جون
علمي، تعليمي ۽ تدريسي لياقتون ڪري رهيون آهن. آءٌ
عرض ڪندس ته خدارا اجائي الجهن ۾ نه پئو. 1947ع جي
انقلاب اسان جي تعليم کي ناقص ۽ بي بس ڪري ڇڏيو
هو. اسان تي اول فرض پڙهائڻ جو آهي. تعليم جي رنگ
۽نظام کي ڇڏيو، پهريائين پڙهائڻ جي مهم شروع ڪريو
ته ڪجهه ته اسان کي نصيب ٿئي. پڙهائڻ عين مقصد
آهي. فلسفا هزار هوندا، مگر جتي تدريس ختم ۽ ناقص
آهي اتي فلسفو ڇا ڪندو. تعليم کي اسلامي يا غير
اسلامي اسان 27 سال سڏيو آهي، مگر حاصل ڇا ڪيو
اٿـﺂن. اڌ پڙهيل استاد آهن، جن کي ڏسي شرم ٿو اچي.
نه شاگرد ڪلاسن نه ۾ نه وري استاد ڪلاسن ۾. اچو ته
کين ڪلاسن، لئبارٽرين ۽ لئبررين ۾ وٺي هلون ۽
وهاريون. اسان جي هيءَ سڄي تعليم 27 سال بيڪار ۽
بيسود نظرياتي ڇڪتاڻ ۾ ناقص ۽ عليل ٿي چڪي آهي.
ترقيءَ جي بجاءِ اسان کي ماڳهين جهالت انتشار ۽
رسوائي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن.
عزيزو – اسين خبر نه آهي ته ڇو نوجوانن جي خوشامد
۽ انهن کي راضي رکڻ ۾ پنهنجون سڀ ذميداريون وساريو
ويٺا آهيون. اسين دهرائيندا رهندا آهيون ته نوجوان
مستقبل جا مالڪ آهن. ۽ اهي اسان جون اميدون آهن.
اهو بلڪل صحيح آهي ۽ نوجوانن کان نااميد ٿيڻ
ڪمبختي آهي. مگر اهي نوجوان هجن، جن جون ادبي،
علمي، فني ۽ اخلاقي صلاحيتون ترقيءَ جي راه تي
هجن. اگر هو اسان کان به پٺتي آهن ۽ ذلت جي طرف
ڊوڙندڙ آهن ته يقيناً معاشري جي لاءِ وبال آهن.
اسان هن وقت ثقافت تي زور ڏيئي رهيا آهيون. اسين
”پدرم سلطان بود“ جا نعرا هڻي رهيا آهيون، ڇا هن
ثقافت جا هي جاهل، نااهل، بداخلاق ۽ تنگ نظر
نوجوان، محافظ ۽ خدمتگذار ٿي سگهن ٿا؟ اهي نوجوان،
جيڪي حيوانيءَ ۽ انتشار ۾ مبتلا آهن ۽ هڪ ٻئي جي
جان وٺڻ لاءِ تيار آهن، انهن کان ثقافت جي ڇا خدمت
ٿيندي!
عزيزو – اڄوڪي نوجوان جي هٿ ۾ ڪا به شيءِ پاڪ ۽
صحيح سلامت رهي نه ٿي سگهي ته هو مستقبل ۾ ڇا
ٺاهيندو؟ اسين پنهنجن عالمن، اوليائن ۽ بزرگن کي
ياد ڪريون ٿا، مگر ڇا جاهلن ۽ بداخلاق قومن جي به
ڪا ثقافت هوندي آهي؟ آءٌ هن ”سنڌ صدين کان“
پروگرام جي سلسلي ۾ چوڌاري ويو آهيان. دوستن ۽
بزرگن سان مليو آهيان. اسان وٽ وڏو ذخيرو موجود
آهي، جو هو ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جو هن وقت سندن
گهرن، اوطاقن، ڪٻٽن ۽ صندوقن ۾ تباهه پيو ٿئي. مگر
هو سڀ مون کان سوال پڇن ٿا ته سائين! اهڙو ڪو
ماڻهو يا ادارو اسان کي ٻڌايو، جنهن تي اعتماد رکي
اسين هيءُ سڀ ذخيرو ڏيون. ڪنهن کي ڏيون ۽ ڪٿي
ڏيون؟ اسان وٽ پيو تباه ٿيندو. ڪٿي آهن اهي ادارا
۽ ماڻهو، جن وٽ اسين وڃون؟ ڪي فقط نالي ماتر، ڪي
اڻپورا، ڪي اڻ ٺهيل، ڪي چورن ۽ نشئين جي حوالي،
باقي ڏيون ڪنهن کي؟ بلڪل سچ ٿا چون. اسان جي سڄي
زندگي بي ايمان، اڌ پڙهيل ۽ جاهلن جي حوالي ٿي
ويئي آهي؛ بداخلاق استاد، غير ذميدار نگران ۽
بدڪار سربراه ڇا نوجوانن، شاگردن ۽ مقندين جي
اصلاح ۽ رهبري ڪندا.
عزيزو – جيئن مون عرض ڪيو ته سرڪاري ملازمت کي سال
کن کان خدا حافظ چئي ويٺو آهيان. مگر سنڌ ۽ سنڌ جي
ادارن سان ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ جيڪا
پروردگار کان ڏنل زندگي رهي ته دلچسپي وٺندو
رهندس. آءٌ سنڌ جو ڪو خدائي فوجدار نه آهيان، مگر
سنڌي هوندي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ بطور رسول صه
جي حديث جي ”المسلم من سلم المسلم بيده و لسانـﮧ“
ڪوتاهي نه ڪندس. مون سنڌ جي نالي ۾ خوشي، محبت ۽
عزت سان گڏ گاريون، بهتان ۽ تڪليفون به سٺيون آهن.
اسان جي ادارن ۾ دلچسپي فقط پگهار سان نه، نوڪريءَ
سان نه، يا ڪنهن عيوضي يا لالچ سان نه، مگر حياتي
۽ زيست سان آهي. آءٌ هت ٻن ادارن جو مختصر ذڪر
ڪندس.
هڪ سنڌي ادبي بورڊ، جنهن سان محبت آهي ۽ پراڻو
تعلق رهيو آهي؛ جنهن جو ماضي شاندار رهيو آهي ۽
جنهن جو مستقبل اڃا به شاندار ٿي سگهي ٿو، مگر حال
ابتر اٿس! ويچارو سنڌي ادبي بورڊ سياست جي نذر ٿي
ويو آهي. خبر نه آهي ته ڇو حيران ۽ بي جان آهي. ڪا
به نئين جرتمند ڳالهه سوچڻ لاءِ تيار نه آهي. بورڊ
ڊپ ۽ هراس، بزدليءَ ۽ سستيءَ ۾ بستري داخل آهي.
سنڌي ادبي بورڊ اسان جي لساني، ثقافتي ۽ تاريخي ڪم
۾ جيڪا وڏي جدوجهد ڪئي آهي، اها قابل تعريف آهي.
خبر نه آهي ته ڇو پنهنجي تاريخ ۽ ڪارنامن کان پري
ٿي ويو آهي. ڇا اسين حضور شرميءَ جي حالت ۾ ادارن
جو بيڪار يا بند ٿيڻ برداشت ڪنداسين. ڇا ڌاريان
گاريون ٿا ڏين ۽ پروپئگنڊا ٿا ڪن، تنهن ڪري اسين
سچ تان هٽي وينداسين. ڇا ڌارين جي زهريلي ۽
بدنيتيءَ جي تنقيد جي ڪري اسين حراس ۽ سڪرات ۾
هونداسين؟ ڇا ٻيا ڇا چوندا، تنهن ڪري اسان چپ ڪري
ويهي رهنداسين؟ آءٌ وڏي آواز عرض ڪندس ته سنڌي
ادبي بورڊ پنهنجي اصل مقصد ۽ فرض کان گمراهه ٿي
ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن وقت دماغ، هٿن ۽ پيرن
کان مفلوج آهي.
عزيزو – ٻيو ادارو آهي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. مون
زندگيءَ جا 5 سال هن اداري کي ڏنا آهن، ۽ خدا جي
فضل سان ان کي سنڌ جو مقبول ترين ۽ محبوب ادارو
بنايو آهي، جنهن جي شاهدي اسان جو وزيراعظم صاحب
ڏيندو. مون هن اداري واسطي هر ڪنهن قسم جي رنڊڪ کي
منهن ڏنو، محنت ڪئي ۽ تڪليفون سٺيون.سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ هر هڪ ٻار، نوجوان ۽ پوڙهي تائين ان جو آواز
پهچايو. مون اپيلون ڪيون ۽ پئسو، ڪتاب ۽ شيون هٿ
ڪيون. حڪومت کان پروگرام منظور ڪرايا ۽ عمارتون
شروع ڪرايون. ايتري قدر جو سنڌ ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي هڪ نظر اچڻ لڳا. پر هاڻي اهو ادارو اڌ
مئل ۽ اڌ جيئرو لڳي ٿو. ڪير به دلچسپي وٺڻ وارو نه
رهيو آهي. انسٽيٽيوٽ هڪ واحد ادارو هو. جنهن ۾ سنڌ
جو اعتماد قائم ٿيو. انسٽيٽيوٽ سنڌ جي خدمت ڪئي،
ادبي ۽ فني ميدان ۾، جنهن جو ثبوت هن جون اشاعتون،
فني ڪاميابيون، بي بها ڪتاب ۽ ٻيو ثقافتي ذخيرو هر
ڪنهن جي ڏسڻ لاءِ موجود آهي. مون کي اها ڪا به
پرواهه نه آهي ته ڪير ٿو هلائي،. مگر ڪير ته
هلائي، خدا جي واسطي هن اداري کي ختم ٿيڻ نه ڏيو.
هن وقت هيءُ ادارو دماغ، جگر ۽ نسن جي مرض ۾ مبتلا
آهي. آءٌ اسان جي وزيراعظم – جيڪو علم دوست، دل ۽
درد رکندڙ ۽ غير معمولي معلومات رکندڙ انسان آهي -
۽ وزير اعليٰ جيڪو سنڌ جو خليق ۽ سچو فرزند آهي –
انهن کي عرض ڪندس ته خدارا، هيءَ اسان جا ٻئي
ادارا ڀٽائيءَ ۽ لعل شهباز سان گڏ وڏي ميراث آهن ۽
انهن کي انهيءَ نموني ۽ انداز ۾ هلايو. شخصيتن جي
ناراضگي يا خوشنودگيءَ کي نه ڏسو.اهي به ادارا
آهن، جن سنڌ تان قربانيون ڏنيون آهن. اهي ٻئي اسان
جي مستقبل جو ضامن ٿي رهندا. ڇا اسين کين وساري
ويهنداسين؟ انهن کي اهڙيءَ طرح هلايو، جو سنڌ جي
ماڻهن جو منجهن اعتماد ٿئي ۽ ساڻن محبت پيدا ٿئي.
اهي بزرگ، جيڪي پنهنجون بي بها شيون ڏيڻ لاءِ تيار
آهن، انهن لاءِ اعتماد پيدا ڪيو وڃي ۽ اسان جو
هيترو شاندار ثقافتي ذخيرو، جو تباهه ۽ گم ٿيڻ
وارو آهي، ان کي گڏ ڪيو ۽ بچايو.
سائين! هيءَ ڪم فقط پگهار کائڻ وارن کان نه ٿيندا.
پگهار کائڻ ۽ کڻڻ سان گڏ دل ۽ خدمت جو نظريو به
شامل هجي ها ته جيڪر وزيراعظم صاحب هيترن وڏن
پگهارن کائڻ وارن کي ڊسمس نه ڪري ها. آءٌ اڃان به
چوندس ته اسان وٽ سنڌ ۾ نه پئسي جي ڪمي آهي ۽ نه
قربانيءَ جي، مگر مخلص ۽ مجنون ڪم ڪندڙن جي سخت
ضرورت آهي. |