سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: 1

صفحو : 1

اُٺا مينهن ملير

نفيس احمد ناشاد

مهاڳ

”سنڌ صدين دوران“ موضوع تي بين الاقوامي مڪالمو سنڌ بابت تحقيق لاءِ هڪ نيڪ فال ثابت ٿيو. ان مڪالمي جي تياريءَ جي سلسلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي لائق ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه جي ڪوشش سان 21-22 ڊسمبر 1974ع تي ميرپورخاص ۾ هن سلسلي جو جشن ملهايو ويو، جنهن جي تفصيل وار ڪارگذاري هن ڪتاب ۾ شامل آهي.

هيءُ ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“ هر لحاظ سان هڪ قابل قد ڪارنامو آهي؛ پر ان جا ٻه مکيه پهلو قابل ذڪر آهن:

پهريون ته جشن جي مڪالمي (سيمينار) دوران پڙهيل مقالن ۾ سنڌ جي شاندار ماضيءَ سان گڏ ٿرپارڪر ضلعي جي جاگرافيائي، تارخي ۽ ثقافتي پهلوئن کي روشن ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان ضلعي ٿرپارڪر تي ورهين کان پوءِ وري معلومات جا مينهن وٺا آهن. اندازاً هڪ سـﺂ سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿيو جو ڪئپٽن سٽئنلي ريڪس پهريون ڀيرو ”ٿرپارڪر“ بابت هڪ تفصيلي يادداشت تيار ڪئي، جنهن ۾ خاص طرح هن انوکي ايراضيءَ جي تاريخي ۽ سياسي حالات تي روشني وڌائين. اها يادداشت سنه 1859ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ان کانپوءِ ان موضوع تي اڄ تائين ٻي ڪا به ڪامياب ڪوشش ڪا نه ٿي آهي.  ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“ جي ڇپجڻ سان انهيءَ ڏس ۾ ڄڻ نئين سِر قدم کنيو ويو آهي. [1]

ٻيو ته انتظامي طور ضلعي جي لحاظ سان ٿرپارڪر بابت هن کان اڳ ضلعي وار ”گزيٽيئرن“ ۾ معلومات ڏنا ٿي ويا، پر گهڻي وقت کان وٺي ضلعي وار ”گزيٽيئرن“ جو سلسلو جاري نه رهيو آهي. هڪ روشن خيال منتظم جي حيثيت ۾ محترم نور احمد شاهه اهو هڪ اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جو ڪتاب جي آخري باب ۾ ٿرپارڪر ضلعي بابت مفيد معلومات شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي روشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر انهيءَ علائقي يا ضلعي جو، جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، تحقيقي مطالعو ڪيو وڃي. ڪيتريون ئي مقامي ڳالهيون تڏهن معلوم ٿين ٿيون، جڏهن ڪنهن به اراضيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گهمي حالات جمع ڪيا وڃن. ٻاهرين ملڪن ۾ جتي علمي معيار بلند آهي، اتي تحقيق جو بنياد هميشه تفصيلي ۽ تجرباتي مطالعي تي رکيو ويو آهي. آمريڪا ۾ شاگرديءَ واري زماني جي دوران مون کي اهو احساس ٿيو ۽ سنه 1949ع ۾ سنڌ واپس اچڻ بعد مون مقامي طور تفصيلي مطالعي جو ڪم شروع ڪيو ۽ پهريائين ”لس ٻيلي“ جي مطالعي کي ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ذريعي شايع ڪيو.

ان کانپوءِ جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ سنڌ جو ضلعي وار تفصيلي مطالعو نه ڪري سگهيس. مگر ٻين ساٿين ۽ علم دوست صاحبن کي انهيءَ جي ترغيب ڏيندو رهيس. مون کي دلي خوشي ٿي آهي، جو هڪ هردلعزيز ۽ علم دوست نوجوان آفيسر، يعني ٿرپارڪر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه، ٿرپارڪر ضلعي جي تفصيلي مطالعي واري مقصد کي ڪامياب بڻايو آهي. اميد ته اسان جي سڄاڻ اديبن ۽ وطن دوست آفيسرن جي ڪوشش سان سنڌ جي ٻين ضلعنن جي تفصيلي مطالعي بابت ڪتاب شايع ٿيندا رهندا، ۽ هي ڪتاب انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مثالي ڪوشش ثابت ٿيندو.

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ڪتاب کي مسٽر پرڀو ”ناشاد“ سهڻي نموني سان مرتب ڪري، سهڻي نموني سان ڇپرايو آهي ۽ ٿرپارڪر جي علم دوست ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه، ان کي وڏي شوق ۽ اهتمام سان شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو سرورق خاص طرح شاندار آهي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخ ۽ ثقات توڙي سماجي زندگيءَ جي پوري طرح عڪاسي ڪري ٿو.

خادم العلم

 نبي بخش

حيدرآباد سنڌ                 (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

25- سيپٽمبر 1975ع       وائيس چانسيلر سنڌيونيورسٽي

ناشر طرفان

جون 1974ع ۾، جڏهن مان هن ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيس، تڏهن هِتان جي آثار قديمه، نوادرات، لوڪ ادب، فن، ثقافت، موسيقي، علم ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي مشاهدي ۽ مطالعي کان متاثر ٿي مون کي شوق جاڳيو ته مان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هڪ اهڙي علمي ڪتاب ڇپائڻ جو اعزاز حاصل ڪري سگهان، جيڪو مٿين موضعن تي، تحقيقي لحاظ کان معياري هجي. حسن اتفاق سان، گذريل سال، ميرپور خاص ۾، هڪ علمي مجلس ۾، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي پڻ ضلعي جي اهميت جي گونا گون پهلوئن متعلق ذڪر ڪندي، اهڙي ڪتاب جي اشاعت لاءِ همٿايو.

ان ارادي کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ وقت بوقت دل ۾ خواهش وڌندي پئي رهي ته ستت ئي ميرپور خاص ۾ ”جشن سنڌ صدين کان“ جي انعقاد جو موقعو پيدا ٿيو. ان وقت اِهو طئه ڪيو ويو هو ته جشن جي سموري ڪارگذاري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪئي وڃي، ته جيئن نه صرف جشن کي تاريخي حيثيت حاصل ٿي سگهي، پر ان سان گڏ سيمينار ۾ پڙهيل علمي ۽ تحقيقي شهپارا هميشه لاءِ محفوظ ٿي سگهن. نهايت خوشيءَ جو مقام آهي جو اها ديرينه خواهش اڄ پوري ٿي رهي آهي ۽ رٿيل علمي سوکڙي، ”اُٺا مينهن ملير“ جي نالي سان، قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.

هن ڪتاب کي وڌيڪ جامع بڻائڻ خاطر، ڪوشش ڪري، ضلعي متعلق مختلف پهلوئن تي ضروري معلومات، ”ضلعي جو تعارف“ جي عنوان سان، خاص مضمون جي صورت ۾، آخر ۾، پيش ڪئي ويئي آهي، جيئن پڙهندڙن کي هن ضلعي – جيڪو طبعي لحاظ کان ٻين ضلعن کان مختلف ۽ عام دلچسپيءَ جو مرڪز رهندو اچي ٿو – بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. ان لحاظ کان مون کي ٻيڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي جو هيءُ ڪتاب هڪ طرف جشن جي پروگرام جي آخري ۽ اهم رٿا جي تڪميل آهي ته ٻئي طرف ڪنهن حد تائين ”ضلعي جي گزيٽيئر“ جي حيثيت پاڻ رکي ٿو. هت انهيءَ نڪتي کي بيان ڪرڻ مناسب رهندو ته هن ڪتاب جي اشاعت قدري انهيءَ ڪميءَ کي پورو ڪري رهي آهي، جيڪا ماضيءَ جي هڪ وڏي عرصي کان وٺي هن ضلعي متعلق ڪنهن مفصل، معلوماتي ۽ تحقيقي ڪتاب جي عدم موجودگيءَ ۾ محسوس ڪئي پئي ويئي.

چوندا آهن ته ”وٺو ته ٿر، نه ته بر!“ ٿر- جيڪو جـُڳن کان وٺي ڏڪر جو ڏيهه رهندو اچي ٿو- تنهن ۾ هيل سارنگ سهسين ساٺ سينگار ڪيا آهن. هينئر ٿر ڌرتي جنت سمان آهي. دڙن جي ديس جو ذرو ذرو سرسبز ۽ سائو آهي. نيڻ نهار تائين ساوڪ ۽ سرهائي پيئي پسجي. آب انڇر ۽ ان اگوندرو آهي. کائر ۽ پائر ۾ کاڄ ۽کنڀين جي کوٽ ناهي. ڀٽون ۽ ڀاڻان، ڏهر ۽ تَليون، مڙها ۽ مگرا سرسبز آهن. چـﺂنرا ۽ چـﺂنڪيون آباد آهن. هر طرف وٺي جون وڌايون آهن. ترايون ۽ ڇن پلر جي پالوٽ سان ٽمٽار آهن. گسن تي گاهن جي گلزاري لڳي پيئي آهي. ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا آهن. چئني ڏسين ”همرچي“ جي هونگار ۽ چڙن جي چونگار آهي. آهي جندڙي سرهي ٿي پيئي آهي.  ماروئڙن جي منهن تي سرهائيءَ جي مرڪ موٽي آئي آهي. سنگهارن کي سُرت ۽ ساڃاهه ملي آهي. اٺي جي ٿڌي هير هانءُ کي سڌير ڪري رهي آهي. تاڙي جي تنوار هوا جي لهرين تي ترندي ترندي پيئي وڃي. ڪارونجهر جي ڪور تي مورن ”ٽهوڪو“ لائي ڏنو آهي ۽ ساري ڌرتي مور جي کنڀ جيان سُندر ۽ سوڀياوان پيئي ڀاسي. ڏڪاريا ڏچي ۾ آهن ۽ موذين جي مرڻ جي هل آهي. ورهين جا وڇوڙا ۽ ڏک ڏولاوا پل ۾ ڏور ٿي ويا آهن. ڏوٿيئڙن جي ڏيهه تان ڏُرت اهڙو لٿو آهي، جو ٿر جا وڏڙا چون پيا ته ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ اهڙي وڏاندري وس ٿي آهي. هيل وس ته بنهه بس ئي نه پيئي ڪري! شال سانگيئڙن جو هيءُ نماڻو ساڻيهه سدائين سارنگ سان سرهو هجي؛ شال سـُڪر ۽ سڻائي جي هڳاءُ ڀري هير گُهلندي رهي؛  شال ماروئڙا مينهن سان مست مگن ۽ مسرور هجن. هن ڪتاب جو نالو پڻ موقعي جي مناسبت سان ”اٺا مينهن ملير“ رکيو ويو آهي ۽ ان کي ٿر جي سرهن سنگهارن جي نالي اَرپيو ويو آهي.

هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ ۽ ڇپائيءَ جي سمورن فني مرحلن کي سهڻي نموني سان تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ضلعي جي نوجوان اديب ۽ شاعر مسٽر ”ناشاد“ (اسسٽنٽ ايڊيٽر ”مهراڻ“ سماهي) جنهن اخلاص ۽ عرقيزيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن لاءِ آءٌ سندس ازحد ٿورائتو آهيان.

سرورق جي ڊزائين لاءِ مقامي مصور مسٽر لال محمد پٺاڻ جنهن محبت کان ڪم ورتو آهي، ان جو اعتراف ڪرڻ لازم آهي. سندس فني محنت، ڪتاب جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪيو آهي.

گردپوش جي پٺ تي ڏنل ڪلر ٽرئنسپيرينسي ڊاڪٽر غلام علي الانا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌالاجيءَ جي مهربانيءَ سان حاصل ٿي آهي، جنهن ۾ ڀوڏيسر جي تلاءُ جو من مهڻو منظر سمايل آهي.

”ضلعي جو تعارف“ خاص مضمون لاءِ گهربل انگ اکر ۽ معلومات مهيا ڪرڻ ۾ مختلف کاتن ۽ آفيسن، اديب دوستن ۽ آفيس  جي عملي مان گهڻن ئي ساٿين دلچسپي ورتي آهي، جن جو شڪريه ادا ڪرڻ واجب آهي. انهن رفيقن جا نالا تمام ججها آهن، تن مان مسٽر مولا بخش لغاري اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص، مسٽر عبدالرحيم خشڪ ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، استاد معمور يوسفاڻي، ابوالمنصور لغاري ۽ عملي مان مشتاق، گل محمد، ڪرمچند، ڄيٺانند، تهذيب، يونس ۽ وسيع الله قابل ذڪر آهن.

هن ڪتاب جي اشاعت چند علم دوست رفيقن جي مالي اعانت سبب ممڪن ٿي سگهي آهي، تنهن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آهيان.

اميد آهي ته اسان جي هيءَ نماڻي پيشڪش سمورن علمي حلقن ۽ عام پڙهندڙن وٽ قدر جي نگاهه سان ڏٺي ويندي ۽ ان کي قبوليت جو شرف حاصل ٿيندو.

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

 

ميرپور خاص                    نور احمد شاهه

30- سيپٽمبر 1975ع          ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر

 

سَڀت ٿئي سَڻائي، ميان بادل!

وس ته وسن ڏينهڙا.

ڍٽ وٺو پَٽ پارڪر، سـُڄي اِي سَرهائي،

ميان بادل! وس ته وسن ڏينهڙا.

هئي آريجي ”عنات“ چئي، ريلي ڀون رجائي،

ميان بادل! وس ته وسن ڏينهڙا.

- ميون شاهه ”عنات“ رضوي رح
           
”ناشاد“

(مبصر خصوصي)                   ]اکين ڏٺو احوال]

 

جشن ”سنڌ صدين کان“

ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل سيمينار، نمائش ۽

محفل موسيقيءَ جي ڪارگذاري

گذريل مارچ جي پهرئين هفتي ۾، ڪراچيءَ ۾، حڪومت سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واريءَ وزارت جي اهتمام سان، سنڌي جي تهذيب ۽ ثقافت کي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي غرض سان، ”سنڌ صدين کان“ سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ برک ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن ۽  محققن، ”سنڌ“ جي مختلف پهلوئن تي پنهنجا شاهڪار مقالا پڙهيا؛ سنڌ جي نوادرات ۽ هنرن جي عظيم الشان نمائش ڪئي ويئي ۽ محفل موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ممتاز فنڪارن پنهنجي بهترين فن جو مظاهر ڪيو.

 ان کان اڳ 21-22 ڊسمبر 1974ع تي، ميرپور خاص ۾ ٿر پارڪر ضلعي جي سطح تي منعقد ٿيل جشن ”سنڌ صدين کان“ پڻ، انهيءَ ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جنهن جي انعقاد لاءِ ضلعي جي موجوده علم دوست ۽ ادب پرور ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه صاحب تحرڪ ورتو.

ان مقصد لاءِ 29- آڪٽوبر 1974ع تي، شاهه صاحب ضلعي ۽ شهر جي نامور شخصيتن جي هڪ ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ صاحب موصوف جي علمي ۽ ادبي جذبي کي ساراهيندي، جشن منعقد ڪرڻ لاءِ تفصيلي سوچ ويچار ڪيو ويو ۽ سندس نگرانيءَ  هيٺ عملي قدم کڻڻ لاءِ، ٻه ڪميٽيون ٺاهيون ويون. ضلعي جي مشهور علمي شخصيت مير محمد بخش خان ٽالپر کي، نمائش لاءِ گهربل نودرات ۽ دستڪارين گڏ ڪرڻ واريءَ ڪميٽيءَ جو ڪنوينر ٿاڦيو ويو ۽ مسٽر عبدالرحيم خشڪ، ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي ڪميٽيءَ  جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سونپيا ويا. ساڳئي وقت، استقباليه / انتظاميه ڪميٽيءَ لاءِ مسٽر محمد ابراهيم ڀٽو، ائڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ميرپور خاص، بطور ڪنيونر ۽ مسٽر علام ياسين شيخ بطور سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. (ستت ئي ڀٽي صاحب جي تبادلي سبب، چوڌري رفيق احمد صاحب کي ان جي جاءِ تي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو.)

ٻنهي ڪميٽين، پنهنجي تشڪيل کانپوءِ سونپيل ڪمن جي پوئواريءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ ويندي جشن جي انعقاد تائين، نهايت ئي سرگرميءَ ۽ جانفشانيءَ سان، چيئرمن صاحب طرفان وقت بوقت ملندڙ هدايتن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾، جشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڀرپور بهرو ورتو،  هڪ طرف  سيمينار ۾ حصي وٺڻ لاءِ سنڌ جي نامور عالمن ۽ محققن سان رابطو قائم ڪيو ويو ته ٻئي طرف ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نمائش لاءِ گهربل نوادرات ۽ هنر جي سامان هٿ ڪرڻ لاءِ، سب ڊويزن ۽ تعلقه سطح تي سب ڪميٽيون ٺاهيون ويون. فيصلو ڪيو ويو ته سيمينار جي صدارت لاءِ، ملڪ جي نامور عالم ۽ دانشور محترم جي - الانا صاحب کي گذارش ڪئي وڃي ۽ نمائش جي افتتاح لاءِ سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت جي وزير محترم پيار علي الانا کي دعوت ڏجي. ساڳئي وقت، جشن لاءِ 21-22 ڊسمبر 1974ع ٻه ڏينهن منتخب ڪيا ويا، جن مان پهرين ڏينهن تي ”سنڌ جي تهذيب ۽ثقافت“جي موضوع تي سيمينار تجويز ڪيو ويو ۽ ٻيو ڏينهن، ضلعي ۾ موجود زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شين، نوادرات ۽ دستڪارين جي نماءُ جي افتتاح لاءِ مقرر ڪيو ويو.

29-آڪٽوبر کان وٺي ويندي جشن جي منعقد ٿيڻ تائين، مجوزه پروگرامن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ، چيئرمن صاحب جي نگرانيءَ هيٺ، ڪميٽين جي ڪنوينرن ۽ ميمبرن، ضلعي جي ممتاز شخصيتن ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن، صحافين ۽ ثقافتي ادارن، چڱن مڙسن ۽ سماجي ڪارڪنن، مختلف کاتن جي عملدارن ۽ سندن زيردستن ۽ ان کان علاوه ڪم سان واسطو رکندڙ سمورن فردن، جنهن دلچسپيءَ  ۽ جانفشانيءَ، تعاون ۽ تندهيءَ، محبت ۽ اخلاص سان، رات ڏينهن هڪ ڪري، جشن کي وڌ کان وڌ ڪامياب بنائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، سي پنهنجيءَ جاءِ تي ڪنهن وڏي ڪارنامي کان بهرحال گهٽ نه هيون. اهو ئي سبب آهي جو مٿين صاحبن جي گڏيل سهڪار سان منعقد ٿيل جشن، جنهن پروقار انداز سان ٿي گذريو، تنهن جي يادن جا دلنشين نقش، سامعين ۽ ناظرين جي ذهنن تي هميشه لاءِ ثبت رهندا.

ان ڏس ۾ بلاشبه، ٿرپارڪر جي صاحب ذوق ۽ هردلعزيز ڊپٽي ڪمشنر محترم نور احمد شاهه صاحب کي، انهيءَ سڄي ڪارنامي جو روح روان قرار ڏيئي سگهجي ٿو، ۽ کيس جشن جي ڪاميابيءَ جي سهرن جو مستحق پڻ. شاهه صاحب جي محبوب ۽ دلڪش طبيعت، نه صرف ڪارڪنن کي وڌيڪ انهماڪ ۽ تعاون سان ڪم  ڪرڻ لاءِ هر وقت آماده ڪندي ٿي رهي، پر ان سان گڏ سندس خنده پيشاني ۽ شگفته مزاجي، محبت ۽ ملاحت، نهٺائي ۽ حليمائي، ڪارڪنن جون دليون جيتي ورتيون. سندس من موهيندڙ شخصيت، هر ڪارڪن لاءِ، ڀرپور همت افزائيءَ جو سبب بڻي، ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ چاهه ۽ اتساهه سان ڪم ڪرڻ جي امنگ پيدا ٿيندي رهي.

بهرحال، انتظامن جي راس ٿيڻ بعد، 21- ڊسمبر تي جشن منعقد ٿيو.

21- ڊسمبر 1974ع

پروگرام موجب، پهرئين ڏينهن تي سيمينار ۾ حصي وٺڻ لاءِ جيڪي سنڌ جا برک عالم ۽ محقق ميرپور خاص پهچي چڪا هئا، سي هال ۾ جلوه افروز ٿيا، سيمينار جي صدارت لاءِ ملڪ جي نامور عالم ۽ دانشور محترم جي- الانا صاحب جي عدم موجودگيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو ويو، جيڪو صاحب ڪن مجبورين سبب پهچي نه سگهيو هو. سنڌ جو مشهور مورخ ۽ محقق محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب پڻ شريڪ ٿي نه سگهيو، جنهن لاءِ هن صاحب بعد ۾ خط وسيلي ارمان جو اظهار ڪيو. آيل عالمن مان محترم پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم مولانا غلام محمد گرامي، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا، محترم ڊاڪٽر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محترم ڊاڪٽر گل حسن لغاري، محترم ”معمور“  يوسفاڻي، محترم فقير بشير احمد لغاري ۽ ٻيا صاحبان سيمينار هال ۾ تشريف فرما ٿي چڪا هئا.شهر خواه گرد و نواح مان وڏي انداز ۾ ماڻهو شرڪت لاءِ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن جو بعد ۾ تعداد ايترو ته وڌي ويو، جو سندن نشستن جو انتظام ڪرڻ ناممڪن بڻجي پيو. سمورو هال سامعين سان کچا کچ ڀرجي چڪو هو، جنهن ۾ خواتين جو پڻ ڪافي تعداد شامل هو. سامعين ۾ ضلعي جون نامور شخصيتون، اديب ۽ عالم، صحافي ۽ شاعر، وڪيل ۽ ڊاڪٽر، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا شاگرد ۽ سندن استاد، ملازمت پيشه ۽ عام ماڻهو شامل هئا. ڪراچي ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جون ٽيمون به پهتل هيون، جن جشن کي ڪور (cover) ڪيو.

سيمينار

صبح 11 بجي، گلستان بلديه ۾ واقع ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ ڪلچر ائسوسيئيشن جي وسيع ۽ شاندار هال ۾ سيمينار منعقد ٿيو، جيڪو ضلعي جي گذريل سمورن علمي مذاڪرن مان سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ۽ يادگار ثابت ٿيو. سيمينار جي صدارت لاءِ سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر ۽ سنڌيونيورسٽيءَ جي سابق وائيس چانسيلر محترم پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب کي گذارش ڪئي ويئي. سيمينار جو آغاز ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ ان جي ڪارروائي محترم مير محمد بخش خان ٽالپر هلائي.

اول جشن ڪميٽيءَ جي چيئرمن سيد نور احمد شاهه صاحب، آجيان جي تقرير ڪندي، عالمن، اديبن ۽ سامعين کي خوش آمديد چيو. شاهه صاحب جشن جي منعقد ڪرڻ جي مقصد تي روشني وجهندي فرمايو:

”خوشيءَ جو مقام آهي، جو هن وقت سنڌي علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي آبياريءَ لاءِ سڻائو واءُ لڳو آهي. اهو سلو، جيڪو بنهه سڙي سڪي خاڪ ٿيڻ وارو هو، تنهن جي مورجڻ جا آثار پيدا ٿي رهيا آهن. اڄ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي تحفظ جي سلسلي ۾، جيڪي عملي قدم کنيا پيا وڃن، تن کي ڏسي سنڌي زبان ۽ ثقافت جي مخلص ۽ بي لوث خدمتگارن جا حوصلا بلند ٿي رهيا آهن. اسان جو اڄوڪو سيمينار، سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان کي سڄيءَ دنيا تائين پهچائڻ لاءِ ٿيندڙ مجلسن جي هڪ ڪڙي آهي. انهن مجلسن جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ثقافتي خزانن کي منظر عام تي آڻجي ۽ ان کان دنيا کي روشناس ڪرائجي...“

شاهه صاحب پنهنجي تقرير ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي سمورن تهذيبي، ثقافتي، ادبي ۽ علمي پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي. سندس اها تقرير هر لحاظ کان معياري ۽ علمي نوعيت جي هئي، جنهن کي سامعين بيحد ساراهيو.

ان کانپوءِ سيمينار جي صدر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو.

شاهه صاحب پنهنجي خطبي ۾، سنڌي نوجوانن ۽ شاگردن طرفان سندن فرضن کان بي اعتنائيءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان، تعليم جي حصول، معاشري جي اصلاح ۽ ثقافت جي حفاظت جي بنيادي ذميدارين کان غفلت ڪري رهيا آهن. هن صاحب مزيد فرمايو ته سنڌ اندر تعليمي ماحول هنگامي بازي، بدڪلامي، انتشار ۽ گروه بنديءَ جي نذر ٿي چڪو آهي، ان ڪري نوجوانن کي دردمندانه اپيل ڪيائين ته هو تعليم حاصل ڪرڻ طرف خصوصي توجهه ڏين. ان سلسلي ۾ شاهه صاحب فرمايو:

”.... اسان جا نوجوان اڄ هڪ عجيب دماغي، ذهني ۽ عملي انتشار ۽ گروهه بنديءَ ۾ مبتلا آهن. اڄڪلهه فطرت ڪنهن قدر خوشگوار ۽ اقتصادي فضا ۾ کين ترقيءَ ۽ اضافي جا موقعا موجود ڪري ڏنا آهن ۽ جند جايون ۽ رتبا کين قبل از وقت بنا محنت ۽ بنا صلاحيت رکندي نصيب ٿيا آهن. سنڌي نوجوان تي هڪ عجيب قسم جي هٻڇ ۽لالچ جي بي صبري طاري آهي...

”... اسان جا نوجوان هڪ عجيب مغالطي ۾ مبتلا آهن. آءٌ اسان جي نوجوانن جي علمي، ادبي ۽ فني صلاحيتن جي فقدان تي حيران آهيان. کين نه انگريزي ٿي اچي ۽ نه سنڌي! سندن واسطي هڪ صحيح جملو لکڻ مشڪل آهي ۽ لفظن جي صحيح صورتخطي محال آهي....

”.... هڪ عجيب غليظ فضا آهي. اسان جي تعليم کي گذريل 27 سالن ۾ شديد تپ دق اچي ورتو آهي. نه شاگرد پڙهن ۽ نه استاد پڙهائين. مائٽ ويچارا حيران ۽ مايوس آهن. انتشار، گروه بندي، هنگامي بازي، بدڪلامي ۽ بداخلاقي تعليمي ماحول جو جز بڻجي چڪيون آهن...“

ان کان پوءِ مقالن جي شروعات، ڊگهڙيءَ جي علم دوست شخصيت محترم فقير بشير احمد خان لغاريءَ جي مضمون سان ڪئي ويئي، جنهن جو عنوان هو ”اسان جوضلعو“. فقير صاحب پنهنجي مضمون ۾، ضلعي جي قديم آثارن متعلق ڪافي معلومات پيش ڪئي ۽ موضوع سان انصاف ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ورتي. سندس مضمون ازحد پسند ڪيو ويو.

مهمان مقررين مان سنڌ جي باڪمال عالم ۽ محقق، دانشور ۽ مورخ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فاضل وائيس چانسيلر محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي تقرير ڪرڻ لاءِ استدعا ڪئي ويئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ تقرير ۾، سنڌ جي افضليت جي مختلف پهلوئن تي اهم روشني وڌي ۽ علمي دليلن سان موهن جي دڙي جي تهذيبي قدامت کان ڏهه هزار سال اڳ بيان ڪئي. ان موقعي تي صاحب موصوف نهايت دلنشين پيرايه ۾ سنڌالاجيءَ جي موجوده ڪارڪردگي متعلق اطمينان بخش حقيقت جو اظهار ڪيو.


[1] Captain Stanley Napier Raikes: “Memoir on The Thurr And Parkar,” Selections From The Records of The Bombay Government, Bombay, 1859.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org