فقير بشير احمد خان لغاري
اسان جو ضلعو
بزرگو ۽ دوستو!
هن مجلس ۾ ملڪ جا نامور تاريخدان ۽ عظيم دانشور
موجود آهن. گويا انسانيت جي ارتقا جي مڪمل تاريخ ۽
عظيم سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي تاريخ جي سونهري ورقن
تي سهيڙڻ وارا هن مجلس جا سينگار آهن.
معزز سامعين! هن ڪچهريءَ ۾ آءٌ پنهنجي ضلع ٿر
پارڪر جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو، منهنجي مضمون
جو عنوان آهي، ”اسان جو ضلعو“.
اسان جو ضلع ٿرپارڪر ٽن سب ڊويزنن ۾ وراهيل آهي:
ميرپور خاص سب ڊويزن- جنهن ۾ ميرپورخاص، جيمس آباد
۽ ڊگهڙي تعلقه اچي وڃن ٿا؛
نارا ويلي سب ڊويزن – جنهن ۾ سامارو ۽ عمرڪوٽ
تعلقه اچي وڃن ٿا؛
ٽي آهي ٿر سب ڊويزن- جنهن ۾ مٺي، ڏيپلو، ننگر
پارڪر ۽ ڇاڇرو تعلقه اچي وڃن ٿا.
ٿرپارڪر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضلع آهي. هن ضلع جون
اوڀر ۽ ڏکڻ واريون حدون پاڙيسري ملڪ هندستان سان
ملن ٿيون، تنهن ڪري دفاع جي نقطه نگاهه کان به هي
ضلع اهميت وارو آهي. رڻ ڪڇ واري لڙائي، 1965ع واري
لڙائي ۽ 1971ع واري لڙائي، هن ضلعي جي سرحدن کي
ڪافي مجروح ڪيو آهي.
برصغير جي تقسيم کان اڳ هن ضلع کي جيڪي حدون هيون،
سي ٽالپر حڪمرانن جي پهرين چوياريءَ واري دور ۾
وزيراعظم سنڌ نواب ولي محمد خان لغاري نروار ڪيون
هيون. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جيڪي آخري حدون
نروار ٿيون آهن، اسان کي انهن جو ئي بيان ڪرڻو
پوندو.
طبعي بناوٽ:
ٿرپارڪر ضلع جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن- هڪڙو ”ڍٽ“،
وارياسو ۽ ڀٽن وارو ڀاڱو، جنهن کي ٿر سڏيو ويو
آهي. ۽ ٻيو ”پٽ“، سخت زمين وارو ڀاڱو، جنهن ۾ ناري
۽ ميرپور خاص وارا ڀاڱا اچي وڃن ٿا.
ٿر واري ڀاڱي ۾ ٿر ۽ پارڪر ٻن جدا قسم جي زمين جا
ٽـُڪر اچي وڃن ٿا. هاڻوڪي ٿرپارڪر ضلع کي انهن ٻن
ٽـُڪرن تان نالو مليو آهي.
”ٿر“ سنسڪرت لفظ سٿل مان نڪتل آهي، يعني خشڪ ملڪ.
ٿر کي ريگستان به چون ٿا، جتي واريءَ جون وڏيون
وڏيون ڀٽون عام جام آهن. پوئتي پيل علائقو آهي.
نڪي آهن واهه، نڪي آهن رستا ۽ نڪا وري ريل!
ميرپورخاص سب ڊويزن:
ميرپورخاص ضلع جي گاديءَ جو هنڌ آهي. شهر جي اتر
طرف ڪاهوءَ جودڙو آهي. دڙي جي ٿوري حصي جي
کوٽائيءَ مان ٻڌ ڌرم جي مندر جا آثار ظاهر ٿيا
آهن. تحقيق ڪندڙ انهن آثارن کي 2500 سال اڳ جا چون
ٿا. جيڪڏهن مڪمل کوٽائي ٿئي ته شايد اڃا به وڌيڪ
قدامت ثابت ٿئي. ميرپورخاص تعلقي جي ديهه کيراهو ۾
ليلان جي لهور جو ڀڙو آهي.
ڊگهڙي تعلقي جي ڳوٺ فقير غلام علي لغاريءَ جي اوڀر
۽ اتر طرف هڪ ميل جي پنڌ تي پراڻ درياهه جي ڪنڌيءَ
تي ”منڌرن جا دڙا“ مشهور آهن، جي تمام قديم آهن.
درياهه تي جهازن جي بيهڻ جون ڪيٽيون به اڃا موجود
آهن. مڪاني روايتن موجب اتي منڌرا يا مينڌرا قوم
رهندي هئي ۽ ڪي ٻڍڙا ته چوندا هئا ته اهو علائقو
راڻي مينڌري جي جاگير هئي. پراڻ درياهه کي ”سوا
لکي“ به سڏيو ويندو آهي. چون ٿا ته درياهه جي
ڪنڌيءَ تي سوا لک بزرگن ۽ اوليائن جا مقبرا آهن.
پراڻ درياهه جي قدامت بابت وڌيڪ تحقيق ٿيڻ کپي.
ساماري ۾ ساميءَ جو ڀڙو“ ۽ ”ليلان جي ڪـُنڊي“
مشهور آهن. انگريز محقق ايڇ- ٽي- لئمبرڪ شادي
پليءَ واري دڙي کي نهايت قديم قرار ڏنو آهي ۽
انهيءَ دڙي کي موهن جي دڙي واري قدامت جي ڪڙي سڏيو
آهي.
نارا ويلي سب ڊويزن:
عمر ڪوٽ جو شهر تاريخ جي دور کان اڳ جو آهي.
عمرڪوٽ جو نالو عمر سومري جي وقت ۾ پيو. هتي نه
رڳو اڪبر بادشاهه جنم ورتو، مگر ڪرنل ٽاڊ جي چوڻ
موجب اڌيپور وارو راڻو پرتاب سنگهه هتي به پناهه
گزين ٿيو هو. اها پناهه راڻي جي شاهوڪار وزير ڏني
هئي، جو عمرڪوٽ جو هو. نادر شاهه به ميان نور محمد
ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندي هتي پهتو هو. سيد احمد شهيد
به هتان لنگهيو هو. ڪلهوڙن عمرڪوٽ جو قلعو جوڌپور
جي راجا کي ڏيئي ڇڏيو هو، جو بعد ۾ ٽالپر حڪمرانن
جي مشهور سپهه سالار نواب ولي محمد خان لغاري
1813ع ۾ فتح ڪيو هو. ڊاڪٽر برنس جي چوڻ موجب
ٽالپرن پنهنجا خزانا به عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پورايا
هئا.
عمرڪوٽ جي شهر کان هڪ ٻه ميل ڏکڻ طرف هڪ دڙو مومل
جي ماڙيءَ جي نالي سان سڏبو آهي، درحقيقت اها
مومل، راڻي واري نه آهي، بلڪه مومل مالهڻ آهي.
راڻي ۽ همير جا ڀڙا صوفي فقير جي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف
آهن، جنهن ۾ وچان ڍورو وهي ٿو. گجرات جي تاريخ راس
مالا ۾ ان ڍوري کي ميڻي ندي سڏيو ويو آهي. همير
سومري، مڪواڻن جي سردار قيصرئي کي اتان ڀڄائي ڪڍيو
هو. همير جو گجرات جي راجا وير گجر سان مقابلو ٿيو
هو، جنهن ۾ همير فتح ياب ٿيو هو. همير جي حڪومت
صرف عمرڪوٽ جي علائقي ٿر تي هئي، باقي سنڌ تي سمن
جي حڪومت هئي. ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهرو
پنهنجي ڪتاب اسناد ماهرو ۾ همير جو ذڪر ڪيو آهي.
تاريخ ڪاٺياواڙ مڪواڻن کي سڪندراعظم جي ڇڏيل
مقدوني سپاهين جو اولاد سڏيو آهي. مڪواڻا پاڻ کي
راجپوت سڏائين ٿا، حالانڪ راجپوتن جي ٽنهي بنيادي
شاخن سان مڪواڻن جو ڪو به لڳاءُ نه آهي. ڏيپلي
تعلقه جا موکا ٺڪر به پاڻ کي مڪواڻا سڏائين ٿا. ڪي
ڳالهين ڪرڻ وارا ”موکي متارا“ واري ڳالهه واري
”موکي“ جو اصل به ڏيپله جي موکن سان ملائين ٿا.
نهٽي جو دڙو به مشهور آهي، جتان کوٽائي ڪندي 1945ع
۾ ٿرپارڪي جي ڪليڪٽر مسٽر بڊ کي هڪ توب هٿ آئي، جا
هن وقت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي بنگلي اڳيان رکيل
آهي.
ٿر سب ڊويزن:
”ڍٽ“ ۽ ”پٽ“ جي سنگم تي نئين ڪوٽ جو مشهور قلعو،
جو ميرن جي دور جي انجنيئري فن جو اهم ۽ نادر
شاهڪار آهي، اڄ به سلامت آهي.دفاعي نقطه نگاهه کان
سندس اهميت ساڳي آهي. هن وقت محڪمه آثار قديمه جي
بي توجهيءَ جو بريءَ طرح شاهڪار آهي!
عام چوڻي آهي ته ”وٺو ته ٿر نه ته بر“. مندائتي
برسات وسڻ بعد هي ملڪ سائو سرسبز ۽ ملير ٿيو پوي.
ٿر جو رهاڪو سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ هوندو ته برسات
بعد ڳوليو ڪو نه لڀندو.
ٿر جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ پارڪر جي ايراضي آهي، جا
تقريباً 1600 چورس ميل ٿيندي. ان ۾ ميداني علائقو،
ڪلر وارو علائقو ۽ جابلو علائقو اچي وڃن ٿا. ننگر
پارڪر شهر وٽ جبلن جي وڏي قطار آهي، جنهن جي چوٽي
زمين جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي. انهن جبلن
کي ڪارونجهر جو نالو ڏين ٿا.
ميداني علائقي واري زمين تمام زرخيز آهي، جنهن ۾
برسات تي هيرڻ، ٻاجهر، تِر، منڱ ۽ گوار جا فصل جام
ٿين ٿا. ڪن هنڌن ي بوسي ڪڻڪ به ٿئي ٿي. ڪن جهونن
ماڻهن جو چوڻ آهي ته انگريزي ڪليڪٽر مسٽر هالفورڊ
حڪومت کي سفارش ڪئي هئي ته پارڪر واري ايراضي لوڻ،
سيمينٽ واري پٿر ۽ زمين جي زرخيزيءَ سان مالامال
آهي، تنهن ڪري اتي لوڻ ۽ سيمينٽ جا ڪارخانا قائم
ڪيا وڃن. تيار ٿيل مال کي مارڪيٽ ۾ پهچائڻ خاطر
ننگر پارڪر جي شهر تائين پڪو رستو ۽ ريلوي جو
انتظام ضروري آهي- مگر اها رپورٽ وڏي خرچ واري
هئي، تنهن ڪري داخل دفتر ٿي ويئي.
ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ ڳاڙهو پٿر ملي ٿو، جو
خوبصورت ۽ جٽاءُ دار آهي. جيڪڏهن پٿر چيرڻ ۽ پالش
ڪرڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا وڃن ته پوءِ هي پٿر سٺي
مارڪيٽ پيدا ڪري سگهي ٿو. پٿر بلڪل مرمر جهڙو آهي.
ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا ڪيترائي تيرٿ آستان آهن:
سارڌرو، پاراشر، گئو مَکي، ڀيم ڪـُن ۽ انچلاس
مشهور تيرٿ ياترائون آهن.
ننگرپارڪر ۾ وڏا وڏا تلاءُ آهن، جن مان ڪن ۾ 12
مهينا ته ڪن ۾ 6 مهينا پاڻي هوندو آهي. تلائن ۾
ڀوڏيسر، لورائي ۽ سانگاهه مشهور آهن. ننگر پارڪر
تعلقه ۾ هاڙهو ڳوٺ آهي. انهيءَ هاڙهي ڳوٺ لڳ هڪ
ڦٽل ڳوٺ جو ويرانو آهي، جنهن کي ”هوتن جو هاڙهو“
چوندا آهن. سسئيءَ جي بيان ۾ هاڙهي جو ذڪر اچي ٿو.
ڊاڪٽر سورلي به سسئي پنهون وارو قصو ڪڇ جي طرف جو
قرار ڏنو آهي. هوتن جو هاڙهو ڪڇ جي رڻ کان ٽن ميلن
جي پنڌ تي آهي.
جنگ رند و لاشار بعد، پارڪر بلوچن جو عارضي مسڪن
هو. ٿي سگهي ٿو ته چند گهر هوتن جا لاشارين سان گڏ
آيل هجن، جنان هي قصو ٺهيو، درحقيقت هي قصو اڃا به
تحقيق جو محتاج آهي.
ٻيو ويرانو ”پاري ننگر“ جو شهر آهي، جيڪو ويرا
واهه جي ڀرسان آهي، جتي خبث الحديد جا وڏا دڙا
آهن. ثابت آهي ته اهي لوهه جا ڪارخانا هئا. ڪئپٽن
ريڪس به اهڙو ذڪر ڪيو آهي، جنهن هن شهر کي 1200
سال قديم قرار ڏنو آهي. ڪي چون ٿا ته شهر جي تباهي
دهليءَ جي ڪنهن مسلمان بادشاهه جي حملي سبب ٿي
آهي. تاريخ فرشته، ابن بطوطه ۽ منتخب التواريخ
موجب سلطان علاؤالدين دهليءَ مان سومرن کي ڦرڻ
لاءِ هتان لنگهيو هو، جنگ نامو دودو چنيسر مان
معلوم ٿئي ٿو ته ويرا واهه وٽ لڙائي به لڳي هئي.
ڪي محقق انهيءَ حقيقت کان انڪاري آهن ته ڪو علاؤ
الدين سنڌ ۾ آيو ۽ سومرن سان وڙهيو، مگر ڪن اهل
قلم صاحبن پنهنجن مضمونن ۾ ان تاريخي غلطيءَ کي
درست ڪيو آهي.
پارڪر ۾ پٿر سان ٻڌل هڪ 6 ڪنڊو تلاءٌ آهي، جنهن جي
ڪناري تي هڪ پٿر لڳل آهي، جو پوريءَ طرح ته پڙهيو
نه ويو آهي، مگر ان ۾ سلطان حسين، ان جي نائب ناظم
الدين ۽ ان جي ڪنهن گماشتي هڪ هندو جو نالو لکيل
آهي. تعجب نه آهي ته اهو سلطان حسين شرقي هجي.
سلطان حسين جونپور جو حاڪم هو. ڪن تواريخن ۾ آهي
ته سلطان حسين سنگال ويو هو، ايندي ويندي سنڌ مان
لنگهيو هجي - شرقي دراصل سرڪي آهن. ونگي جو مشهور
درويش جرڪس ذات جو سرڪي هو. اڃا به جرڪس پوٽا ٿر ۾
آهن، جي پاڻ کي درس سڏائين ٿا. جيڪب آباد طرف سرڪي
جام رهن ٿا.
پاري ننگر کان اوڀر ۾ چند ميلن تي ڏوتڙ جو ڳوٺ
آهي. چون ٿا ته اتي اڳي بندر هو، جنهن کي ٻه تڙ يا
ٻه دڪا هئا، جت سامونڊي جهاز لنگر انداز ٿيندا
هئا، ڳپل وقت اڳ وڏن لوهي زنجيرن جا نشان به ڏٺا
ويا هئا. قديم لکيتن موجب 400 سال قبل مسيح اتي
سمنڊ هو. جو پوءِ سڪي ويو، سمنڊ جي سڪي وڃڻ سبب هي
ملڪ ويران ٿي ويو. مشهور اهل قلم مير حاجي محمد
بخش خان ٽالپر اهڙو ذڪر رساله ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڪيو
آهي، جنهن ۾ هن صاحب ثابت ڪيو آهي ته جاوا ۽
انڊونيشيا ۾ اڄ تائين رهندڙ هندو پارڪر جي هندن جو
اولاد آهن، جي هتان لڏي ويل آهن.
ڪارونجهر ٽڪر ۾ هڪ ڳاڙهي پهڻن جي قطار آهي. هندو
ديومالا موجب پانڊو ۽ ڪورو جي جنگ ۾ راڻي ڪنتي کي
ڪو زخم لڳو، جنهن پنهنجو رت انهن پهڻن تي اڇلايو،
جنهن ڪري اهي ڳاڙها ٿي پيا آهن. اڄ تائين ان کي
’راتي ڌارا‘ چيو ويندو آهي.
ننگر پارڪر جي اتر طرف جبل جي دامن ۾ ڀوڏيسر جو
شهر آهي، جيڪو 1200 سال قديم آهي. ان ۾ 3 ويران
مندر ۽ هڪ مسجد آهن، ڪتبن تي سلطان محمود بيگڙي جو
نالو صاف پڙهڻ ۾ اچي ٿو.
مشهور عرب جنرل ”جنيد“ سنڌ مان گجرات ۽ مارواڙ جي
ڪن حصن تي حملو ڪيو هو. اهو حملو صرف دشمن جي طاقت
آزمائڻ ۽ ان جي فوجن کي بي همت ڪرڻ لاءِ هو ته
متان سنڌ تي نه حملو ڪن. مشهور تاريخ دان بلا ذري
به اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
ٻي به هڪ ثابتي آهي ته ننگر پارڪر جي نزديڪ آسالڙي
جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڀاٽ رهندا هئا. وٽن پوٿيون ۽
چوپڙيون هونديون هيون، جنهن ۾ قديم احوال لکندا
رهندا هئا، برٽش حڪومت قديم رڪارڊ جي پڇا ڪري هڪ
فائل ٺاهيو هو، جنهن کي 1874ع جو فائل چيو وڃي ٿو.
اهو فائل ڪيترن محققن جي نظرن مان به گذريو آهي.
انهيءَ ۾ ڀوڏيسر واري مسجد جو احوال اهو ساڳيو
آهي، جيڪو جنرل جنيد وارو آهي. جيڪڏهن اها حقيقت
آهي ته پوءِ ڀوڏيسر واري مسجد، ڀنڀور واري مسجد
کان به قديم آهي.
سومرن جو تخت گاهه وڳهه ڪوٽ به اصل ۾ هن ضلع جو
حصو آهي، مگر بين الاقوامي سرحد جي تعين وقت هاڻي
ضلعي ۾ نه رهيو آهي. وڳهه ڪوٽ سومرا قوم جي تهذيب
جو مرڪز آهي، جي سنڌ جا حڪمران هئا. افسوس آهي ته
تاريخ سان اها بي انصافي ڪئين ٿي؟ علم تاريخ جي
تقاضا آهي ته انهيءَ ڪيل غلطيءَ جي تلافي ڪئي وڃي.
ڀالوا جي ڀليري ڀون مائي مارئيءَ جي ڳوٺ جو ويرانو
آهي، جنهن کي ڪي ”ڪونڊي“ به چوندا آهن. چند سال
اڳ، اُتي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان ميلو به لڳايو
ويندو هو. ٿر جا عام رهاڪو چوندا آهن ته جنهن سال
ميلو لڳندو هو، انهيءَ سال ضرور برسات وسندي هئي ۽
ملڪ ۾ سڪار ٿيندو هو. ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي وچ
۾ هلندڙ ريل ڪار مارئيءَ جي نالي سان منسوب ٿيل
آهي. مائي مارئي – جنهن اسان کي وطن جي حب ۽
پاڪدامنيءَ جو سبق ڏنو. اها اڄ جي دور ۾ لاوارث
آهي. مارئيءَ جي ڳوٺ ۾ نه آهي تهذيب و تمدن جو
مرڪز ۽ نه آهي ڪو مسافرخانو! صرف ڦٽل ويرانو آهي،
جو آثار قديمه جي محڪمي جي بي حسيءَ جو شڪار آهي!
گوڙيءَ جا مندر مارئيءَ جي ڳوٺ ملير کان 3 ميل پري
آهن. اتي جين ڌرم جو عاليشان مندر آهي. مندر ۾
جيڪو پٿر استعمال ٿيل آهي، سو مرمر سان مشابهه
آهي. شايد ٻاهران گهرايل آهي. عمارت جي ڊيگهه 90
فوٽ ۽ ويڪر 60 فوٽ آهي. ڪرنل تروٽ مندر جي ڪجهه
حصي کي بارود سان اڏايو هو، جو کيس شڪ هو ته باغي
سوڍا اتي پناهه وٺن ٿا.
ڏيپلي تعلقي ۾ سارڻ، چکونڊار، رتو، ڊگهڙو،
گوڏانگڙي، پٻوپل، گڏهه ڪرنگهو، هٿرائي، هٿڻي،
ڪـُنڙ، الياري، چيهالو، لاڏي ۽ ڇڇيءَ ۾ لوڻ جا سن
مشهور آهن.
ننگرپارڪر ۾ به موکيءَ جي لوڻ کاڻ آهي، جتي رنگدار
لوڻ لڀي ٿو. ڪيرلو، ارنيارو، جهامڙي ۽ رڙيارؤ به
لوڻ جا سن آهن. جيڪڏهين لوڻ جي پيداوار کي صنعت
وانگي ترقي ڏياري وڃي ته ڪروڙن روپين جو ناڻو
ڪمائي سگهجي ٿو.
مٺي، چيلهار ۽ ڇاڇري جي اڇي مٽي مشهور آهي، جا
چـُن جي عيوض جاين کي لڳائي وڃي ٿي.
دڙن کانسواءِ مقامن ۾ به هن ضلع جي قديم تهذيب دفن
ٿيل آهي. چٽوڙيءَ جو مقام، ٽنڊي جان محمد لڳ
آمريءَ جو مقام، جهڏي طرف جهنڊو پاتڻي، ٿر ۾
ڀوڏيسر جو مقام ۽ رحمڪي طرف شاهه حسين مقام مشهور
آهن. ڳوٺ فقير غلام علي لغاري لڳ چانگي بانگي جو
مقام پڻ وڏي شهرت رکي ٿو.
ٻولي ۽ ڪلچر:
سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي، سو
ڪوهين حڪومت“، سو ٻوليءَ وارو پهاڪو هتي ٺهڪي اچي
ٿو. هر قوم جي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. بلوچ بلوچي،
سرائڪي ۽ سنڌي به ڳالهائن ٿا. البته تازه آيل بلوچ
۽ مڪراني مذڪر کي مونث چئي ويندا آهن. عام طرح
ميرپورخاص جو سمورو تعلقه، ڊگهڙي ۽ جيمس آباد جو
اڌ ۽ ڪجهه ساماري جي حصي جي ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي جا
ڪتابي آهي.
عمرڪوٽ ۽ ٿر واري ٻولي به سنڌي آهي، مگر ان ۾ ڪجهه
قدر ڍاٽڪي زبان جو به دخل آهي. ڇاڇرو، ننگرپارڪر
جو اتر ۽ مٺيءَ جو ڪجهه حصو به ڍاٽڪي سنڌي ڳالهائي
ٿو. پارڪر جي زبان گجراتيءَ سان مشابهت رکي ٿي.
ڏيپلي ۾ ڪڇي زبان جي لهجي جو اثر عام آهي.
پوشاڪ ۾ قديم رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي. بلوچن ۾
خواتين جو لباس پيرن تائين گهگهو ۽ سلوار هئي. مرد
وري وڏا پهراڻ ۽ جهولدار سلوارون پائيندا هئا.
سماٽن ۾ خواتين پڙو ۽ ڪنجري يا گج پائينديون هيون
ته مرد ڪوتاهه قميص ۽ گوڏ استعمال ڪندا هئا. هندو
خواتين گج ۽ پڙو ۽ مرد انگرکو ۽ ڌوتي پائيندا هئا.
هاڻي ته اڳيون لباس متروڪ ٿي رهيو آهي ۽ وقت جي
لحاظ سان لباس استعمال ٿيڻ لڳو آهي.
قومون:
هن ضلعي ۾ ڪئين قومون رهن ٿيون، جهڙوڪ: مسلمانن ۾
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سيد، سما، سومرا، منڱريا،
دل، ميمڻ، مهر، نـُهڙي، راهوما، انڙ، بجير، ماڇي،
ميربحر، شيدي ۽ ٻيون ڪاسبي ذاتيون جهڙوڪ حجم،
ڪنڀار، ڪاسائي، کٽي ۽ واڍا. بلوچي ٻولي
ڳالهائيندڙن ۾ رند، لاشاري، لغاري، ٽالپر، کوسا،
چانڊيا، بروهي، مري، پتافي، جمالي،گرگيج، ڪورائي،
ڪپري، نوحاڻي ۽ لنڊ وغيره. نون آيلن ۾ پنجابي،
پٺاڻ ۽ مهاجر.
هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، اوسواڙ، لهاڻا، ٺڪر، رٻاري
چارڻ، جاٽ، سوٽهڙ، مالهي، سونارا، کٽي، سامي، ڀاٽ
۽ بجير وغيره. ۽ اڇوتن ۾ مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي،
جٽيا، اوڏ، ڪلال ۽ ڀنگي وغيره.
تعليم ۽ ڪتبخانا:
تعليم جي لحاظ کان هي ضلعو ايترو مشهور نه آهي. ٿر
جو علائقو تعليم ۾ بنهه گهڻو پوئتي آهي، پر تنهن
هوندي به سرڪاري ملازمتن ۾ ڏيپلي جا ميمڻ، مٺي،
چيلهار ۽ ڇاڇري جا هندو عام جام ڏسڻ ۾ ايندا.
ڪتبخانا هن ضلعي ۾ تمامم ٿورا آهن. البته ٻڌڻ ۾
اچي ٿو ته مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر وٽ 6-7
هزار ڪتاب موجود آهن. تعلقي ساماري جي ديهه پروڙ ۾
مولوي محمد عثمان ڀنڀري جو ڪتبخانو به خاصو هو. هن
وقت خبر نه آهي ته ان جو ڇا حال آهي.
وڏيرو محمد امين پلي، ولهيٽ جا عالم، چيلهه وارو
سيد علي اڪبر شاهه، ٽنڊي جان محمد وارو مير فتح
خان، ڊگهڙي جي ڀرسان ڳوٺ غلام علي لغاري ۾ فقيرن
جي لئبرري، مولوي عبدالمجيد ساند، مولانا محمد
عالم جوڻيجو. انهن صاحبن وٽ ڪتابن جا ننڍا وڏا
ذخيرا آهن.
ٻيو وڏو ڪتبخانو تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ راوتسر ۾
مولوي عبدالهادي چانڊئي جو هو، جنهن ۾ 5-6 هزار
ڪتاب هئا. انهن ۾ 250 کن ڪتاب قلمي هئا. 1971ع
واري جنگ ۾ ڀارتي فوجي ڪجهه ڪتاب پاڻ سان کڻي ويا
۽ ڪجهه ساڙي ڇڏيائون!
هنر:
گهرو هنر به هن ضلع ۾ ججها آهن. براج ايراضيءَ ۾
رهندڙ بلوچ فراسيون ۽ کرڙ سٺا ٺاهيندا آهن. مڪراني
بلوچ تڏا، ٽوڪريون ۽ ڇٻا ٺاهيندا آهن. ماڇي ۽
ميربحر، سپ، گاگڙا، تونريون، پکا ۽ موڙا ٺاهيندا
آهن.
ٿر ۾ ڀرت جو ڪم، کٿا، لويون، ڪمريون،ميزپوش،
چادرون، ٽي ڪوزيون، نوار، هنا، پاکڙا، غاليچا ۽
سون چانديءَ جا زيور ٺهندا آهن. ڏيپلي طرف هرڻ جي
ثابت کلن مان مصلا سٺا ٺهندا آهن.
ميلا:
دنيا جي هر قوم پنهنجن مذهبي اڳواڻن، قومي رهبرن ۽
بهادرن جي يادگارن کي قائم رکڻ خاطر ميلا منعقد
ڪندي آهي. اهو رواج تمام قديم آهي. هن ضلعي ۾ پير
پٿورو، رام جاڳو، نانگن جو ميلو، صوفي فقير، لعل
شاهه، چنڊ مورئو، مشهور ميلا آهن. نئين ڪوٽ اسٽيشن
ڀرسان مٺي تعلقه ۾ راضي شاهه جو ميلو، عمرڪوٽ ۾
شوِ جو ميلو،ڏيپلي تعلقي ۾ ويڙهي جهپ جو ميلو ۽
ڇاڇري تعلقي ۾ رامگر جو ميلو لڳندو آهي. مصري
شاهه، حسن علي شاهه ۽ عالم شاهه جا ميلا به مشهور
آهن. انهن ميلن ۾ مڪاني هنرن ۽ چوپائي مال جو
واپار جام ٿيندو آهي. جهنگل منگل ٿي ويندا آهن. ڪن
ڪن ميلن ۾ ته ثقافتي رهاڻيون به ٿينديون آهن.
زراعت:
ان لحاظ کان هي ضلعو ٻين ضلعن کان پوئتي نه آهي.
زمين زرخيز آهي. ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند، چانور، ٻاجهر،
بصر، جوئر، چڻا، مٽر ۽ مڪئي جو فصل جام ٿئي ٿو. ٿر
۾ برسات تي ٻاجهر، ايرنڊ، تر، مڱ، گوار، گدرا ۽
ڇانها جام ٿين ٿا. ميون ۾ ٿرپارڪر جوڪيلو،چڪو ۽
انب پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن ۽ مقابلن ۾ انعام
حاصل ڪيا آهن. موسمي ڀاڄيون به عام جام ٿين ٿيون.
ميداني علائقي ۾ پڪن رستن ۽ ڪجهه قدر ريلوي جو
نظام آهي، باقي ٿر وارو علائقو رستن ۽ ريلن جي
سهوليت کان محروم آهي. ملڪي دفاع جي لحاظ کان ٿر ۾
پڪن رستن جي سخت ضرورت آهي. پڪي زمين ۾رڍون،
ٻڪريون، مينهون، اُٺ، گهوڙا ۽ ڍڳيون پاليون وڃن
ٿيون. ٿر ۾ ٻڪريون، اٺ، ڍڳيون، گڏهه ۽ گهوڙا عام
آهن.
براج ايراضيءَ ۾ تترن، سهن ۽ تلورن جو شڪار ملندو
آهي ته ٿر ۾ وري تتر، سها ۽ پارڪر ايراضيءَ ۾ ڇڊا
ڇڊا هرڻ به ملندا آهن. سنڌ جو زميندار رڻ جي ڀر
وارن هنڌن تي هرڻ جو شڪار ڪندو آهي. بندوقن سان
عام ماري سبب ٿر جو هرڻ ڪڇ طرف هليو ويو آهي. وڏو
شڪار ڪٿي به ڪو نه ملندو.
ا ُتر وڄ چمڪي، ڏکڻ ٿيو ا ُهاءَ،
هينئڙو مون باغ ٿيو، جهوپي منجهه نه ماءِ،
ساقي! سـُرڪ پيار، عقل مون اهکو ٿيو.
-فقير عبدالرحيم
گرهوڙي
رحه
عمرڪوٽ ۾ هاڪاري مغل شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي
ڄمڻ واري هنڌ تي يادگار چبوترو.
الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر
(سابق ايم پي اي)
اسان جي تاريخ تي ڌارين جا حملا
جناب صدر ۽ حاضري مجلس!
قومن جي ڪمال ۽ زوال جي اسبابن ۽ تاريخي پس منظر
کي مطالع ڪرڻ وارا محقق ۽ ديانتدار مورخ ڄاڻن ٿا
ته سڀ کان اول فاتح قوم جي پاران مفتوحه قوم جي
شاندار تهذيبي روايات ۽ قابل تعريف تاريخي واقعات
کي مسخ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ ان سلسلي ۾
تصنيف و تاليف جي آڙ ۾ اهڙا بيهوده ۽ غلط، لغو ۽
غير محققانه ڪتاب لکيا ويندا آهن، جن جي پڙهڻ سان
مفتوحه قوم جي نئين نسل ۾، پنهنجن وڏن متعلق اها
غلط فهمي پيدا ٿيندي آهي، ته سندن وڏا واقعي جاهل،
ظالم، غير مهذب ۽ راڄ هلائڻ جي لائق نه هئا ۽ اسان
هڪ ناعاقبت انديش قوم جو اولاد آهيون، انهن جي
مقابلي ۾ فاتح قوم نهايت شاندار آهي، جنهن عام
رعيت کي غلط ۽ غير مهذب حاڪمن جي جاهلانه نظام مان
جند ڇڏائي!
تاريخ جي فلسفي جو اهو هڪ اٽل ۽ ثابت ٿيل اصول
آهي. ان سلسلي ۾ رڳو برصغير پاڪ و هند جي انهن
تاريخي تصنيفن کي ڏسڻ گهرجي، جي انگريزن لکيون
آهن، يا انگريزن جي اشاري تي ديسي صاحبلوڪن لکيون
آهن. انهن مان خبر پوندي ته ڪيتريءَ حد تائين، هن
برصغير جي محب وطن اڳواڻن کي لويو ويو آهي.
پوري دنيا جا عالم ڄاڻن ٿا ته انگريزن اول اول هتي
ايسٽ انڊياڪمپنيءَ جي آڙ ۾ پنهنجا منحوس قدم
گهمايا ۽ پوءِ واپار ۽ تجارت ڪندي، برصغير جي
شاهوڪار ۽ مهذب کنڊ کي پنهنجي هوس اقتدار جو شڪار
بنايائون. ان سلسلي ۾ ڪمپنيءَ جي اهلڪارن، دغا ۽
دولاب، مڪر ۽ فريب، ڪوڙ ۽ لالچ ظلم ۽ زوريءَ جا سڀ
حربا استعمال ڪيا. هتي جي بهترين حاڪمن سراج
الدوله، حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي خلاف سازشون
سٽيون، ڪلائيو ۽ ويلسلي پارن دغابازن، حد کان وڌيڪ
الزام تراشيون ڪري دکن، بنگال ۽ ميسور کي تباهه
ڪرايو. ان طرح برصغير جي آزاديءَ جي آخري جنگ، جا
1757ع ۾ پوري رعايا جي پاران لڙي وئي، ان کي
انگريزن پنهنجن ڪتابن ۾ ”غدر“ ۽ ”بغاوت“ سڏيو ۽
بهادر شاهه ظفر، راڻي آف جهانسي، احمد شاهه، نانا
فرنويس ۽ هولڪر جهڙن مقبول ۽ مشهور محب وطن
مسلمانن ۽ هندو اڳواڻن کي غدار ۽ باغي سڏيو. ان
طرح هزارن عالمن ۽ هندو مذهبي پيشوائن کي غدار ۽
باغي قرار ڏئي ڦاسين تي چاڙهيو ويو. هزارها شهر
ساڙي خاڪ ڪيا ويا. بهادر شاهه ظفر جي پٽن جو رت
پيتو ويو. لکن بيگناهه مسلمانن ۽ هندن تي ڪوڙا ڪيس
هلائي کين تباهه ڪيو ويو. ڪلائيو جي ظالمانه
ڪارنامن جي تحقيق ڪرائي وئي، ۽ مٿس ثابت ڪيو ويو
ته ڪلائيو نهايت ڪمينپ کان ڪم ورتو آهي.
ان ئي سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته برصغير هند و پاڪ جي
فتح ڪرڻ واري سازشي مهم ۾ انگريزن سڀ کان آخر ۾
سنڌ کي فتح ڪيو هو. ان لاءِ جنهن دغا ۽ دولاب، مڪر
۽ فريب جو مظاهرو ڪيو ويو، ان جو اعتراف خود چارلس
نيپئر ۽ سندس ڀاءُ وليم نيپئر، توڙي ايسٽوڪ پنهنجن
ڪتابن ۾ ڪيو آهي. نيپئر صاف صاف لکيو آهي ته ”سنڌ
کي مڪر ۽ فريب سان فتح ڪيو ويو آهي.“- ان تاريخي
اعتراف جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن به دليل جي ضرورت
ناهي.
ان مختصر پس منظر کي اڳيان رکي غور سان جاچڻ گهرجي
ته سنڌ جي فتح کان پوءِ، جيڪي ڪتاب انگريز سالارن،
سياحن ۽ ڊاڪٽرن لکيا آهن، تن سڀني ۾ دل کولي غلط
بيانيءَ ۽ الزام تراشيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي.
هڪ طرف خود نيپئر ۽ برٽن پارن متعصب ۽ سندن ڇاڙتن
جي ڪتابن ۾ سنڌ جي ٽالپورن ۽ رعيت خلاف نازيبا ۽
غلط الزام رکيا ويا آهن ته ٻئي طرف چارلس نيپئر جي
ڀاءُ وليم نيپئر ۽ ايسٽوڪ پارن، انهن کي دندان شڪن
جواب ڏنا آهن ۽ نيپئر جي سازشن ۽ الزامن جو پردو
چاڪ ڪيو اٿن. |