سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :9

باب اٺون

ادب جي افادياتي تنقيد

1- قدر (Value)؛ قدر يا وٿ جي باري ۾ اسان جي معلومات، خاص ڪري ادبي طور تي، 1933 کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ”حسن ۽ قدر جا ٻيا نمونا“ (Forms) جي نالي سان ايس- اليگزينڊر پنهنجو ڪتاب لکيو هو. ان کانپوءِ ساڳئي موضوع يعني ”قدر“ (Value) جي مختلف تشريحن جي باري ۾ جيڪي ٻيا اهم ڪتاب لکيا ويا سي هئا؛-

“Naturalism and Value” by J.Dewey, 1939.

“Value in Philosophical Lit. Pieces” by J. Dewey 1939.

“Value- Theory and Criticism” by O.Pell 1930.

“Genral Theory of Value” by R.B. Perry, 1926.

اهڙيءَ ريت هڪ يا ٻه ڪتاب ٻه به لکيا ويا هئا. ڏسڻ ۾ پيو اچي ته اهي سڀ ڪتاب-

(الف) ويهين صديءَ جي شروعاتي اڌ ۾ لکيا ويا هئا.

(ب) انهن قدرن جو تعلق گهڻو تڻو، ادب ۽ ادبي تخليق سان هو.

انهن ڪتابن ۾ ادبي خيال کان به ”قدر“ کي پنجن درجن ۾ ورهايو ويو هو، اهي هي آهن؛

(1) Hedonic  جنهن ۾ سڌوسنئون ۽ هڪدم ڪو لطف حاصل ٿئي.

(2) Artistic  هن مان فن ۽ ان جو حسن ٿو معلوم ٿئي.

(3) Cultural هن جو اثر سماج ۽ تهذيب تي پوي ٿو.

(4) Ethical, Moral, and Religious  يعني اخلاقياتي، اخلاقي ۽ مذهبي.

(5) Practical  يعني عملي، جيڪو عام رواجي زندگيءَ ۾ ڪم اچي.

ڪنهن به شئي ۾ هن سڀني جو موجود هئڻ به ممڪن آهي، پر انهن مان تنقيدنگارن ڪن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي، ڪن تي گهٽ. جمالياتي قدر جو واسطو گهڻو ڪري پهرئين قسم يا پهرين ٻن قسمن سان رهيو آهي. پر ته به اهو قدر جو ڇهون قسم به، يعني جمالياتي (Aesthetical) قدر سمجهي سگهجي ٿو.(1)

هن طرح ڏٺو ويندو ته تنقيدنگار جو تمام وڏو منصب آهي ئي ڪنهن ادبي ڪارنامي جي قدر، افادي قدر يا (فقط) افاديت معلوم ڪرڻ.

(2) قدر ۽ علم تنقيد؛ مختصر طور تي ائين چئبو ته ”قدر اها شئي آهي، جيڪا جيڪڏهن ڪنهن ادبي شئي يا شاهڪار ۾ سمائجي ٿي، ته ان کي قدر وارو (Valueable) بڻائي ٿي ڇڏي.“

ڪنهن به قدر واريءَ شئي کي چئن لفطن سان بيان ڪري ٿو سگهجي. اهي آهن.

اهميت دار (Having Pre-eminene)

قابل قدر يا جوڳائتي (Desering)

قابل ترجيح (Preferred)

لاڳيتي، گهڻ مدتي يا جٽاءَ جي سگهه رکڻ واري  (Lasting)

قدر يا وٿ کي خاص اهميت ملندي رهي آهي ۽ ان کي وڏي شناس جي نظر سان ڏٺو ويو آهي، جو اها شئي سماج جي زندگيءَ تي ڪيترن ئي طريقن سان اثرانداز ٿئي ٿي. قدر ڪنهن ادبي شئي ۾ ڪيئن ٿو اچي ۽ اسان ان کي ڪهڙن طريقن سان معلوم ڪري ٿا سگهون، اهو سوال تنقيد ۽ هاڻوڪي يا جديد تنقيد جو تمام وڏو سوال آهي. ۽ اميد آهي ته اسان وٽ ڪونه ڪو ڏاهو اسان جي ادب تي قدر جي خيال کان به پنهنجي خيال تحرير هيٺ آڻيندو، ۽ اسان جي ادبي تاريخ ۾ اها ڳالهه ڳولي لهندو ته وٿون يا ادبي وٿون اسان جي ادب ۾ ڪٿي آهن ۽ ڪهڙيون آهن ۽ انهن جو خالق ڪير آهي. عام طور تي جيترو ڪنهن ادب ۾ قدرن جو تعداد وڌيڪ اورترو ئي اهو ادب وڌيڪ وڏو.

قدر جي نظريي کي Axiology چيو ويو آهي. اڳ ۾ ته ان تي رڳو فيلسوف ئي بحث ڪري سگهندا هئا، پر ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ کان رڳو ٿورو اڳ ۾ هڪڙو اهڙو صاحب به پيدا ٿيو، جيڪو قدر جي ڳالهه کي سڌوسنئون ادب ۽ ادبي تنقيد جي ميدان ۾ وٺي آيو، ۽ ان حالت ۾ هن جماليات ۽ نفسيات جو اڀياس به خاص ادبي خيال سان ڪيو.

اهو صاحب آهي آئورآرمسٽرانگ رچرڊس (Ivor Armstrong Richards) جيڪو آئي-اي-رچرڊس جي نالي سان مشهور آهي، ۽ مٿي به ڪافي جاين تي جنهن جو ذڪر ٿيندو پئي آيو آهي.

(3) رچرڊس (Richards)؛ هي تنقيدي سائنس جو وڏو ڄاڻو، انگريزي ٻوليءَ جو برک استاد، محنتي ۽ ڏاهو ماڻهو، رچرڊس، 1893ع ۾ پيدا ٿيو هو. تعليم ڪلفٽن ۽ مئلگڊالن ڪاليجن ۾ ورتائين. ٽيهن سالن جي عمر ۾ هو، جڏهن پنهنجي دور جي مشهور عالم اوگڊن (C.K. Odgen) سان گڏجي اهو ڪتاب (1) لکيائين، جيڪو پنهنجي موضوع تي حرف آخر ثابت ٿيو. ”معنيٰ“ جي سائنس تي هي ڪتاب 1923ع ۾ ڇپيو. ان قت جي جُڳ مشهور عالمن يعني ڪروڪ شئنڪ ۽ مالينو- سڪي ان ڪتاب جا ضميما لکيا. 1944ع کان پوءِ رچرڊس هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر مقرر ٿيو. هو هارورڊ ڪميشن جو ميمبر به هو، جيڪا اديبن کي انعام ڏيندي هئي. اهو انگريزي ٻوليءَ جي تعليم جو ڊائريڪٽر به هو. رچرڊس پاڻ شاعري نه ڪئي آهي. رچرڊس جا چار ڪتاب ڏاڍا مشهور ٿيا آهن،پر هن جو پهريون ڪتاب جيڪو  1924ع ۾ ڇپيو، سو هو ”ادبي تنقيد جا اصول“ (Principles of Literary criticism) چون ٿا ته هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان ادبي تنقيد جي ميدان تان وڏا وڏا عالم هٽي ويا. هن پنهنجي ڪتاب جي پوين صفحن ۾ خود ايليٽ تي به تنقيد ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي دور جو تمام وڏو ماڻهو هو ۽ رچرڊس جو همعصر به هو.

رچرڊس، ڪولرج جي ”تصورات“ جا به ڇوڏا لاٿا آهن. پر هن جو وڏو ڪم اڃا به ٻيو هو. هن تنقيدي سائنس کي عام اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾عام شاگردن تائين پهچائڻ لاءِ هڪ تمام عمدو ڪتاب ”عملي تنقيد“ جي نالي سان لکيو آهي.

مون کي اميد آهي ته اسان مان گهڻن رچرڊس جا خاص ڪري اهي ٻه ڪتاب ضرور پڙهيا هوندا. پر اڃا به گهڻا ماڻهو پاڻ پڙهي ڏسن ته هنن ڪتابن ۾ ڇا آهي، تنهن لاءِ مون اهو ضروري سمجهيو آهي ته ”قدر“ جي تاريخي تنقيدي پسمنظر ۾، مان رچرڊس جي ”تنقيد جا اصول“ مان اهو ڪجهه سنڌي ۾ لکي وٺان، جيڪو تمام ضروري آهي. ههڙن مضمونن جو فائدو ڪهڙو ٿيندو، ۽ ٿيندو به يا نه ٿيندو، سو ته مان چئي نه ٿو سگهان، پر جڏهن اردوءَ ۾ ”ارسطو سي ايليٽ تڪ“ (1) ڪتاب لکجي تيار ٿئي، جڏهن سنڌيءَ ۾ ادبي تنقيد جي مواد جي وڏي کوٽ هجي، ۽ جڏهن اسان لاءِ اهو ضروري ٿي پوي ته اسان هڪ گهڙي ضايع ڪرڻ کانسواءِ سنڌي ادب جي تنقيد لکون، تڏهن ڀلا ڇا ڪريون! ظاهر آ، اهڙيءَ حالت ۾ لکڻ کانسواءِ ڪو چارو ئي ڪونهي. پر تنقيد ۽ ادبي تنقيد تي پورهئي ڪرڻ سان اسان پنهنجي ادب، کي پاڻ سمجهي ۽ بهتر طريقي سان سمجهائي سگهنداسون، ۽ اهو ڪو معمولي مقصد نه آهي.

وٿ (Value) يا قدر جو پسمنظر؛ تنقيدي علم ۾ وٿ جي ڳالهه ڪا گهڻي پراڻي ڪانهي. هيءَ ڳالهه رڳو چند سال اڳ جي آهي. ان ڪري هن نظريي کي هي تنقيد جي جديد ترين نظرين ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي. اڃا هاڻوڪي ڳالهه آهي، جو ڪن عالمن رچرڊس جي لکڻي پٽاندڙ اهو قبول ڪيو آهي ته تنقيد جو سچو ميدان وٿ (Value) آهي. پر اهو ڪو خيال اهڙو نه آهي، جو ان کي درگذر ڪري ڇڏجي، ڇوته اهو خيال ته ڪا تخليق جمالياتي طور تي موزون يا ناموزون آهي، پاڻ ۾ اهو ئي اصول رکي ٿو، ۽ ان مطابق کي ڪا شئي (Object) موزون ثابت ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري موزونيت به هڪ وٿ آهي.

اسان وٽ، توڙي ٻئي خيال کان عام طور، ادبي تنقيد جي ڪنهن حد تائين ناڪاميءَ جو سبب به اهو ٿو بڻجي، جو انهن اصولن ۾ مونجهارو ۽ هيرڦير ٿي پوي ٿي، جيڪي ادبي تنقيد ۾ بنياد طور ڪم اچن ٿا. ان جو مطلب هي ٿيو ته ڪابه ڳالهه بنيادي اصولن تي ويچار ڪرڻ کانسواءِ پڪي پختي ڪانه ٿي ٿئي.؛ البت اها ڳالهه به برابر آهي ته اٽل ۽ اڻ چرندڙ تنقيدي اصول ڪنهن حد تائين تنقيد جي اصول جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ به بڻجي ٿا سگهن، ۽ دل جو سوڙهو ۽ سمجهه جو ڪچو تنقيدنگار آخرڪار تسلسل ۽ سچائيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اجايون هٿوراڙيون به هڻي ٿو. سچيءَ تنقيد جا سرچشما اصل ۾ ٻه آهن؛ هڪ ته آرٽسٽ جو من آهي، ۽ ٻيو آهي پڙهندڙن جو اهو طبقو جيڪو پنهنجي ادبي ذوق (Taste) کي فيشن جيان ڦيرائيندو ٿو رهي.

”ڪنهن شئي جو قدر يا ڪا وٿ اها ڪجهه آهي، جيڪا اسان کي ان شئي  جي سڌي سنئين خصوصييت جي صورت ڏسڻ ۾ اچي.“ (1)

اها خصوصيت به اهڙي آهي، جهڙي رنگ، ٿولهه ۽ ويڪر واري. اصل مسئلو البت اهو آهي ته ان شئي ۾ اها خصوصيت يا وٿ ڇو آهي. هي مسئلو فيلسوفن جي دلچسپيءَ جي ڳالهه آهي، پوءِ اچو ته اسان هتان تڪڙا نڪري هلون.

البت انهيءَ ڳالهه تي اتفاق آهي ته قدر يا وٿ جو تعلق ”خواهش“ (Desire) يا دلچسپيءَ (Interest) سان آي. پر هت به مونجهارو اهو آهي ته وٿ دلچسپيءَ کي ٿو چئجي يا دلچسپي وٿ کي. هن جي معنيٰ جماليات ۾ اها آهي ته شين ۾ اسان جي دلچسپيءَ انهيءَ لاءِ آهي ته اهي سهڻيون آهن يا شيون سهڻيون انهيءَ ڪري آهن جو اسان انهن ۾ دلچسپي ڏيکاريون ٿا. اهڙيءَ ريت وٿ جي هيءَ ننڍڙي ڳالهه وڃي جماليات تي پيئي ۽ اسان پري نڪري آياسون.

هائو، پر هن ڳالهه مان به فائدا ٿيا؛

ته وٿ جو مامرو اسان تي مدار رکي ٿو.

ته وٿ انهيءَ حساب سان خود شئي (Objective) نه پر واسطو رکندڙ (Subjective) آهي يا شئي جي ڪا اضافت آهي. پر وڏي دلچسپيءَ جي ڳالهه اها آهي، جو ڪن فيلسوفن وٿ جي مامري کي انسان کان جدا ۽ انسان کان اڳ جي شئي ڄاڻايو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته وٿ ته اسان جي وس کان ٻاهر ۽ واسطي کان مٿي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ وٿ جو ادب سان ڪهڙو تعلق رهندو، سان ڳالهه مونجهاري واري آهي. ادب ته آهي ئي انسان جي ”مخلوق“، ان جو خالق پاڻ انسان ئي آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن معلوم ٿيو ته اها وٿ جيڪا ادبي تنقيد جو موضوع آهي، سا انسان کان ٻاهر ۽ خارجي آهي. ادب ڪنهن مذهب جو نالو ناهي، ادب ڪنهن اخلاقي فلسفي يا نظريي حيات جو نالو به ناهي. ادب ته ادب آهي. ان ۾ وڏو عنصر آهي انساني ڪارڪردگي جو. ان ڪري ادب جي موضوع هيٺ انساني ڪارڪردگي انسان جيان ارتقائي آهي ۽ اها انسان جيان چرپر جو موضوع يا پاڻ ئي چرندڙ پرندڙ (Mobile) آهي. ان ڪري ادب ۾ وٿون فقط اهي آهن، جيڪي سڌو سنئون انسان جي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿيون. اصل ۾ اهو ئي اهو نقطو آهي جتان وٿ يا قدر يا افاديت جو فلسفو ڦٽي ٿو. ان ڪري ادب ۾ افاديت جو بحث، جيڪو ”قدر وارو تنقيد جو نظريو“ ٿو سڏجي، سو تمام گهڻو اهم آهي.

پر ٻئي خيال جي لحاظ کان تنقيد اهڙن اصولن پٽاندڙ ٺهيل ٺڪيل ۽ توريل تڪيل اصولن ۽ قانونن جي تحت ڪئي ويندي، جيڪي نه انسان ٺاهيا آهن ۽ نه انسان انهن کي ٽوڙي يا تبديل ڪري سگهي ٿو!

اهڙيءَ ريت اها تنقيد، جا ادب ۾ اهڙي قسم جون ”وٿون“ قبول ڪندي، ادب جي ترقيءَ جي ضمانت ڏيئي ڪانه سگهندي، ۽ اها تنقيد ذاتي صلاحيت (Individual Talent) جي به ڪا همت افزائي ڪري ڪانه سگهندي. مون کي ڊپ آهي ته اهڙي قسم جي تنقيد ۾ اسلوب (Style) جي گنجائش به تمام گهٽ رهندي ۽ ان ۾ سائنسي سوچ ۽ نون تجربن جو ميدان به هوندي ئي ڪونه. شايد اسان جي سڄيءَ تنقيد هن وقت تائين ڦاڙها به اهي ئي ماريا آهن.

پر ائين به ناهي ته ٻئي ڌر جو ميدان يا رستو ڪو صاف سٿرو يا ڪنڊن کان پاڪ آهي. اهي قانون يا اهي قاعدا، جيڪي تنقيد لکڻ وارو پاڻ مقرر ڪري ٿو، تن جي حيثيت به گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ دور ۾ته بحث کان بالا رهي ٿي. هن باري ۾ اسان ”ادب جي مارڪسي تنقيد“ مان به سبق حاصل ڪري ٿا سگهون. پر وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن وٿ يا قدر جي باري ۾ اسان جا اصول اسان جي پنهنجي راءِ جهڙا هوندا، ته پوءِ آخر انهن جي مدد سان تنقيد جي تعليم ڪيئن ڏيئي سگهبي. ۽ انهن نظرين ۾ هڪجهڙائي، تسلسل، پختائي، ۽ سائنسي سوچ (Scientific Truth) واريون خوبيون ڪئين پيدا ڪري سگهبيون.

آءٌ ڀانيان ٿو ته هي هڪڙو وڏو گهوٽالو آهي، ۽ اهو ئي گهوٽالو آهي. جنهن جو جواب اسان رچرڊس کان وٺڻ گهرون ٿا.

(5) افادي اضافيت؛ جسيتائين اسان رچرڊس سان ڳالهايون، اسان لاءِ، هڪ ٽئين خيال مطابق، ڪنهن شئي کي وٿ رڳو ان ڪري آهي، جو اسان ان ۾ دلچسپي ڏيکاريون ٿا (1)

پر اسان ان ۾ دلچسپي رڳو ان ڪري ڏيکاريون ٿا، جو ان ۾ اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪا اسان ۾ ان لاءِ دلچسپي پيدا ڪن ٿيون. هن نظريي کي انگريزيءَ ۾ ”معروضي اضافيت“ (Objective Relativism) چيو وڃي ٿو. اسان جي دلچسپي ۽ ڪنهن شئي ۾ وٿ جي موجودگي ٻئي هڪ وقت ۽ هڪ جاءِ تي آهن، ان ڪري نه اسان اهو ٿا چئي سگهون ته اسان جي دلچسپي اڳ ۾ هئي ۽ نه اهو ٿا چئي سگهون ته اسان جي دلچسپيءَ واريون خصوصيتون اڳ ۾ئي هيون.

هن نظريي کي جڏهن جماليات يا اخلاقيات جي ميدانن تي ٿو آڻجي، تڏهن وري ڪي وڏا مونجهارا پيدا ٿين ٿا. مثال طور، اها شئي (Object)  اصل ۾ ڇا آهي، جنهن ۾ اسان ان جي قدر جي ڪري دلچسپي وٺي رهيا آهيون. جماليات وارا چون ٿا ته-

“Beauty is what beauty does”. Or

 “Handsome is he who handsome does.”

”حسن رڳو حسن جي شاهڪار ۾ ئي هوندو آهي.“ يا

”حسن اهو آهي جيڪو عملن ۾ سهڻو آهي.“

مٿي جنهن ٽئين نظريي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هت ان جا ڪي ادبي فائدا بيان ڪرڻ ضروري آهن. هن نظريي ۾ لچڪ اها آهي، جو ڪوبه اديب پنهنجي دلچسپيءَ واريءَ شئي تي پنهنجي تعميري تحقيق ۽ پنهنجن تجربن ڪرڻ سان پنهنجي ذاتي صلاحيت کي زور ٿو وٺائي، ۽ اهڙيءَ ريت پڙهڻ وارو ان وٿ واريءَ شئي جي سڄي وٿ معلوم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو سگهي ۽ ان مان لطف وٺي ٿو سگهي. هن طرح هن نظريي جي بنيادن تي هڪ تنقيد جو نظريو قائم ڪري ٿو سگهجي، ۽ حقيقت ۾ اهو نظريو قائم ڪيو به ويو آهي.

6- باقي هڪڙو سوال؛ وٿ، حسن ۽ ٻين اهڙن لفظن کي اسان مٿي ڪجهه اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي، ڄڻ اهي ”ذاتي“ ۽ ”مخصوص“ شيون هجن، ۽ ڄڻ انهن جو ڪو سماجي پسمنظر نه هجي. حقيقت ۾ سڀئي وٿون ۽ سڀئي حسن جا نظريا سماج جي پيداوار آهن. پر اهو فلسفو جيڪو ائين ٿو چوي، سو آءٌ هت بيان ڪري نه ٿو سگهان. فلسفي، تاريخ، جماليات ۽ نفسيات تي لکڻ وارا موجود آهن، جن پنهنجي پنهنجي ضرورت ۽ مناسبت سان اهو فرض ادا ڪري سگهن ٿا.

7-ڀلا رچرڊس ڇا ٿو چوي!؟ جي ادبي تنقيد جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ هروڀرو هن سوال جو جواب ڏيڻو آهي، ته پوءِ اسان رچرڊس جي ڪتاب ”تنقيد جا ادبي اصول“ مان فائدو وٺنداسون، ۽ هن کانپوءِ منهنجو گهڻو مواد انهيءَ ڪتاب تي مدار رکندو. ”ادبي تنقيد جا اصول“ رچرڊس جو اهو ڪتاب آهي، جنهن کي رچرڊس جي نظريات ۾ بنيادي حيثيت (Key position) حاصل آهي.

ڊاڪٽر رچرڊس جو ويساهه آهي؛

ادبي تنقيد بنيادي طور تي من وديا جي هڪ شاخ آهي.

ادبي تنقيد دل جي ڪيفيتن سان واسطو رکي ٿي. ڇوته ادب جو واسطو فقط انهن سان آهي.

دل جون اهي ڪيفيتون ادب جي مشاهدي يا اڀياس (Experience) مان پيدا ٿين ٿيون.

ادب ۾ جيڪو آرٽ آهي، اهو ئي ڪيفيتون پيدا ڪري ٿو.

من وديا انسان جي من جي سائنس آهي انسان جي من ۾ ڪي ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون. اهي ڪيفيتون ادب جي اڀياس جي ڪري پيدا ٿين ٿيون، جن کي مٿي دلچسپيءَ جو ڪارڻ سمجهيو ويو آهي، ۽ اهو ادب يا آرٽ ئي آهي، جنهن جي ڪري اهڙيون ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون.غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته منڍ ۾ ئي رچرڊس انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته دلچسپي اڳ ۾ ٿي پيدا ٿئي يا وٿ اڳ ۾ ٿي پيدا ٿئي.

چوي ٿو ته ”ڪتاب به ڄڻ مشين آهي، جنهن سان سوچي سگهجي ٿو. منهنجو ڪتاب ان اڏاڻي (Loom)  جهڙو آهي، جنهن تي توهان اهي تندون ويڙهي سگهو ٿا، جيڪي تهذيب جو بنياد آهن، پر اڳ ۾ ئي انهن کي ويڙهيندي انهن سان هٿ چراند به ڪئي وئي آهي!“

هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ادب جيڪو انسان جو تهذيبي ورثو آهي، تنهن جي تنقيد سان رچردس جي خيال ۾ وڏي هٿ چراند ٿي آهي، ۽ هاڻي رچرڊس اهي ڌاڳا جيڪي وٽجي، منجهي ۽ ڇڄي پيا آهن، تن کي وري اُڻڻ ٿو گهري يا چاهي.

پر رچرڊس به ان عيب کان پاڻ بچائي نه سگهيو آهي، جيڪو نظرياتي بحث ۾پوڻ ڪري اڪثر عالمن کان ٿي ويندو آهي، اهو عيب آهي ”ڊيگهه يا ”اينگهه“. رچرڊس چوي ٿو ته ”مون به قدر جي نظريي، (Theory of Value) ۽ عام نفسيات جي باري ۾ وڏي ڊيگهه ڪئي آهي. پر ڇا ڪريان ان ڊيگهه کانسواءِ آءٌ پنهنجو مقصد بيان ڪري نه ٿي سگهيس.(ص 2). 

(8) رچرڊس ۽ تنقيد؛ ”منهنجي نظر ۾ تنقيد اها شئي آهي، جنهن ۾ اسان تجربات ۽ مشاهدات (Experinces) جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ۽ پوءِ انهن جو قدر ۽ قيمت مقرر ڪيون“(ص 2).

تنقيد جو هي نظريو ڏاڍو اهم آهي. هن ۾ زور ڪتاب يا نظم يا شعر تي نه ڏنو ويو آهي، پر ان تجربي تي ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪتاب يا شعر يا نظم پڙهڻ سان نه رڳو پڙهندڙن کي پر خود اديب ۽ ليکڪ کي حاصل ٿئي ٿو.

هائو، جيڪو تجربو آرٽسٽ پيداڪري ٿو ۽ آرٽ جي مدد سان پيدا ڪري ٿو ۽ آرٽ جي مدد سان ٻين تائين پهچايو ٿو وڃي، اهو رڳو پڙهندڙ جو تجربو نه آهي، پر لکندڙ جو تجربو  به آهي. هيءَ ڳالهه رچرڊس جي نظريات جي خيال کان خاص اهم آهي. 

رچرڊس مڃيو ته اهو ڪم يعني تجربن کي پهچائڻ (Communication)  وارو ڪم اسان ان وقت تائين ڪري نه ٿا سگهون، جيستائين اسان کي خود تجربن جي نوعيت ۽ هيئيت جي باري ۾ ڪو علم نه هجي. هي سڄو ڪم ٻن ڳالهين سان ٿئي ٿو، هڪ، ڪنهن ادبي شئي جي وٿ مقرر ڪرڻ، ۽ ٻيو ان وٿ کي ٻين تائين پهچائڻ يعني تپاس ۽ تجربي (Evalution and Experience) سان.

رچرڊس پاڻ به سمجهي ٿو ته هن جو ڪم ٻين عامن يا تنقيد لکڻ وارن کان گهڻو مختلف آهي، ڇو ته ٻيا ته سمجهن ٿا ته ”بس هلندو هلجي ۽ پڙهندڙن کي دل ۾ اهڙا اڌما ۽ جذبا پيدا ڪندو هلجي، جهڙا موضوع جي خيال کان ٺهڪندڙ هجن“ (ص 3).

هن مان ظاهر آهي ته رچرڊس تنقيد جي سائنس کي نهايت ئي سنجيدگيءَ سان ڏسي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هو نهايت نرالو ۽ اهم ڪري وڃي.

رچرڊس کي اهو به احساس آهي ته هو سڄي تنقيدي ٻولي، جا هو پاڻ ڪم آڻي ٿو، سو هو پاڻ ٺاهي رهيو آهي. چوي ٿو؛ ”توڙي جو قدر جو نظريو“ اهڙو آهي، جو هرڪو ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ته به منهنجي نظر مان (اڳئين ادب ۾) اهڙو جملو به نه نڪتو آهي، جيڪو لکي آءٌ ٻين پڙهندڙن کي ٻڌايان ته هن باري ۾ ٻين به هينئن لکيو آهي.“

رچرڊس جو خيال آهي ته جيئن جيئن تنقيد جو نظريو سڌرندو ويندو يا نظريا نوان نوان نڪرندا ويندا، تنقيد جي ٻولي ڌرندي ويندي ۽ نئين ٿيندي ويندي. اهو خيال اسان جي هن نظريي کي ٽيڪو ٿو ڏئي ته تنقيدي ادب پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ اسانکي ٻوليءَ جو هڪ جدا ”علامتي نظريو“ (ڏسو منهنجو مضمون ”نشان، علامت ۽ اهڃان“ (”مهراڻ“، 1978ع) به قائم ڪرڻو پوندو.

تنقيدي ٻوليءَ جي خيال کان-

رچرڊس عام ٻوليءَ ۽ مروج ٻوليءَ کان هلي، هڪ نرالي ٻولي لکي ٿو.

هن جي ٻولي ڏکي آهي، جو اها عام نه آهي.

رچرڊس انگريزي ٻوليءَ جو وڏو عالم آهي ۽ وڏو استاد آهي. ان ڪري به هي ٻولي نهايت ئي معياري آهي.

پر اهي ڏوهه به معمولي ڏوهه نه آهي. اسان جي ملڪ ۾ته اهي ڏوهه گناهه ڪبيرا آهن ۽ انهن کي ڪي مرتبت وارا عالم ۽ فاضل به بخشڻ کان انڪار ڪري بيٺا آهن. (پهريائين ته ڪابه ڳالهه ڪريو ئي نه، جي ڪريو ته نئين نه هجي. جي نئين آهي ته پليت نه هجي پاڪ هجي. جي پاڪ آهي ته آسان هجي. جي آسان آهي ته ڊگهي نه هجي. جي ڊگهي آهي ته پوءِ ڀلا آخر انهيءَ جي ضرورت ڪهڙي هئي! (حاضر سائين، ٻيهر اهڙو قصور نه ڪنداسون!)

پر رچرڊس ان پراڻيءَ ٻوليءَ کان گهڻو تنگ ٿيو هو، جو ڪا ڊرائڊن، جانس، ڪولرج ۽ آرنولڊ لکندا رهيا هئا. توڙي جو هو سڀ برک تنقيدنگار هئا. ان ڪري هن تنقيد جي علم سان گڏ تنقيد جي ٻوليءَ کي به وسعت ڏني.

رچرڊس جو دماغ نئين ايجاد لاءِ نهايت ئي موزون هو. ان ڪري ايليٽ جيان، پر ان کان به بهتر طريقي سان، هن نه رڳو نئون نظريو ڏنو، پر ان جو بهترين پرچار به ڪيو. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته نون ۽ نرالن لفظن ۽ اصطلاحن جي گهڙڻ جي ڪري رچرڊس کي گاريون ملن ها، پر خبر ناهي ته يورپ وارا الائي ڇو ماڻهن کي معاف ڪري ٿا ڇڏين. هنن ڪارل مارڪس کي، روسو کي ۽ اهڙن ٻين ”مٿي ڦرين“ ماڻهن کي به معاف ڪري ڇڏيو هو.

نفسيات ۽ جماليات جي باري ۾ رچرڊس جو خيال آهي ته اسان جون (انسان ذات جون) نفسياتي يا جمالياتي قابليتون (Abilities) سن 3000 عيسويءَ ۾ اڄ کان گهڻو ٻئي طرح جون هونديون. اڄوڪي حالت انهن لاءِ اهڙي هوندي، جو ان تي ان دور جا ماڻهو ڏاڍو کلندا، پر اڄ اسان لاءِ ان کان به وڏو ويل تڏهن ٿي سگهي ٿو ۽ ٿي رهيو آهي، جڏهن اسان پنهنجي هن حالت تي ڪو غور نه ڪريون ته انسان جو ذهن وڌيڪ طاقتور ٿيندو ٿو وڃي. چوي ٿو؛ ”اسان جي انهن قابليتن خود اسان جو انهيءَ حالت ۾ڪهڙو حال ٿيندو، جنهن حالت ۾ اسان (اڄ يا هڪ هزار سال جي عرصي ۾) پنهنجي وڌندڙ طاقتن مان وقت سر ڪو فائدو وٺنداسون“ (ص 4).

ڏسڻ ۾ پيو اچي ته رچرڊس انسان جي ذهن جي ارتقا جي رفتار کان واقف آهي ۽ چاهي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”اسان سڀ ان کان واقف ٿيون ته جيئن لکڻ وقت اهو خيال ڪريون ته اهي ماڻهو جيڪي مستقبل ۾ اسا جون لکڻيون پڙهندا، سي اسان کان ذهني طور تي گهڻو وڌيڪ سڌريل هوندا، ۽ پوءِ اسان جا سڀ ڪتاب انهن جي لاءِ ڪٿي بيڪار ۽ وقت ۽ مٿي جو بار نه ٿي پون.“

ڪيڏو نه عمدو ويچار! ڪيڏي ته عمدي صلاح! ڪيڏي نه سهڻي راءِ، ۽ ڪيڏي ته وڏي منزل!

رچرڊس جي ويچارن جي باري ۾ اسان کي هن وقت تائين جو ڪجهه به معلوم ٿيو آهي، ان کي پڙهندڙ جي سهوليت لاءِ اختصار سان هيٺ ڏجي ٿو؛-

ڪتاب انسان جي تهذيب جي مشين آهي، جنهن تي تهذيب جي تند ويڙهجي ٿي.

پاڻ رچرڊس تهذيب ک سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

رچرڊس لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي تنقيدي مواد لاءِ نئين تنقيدي ٻولي ٺاهي.

هن جي تنقيدي نظريي جو تعلق تجربن ۽ مشاهدن (Experiences) جي وزنائڻ يا قيمت معلوم ڪرڻ (Evaluation) سان آهي.

رچرڊس مستقبل لاءِ هڪ تهذيبي ورثو ٺاهي ٿو- ته اهو ورثو اهڙو هجي، جو هڪ هزار سال پوءِ به ان کي سمجهي سگهجي ۽ ان مان فائدو وٺي سگهجي.

ظاهر آهي ته رچرڊس جا خيال جيڪي ادبي آهن، سي انسان جي تمام وڏي سوال يعني تهذيب جي ارتقا سان تعلق رکن ٿا. اسان کي به گهرجي ته ادبي تنقيد کي ايڏي وڏي خيال سان پڙهون.

(9) رچرڊس جو تنقيدي ورثو؛ رچرڊس کان اڳي جيڪو تنقيدي ادب پيدا ٿيو هو، اهو به پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ڏاڍو اهم هو، ۽ نه وسارڻ جهڙو هو نه درگذر ڪرڻ جهڙو. غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ارسطوءَ کان وٺي ڪيڌا نه وڏا دماغ ادب. تنقيد کي مليا آهن. اهي سڀ دماغ رچرڊس جي لاءِ هڪ وڏو ورثو ڇڏي ويا آهن. پر رچرڊس ڄڻ هڪ ڌريائتو انقلابي (Radical Revolutionary) آهي؛ چوي ٿو ته انهيءَ حالت ۾ تنقيد جو اڄوڪو شاگرد غور ڪندو ته ڏسندو ته ان سڄي تنقيدي ادب ۾ ڪيڏو نه وڏو رولو يا ڏچو (Amiss) آهي.

ائين به ناهي ته انهن وڏن دماغن جي اڳيان ڪي تمام وڏا سوال اچي ويا هئا. سوال ته ڏاڍا عام ۽ آسان هئا. مثال طور؛

اها ڪهڙي شئي آهي، جا ڪنهن نظم کي پڙهڻ سان ان کي وٿ ڏئي ٿي؟

هڪڙو تجربو (پڙهڻ جو) ٻئي کان بهتر ڇو آهي؟

هڪ پڪچر ٻيءَ کان بهتر ڇو آهي؟

ڪو نغو يا گيت اسان ڪهڙيءَ ريت ٻڌون،جو ان جو سچو لطف ماڻيون؟

آرٽسٽ جي باري ۾ اسان جو هڪڙو خيال ٻئي کان ڇو بهتر آهي؟

اهي ئي بنيادي سوال آهن، جن جا جواب اسان کي تنقيدي ادب وسيلي ڏيڻا آهن، ۽ رچرڊس به ڏنا آهن.

هت معلوم ٿئي ٿو ته رچرڊس فقط اهي سوال دهرائي ٿو، جن جو واسطو تجربي (Experience) يا اظهار (Expression) يا رسائيءَ (Communication) سان آهي.

وڌيڪ چوي ٿو ته اسان کي معلوم ڪرڻو آهي ته ”وٿ“ يا ”قدر“ ڇا آهي. ان جي نوعيت ڪهڙي آهي. نغمو يا موسيقي ڇا آهي. ۽ تجربا ڪيئن ٿا پيش ڪري سگهجن.

هن باري ۾ رچرڊس جي اڳيان رڳو انگريزيءَ ۾ ئي تنقيدي ادب جو ايڏو وڏو ذخيرو موجود هو، جو شايد ئي ڪنهن ٻئيءَ زبان ۾ايڏو ذخيرو هجي. پر رچرڊس ان سڄي ذخيري کي هڪڙو وڏو گهمسان ٿو سڏي.  هن ارسطوءَ کان وٺي ميئٿو آرنولڊ تائين تنقيدي ادب جو جائزو ورتو آهي ۽ انهيءَ سڄي ذخري مان خاص اصطلاح يا نظريي وارا لفظ ڪڍي ورتا اٿس. رچرڊس چوي ٿو ته اهو سڄو گهمسان هي آهي؛-

ورجائڻ يا نقل ڪرڻ مان هر شخص کي سڀاويڪ لطف اچي ٿو.

شعر مان گهڻو ڪري عام سچ (General Truth) ملي ٿو.

”پنهنجن ڪپڙن کان ٻاهر نڪرڻ“ سان اسان کي اهو ئي ملي ٿو، جيڪي اسان حقيقت ۾ آهيون.

دل جي سچي روشني رڳو سهڻن لفظن ۾ آهي.

جيڪي ادب وڻيو سو پيدا ڪريو، پر ان ۾ سادگي (Simplicity) ۽ ايڪائي (Unity) ضرور ڀريو.

De Sustibus چيو؛ ”سٺي لکڻ لاءِ صحيح سوچ ان جي ابتدا آهي، ۽ اها ابتدا سٺي لکڻ جو سرچشمو آهي.“

اسان کي گهرجي ته پاڻ کي سادگيءَ کان پري نه رکون.

شعر جا وڏا مقصد به آهن؛ هڪ تفريح جو ٻيو تعليم.

فينسيءَ ۾ وڏو لطف ته صحت جي لطف جهڙو آهي. نه سمجهه (Understanding) جهڙو.

 شعر طاقتور جذبن جي زور سان اڌما ڏيئي نڪرڻ کي ٿو چئجي.

شعر اهو آهي، جنهن ۾ سٺي ۾ سٺا لفظ سٺي ۾ سٺيءَ ترتيب سان آيل هجن.

شعر انسان جي سڄي روح جي هڪ تحريڪ آهي.

 شعر ڪثرت (Diversity) ۾ وحدت (Unity) کي چئبو آهي.

شعر تصورن جي جادوءَ ڀرئي اثر کي چئبو آهي.

پنهنجي مقصد کي خيال ۾ رکي، لکڻ کي شعر ٿو چئجي.

شعر اها شئي آهي، جنهن ۾ مواد ۽ ڍانچو ٻيئي گڏ ڏسي سگهجن.

 ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي.

شعر اها ورنهيءَ شئي (Empathy) آهي، جيڪا اسان جي وجود لاءِ فائدي واري هجي.

اهميت وارو ڍانچو (Form).

وجودي حقيقت جو اظهار.

هن طرح رچرڊس ارسطوءَ کان وٺي پنهنجي ويجهڙائيءَ واري زماني جي تنقيدي ادب مان خاص خاص ڳالهيون چونڊي لکيون آهن.

ڄڻ چئي رهيو هجي؛ ”ڪاٿي ٿيو ڪوهيار، ڪاٿي ٿي هٿڙا کڻي! ڇا اصل مامرو، ڇا ايڏي ڊيگهه.“

رچرڊس چوي ٿو ته نهايت سادن ۽ معمولي سوالن جي جوابن لاءِ اسان ڪتاب ڀري ڇڏياآهن. رڳو ڪولرج جو مثال وٺو؛

بس چوويهه ڪلاڪ ئي تنقيدنگار هو، ڳالهه رڳي هئي آرٽس ۾ وٿ کي ڳولڻ جي. ڇاڪاڻ ته رچرڊس جي مقصد جي خيال کان، هيءَ ايڏيءَ گهڻ وارو تنقيدي مواد غير ضروري هو، ان ڪري هن صاحب ان مواد مان ڪوبه فائدو ڪونه ورتو. هو انهن ڳالهين جو هروڀرو مخالف ناهي، پر هن جو خيال آهي ته هن کان اڳ ۾ لکڻ وارن هي سوال ڇڏي ڏنا آهن ته-

آرٽس ۾ سچي قيمت، سچو قدر، سچي وٿ ڪهڙي ۽ ڪيتري آهي.

عقلمند ماڻهو اڄڪلهه ان ”وٿ“ جي ڳالهه تي ويچار ڇو ٿا ڪن.

انساني ڪوشش ۾ آرٽس جو مقام ڪهڙو آهي. هنن سوالن جي جوابن جي باري ۾رچرڊس چوي ٿو؛ ”شايد خالص تنقيدي ادب، جيئن لکيو ويو آهي، سو اهو ميدان نه آهي، جنهن ۾ هنن سوالن جا جواب تلاش ڪجن“(ص 7).

اهڙيءَ ريت رچرڊس پنهنجي ورثي کان ائين هٿ کڻي ويو، جيئن چين واري ثقافتي انقلاب ۾ گذريل دور کان هٿ کنيو ويو هو. هن باري ۾ وري به هي فيصلو ڪري نه ٿو سگهجي ته رچرڊس ڪيتري قدر انقلابي آهي، هن ڪٿي ڪٿي ڪولرج ۽ ٻين جا حوالا ڏنا آهن، البته رچرڊس غيرمعمولي تنقيدنگار سو واهه جو آهي.

(10) جماليات ڇا ٿي ڏئي؛ رچرڊس ”جماليات“ کي به منجهائيندڙ مانڊاڻ (Phantom) ٿو سڏي. منڍ ۾ ئي چوي ٿو؛ ”جماليات ۾ ته اڃا به وڏو نقص آهي. اها ته ادبي وٿ کي بلڪل درگذر ڪري ٿي ڇڏي. جمالميات جو دارومدار هڪ اهڙي مفروضي تي آهي، جنهن تي تمام گهٽ بحث ڪيو ويو آهي. جماليات جي سڄي تاريخ ۾ عقلي طريقو رڳو ڪانٽ (Kant) ڪم آندو آهي. ڪانٽ ادبي ذوق(Taste)  تي فيصلو صادر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ادبي ذوق ۾ هڪڙو اهڙو لطف آهي، جيڪو

(1) غير جانبدار (Disinterested) آهي.

(2) پوريءَ ذات انسان لاءِ (Universal) آهي.

(3) غير ذهني (Unintellectual) آهي، ۽

(4) اهو لطف اهڙو آهي، جو ان کي عامي وهم جو لطف چئي نه ٿو سگهجي، ۽ نه اهو عام رواجي جذبن جي پيداوار ئي آهي. (1)

رچرڊس جو خيال آهي ته اهڙن خيالن مان ئي جماليات جو هٿرادو مانڊاڻ (Phantom) پيدا ٿئي ٿو.

عجب آهي، جو حسن، خوبي ۽ سچ جهڙن مامرن تي به اهڙن ئي علمي بنيادن تي تحقيق ڪئي ويندي هئي. هنن ٽن کي اڳتي هلي، ارادي، سوچ ۽ خيال سان ڳنڍيو ويندو هو.

حوالي طور رچرڊس لکي ٿو ته؛ ”روح جون سڀ طاقتون يا صلاحيون رڳو ٽن ٽپن ۾ بيان ڪري سگهجن ٿيون، جن کي وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائي ڪونه ٿو سگهجي. اهي ٽي ٽپ هي آهن؛

علم جي صلاحيت،

حظ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت، ۽

خواهش جي صلاحيت.

رچرڊس چوي ٿو ته ڪانٽ جو اصل مقصد ته هو جماليات کي آئيڊيلزم (Idealism) سان ڳنڍڻ جو، ان ڪري هن ڪٿي عقل محض ته ڪٿي عملي عقل تي پئي بحث ڪيو آهي.

ڪانٽ يا ٻين اهڙن فڪر وارن مان هاڻي اسان جند ڇڏائي نه ٿا سگهون، توڙي جو انهن مان اسان کي پنهنجي مقصد يعني وٿ (Vaule) ۽ تجربي (Experience) جي باري ۾ ڪجهه به حاصل ڪونه ٿو ٿئي. رچرڊس ٿو چوي ته هنن همراهن ته حسن (Beauty) کي به اضافي امر سمجهي احساسات سان ڳنڍيو هو. هيءَ سندن ڪارنامو ته وڏي تباهيءَ وارو ڪارنامو هو. پر شڪر، جو هاڻي انهيءَ سندن ”فيصلي“ مان تنقيد جي جند ڇٽي ويئي آهي. (1)

توڙي جو ان جو پڙاڏو اڄ به ڪٿي ڪٿي تنقيدي ادب ۾ ٻڌڻ ۾اچي ٿو. ان کانپوءِ رچرڊس، مستر ورن لي (Vernonlee) جي ڪتاب “Beauty and Ugliness” ۽ مسٽر ڪلائيو بيل (Clive Bell) جي نظريات تي به بحث ڪيو آهي، ۽ آخر ۾ چوي ٿو ته ”جهڙي ريت نفسيات جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مون کي وري جانچڻيون آهن، تهڙي ريت آءٌ جماليات جي باري ۾ به ڇنڊڇاڻ ڪندس.“

پنهنجي راءِ تي ايندي چوي ٿو؛ ”مون کي جيڪي چوڻ آهي سو اهو آهي ته اها ڳالهه غلط آ ته حسن احساس جي مدد سان سمجهي ٿو سگهجي. اصل ۾ حسن ۽ قبح جي جدليات هڪڙي آهي. انهن ٻنهي جا تجربا ۽ مشاهدا گهڻائي ٿين ٿا. پر مسٽر ڪروس (Cruce) هن ڳالهه جو انڪاري آهي. اهڙي حالت ۾ مان ڪوشش ۾ آهيان ته مان چوان ته اهي تجربا ۽ مشاهدا نوان يا نرالا ڪونه آهن. اصل ۾ اهي سڀ هڪجهڙا هئا، پر بعد ۾ انهن کي جدا سمجهيو ۽ سمجهايو ويو.“

هن ۾ رچرڊس جماليات مان ٿيندو وڃي نفسيات مان نڪتو آهي ۽ تجربي (Experience) تي ڳالهائي رهيو آهي. هن جي خيال ۾ حسن توڙي قبح جي حالت ۾ مشاهدا هڪ کان وڌيڪ ۽ گهڻا ٿين ٿا ۽ انهن سڀني جو پاڻ ۾ گهاٽو واسطو آهي، ڇوته نفسيات جي ميدان تي    اهي هڪ شئي آهن. اهڙي ريت بيل (Clive Bell) ۽ برئڊلي (A.C. Bradley) تي به وڏا ڇوهه ڇنڊيا اٿس، ڇوته انهن به آرٽ کي عملي زندگيءَ کان جدا ڪيو آهي، جيئن ڪانٽ ڪيو هو. ڪلائيو بيل جو حوالو ڏيندي ته ”آرٽ جي ڪنهن به ڪارنامي کي سمجهڻ ۽ ماڻڻ لاءِ عام زندگيءَ مان ڪجهه به وٺڻ ضروري نه آهي. نه ته ان جي خيالات جو علم ضروري آهي ۽ ڪيئن نه آرٽ کي زندگيءَ جي حقيقتن کان جدا ڪيو ويو آهي! ۽ آڙ وري ورتي ويئي آهي جماليات جي!“ هن نظريي کي به رچرڊس خطرناڪ (Drastic) ٿو سمجهي، ۽ ان سلسلي ۾ هو برائڊلي جو اهڙي ئي قسم جو حوالو پنهنجي پڙهندڙ کي آڏو آڻي ٿو. چي ”جمالياتي مشاهدن جي نوعيت ئي اهڙي آهي، جو اهي حقيقي دنيا جو نه حصو آهن نه انهن جو پرتوو. اهي مشاهدات ته پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ دنيا آهن ۽ بلڪل خودمختيار دنيا جهڙا آهن!“

آئي، رچرڊس جو خيال آهي ته جماليات جي باري ۾هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد  (Private Heaven) سمجهڻ ۾ وڏيون رنڊڪون پئجي رهيون آهن. چوي ٿو ته انهن ڳالهين جو اثر ادب ۽ آرٽ تي به ڏاڍو برو پيو آهي، جو اهي انساني سماج کان ڇڄي ڌار ٿيا آهن ۽ سماج کي انهن کان جدا ڪيو ويو آهي.

(11) تنقيد ۽ ٻولي؛ رچرڊس جو چوڻ آهي ته ”شعر به زندگيءَ جيان هڪ شئي ۽ فقط هڪ شئي آهي. بنيادي طور تي اهو هڪڙي طاقت آهي ۽ هڪ سلسلي وارو وجود آهي. تاريخي طور تي به ان کي هڪ تواتر يا سلسلو حاصل آهي. ان جي تواتر جي حقيقت جدا جدا روپن جي هڪ گڏيل صورت آهي. هومر هجي يا هومر کان اڳ جو ڪو شاعر هجي، ۽ پڻ ان کان وٺي اڄ تائين، شعر جي اپيل ۽ ان جي طاقت هڪ ئي رهي آهي. شعر جي ظاهري صورت نظريي، بصري يا جسماني آهي ۽ انهن ئي وسيلن سان سمجهه ۾ اچي ٿي. شعر جي ارتقا پنهنجي وڏيءَ طاقت سميت ۽ پنهنجي عظيم مقصد سميت غيرفاني آهي.“ هو چوي ٿو ته؛ ”لفظن جي آڙ وٺڻ (Sheltering Linguistic phantom) اڃا پيو هلندو. اسان کي مڃڻو پوندو ته ٻوليءَ جا هي ساويڪ يا رواجي نومونا اسان کي گمراهه ٿا ڪن ۽ خاص ڪري اها ٻولي ته ڏاڍي گمراهه ڪندڙ آهي، جنهن ۾ اسان آرٽ تي بحث ڪندا آهيون.“

اڳتي هلي چوي ٿو؛ ”ٻولي جو اهو حصو، جنهن ۾ اسان ڪنهن نه ڪنهن مشاهدي (Experience) جي وٿ (Value) جو ذڪر ڪندا آهيون، تنهن کي اسان ٻولي جو ”تنقيدي حصو“ چونداسون، ۽ جنهن حصي ۾ اسان رڳو ڪا شئي ذڪر هيٺ آڻيون ٿا، تنهن کي اسان ”ٽيڪنيڪي (Technical) حصو“ چونداسون. تنقيدي خيال نفسيات جي شاخ سان تعلق رکن ٿا، ۽ اسين لاءِ هاڻي اهو ضروري نه ٿيندو ته اسان هاڻي ”اخلاقي“ يا ”مابعد الطبعياتي“ جهڙا لفظ انهيءَ لاءِ ڪم آڻيون ته اهي اسان جو وٿ وارو نظريو (Idea of Value) بيان ڪن. تنقيدي ۽ ٽيڪنيڪي خيالن جو فرق سچو پچو ۽ اصلي فرق آهي.“

(12) آرٽسٽ ۽ ان جي اظهار جو طريقو؛ اهي ٻه ٿنڀا، جن تي تنقيد جي عمارت يا ان جو نظريو بيهڻ گهرجي، سي هي آهن؛

(1) قدر يا وٿ (Value)،

(2) اظهار (Expression)

اها ڳالهه ته اسان سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جا ڪيترائي نمونا پنهنجن والدين وٽان سکون ٿا، هڪ عام ڳالهه آهي. حقيقت ته اها آهي ته اسان جي ذهن (Mind) جي جوڙجڪ ئي انهيءَ کي استعمال ڪندو آيو آهي ۽ اها ڳالهه ان جي سڄي ارتقا جي ملت سان لاڳو آهي. ذهن جو تعلق انهيءَ ڳالهه سان آهي ته اهو اظهار جي وسيلي طور ڪم آيو آهي. برابر مشاهدو ۽ تجربو هرڪو اظهارکان اڳ پيدا ٿئي ٿو. ٺيڪ! پر هر مشاهدي ۽ تجربي جو ڍانچو رڳو ان وقت ٿو ٺهي، جنهن وقت انهيءَ کي ظاهر ڪرڻو پوي ٿو.

سڀاويڪ طرز زندگي (Natural Selection) جي جنهن اصول، اظهار جي قوت تي جيڪو  اثر ڪيو آهي، سو سچ پچ ته ڏاڍو وڏو ۽ طاقتور آهي. وري اظهار جي طريقي جو وڏي ۾ وڏو وسيلو خود آرٽس وارو وسيلو آهي.

اها ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي ته خود ڪي آرٽسٽ به انهيءَ راز کان ناواقف آهن ته هو جو ڪجهه به پيدا ڪن ٿا، اهو ٻين تائين پهچائڻو آهي. ڪي ته شايد ائين چون ٿا ته هو پنهنجي آرٽ جي وسيلي پنهنجي دل خوش ڪري رهيا آهن. پر آرٽسٽ جي اهڙيءَ لاتعلقيءَ يا بي پرواهيءَ جي ڪري به ضروري نه آهي ته خود آرٽ يا ان جي اظهار يا اظهار جي ڪنهن طريقي تي ڪو برو اثر پوي يا ان جي اهميت گهٽجي وڃي.

پر ائين کڻي ڪو آرٽسٽ چوي به ته هن جو مقصد رڳو آرٽ کي پيدا ڪرڻ آهي ۽ ٻين تائين پهچائڻ نه آهي، ته به اها ڳالهه مڃي ڪانه سگهبي.

اصل ۾ سچا آرٽسٽ اهي آهن، جيڪي ڄاڻن ٿا ته ڪنهن آرٽ جي ڪارنامي کي ڪيئن سمجهجي ۽ ان کي سمجهائڻ جي باري ۾ هو پاڻ ڇا ڪري رهيا آهن.


 


(1)  J.T. Shiplev: “Dictionary of World Literarv Terms”, 1955, P. 437

(1)  “The Meaning of Meaning”

(1)  ”ارسطو سي ايليٽ تڪ“ (1) Jamil Jalbi (Dr)

(1)  J.T. Shipley: “Dictionary of World Literary Terms”, 1955, P. 435

(1)  Ibid. P. 436

(1)  Kant Immanual. “Critique of Judgement”, P. 15

(1)  Vernonlee: “Beauty and Ugliness”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com