سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :12

 

باب ڏهون

 

ادب جي نئين تنقيد

شاعري جو دائرو؛ هن باري ۾ ڊگهو مضمون ”مهراڻ“ ۾ ڪن ڇهن قسطن ۾ شايع ٿيو آهي، پر هيءُ مضمون پوءِ به ضروري نظر آيو، جو هن جو تعلق نه رڳو نئين تنقيد پر خاص طور تي شاعريءَ سان آهي.

تنقيد کي علم سمجهيو ويو آهي ۽ ڪن عالمن ته تنقيد جي لاءِ لفظ ئي ”علم نقد“ ڪم آندو آهي، پر هر حالت ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته وڏو بحث يا وڏي جاکوڙ هن علم ۾ شاعريءَ جي مقصدن، محرڪن، حسن، ٽيڪنيڪ ۽ فن، ٻولي ۽ سماجي ڪارج تي ٿي آهي، جو اهي ئي اهي سوال آهن، جن کي شاعريءَ جي باب ۾ اهم سوال سمجهيو پئي ويو آهي. هن طرح شاعريءَ يا شاعراڻي ادب جي پسمنظر طور جن سوال کي وڏي اهميت ڏني پئي ويئي آهي، اهي هي آهن؛-

فطرت جو شاعراڻو تصور (Poetic view of nature)

خوف ۽ حراس، خوشي، اميد، نراسائيءَ، زواليت (Fall) اتساهه يا آدرش جا نفسياتي تصور.

معصوميت يا ٻالپڻي جا تصور.

شاعر جو نجي يا ذاتي نظريو.

شڪ يا ڇڪتاڻ يا جدوجهد جو تصور.

موت، حيات ۽ جنگ.

عالم انسان جو تصور ۽ انسانيت جو تصور.

صوفياڻو خيال ۽ فلسفو (خدا جي سوال تي انسان جا خيال).

اخلاقي قدر ۽ انهن جو ٽڪراءُ (اخلاقيات جي اوسر.)

بهادريءَ ۽ بزدلي جا ڪارناما.

”انسان ماڊل“ يا ”انسان هيرو“ ۽ شاعر جي ذات جو اظهار (*)

فلسفو ۽ نظريو (قوميت، جمهوريت ۽ سياست جا ڪي ٻيا نظريا).

انساني جبلتون ۽ انهن جون تقاضائون (پيار، نفرت توڙي خوشامد).

ٻولي ۽ ان جو ڪردار.

عام رواجي سماجي زندگيءَ ۽ شاعر جو ويجهڙو ماحول.

شاعري جو يا ادب جو فڪري پسمنظر.

اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن کي علم تنقيد جو بنياد بڻايو ويو آهي. هي سڀ ڳالهيون اسان وٽ انگريزيءَ ٻوليءَ جي معرفت ئي آيون آهن، ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن، جن کي اسان وڌيڪ علمي طاقت سان ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيت سان پنهنجيءَ زبان ۽ پنهنجن ضرورتن پٽاندر استعمال ڪندي، پنهنجي ادب جي هڪ جدا تنقيد لکي سگهون ٿا. ان ڪري اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي اڀياس ۾ انهن تنقيدي نظرين جو ذڪر ڪريون، جن اسان جي ادب ۽ علم تنقيد کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هيءُ هڪڙو علمي سوال آهي ۽ ان جو حل به علمي طريقن تي مدار رکي ٿو. آءٌ هي مضمون ان ڪري پنهنجن دوستن کي مخاطب ٿي لکي رهيو آهيان، ۽ ڪوشش ڪري پس منظر به سنڌي ادب جو رکيو اٿم.

(2) شعر جو اڀياس ۽ ٻوليءَ جو سوال؛ هن سوال تي ڏٺو ويندو ته، ۽ عام طور تي به، ٻه تنقيدي نقطا ملندا؛-

(1) شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو استعمال غيررواجي طور تي ٿئي ٿو.(It is a special use of Language)

(2) ٻوليءَ جي معرفت شاعري زندگيءَ جي تشريح ڏئي ٿي ۽ زندگيءُ جي گوناگون رازن کي نروار ڪري ٿي.

(Is uses Language to reveal and Interprete Life).

هن باري ۾ ويهينءَ صديءَ جا مشهور ترين شاعر ۽ نقاد به اها ئي ڳالهه ڪن ٿا، مثال طور-

اي-اي- هوزمن (A.E. Housman)

“Not to transter through but to set up in readers sense vibration.”

ازرا پائونڊ (Izra Pound)؛

No man can read Hardy’s poems collected but that his own life.  

ييٽس (W.B. Yeats)

“Gradual time’s last gift, a written speech.”

هر هي بحث به ايليٽ جي نظم (“The Rock”) کانسواءِ ُٻسو آهي، جنهن ۾ايليٽ جهڙو عالم شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي ڪردار تي پنهنجو حسين ترين خيال ڏئي ٿو.

“New life, new form, new colour, the life of music.

Words that have taken the place of thoughts and feelings.”

دنيا جا هي عظيم شاعر ۽ نقاد پنهنجن تحريرن رستي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سوال کي سمجهڻ ۾ اسان جي وڏي مدد ڪن ٿا، پر اهو سوال رڳو هن طرح به حل ڪري نه ٿو سگهجي ته ”فلاڻي لکيو“ يا ”فلاڻي چيو“. آخر اهو ”فلاڻو“ اسان لاءِ، هن وقت، جهڙي ريت اهميت حاصل ڪري رهيو آهي، اهو سوال اسان جي اڳيان بار بار اچڻو آهي.

جواب اسان وٽ اهو آهي ته شاعري رڳو مقامي نه ٿي ٿئي، شاعري هڪ ڪائناتي شئي به آهي. هن طرح برابر اسان جي اڳيان ٻه معيار هوندا. هڪ مڪاني (Local) ۽ ٻيو ڪائناتي (Universal)، ۽ اسان کي ڏسڻو اهو پوندو ته ”اياز“ وٽ جڏهن ”ڪانگ لنوي ٿو“ ته ”سانگ“ جو جواز پيدا ٿئي ٿو، پر اياز وٽ عالم انسان کي آڇڻ جي لاءِ ڪائناتي وکر ڪيترو آهي. ”هر ڪا عظيم شاعري ڪائناتي ٿئي ٿي ۽ ان مان اهو رجحان پيدا ٿئي ٿو ته اسان جو دور سڀني دورن ۽ انهن جي ماڻهن سان ڀاڱي ڀائيوار آهي.“ هن طرح، توڙي جو ڪو شاعر ڄاڻي واڻي مستقبل جي لاءِ نه ٿو لکي، ۽ ڄاڻي واڻي ته هو رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ڏکيءَ رُت ۽ سخت وقت يا منهن لٿل ماڻهن جي لاءِ ٿو لکي، پر هو پاڻ کان پوءِ ايندڙ نسلن سان به بهرحال لاڳاپي ۾ رهي ٿو، ۽ انهيءَ طرح شاعر جو وکر ۽ مواد (Material) گهڻو ڪري اهو ئي آهي جنهن جو وڏو حصو ”اسان زندهه ماڻهو“ آهيون.

ان ڪري ”اسان زندهه ماڻهو“ جهڙا به آهيون، تهڙا دورن ۽ واقعن کان مٿي تاريخ جي هڪ خودمختيار ڪردار جا هٿيار آهيون ۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان کي سمجهيو وڃي ۽ اسان کي سمجهايو وڃي، اسان کي وقت ڏنو وڃي ۽ اسان کي اهميت ڏني وڃي. اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي ڏوهي تصور ڪيو نه وڃي. اسان جي راءِ کي نه رڳو اهيمت پر فوقيت ڏني وڃي ۽ پنهنجي ماحول ۽ دنيا جي باري ۾ اسان جي معلومات کي مفيد، اونهو ۽ ويڪرو بڻايو وڃي. اسان جي همدردين کي تازو توانو رکيو وڃي ۽ انهن جي صحت جو خيال رکيو وڃي. اسان جي دانش کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان کي پري پري تائين پهچايو وڃي، جو، جيئن ازرا پائونڊ ٿو چوي، ”فنڪار ڪنهن قوم لاءِ ائٽينا (Antennae) جيان هوندا آهن.“ هيءَ سڀ ۽ سمورو ڪم شاعر رڳو ٻوليءَ جي معرفت ئي ڪري ٿو. انهيءَ حد تائين، جو هو پنهنجي دور جي ٻوليءَ کي پنهنجي ضرورت تحت وڌيڪ طاقتور بڻائڻ جي جدوجهد به ڪري ٿو، ته جيئن اها سندس ڪلام جون تقاضائون پوريون ڪري سگهي.

پر ڇا، اسان جو هرڪو شاعر اهو ڪم ۽ اهو ڪارنامو سرانجام ڏين  به ٿا يا نه؟ هن سوال جو جواب اسان کي، عملي طور تي ڏيڻ گهرجي. اسان کي پنهنجن شاعرن کان پڇڻو ئي پوندو ته ”اسان زندهه ماڻهو“ جيڪي اوهان جا ڪردار آهيون، سي توهان جي سڄي پلاٽ کي سمجهي به سگهيا آهيون يا نه؟ جي نه ته، توهان لکو ڪهڙيءَ امت جي لاءِ ٿا، ۽ توهان لکي ڪنهن کي ٿا موڪليو؟ ملڪ جو اسي سيڪڙو ماڻهو ته پڙهيل به ڪونهي، ملڪ جو ڏهه سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هوندي به توهان کان بي نياز آهي، جو توهان هن جي ڪا خبر گيري يا واهر ڪري نه ٿا سگهو. گهٽ وڌ، ملڪ جا پنج سيڪڙو ماڻهو آهن، جيڪي توهان کي پڙهن ٿا. هاڻي ڏسڻو آهي ته اهو پنج سيڪڙو ڇا ٿو چوي. اهو ته اجهو هيئن ٿو چوي؛-

”ڀلا توهان ئي ٻڌايو؛ Χ هن منڌئڙي جي نشانيءَ مان ڪنهن کي ڇا ملندو! ملڪ جا گهڻا ماڻهو هن رمز کي سمجهي سگهندا هوندا! مون کي کڻي ڇڏيو- ڇا، هرڪو ماڻهو يا ملڪ جو ڪو هڪ في سيڪڙو ماڻهو به اهڙو آهي، جيڪو اهڙي منڍيئڙي واري شاعر سان ”ڳالهه ٻولهه ڪرڻ“ کانپوءِ به سڌو وڃي مطلب جا ماڻڪ هٿ ڪندو؟

”ادا ! سچي ڳالهه اها آهي ته اسان کي توهان شاعرن جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. چڱو ڪم ته اهو هو ته توهان اسان جي ڪا ڳالهه هٿ ۾ کڻو ها ۽ توهان جو جيڪو فرض هو، اهو توهان ضرور پورو ڪريو ها. جيڪڏهن هاڻي، هن حالت ۾ به، توهان جي دعوا آهي ته توهان جي شاعري پنهنجي دور جو آئينو آهي، ته ڳالهه ٻڌو. شيشو ته آئيني جو ڀڄي پيو آهي ۽ اولڙو بگڙي ويو آهي، ڏسڻ ۾ ته ڪجهه به نه ٿو اچي! وڌيڪ توهان جي مرضي!“

اهو ماڻهو، جنهن پنهنجي شاعر سان اها ڳالهه ٻولهه ڪئي، سو ڪو چريو يا شاعر دشمن يا انسان دشمن يا دشٽ پاپي يا ڪو پورالو ماڻهو ڪونه آهي. اصل ۾ هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌي زبان جي وڏي واقفيت رکي ٿو ۽ انهيءَ حد تائين آرٽ جي باري ۾ سجاڳ آهي، جو جڏهن ڦوٽو زرداري چوي ٿو ته ”مهرباني ٻي ته وئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين!“ ته هو بيقرار ٿي ٿو وڃي، ۽ سمجهي ٿو ته ڪو چويس ٿو يا پاڻ ڪنهن کي چوي ٿو ته ”توهان اميد ته انهيءَ ”ٻي مهرباني“ جي رکجي ها! حيف هجي توتي، جو رڳو منهن ڏيکارڻ جو عام رواجي احسان به توکان ٿي نه سگهيو!“

مون اهڙي ئي هڪڙي عام ماڻهو- ”زندهه ماڻهو“- کي ٻڌايو ته هڪڙي لوڪ گيت ۾ چيو ويو آهي ته؛

”مارن مون ڏي موڪليو، ٻيڙيءَ چاڙهي شينهن؛

”شينهن ته ماري ناهيان، ماري اباڻو نيهن!“

- ته چوڻ لڳو؛ ”هائو، برابر، مان سمجهان ٿو. ڳالهه آهي به اها. ماني به موڪلايون، جند به ڇڏيائون. پاڻ وٽ گهرائڻو ته هئن ڪونه، پر لوڪ پڇا کان ٻيڙي به واپس ڪرڻي هين.

سو سٽ سٽي بنهه ٻيئي ڪم ڪري ورتائون. سو ڏوهه شينهن جو ته ڪونه ليکبو اصل ماري اهو حرف ٿو، ڇو ته ڪو نينهن به اهڙو کوٽو ٿي ٿو سگهي!“

هاڻي ”اسان زندهه ماڻهو“ توهان کان پڇون ٿا ته ان سٻاجهڙي اڻ پڙهيل اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ جي آرٽ شناسيءَ ۽ ٻوليءِ جي قابليت جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو رايو آهي؟ دراصل هي ماڻهو، جيئن توهان ڏسو ٿا، ڄاڻو ماڻهو آهي ۽ توهان جي ادب جو به وڏو اڀياس ڪيو اٿس. مون کي ته ٻڌايائين ته ”اصل استاد رمز جوڙڻ جو اسان وٽ ڀٽائي ڀلارو هو. ڳالهه ڪندو هڪڙي پر مطلب ڪو ٻيو هونديس. ”اڳي اٺ رڙن مون ڀيري ماٺ ٿي! “ ڏسو، اصل ڳالهه جو واسطو ”نه اٺ سان، نه مون سان!“ انهيءَ حد تائين هيءَ ماڻهو توهان جي ادب کان واقف آهي! هاڻي توهان هن ماڻهوءَ کي پنهنجو ”آرٽ“ سمجهايو ته ”ڪيئن سمجهائيندو“ شعر جون خصوصيتون، جيڪي اسان ٻوليءَ جي سوال تي مقرر ڪيون، سي هيون؛-

مطلب جي چٽائي (Clarity)

خيال جي سجاڳي (Awakening thought)

مفهوم جي ويڪرائي (Enriching meaning)

تازي توانائي رکڻ جي صلاحيت (Refreshing)

پر اوهان جي هن پنهنجي ماڻهوءَ جي نظر ۾ توهان جو نظم جيڪي ڏئي ٿو، سو آهي؛-

مونجهارو (Obscurity)

گدلائپ (Ubliness)

اڌ مئو وجود (Strained shape)

بگڙيل صورت (Shapelessness)

ڊيڄائيندڙ ۽ هيسائيندڙ چهرو (Dreary shape)

موسيقيت کان نا آشنائي (Unmusical voice)

(بي سرائي).

استاد ڪولرج * جو چوڻ آهي؛ ”جتي مونجهاروهوندو اتي، خوف پيدا ٿيندو ۽ خوف مان دل ۾ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڌڪار جو سبب ٿي بڻجي.“ اسان جو شاعر ”عام ماڻهوءَ کان گهڻو مٿي ٿو سوچي. هن جا مسئلا ۽ سوال به عام ماڻهوءَ جي مسئلن ۽ سوالن کان نرالا آهن. ٻيو ته عام ماڻهو آرٽ جي باريڪين کان واقف نه آهي. پوءِ ”ڀلا نه ٿو سمجهي، ته اسان ڇا ڪريون؟“ يا ”وڃي پوي کڏ ۾!“ هاڻي، اسان ”زندهه ماڻهو“ هن سلسلي ۾ پنهنجن شاعر صاحبن کان فقط هڪڙي رعايت ٿا گهرون؛ ”توهان مهرباني ڪري اقرار ڪريو ته توهان جو شعر اسان لاءِ ڏکيو آهي. بس، ”ڏکيو“ لفظ اهڙو آهي، جو ان مان توهان جي عظمت کي ڪو ڌڪ ته ڪونه ٿو لڳي، ۽ انهيءَ طرح توهان جي ڪردارڪشي به نه ٿي ٿئي، ۽ انهيءَ طرح سڌاري جو در به بند نه ٿو ٿئي. جيڪو بهتر زبان جي بهتر استعمال وسيلي توهان پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ آڻي ٿا سگهو.“

شاعريءَ ۾ ”ڏکئي“ ۽ ”سولي“ جو مسئلو؛ هي مسئلو ته ”شاعريءَ کي سمجهڻ ڏکيو آهي“ سڀ کان اڳ ۾ائين ٿو پيدا ٿئي، جو شاعر پنهنجن ذاتي تجربن کي ۽ واردات کي عام ۽ جنرل تجربن ۽ سماجي حالتن تي ترجيح ٿو ڏئي. هو پنهنجي ذات کي اڀاري ٿو، لڪائي ٿو، نامڪمل ٿو سمجهي.

هو ذاتي طور تي نااميد ۽ نراس آهي، يا هو ٽوڪ ٿو ڪري، نندي ٿو يا ساراهي ٿو. پر سڀ ڪجهه، اول اول رڳو ذاتي پسند يا ناپسند جي بنياد تي. هن طرح شاعر آرٽ کي ”ذاتي سڃاڻپ“ يا ”ذات شناسي“ (Personal Identity) لاءِ استعمال ٿو ڪري. ۽ ان لاءِ هو مجبور به آهي. ڇوته آرٽ جي تخليق جو پهريون پهريون شرط به اهو آهي. هو چوڻ ٿو گهري ته ”اجهو مون هن طرح دنيا کي سمجهيو ۽ ڏٺو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هو چوڻ ٿو گهري ته توهان به دنيا کي منهنجيءَ نظر سان ڏسو، سمجهو، محسوس ڪريو يا ماڻيو-“

 

مون سي ڏٺا ماءَ، جنين ڏٺو پرين کي،

تنين سندي ڳالهڙي ڪري نه سگهان ڪاءَ.

يا

ساهڙ منهنجو سرتيون، جي ڏسو سڀوئي،

ته سمهو ڪين سک ٿي، ور پاسو ڏيئي.

ذاتي تجربن، حالتن ۽ خيالن جي باري ۾ هن قسم جو فڪر ۽ ان جي عظمت جي دعوا هرڪو شاعر ٿو ڪري.

هن طرح عام ماڻهوءَ ۽ شاعر جي وچ ۾ هڪڙي دور جو وقفو يا وٿي يا ويڇاندر (Gap) پيدا ٿئي ٿو، ۽ شاعريءَ لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته ان کي سمجهڻ ڏکيو آهي. فن تنقيد ۾ هن ڳالهه کي (Time lag) چيو ويو آهي. هن طرح شاعر جي نظر (Poetic vision) ۽ ان نظر جي عوامي مقبوليت General recognition ٻه شيون آهن، ۽ ٻنهي جي وچ ۾ عرصي جو وقفو ضروري آهي. قانون ٺاهي ٿو سگهجي ته ”شاعر پنهنجي دور ۾ سڃاتو نه ويندو، جيستائين دور پاڻ کي ان شاعر جي شاعريءَ ۾ ڏسي نه سگهندو.“ هر نئين خيال ۽ نراليءَ نظر جي قيمت، جا شاعر ۽ دانشور کي ادا ڪرڻي ٿي پوي، تنهن جو اندازو به فقط اهو ئي لڳائي ٿو سگهي. هر ڪو نئون فڪر ٻن طريقن سان آزار جو سبب بڻجي ٿو. اهو اندروني طور تي، پريشان ٿو ڪري ۽ بي آراميءَ ۽ بي قراريءَ جو سبب ٿو بڻجي. ان جي شدت ۽ ايذاءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ شاعر پاڻ کي وقت جي قانون ۽ سماجي بيرحميءَ جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي.

 

سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جتي پاڻان،

اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

____

الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.

بيروني طور تي به، هر ڪو نئون فڪر سماجي بيرحميءَ، رکائپ، ڏنگائپ ۽ نفرت کي دعوت ٿو ڏئي، ۽ پوءِ دانشور سماجي ظلم جو نشانو بڻجي ٿو وڃي، جنهن جو سبب اهو ئي وقفو آهي، جيڪو شاعر ۽ سماجي قبوليت ۽ دوستيءَ جي وچ ۾ اچي ٿو. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سڀ کان اول شاعر پاڻ اهو معمول ڪري وٺي ته سندس من ۽ ان جي امنگ ”انقلابي چيز“ ڪيتري قدر موجود آهي. انتهائي طور تي انقلابي فارم (Redical Form) سماج ۾ انتهائي طور تي انقلابي تبديل جو خواهشمند هوندو آهي. ان ڪري ان جو مقصد وڌيڪ گهري تبديل ۽ گهرو سماجي انقلاب هوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ شاعر ”وقت جي بگڙيل شخصيت“ ٿي پوندو آهي. پر قانون آهي ته ”جيڪي سبب ڪنهن نئين خيال کي جنم ڏين ٿا، اهي ساڳئي سبب ان خيال کي سمجهڻ جو معاشرو به قائم ڪن ٿا، پر وقت جو شرط آهي.“

شاعري به هڪڙو انقلاب آهي. اهو انقلاب پهريائين فرد ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ فرد شاعر ٿو بڻجي. پوءِ شاعر ان انقلاب جو مبلغ ٿو بڻجي، ۽ اهڙيءَ طرح هڪ سماج پاڻ ۾ اندر بي آرامي محسوس ٿو ڪري، ۽ آخر اهو بي آرام سماج يا ته سڃاڻو ۽ دوست ٿو بڻجي يا دشمن ۽ بيگانو، ۽ هن طرح شاعري سماج تي اثر ڪري ٿي.

دوست سماج رت کي مس ۾ تبديل ڪرڻ جي قيمت ادا ٿو ڪري، ۽ دشمن سماج مس کي رت ۾ تبديل ڪرڻ جي قيمت ٿو ڏئي.

پهريون سماج شاعر جي رتبي کي وڌائي ٿو ۽ ٻيو سماج شاعر جي لکت جي بنياد تي اندروني جنگ کي قبول ٿو ڪري ۽ بازارين ۾ خون جون نديون وهڻ ٿيون لڳن، ۽ هن طرح

ثبت ست بر جريده عالم دوام ما“-

واري ڳالهه عمل ۾ ٿي اچي.

پر هيءَ ڳالهه رڳو انهيءَ شعر جي باري ۾ سچي ثابت ٿئي ٿي، جنهن کي انقلابي سڏيو ٿو وڃي. انقلاب (Revolution) شعر جو رڳو هڪڙو مقصد آهي. شعر جو ٻيو مقصد آهي تبليغ (Revealation) ۽ ان جو ٽيون مقصد آهي باخبري يا محسوسيت (Recognition). ڊبيلو-ايڇ.آڊن (Auden) کي ته سنگت چڱيءَ طرح ٿي سڃاڻي؛ ان هام هڻي لکيو هو ته هو اها ڳالهه سمجهائي ٿو سگهي ته آخر شاعريءَ کي ڏکيو ڇو ٿو سمجهيو وڃي. هن هن سوال تي لارڊن بائرن (Byron) کي 1937ع ۾ هڪڙو خط لکيو هو (1)

جنهن ۾ لکيو هئائين ته اصل جهڳڙو اهو آهي ته شاعرن اڳ ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجن دوستن يارن کي خوش ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾کنيو آهي. حالانڪه انهن کي خوش ڪرڻو هو، ته اڳ ۾ عوام کي ۽ پنهنجن سرپرستن کي خوش ڪن ها. انهيءَ ڳالهه کي آڊن (Auden) شاعر جي بدترين Artist’s silly fault)) ٿو سڏي. استاد مئٿو آرنولڊ ساڳئيءَ ڳالهه کي ”جديد زندگي جي عجيب بيماري“ ٿو سڏي. هو استاد هو ۽ سمجهندو هو ته هن جو وڏو مسئلو هن جو دورو آهي، جيڪو انسانيت جي اسڪول ۾ اڃا هڪ ٻاراڻي درجي جي حيثيت ٿو رکي.

اصل ۾ پبلڪ کان بي پرواهه رهڻ جو ڪم فرانس جي شاعرن شروع ۾ ڪيو ۽ اهي ئي اهڃاڻويت وارا انهيءَ جو وسيلو بڻيا. رمباڊ، ورلين ۽ ملارمي (Rimbaud, Verlaine and Mellarme) انهيءَ خيال جا هئا ته ”شاعر کي پنهنجيءَ مت تي هلڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، باقي لوڪ جئين وڻيس تيئن ڪري. اسان کي ان جي پرواهه ناهي.“ پر ڇا، انهن جي رڳو انهيءَ خيال جي ڪري هنن شاعرن مان ڪنهن جي لاءِ به چئجي ٿو ته اهو وڏو شاعر يا اديب نه هو؟ سندن قوم ته هنن کي تمام وڏو درجو ڏنو آهي. ٺيڪ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هنن سڀني کي باقي دنيا به وڏو درجو ڏئي ٿي. توهان به پنهنجن پڙهندڙن وٽان اهو مقام حاصل ڪريو ۽ پوءِ آرام سان لکندا هلو. توهان جو شاهه به ته اهڃاڻويت وارن ۾ ٿو اچي.

شاعريءَ جو تعلق يا توهان جي مت يا توهان جي ڳالهه جو تعلق به عالم انسان جي انهن ڳالهين سان آهي، جن کان توهان هڪ عام ۽ اڻ پڙهيل پورهيت ۽ سڌي سادي ڳوٺاڻي کي ٻاهر يا پري ته رکي نه ٿا سگهون، ۽ اصل ۾ اهو ئي طبقو هاڻي توهان کان صاف ڪٽجي چڪو آهي. هيءَ مسئلو توهان جي لاءِ معمولي ۽ ننڍڙو مسئلو نه آهي. ۽ انهيءَ جو حل به موجود آهي. توهان کي گمنامي جهڙي انڌاري کان بچڻ گهرجي. گمنامي اهو دک آهي، جيڪو نڌڻڪن ماڻهن جي نصيب ۾ لکيو ويندو آهي. توهان ماڻهن جي وچ ۾ رهو ٿا ۽ ڪوشش ڪريو ٿا ته ماڻهو توهان کي سڃاڻن. ماڻهو توهان جو شعر پڙهن نه ٿا، پر اهي توهان جو شعر ڳائي سگهن ٿا. عام ماڻهو توهان جو شعر ماڻي سگهي ٿو، ڳائي سگهي ٿو، جهونگاري سگهي ٿو. عام ماڻهو توهان جي شعر سان گڏ کلي سگهي ٿو، روئي سگهي ٿو. بي آرام ٿي سگهي ٿو، وڌ محنت ڪري سگهي ٿو يا جدوجهد ڪري سگهي ٿو. ضروري رڳو اهو آهي ته توهان جو فارم ۽ توهان جي ٻولي مونجهاري، رکائپ، اجائي اوچائيءَ، بيهوشيءَ (Madness)، تڪڙ ۽ ذهني عيش يا بدمزاجيءَ جهڙن ڏوهن کان پاڪ هجن. گهڻن ٻارن ڄڻڻ جي شوق ۾ توهان ڪچا ٻار ڪڍندا ٿا وڃو، ۽ پوءِ انهن کي زندهه رکڻ لاءِ انڪيوبيٽر ۾ رکڻو ٿو پوي ۽ پوءِ انهن کي دوائن ۽ غذائن جي هڪڙي دور مان گذرڻو ٿو پوي، جنهن تي خرچ به تمام وڏو ٿو اچي. پر اڃا به وڏو ڏوجهرو اهو ٿو ٿئي، جو پاڻ اهي ”ٻار“ (توهان جا ”نيل ڪمل“ جهڙا نظم، توهان جي حسن قبح جا لفظي فارم) جڏهن وڏا ٿين ٿا، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته ڪي ڪاڻا هئا ۽ ڪي منڊا ته ڪي ٽنڊا. پيدائش کان ئي وٺي آدم، وڌائڻ يا تخليق جي شوق ۾ ائين جيڪو گند هاربو ٿو هلي، اهو ته پوءِ ميڙڻ ئي ڏکيو ٿي ٿو پوي ۽ ذرا ان لفظ ۽ نافت جو اندازو به ڪريو جيڪي ائين گهٽجڻ جي بجاءِ وڌندا ٿا هلن.

ٿورو لکو سٺو لکو، صاف لکو، چٽو لکو، خلوص سان لکو، مخاطب مقرر ڪريو، ان جي ٻوليءَ جو معيار مقرر ڪريو، ان جا سور ۽ آزار معمول ڪريو، ان جي ڳالهه سمجهو، پوءِ پنهنجو فارم ٺاهيو، پوءِ پنهنجو آرٽ آڻيو، محنت ڪريو ۽ پنهنجن ماڻهن جي ڳالهه ڪريو. پوءِ ڏسو ته ڪير ٿو توهان کي نندي ۽ ڪير ٿو توهان جي ڪردار ڪشي ڪري!

تنقيد ته توهان جي اڃا ڪنهن لکي ناهي. بار بار للڪاريون به نه ڪريو*.

اهي ڳاڙها ڪوٽ گهڻا ته ٺهيا ئي واريءَ تي آهن. تمام گهڻا جيڪي عافيت ۽ سلامتيءَ ۾ رهڻا آهن، انهن جي عظمت اسان جي قلم جي نوڪ کان وڌيڪ مضبوط آهي. اهي دوام حاصل ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي اهي دوست دنيا جي ادبي برادريءَ ۾ وڏو مقام رکن ٿا ۽ ڪابه گستاخ زبان (تنقيد نگار جي) انهن جي شان جي خلاف هلي نه ٿي سگهي. پر ته به انهن يارن کي گهرجي ته پنهنجو جامو مختصر رکن. آخر انهيءَ ۾ هرج ڪهڙو آهي؟ وري به قانون (ادبي، تنقيدي) قانون آ، قانون کان بالاتر شعر به ڪونهي.

توهان سڀني جي نيازمند جي حيثيت ۾ آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو رکائپ، آڪڙ، گهرائپ، بي پرواهيءَ، هستيءَ، خلوص جي کوٽ، نماڻائيءَ جي ڏڪر، زبان جي جهالت ۽ فارم جي گدلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. مون اڳ ۾ به (”پارس“ جي معرفت پنهنجي مضمون ”اسان جا ادبي مسئلا“) ۾ توهان کي اپيلون ڪيون آهن.

(4) فارم، ٻولي، ادا ۽ انفراديت؛ جيئن اسان مٿي عرض ڪيو، شاعر دنيا کي توڙي فطرت کي پنهنجيءَ خاص نظر سان ڏسي ٿو. جيڪڏهن هن ڳالهه کي هڪڙو ڪليو سمجهيو وڃي ته پوءِ اسان لاءِ اها ڳالهه گهڻي حد تائين ڪارائتي ثابت ٿيندي. علم تنقيد ۾ اسان هڪڙي شاعر کي هڪ معيار تسليم ڪري سگهنداسون. هن طرح ڪن به ٻن معيارن کي ڀيٽي، اسان زندگيءَ يا حالات جي ٻن نمونن جو اڀياس ڪري سگهنداسون.

مثال طور سنڌ جي حالتن ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ ۽ تنوير عباسي جي وچ ۾ ڪو وقفو گذريو آهي. هن وقفي ۾ سنڌي زبان به تبديل ٿي هوندي، سنڌي معاشرو به تبديل ٿيو هوندو، طبعي حالتن ۾ به گهڻو يا ٿورو ڦيرو آيو هوندو، ۽ ائين به ضرور ٿيو هوندو ته هنن ٻن شاعرن هڪ سوال تي ئي شاعريءَ جو ڪونه ڪو مثال پيدا ڪيو هوندو، يعني ڪٿي نه ڪٿي ٻنهي وقت، حالتن ۽ ڳالهين تي ڪجهه ويچار ڏنا هوندا، جيئن فطرت جي باري ۾ ورڊس ورٿ ۽ تنوير پهنجا تاثر ڏنا آهن.(1)

يا جيئن آڊن ۽ ورڊس ورٿ فطرت جي سوال تي پنهنجا خيال ڏنا آهن-

(“I wandered lonely as a cloud”)

(“Now the leaves are falling fast”)

اهڙيءَ ريت اسان اهو معلوم ڪري سگهنداسون ته ڪن ٻن شاعرن جي نگاهه (Vision) ۽ طريقي (Method)  ۾ ڪهڙو فرق آهي.

۽ ڪنهن به هڪ نقطي جي باري ۾ انهن ڪهڙي ۽ ڪيتري معنيٰ پيدا ڪئي آهي ۽ پهچائي آهي ۽ اڳين ۽ پوين شاعرن جي وچ ۾ جيڪو وقفو گذريو آهي، ان ۾ حالتن ڪهڙو ڦيرو کاڌو آهي ۽ انسان جي پرک جي وسيلن ۾ ڪيترو سڌارو آيو آهي. عبرتناڪ جيڪو نتيجو نڪرندو، سو اهو هوندو ته شاعري انسان جي تاريخ کان پري ۽ مختلف علم نه آهي، شايد فرق رڳو ”بيان“ (Narrative) جوآهي. اهائي اها ڳالهه آهي جيڪا آءٌ ادب جي باري ۾ چوان ٿو. مان چوان ٿو ته ادب ۾ سڄو سوال آهي ئي ”ادا“ يا ”ادائيگي جو *.

هاڻي جيڪڏهن ڪي به ٻه شاعر ٻن جدا دورن ۾ رهڻ ۽ جيئڻ کانپوءِ به ٻه جدا طرزون يا ادائون يا ادائگيون پيدا نه ڪري سگهيا آهن، ته پوءِ چئبو ته اهي پنهنجي عصريت (Times)  کان متاثر ٿي نه سگهيا آهن، يا انهن وٽ شاعريءَ جي قتو جي حيرتناڪ کوٽ آهي، جو هڪ وقفي گذرڻ کانپوءِ به پويون ۽ اڳين هڪجهڙا آهن، ۽ ٻن جدا ادائيگين يا دائرن يا طرزن جي نمائندگي نه ٿا ڪن. هن طرح،  منهنجي ويچار ۾ شاعري جي انفراديت جو مطلب آهي ”فارم جي انفراديت“ ۽ اهڙيءَ ريت منهنجو ويچار آهي ته فارم جي ارتقا ڪنهن به شاعريءَ جو واحد اصل ۽ اصول آهي، جنهن کانسواءِ ڪنهن شاعريءَ کي سمجهي نه ٿو سگهجي. سو جڏهن به آءٌ فارم جي صفائيءَ، سٺائيءَ ۽ گدلائپ جي ٻي سريلائپ جو سوال ٿو اٿاريان، تڏهن آءٌ ائين ڪونه ٿو چوان ته توهان فارم ۾ تجربو ڇو ڪيو آهي. آءٌ رڳو ائين ٿو چوان ته توهان فارم کي ”ادا“ جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيو يا ٿيا آهيو.

پروفيشنل تنقيد ۾ به آءٌ جيڪر اها ئي ڳالهه ڏسان ٿو ته اهو فارم، جيڪو توهان ڏنو آهي، سو ”فارم“ آهي يا ”فارم“ جي لاءِ تجربو.“ جيڪڏهن اهو فارم آهي، ته ان جي ادا زندگيءَ جو هڪ مڪمل نمونو هوندي ۽ اها صورت جيڪا توهان ڏني ۽ ان سان آءٌ توهان جي ”ذات“جو ڪو نمونو مقرر ڪري سگهندس. پر جڪيڏهن توهان جو فارم اڃا اڻپورو هوندو ۽ توهان رڳو تجربو ڪيو هوندو، ته پوءِ آءٌ چوندس ته توهان کي ”ڇڪي“ آئي آهي يا ٻار اڃا ”ڪچو“ آهي يا توهان پنهنجي سماج کي خرچن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇوته ”فارم نامڪمل“ جو مطلب آهي اهو ڪم تخليقي ادب جي شعبي جو آهي ته اهو ڏسي ته فارم ۽ خيال يا شاعريءَ ۽ شاعريءَ جي محرڪ جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي. اهڙيءَ ريت ڏسي ٿو سگهجي ته ڪيئن نه شاعر ۽ شاعر جي انفرادي ”نگاهه“ ۽ ”قوت شناسائي“ مان اسان وقت، حالت، ماحول، تاريخ، طريقي، معنيٰ ۽ وسيلن جي اڀياس تائين پهچي ٿا سگهون. شاعريءَ جي ايڏي وڏي ڪارج ۽ علم تنقيد جي ايتريءَ وسعت کي خيال ۾ رکڻ کانپوءِ  ڀلا ٻڌايو ته ڪو ڪيئن ٿو ٽپ ڏيئي ميدان ۾ اچي ۽ ڪيئن ٿو توهان جو تنقيدنگار بڻجي! يارن کان معذرت!

اين سعادت بزور بازو نيست،

پر آءٌ ڀانيان، توهان اڃا به پڇندا ته فارم يا ”مڪمل ادا“ توهان ڇا کي ٿا چئو؟ ڳالهه ته صاف آهي؛ پر آءٌ هڪڙو مثال ٻيو به هوند ڏيان! جا ڳالهه توهان چوڻ ٿا گهرو، سا توهان ڪنهن وقت ۾چوڻ ٿا گهرو؛ هيءَ وقت سڄي انسان ذات جي زندگي جيترو به ٿي ٿو سگهي ۽ مٿي کنهڻ جي وقت جيترو به ٿي ٿو سگهي. پر وقت وڏي وٿ آهي.مون وقت کي ”عصريت“ سڏيو آهي. مون لاءِ عصريت هر ادبي شئي جي هڪ خصوصيت آهي.

ٻي ڳالهه آهي بيان (Narrative) جي. جا معنيٰ به توهان اسان تائين پهچائڻ گهرو، سا پهچايو؛ پر طريقو ته توهان وٽ آهي ئي هڪ ۽ اهو آهي ”چوڻ“ يا ”بيان ڪرڻ، جو. چوڻ يا بيان ڪرڻ هڪ هنر آهي. هڪ ڳالهه کي فقط هڪ ئي طريقي سان چئي ٿو سگهجي، ۽ هن طرح توهان جي هڪڙي نظم جو هڪڙو ۽ واحد فارم ٿو بڻجي. فارم هڪڙو منطقي تواتر (Logical Continuity) آهي، جنهن مان توهان جي طريقي (Attitude) يا رخ جو پتو پوي ٿو. هن طرح فارم بيان جي انهيءَ طريقي يا رخ کي ٿو چئجي، جنهن مان وقت (عصريت) ۽ منطقي تواتر جي وسيلي ڪنهن ”ادا“ کي پيدا ڪري ٿو سگهجي.

هن طرح فارم جي وسيلي توهان ڪي خاص حالتون پيدا ٿا ڪريو، جن ۾ توهان جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ حقيقت ۾ ”گرفتار“ ٿو ٿئي، ۽ توهان هن جي ڪلهي تي چڙهي، هن کي هن جي پنهنجي دنيا ۾ ”تماشائي“ بڻايو گهمائيندا ٿا هلو، ۽ هن سير ۾هو توهان جي ڪنن سان ٻڌي ٿو، اکين سان ڏسي ٿو ۽ آڱرين سان ڇهي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت اهو سڀ ڪجهه جيڪو توهان ڏسو، ٻڌو يا ڇهو ٿا، سوئي هو ڏسي، ٻڌي ۽ ڇهي ٿو. هاڻي توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته هڪڙو جڏو، بي ڊولو، اڻپورو، اڌورو، گدلو ۽ ڪمزور فارم ڀلا ڪيئن ٿو معنيٰ کي سمجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي؟ بس، اها ئي اها ڳالهه آهي، جيڪا اسان مان گهڻا نه ٿا سمجهن.

پر ياد رکڻ گهرجي ته”فارم محض“ (Pure Form) به اها شئي نه آهي، جيڪا اڻپوري هجي. هن باري ۾ ڪي غلط فهميون به اسان ۾ موجود آهن. جڏهن ڪا شئي فارم جي حيثيت ۾ اختيار ڪجي ٿي، تڏهن ان جي باري ۾ فقط هڪڙو ئي خيال قائم ٿي سگهي ٿو. يعني اهو خيال ته اها شئي پنهنجي حيثيت ۾مڪمل آهي. سو، فارم جو مطلب ئي آهي ”مڪمل فارم“ ۽ ان جي اڪيلي ۽ واحد خصوصيت آهي ”تڪميل“ هڪڙي ئي فارم ۾ ٻه ٽي شڪليون ۽ صورتون اڀارڻ ۽ ڏيکارڻ ائين آهي، جيئن ماڻهوءَ جي شبيهه سڄي ڏيکارجي يا ڏهن سرن وارو انسان ڏيکارجي، يا ٻارهن هٿن وارو نانگ ڏيکارجي يا گهوڙي جي منڍيءَ وارو انسان ڏيکارجي. ظاهر آهي ته هن قسم جي لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائپ حسن ۽ آرٽ جي ڪنهن به نظريي جي خيال کان جائز نه آهي. توهان کي گهوڙو ڏيکارڻو آهي ته گهوڙو ئي ڏيکاريو. ڪنن کان وٺي سنبن تائين گهوڙو. توهان گهوڙي ۾ باريڪي به پيدا ڪري سگهو ٿا، پر ائين نه ته گهوڙي جو بدن ۽ گڏهه جو پڇ ڏيکاريو وڃو. توهان گهوڙي کي ابلق، سرخو يا سمنڊ ڏيکاريو، چينو ڏيکاريو، يا تيلو، پر ان کي مڪمل گهوڙو ته ڪري پيش ڪريو!

هاڻي وري هڪ منٽ لاءِ غور ڪريو ته نفسياتي تنقيد ۾ هن لاپرواهيءَ ۽ تجربن جي شوق کي ڪيئن ٿو بيان ڪيو وڃي. جيڪو شاعر فارم ۾ اندر فارم ٿو وجهي، تنهن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته اهو ڏسي هڪڙي شئي ٿو ۽ ڇهي ٻي شئي ٿو ۽ ٻڌي، ٽين شئي جو آواز ٿو ۽ چکي وري چوٿين شئي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح هو ڏسي به غلط ٿو، ٻڌي به غلط ٿو، ڇهي به غلط ٿو ۽ چکي به غلط ٿو. ان جو خيال روشنيءَ ۾ اوندهه جو ترورو آهي، جيڪو حقيقتن جي دنيا ۾ اکين کان معذور آهي، ۽ ان خيال جو خالق وقت کان اڳ ۾ ڄاول ٻار جيان نامڪمل انسان، نادار آرٽسٽ، بي هنر ڪاريگر ۽ لاچار انسان آهي. هن کان ڪابه شئي مڪمل ٿي نه ٿي سگهي. ان ڪري هو ذهني طور تي ”تخريبڪار“ آهي ۽ غيرمفيد ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي جستجو ڪندي، هو هزارين نڀاڳ خلقي ۽ پکيڙي ٿو، ۽ هن طرح هو معاشري جي لاءِ هڪ ”همه گير بدقسمتي“ آهي.

مثال وٺو! توهان هڪ عصريت جي اندر هڪ ئي شئي جي باري ۾ بيان ڏيئي رهيا آهيو ۽ بيان (Narrative) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيو ٿا، ۽ سمجهو ته اها شئي ”گهوڙو“ آهي. هاڻي فارم ۾ اندر فارم وجهندو، ته توهان جو بيان ڪجهه هن طرح ٿيندو؛- هيءُ گهوڙو آهي (نظر)، هي کٽو آهي (ذائقو)، هي برف جهڙو ٿڌو آهي (ڇهڻ، ۽ هي سمنڊ مان مڇي ماري رهيو آهي (خيال جو غلط اندازو.) وڌيڪ قابليت سان سڄو بيان هئين ٿيندو؛- ”هيءُ گهوڙو ته ڏسو ڪيڏو نه کٽو آهي، جو کائي به نه ٿو سگهجي، پر آهي ڏاڍو ٿڌو. هن کي پاڻيءَ ۾ رکي، پوءِ پي سگهجي ٿو. مون کي گهوڙو پسند آهي، جو هوسمنڊ مان مڇي مارڻ لاءِ ڪم ٿو اچي.“

حيرت جهڙي ڳالهه ڪانهي؟ هيءُ گهوڙي جي باري ۾ توهان جو بيان نه شڪل، نه آرٽ، نه حسن، نه خيال ۽ نه وري ڪا ادا آهي.

هاڻي هڪ منٽ لاءِ ويهي ويچاريو ته هن قسم جي ”بيانيت“ ۾ ڪمي يا نقص ڪهڙو آهي.توهان ڏسي سگهو ٿا، اهو نقص اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي، يعني هن نظم ۾ ”منطقي تواتر“ جي کوٽ آهي. منطقي تواتر هڪ ئي عصريت ۽ بيانيت جي هڪ ئي ادا کي اختيار ڪندي، خيال جي وحدت جي مدد سان حسن ۽ آرٽ جو هڪ مڪمل وجود ۽ مفيد نقطو پيش ڪري ٿو، مثال طور-

تواتر (Continuity)

عصريت (Time factor)

بيانيت (Technique of narration)

ادائيگي (Artfulness or style)

وحدت خيال (Unity of thought)

حسن ۽ آرٽ (Beauty of Art)

تڪميل وجود (Perfection)

افاديت (Utility)

مطلب ته جنهن شئي کي فارم ٿو چئجي، تنهن ۾ هنن اٺن ڳالهين جو خيال ڪرڻو ٿو پوي. توهان کي به هنن ڳالهين جو خيال ڪرڻو ئي پوندو! اڄ نه ته سڀاڻ. ته فارم اهو منطقي تواتر آهي، جنهن ۾ مٿي ڏيکاريل اٺ ڳالهيون پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن، ته جيئن شاعريءَ جو مقصد سڄو سارو حاصل ٿئي.*

فارم جي باري ۾ ڳالهيون ته اسان جا ڪي دوست وڏيءَ حد تائين ڄاڻن ٿا، پر شايد انهن مان به ڪن تي عمل ڪيو نه ٿو وڃي. فارم ۾ ”تڪميل وجود“ جي لاءِ ڪٿي صرف باريڪ نشانن جي ضرورت پوي ٿي. سوال جي نشاني، عجب جي نشاني، نقطو، ليڪڙي (-) دم ۽ اڌ دم ۽ سٽ جي شروع ڪرڻ جي طريقي کان وٺي، ٻڙين جي قطار تائين؛ هي سڀ نشانيون آهن، جن جي مڪمل ۽ موزون استعمال کانسواءِ فارم ۾ ”تڪميل وجود“ جو سوال حل نه ٿو ٿئي.

هي ڳالهيون بيانيت توڙي ادائيگي سان تعلق رکن ٿيون. اسان کي معلوم هئڻ گهرجي ته شايع ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان جو فرض آهي ته ڏسون ته اسان جي بڻايل شاهڪار جي شڪل مڪمل آهي يا نه آهي. توهان جو شاهڪار فطرت جي بڻايل هڪ شاهڪار جيان هجي ته توهان ان کي شايع ڪرايو، نه ته ترسو. ڪوبه نظم ايڊيٽر ۽ آرٽسٽ جي اشتراڪ کانسواءِ شايع ٿيڻ نه گهرجي. ٻارڙي جي اها تصوير، جنهن ۾ توهان محنت ڪري اها ادا ڏيکاري آهي، ته اهو مٺي شئي ڏسي ان جي طلب ڪري ٿو، تنهن کي توهان جو ايڊيٽر ائين ٿو ڏيکاري ڄڻ هو مٺائيءَ جي دٻي کان خيرات گهرندو هجي. ظاهر آهي ته معصوميت ۽ محتاجي ٻه جدا شيون آهن، ۽ هڪ جو نعم البدل ٻي ٿي نه ٿي سگهي.


(*)  هن نقطي تي هڪ عام بحث مون پنهنجي هڪ مضمون ”انسان ماڊل“ جي تلاش ۾ (Man In His Search For Mod) ۾ ڪيو آهي، جيڪو مون انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. (اهو مضمون اڃا ڇپيو نه آهي.)

* استاد ڪولرج جي پنهنجي نظم ”ڪرسٽابيل“ (Christabel) جي لاءِ چيو ويو هو ته ”هڪڙي بيهوش ماڻهوءَ جو بڪواس آهي.“

(1)  “Letters from Iceland,”1937.

* ڪن دوستن جو زور آهي ته هاڻي ”پروفيشنل تنقيد جي ابتدا ڪريون ۽ نظرياتي بحث ۽ اصولي ڳالهيون ختم ڪريون.

(1)  ڏسجي الهداد ٻوهيو؛ ”تنويز عباسي ۽ ورڊس ورٿ“، ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1973ع (مضمون)

*  ڏسجي الهداد ٻوهيو؛ ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ حصو 6.

* منهنجي تجويز آهي ته ”فارم“ جي باري ۾ هڪ ٻن ڏينهن جو سييمنار ”تخليق ادب جو شعبو“ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪوٺائي، ۽ اسان ڏسون ته خود انهيءَ شعبي ۾ شعر جي فارم جو ڪهڙو نظريو اختيار ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com