(5) پبلڪ اخلاقيات ۽ پرائيويٽ
اخلاقيات جو سوال؛ ادب ۾ ذاتياتي لاڙا ان کي ٻن
طرفن کان متاثر ڪن ٿا؛ هڪڙي طرف کان اهڙا لاڙا
داخلي طور تي اثرانداز ٿين ٿا. هن حالت ۾ هنن لاڙن
جي نوعيت ”داخلي“
(Local)
آهي، ته ٻئي طرف کان هي لاڙا ڪائناتي طور تي اثر
ڪن ٿا.
پر ادب جي داخلي اثرات ۽ داخلي اخلاقيات کي جيڪا اهميت ڏئي ٿو
سا شعوري طور تي نه به ڏئي پر هو ان اهميت جي لاءِ
مجبور آهي. هن طرح هو داخلي ۽ پرائيويٽ اخلاقيات
کي پبلڪ جي مامرن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ پوءِ هڪڙي طرف
کان توجهه جو ۽ ٻئي طرف کان قدر ۽ قيمت يا دشمني
جو سبب ٿو بڻجي. جيئن ڊبليو- اي- سنڪليئر
(W.A. Sinklair)
ٿو لکي؛ ”ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته علم جي بقا جي
لاءِ اسان ماحول جي ان وسيع اثرات مان جيڪي اسان
جي چوڌاري موجود آهن، رڳو ڪي ٿورا پنهنجي لاءِ
منتخب ڪريون ٿا ۽ پوءِ انهن کي ورهائي ٿا ڇڏيون.
هن ڪم ۾اسان جا جذبا، احساس، خواهشون ۽ دماغي
تحريڪون ڪم اچن ٿيون ۽ هي ڪم اسان لاشعوري طور تي
مسلسل ۽ عام رواجي نموني ۾ڪريون ٿا. هن ۾ اسان جي
داخلي جذبات جو ۽ احساسن جو عمل بلڪل ئي لاشعوري
ٿئي ٿو. تنهن کانسواءِ اسان جيڪو انتهائي يا
انتهاپسندي (تعصب) جو عمل اختيار ڪريون ٿا ان ۾
اسان يا ته بلڪل بي پرواهه آهيون يا بلڪل ئي عام
رواجي. رهيو سوال ته هنن ٻن طريقن مان ڪهڙو وڌيڪ
ٿا اختيار ڪريون، ته ان جو جواب اهو آهي ته ان جو
تعلق انهيءَ ڳالهه سان آهي ته اسان جي موجوده يا
آئينده بڻجڻ واري شخصيت ڪهڙيءَ انتهاپسنديءَ کان
وڌيڪ متاثر ٿي ٿئي.“ ان حالت ۾ اسان کي انتظار
ڪرڻو پوندو.
عوامي خصوصيت پاڻ انهن ڳالهين تي مدار ٿي رکي ته روايت ۽ رسمن
جي تقليد ڪهڙي حد تائين ڪئي ويئي آهي. هت انهيءَ
ڳالهه جو خيال نه رکڻو ٿو پوي ته نسلي ۽ قومي
برتريءَ جي احساسن کي ڪيتريءَ حد تائين بحال رکيو
ويو آهي. هن حالت ۾ ادب جي تخليق، لازم آهي ته،
اهڙن جذبن سان ڀرپور هوندي جن ۾ داخلي رجحانن جو
ميلان وڌيڪ هوندو.
هن طرح اها ڳالهه مسلم سمجهي ويندي ته پرائيوٽ اخلاقيات کان ڇڄي
۽ جدا رهي ادب جي تخليقي قوت کي استعمال ڪرڻ هميشه
مشڪل عمل جهڙو ئي رهندو.
پر انهيءَ ڳالهه کان به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته ڪوبه هڪ اديب
ڪنهن به هڪ نقطي تي رڳو شخصي اخلاقيات جو پرچارڪ
ٿئي ٿو. اديب پاڻ کي اسٽيج تي ٿو سمجهي ۽ هن جو
”مخاطب“ فرد نه پر عوام يا سماج آهي. ان ڪري هو
شعوري طور تي ته ٻڌل آهي ۽ مجبور آهي ته پبلڪ
اخلاقيات جو لحاظ رکي، توڙي جو هن جو اهو طرز عمل
به سندس اندر واري اخلاقيات جو لاشعوري عمل ئي ٿئي
ٿو.
6- زندگيءَ جي حياتيات ۽ ادب؛ انسان جي زندگيءَ سان وابستگي
هڪڙو حيات عمل آهي، ۽ هي عمل فطري ۽ بنيادي عمل
آهي. ان ڪري ادب جي ڪنهن به نظريي، خيال، فڪر توڙي
فلسفي ۾ هن عمل کان روگرداني ممڪن ئي ناهي، جو ادب
۽ زندگيءَ جو تعلق ئي اهڙو آهي.
زندگيءَ جي حياتيات کي سمجهڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهو معلوم
ڪجي ۽ اهو ڏسجي ته جبلتي طور تي انسان جي ڪارڪردگي
ڪهڙي آهي ۽ حياتيات
(Biology)
انهن لاڙن تي ڪهڙو اثي ٿي ڪري. انسان هرڪو حوس،
نفرت، محبت، حسد، بغض، لالچ، جماعتي ۽ گروهي
ڪارڪردگي، جوش، خوف، حراس، وحشت، رکائپ ۽ ٻين ڪن
اهڙين ڳالهين جو مظهر آهي، جيڪي حياتيات جي دائري
۾ اچي رهيون آهن. پاڻ زندهه رهڻ جي خواهش ۽ ان
باري ۾ ڊڪ ڊوڙ جو عمل به هڪ حياتياتي عمل آهي. ادب
هن حياتياتي عملن جي سلسلي مان خوف، ٽڪر، ڀڃ گهڙ ۽
تخريب جي جذبي، تبديل جي خواهش، فراريت
(Escapism)،
مايوسي
(Frustration)،
خوف
(Fear)،
قنوطيت، شڪست، ڪامراني ياصداي شڪست (جيئن شيلي ٿو
چوي-
(Cry of Despondency)
نمونا هٿ ڪيا آهن ۽ پکيڙيا آهن، ۽ اديب هن باري ۾
پنهنجا دليل ۽ فلسفا ۽ نظريا ٺاهيا ۽ گهڙيا آهن.
هن طرح اديب ”حياتياتي عمل جو هڪ نظرياتي عوامل“
آهي، ۽ ان حالت ۾ هو حياتياتي فعل جو ارتڪاب ڪري
ٿو ته پرائيويٽ اخلاقيات کي پبلڪ اخلاقيات جو
بنياد ڏئي ٿو.
پرل-ايس- بڪ جو هڪڙو ڪردار
(Pavilion of Women) ۾ چوي ٿو- ته ”انسان جي دل ۾ سڀ کان پهرين محبت ان جي پنهنجيءَ
ذات سان محبت آهي. قدرت هر انهيءَ شئي کي زندهه
رکي ٿي، جنهن ۾ زندهه رهڻ جي خواهش موجود آهي.جڏهن
ڪنهن مرحلي تي انسان جي پاڻ سان محبت ختم ٿي ٿي
وڃي ته پوءِ ڪنهن به شئي جي محبت ان جي دل ۾داخل
نه ٿي ٿئي، جو پوءِ انسان ۾ جيئڻ جي خواهش به ختم
ٿي ٿي وڃي.“ پر هيءَ ڳالهه پبلڪ اخلاقيات جي خلاف
آهي. ظاهر آهي ته هن حالت ۾ اديب زندهه آهي ته اهو
هن جو داخلي عمل آهي ۽ انهيءَ ريت ادب جي داخليت
ادب جي حياتيات جو هڪ موضوع آهي. ۽ اها اهڙي اظهار
جي قوتن جو مظهر آهي، جيڪو اديب جي ”انا“
(Ego)
يا ان جي ”نفس“ سان تعلق رکي ٿو. اديب داخليت جي
وسيلي زندگيءَ جي انهن مظاهرن جي توثيق ڪري ٿو،
جيڪي حياتياتي اثر هيٺ ڪم ڪن ٿا ۽ جن سان سندس
خمير سيراب ٿي رکيو آهي. هن ڳالهه جي لاءِ گهڻو
ڪري اديب مجبور به آهي. پنهنجي هن داخلي نظرياتي
اظهار جي وسيلي هو ٻن قسمن جا ادبي لاڙا خلقي ٿو
سگهي. هڪڙي لاڙي يا ميلان جي اڀياس مان معلوم
ٿيندو ته هو ڊنل آهي، زندگيءَ جي تقاضائن کان ڀڄي
ٿو يا بيزار آهي. هن طرح ادب ۾
(Escapism)
فراريت ڏانهن مائل ڪو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس يا شاعر
نظر اچي ٿو يا پيدا ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن اديب چاهي،
ته هو ٻئي ميلان رستي زندگيءَ جي بقا ۽ حرڪت به
پيدا ڪري ٿو سگهي، جو داخليت جو مطلب آهي ذاتياتي
وسيلا، ذهني توڙي نظرياتي، استعمال ڪرڻ ۽ نه
هروڀرو ڊپ ۽ خوف، ڊٺل جذبي، ڇنل اڌمي، ساڻيءَ اميد
۽ کاڌل من جو اظهار ڪرڻ، اديب هن طرح داخليت جي
مدد سان ڇا ٿو حاصل ڪرڻ گهري، اها ڳالهه اديب جي
وس ۾ به آهي. سڄي ساري زندگي جنهن کي هو داخليت جي
مدد سان ڏسي ٿو، سا رڳو اديب جي هڪ طرفي عمل جي
ڪري پاڻ محدود ٿي نه ٿي سگهي. اهو اديب ئي آهي،
جيڪو ان کي سوڙهو ٿو سمجهي. جهڙي زندگيءَ ۾ زندهه
رهڻ جي حوس هوندي، تهڙا نتيجا اديب حاصل ڪري
سگهندو. فرد، جيئن اسان ڏٺو آهي، پنهنجي بقا جي
لاءِ پاڻ کي زندهه رکڻ جي لاءِ سرگردان آهي ۽ هو
فطرت، قانون، رائج سماجي، معاشي ۽ معاشرتي، اخلاقي
۽ عمراني قدرن سان مقابلو ڪري رهيو آهي.
اها حقيقت به ڪافي دلچسپ ۽ اثرائتي آهي ته جيئن جيئن خارجي دنيا
سخت، لامحدود ۽ غير صلح پسند يا مشڪل ٿيندي ويندي
تيئن تيئن اديب ان کان لاپرواهه ۽ الڳ ٿيندو
ويندو. هن قسم جو اظهار تمام آڳاٽو روسو جهڙي مفڪر
”بئڪ ٽو نيچر“
(Back to Nature)
جي نعري جي وسيلي ڪيو هو. البرٽ ڪامو اهو ڪارنامو
”زوال“
(The Fall) ۽ ”دي آئوٽ سائيڊر“ ۾ ڪيو، ۽ ڪن عالمن انهيءَ رجحان جي بنياد
تي مشيني نظام ۽ ميڪانيڪي استدلال کان متاثر هڪ
فلسفو ڏنو، جيڪو ”وجوديت“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن ۾ ڏسي
ٿو سگهجي ته ڪيئن نه پنهنجي ذات سان محبت جي ڪري
انسان ميڪانيت ۽ تشدد جي خلاف جدوجهد ڪري ٿو؛ توڙي
جو هن کي يقين آهي ته ڳري ۽ وسيع سوسائٽي پگهرجي
نه ٿي سگهي، پر پوءِ به هو سمجهي ٿو سگهي ته اهڙي
جدوجهد يا اهڙو تصادم ”بقاءِ شخصي ۽ زندگي جي
ارتقا ۽ اوسر جي لاءِ تمام ضروري آهي“. انسان جي
سڄي جستجو ان جي ”خواهش زيست“ جي رڳو هڪڙي جهلڪ ئي
آهي، ۽ غير همدرد ۽ مشڪل خارجي دنيا کان الڳ ٿي
ويٺل ڪو اديب به ذاتي طور اهڙيءَ ”خواهش زيست“ تحت
ئي ائين ٿو ڪري،- پر نٽشي جهڙو مفڪر ائين ٿو سمجهي
ته اهڙو اديب ”زماني جي پٺيءَ تي رکيل بار جيان
آهي.“
*
حرف آخر
ادبي تنقيد جي سوالن تي سوچيندي ۽ لکندي، اسان دنيا يا گهٽ ۾
گهٽ موجوده مغربي دنيا جي عالمن جي راين ۽ طريقن
تي ويچار ڪري چڪا آهيون، ۽ ڏسڻو اهو آهي ته هنن
نظرين ۽ طريقن جو اطلاق اسان پنهنجي ادب تي ڪيئن
ڪريون.
مون هن ڪتاب جي مقصدن ۾ خاص جاءِ انهيءَ سوال کي ڏني آهي ته
اسان جي اڳيان جيڪو تنقيدي ادب موجود آهي، اهو، جو
اسان کي اسان جي ادب کي سمجهڻ ۾ مدد نه ٿو ڪري، ته
ان جا سبب ڪهڙا آهن، ۽ بامقصد، علمي، غيرجانبدار،
خالص ادبي ۽ وڏي ۾ وڏي ۽ ويڪري تنقيد لکون، ته ان
لاءِ ڪهڙو پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي.
هي ڪتاب اسان جي تنقيدي پروگرام جو دائرو مقرر ڪري ٿو، اسان ۾
تنقيد جو ڏانءُ ۽ طريقو پيدا ڪري ٿو، اسان کي
وڏيءَ نظر ۽ وڏي ڪارج واريءَ جستجو لاءِ آماده ڪري
ٿو، ۽ منهنجي نظر ۾ سنڌي ادب جي ڪلياتي ۽ همه گير
تقاضائن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
هي ڪتاب علم تنقيد جو تعلق مذهب، اخلاقيات، نظريي، عملي
زندگيءَ، نفسيات، جماليات، ذاتي پسند، فلسفي ۽
سماجيات توڙي سائنس ۽ قدر جي نظرين سان قائم ڪري
ٿو.
هن طرح هن ڪتاب سان اسان جو اهو بنيادي مقصد پورو ٿئي ٿو، جنهن
پٽاندڙ اسان کي پروفيشنل تنقيد لکڻ جو ڪم ڪرڻو
آهي.
اڳتي اوهان جو اختيار، اسان چيو ”حرف حساب“ جو........
BIBLIOGRAPHY
A
Aiken Conrad: “Skepticism, Notes on
Contemporary Poetry”, 1919.
2. Alick West: “Crises and Criticism”. 1937.
3. Arnheim Rudelf: “Poetry at Work”, 1948.
4. Aristotle: “Poetics”.
B
Bourne Roundolph: “The Puritons’ Will to
Power in the Seven Arts”. April 1917.
Brookes Cleanth: “Modern Poetry and the
Tradition”, 1939.
Brookes Bill A.A: “The Contribution to the
Theory of Sex”, 1910.
Brookes Bill A.A: “The Interpretation of
Dreams”, 1912.
C
9. Coleridge: “Biographia Litraria”, Vol: II.
10. Charles J.G: “American Literary Criticism”,
1900-1905.
D
11. Deutsch, Babette: “Poetry in Our Time”,
1956.
12. Daiches David: “Literature and Society”,
1938.
(13) “Dictionary of Eng: literature”,
Oxford,
Clarendon Press”, 1963.
(14) Drew Elizabeth, Conner George,
“Discovering Modern Poetry”, 1961.
Drew Elizabeth, Sweeney John: “Direction in Modern
Poetry”, 1940.
E
(15) Earnest Jones (Dr): “The Oedipus Complex as
an
Explanation of Hamlet’s
Mystry”
in the American Journal
of
Psychology XXXI, 1910-
Revised
and expanded in the
shape
of “Hamlet and Oedipus”, 1949.
(16) Edmund Wilsons: Discussion of “Vices”,
Eighteenth
Century Study
of
Homers Epics in the
Historical
interpretion of
Literature,
added to “Triple
Thinker”,
in 1948.
(17) Edna Kentons: “A Case on Henry James’ The
Turn
of the Screw”, 1960.
(18) Eliot, T.S:
“Sacred
Wood”.
(19) Eliot, T.S:
“Selected
Essays”.
F
(20) F.C. Presscott: “The Poetic mind”, 1922.
(21) F.L. Lucas: “Literature and Psychology”,
1951.
G
(22) George Saintsbury: “A Short History of Eng:
Literature”, 1966.
(23) George Thomson: “Marxism and Poetry”,
1939.
(24) Granville Hicks: “The Destructive Element”,
1935.
H
(25) Harry Levin: “Literature as an Institution”,
Accent, Spring, 1946.
(26) Hanns Sachs: “The Creative Unconscious”,
1942.
(27)
Henderson:
“The
Poets and Society”, 1939.
(28) Herbert Muller: “Modern Fiction”, 1937.
(29) Hoffman F.J:
“Freudianism
and the Literary
Mind”, 1945.
(30) Herbert Read:
“Reason
and Romanticism”,
1926.
J
(31) James Farrel:
“A
Note on Literary Critism”,
1936.
(32) Johnson (Dr):
“The
Lives of Poets”.
(33) John Macy: “The Spirit of American Literature”, 1908.
(34) J.T. Shipley (Editor): “Dictionary of World
Literary Terms”, 1955.
K
(35) Kant Immanuel: “Critique of Judgement”,
(Transhlation by Meredith).
(36) Kenneth Burke: “Antony
in behalf of the play
in the philosophy of Literary
Form”,
1941.
L
(37) Lewis A. Loser (Editor): “Sociolgy, Thought,
Literature”. 1963.
(38) Mackail G.W: “Lectures on Poetry”,
(Introduction).
(39) Max Eastman and Floyddell (Editors): “The
Masses”.
(40)
Moore G.E: “Tintern Abbey”.
P
(41) Parringtons: “Main Currents in American
Thought”, 1927.
R
(42) Read Herbert: “Art and Society”, 1937.
(43) Richard Harey: “Russian Literature From Pushkin to the
Present Day”,
Methuen.
(44) Richards I.A: “Principles of Literary
Criticism.”
(45) Richards I.A: “Practical Criticism”.
I
(46) Roy Basler: “Sex, Symbolism and
“Psychology”.
S
(47 Sewter, A.C: “The Possibilities of a Sociology
of
Art”, Sociological Review
xxVII- 1935.
(48) Simon O. Lesser: “Fiction and the
Unconscious”, 1957.
(49) Stephen Spender: “The Destructive Element”,
1935.
T
(50) Tindall, William: “Forces in modern British
Literature”, 1947.
(51) Tomares Aldof Siegfried: “Introduction to the
Sociology of Arts”, 1940.
(52) Thomas Bears: “The Mauve Decade”, 1926.
(53) Trotsky,
leon: “Literature and Revolution”,
1925.
(54) T.K. Whipple: “Spokesman”, 1928.
V
(55) Vernonlee: “Beauty and Ugliness”.
(56) V.F. Calverton: “The Newer Spirit”, 1925.
W
(57) Willburs Cott: “Five Approaches to Literary
Criticism”, Collier Book Edu. 1962.
(58) Willson: “The Wound and Bow”.
(59) Welleck and Warren: “Theory of Literature”.
(60) Wordsworth: “Preface to Lyrical Ballads”.
(61) Wordsworth: “Tintern Abbey”. |