شعر جون اوائلي شڪليون مزدورن جا گيت آهن.
ناٽڪ بذات خود هڪ سماجي ماحول آهي.
ناٽڪ ۾ ڪردار هڪ سماجي نموني
(Social Type) جي حيثيت رکي ٿو.
ادب جون موجوده شڪليون سڀئي سماج ۾ موجود علامتن جون شڪليون
آهن. سڀني ڳالهين کي گڏي پڙهبو ته ڏسبو ته هن
نظريي جو مطلب هي آهي ته ادب سماج جي سچي پچي ۽
مڪمل تصوير آهي.
مٿي 1932 واري جنهن فيصلي تي لکيو اٿم، اهو فيصلو ڪميونسٽ
پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽي ڪيو هو. ان فيصلي مطابق
روسي ليکڪن جي سنگت هڪ اقرارنامو تيار ڪيو هو،
جنهن تي سڀني ليکڪن صحيحون ڪيون هيون، ان
اقرارنامي مطابق هر ليکڪ جو فرض هو ته باڪمال فني
صلاحيت وارو ادب پيدا ڪندو، جنهن بين الاقوامي
مزدور تحريڪ جي بهادراڻن ڪارنامن جو ذڪر هوندو،
جنهن ۾ اشتراڪيت جي شاندار ڪاميابيءَ جو ذڪر هوندو
۽ جنهن ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڏاهپ ۽ سياڻپ جو ذڪر
پڻ هوندو(,)
.
مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين کان ٻاهر هڪ ليکڪ کي ايتري آزادي
ڏني ويئي هئي ته هو اسٽائيل
(Style)
جو انتخاب پاڻ ڪري، موضوعات به پاڻ ونڊي، ۽ ان
کانسواءِ هو پراڻي روسي ادب جو مطالعو به پاڻ ڪري،
تا ته جيئن هو فني خامين کان بچي سگهي.
هن مان ظاهر آهي ته مواد
(Content)
جي خيالن کان روسي ليکڪ کي ڪابه آزادي نه ملي هئي.
جنهن آزاديءَ کي بعد ۾قبوليو ويو هو، اها فقط فارم
يا ادب جي فني شڪل جي هئي.
1932ع کانپوءِ روسي اديبن جي ٻي گڏجاڻي 1934ع ۾ ٿي هئي. هن دور
۾ ادب تي وڏو اثر اڪابر گورڪيءَ جو هو. گورڪيءَ
جيڪو نظريو ڏنو، تنهن کي روسي ادب جو انساني
ڀلائيءَ وارو نظريو
(Soviet Humanism) چئبو آهي. هن نظريي مطابق روسي ادب جون حدون انسان ذات تائين
وڌائڻيون هيون، پر تڏهن به روسي ادب ۽ ڪلچر جو
بنياد فقط روسي مزدورن جي راڳن کي سمجهيو ويو هو.
گورڪيءَ جو وڏي ۾وڏو ڪارنامو آهي تصوف جي مخالفت. تصوف کي ان
وقت سڀني مذهبي رجحانن جو مظهر سمجهيو ٿي ويو. پر
گورڪيءَ وارن جو خيال هو ته ڪو صوفي سماج ۾متاثر ۽
ڪارآمد فرد جيان پنهنجي سماج کي پنهنجي طرفان ڪجهه
به ڏيئي نه ٿو سگهي. گورڪيءَ پارٽيءَ جي پروگرام ۾
جيڪا روسي ڪلاسڪس جي پڙهڻ جي سفارش ڪئي هئي،
تنهن لاءِ به هن جو دليل اهو هو ته ادب رڳو روس جي
حدن اندر محدود رکبو ته ان مان بهتر ادب جون
صلاحيتون ختم ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن ادب کي غيرمحدود
رکبو ته پوءِ پارٽيءَ جي خدمت جو ڪم ٿي نه سگهندو.
ان ڪري اهڙو رستو اختيار ڪجي، جو ادب غير محدود به
نه رهي ۽ محدود به نه رهي. اهڙو رستو فقط اهو ئي
ٿي ٿي سگهيو ته وقتي ۽ هنگامي روسي ادب کي روس جي
شاندار ماضيءَ ۾ تابناڪ آئيندي سان ڳنڍجي. گورڪي
زبان جي سلاست جي سفارش به ڪئي هئي، جنهن جو مطلب
اهو هو ته روسي ادب کي عام ماڻهوءَ جي قابل قبول
سمجهيو نه ويو هو، گورڪيءَ جي مخالفت جو جهنڊو
مشهور انقلابي ليکڪ گلاڊڪو جي طرفان کنيو ويو هو.
گلاڊڪو نئين دنيا
(New World 1945) جي چوٿين شماري ۾ جيڪو مضمون لکيو هو، سو ان وقت جي تصوراتي
ادب تي روشني وجهي ٿو، ۽ هو ان ۾ انقلابي سفارشون
به ڪري ٿو. گلاڊڪو لکي ٿو؛ ڳچ جيترا اهڙا ڪتاب
لکيا ويا آهن، جيڪي نون خيالن کي جنم ڏين ٿا.
تاريخي ناولن جو ئي مثال وٺو. انهيءَ سوال پڇڻ
کانسواءِ رهي نه ٿو سگجهي ته آخر اهڙن ناولن لکڻ
وارن ڄاڻي واڻي روس جي ماضيءَ ڏي ڇو ڦيرو کاڌو
آهي. روسي زندگي (ان جي پنهنجي وقت واري) واقعات
جي خيالن کان شاهڪار آهي ۽ روسي ماڻهن جيڪي هنن
واقعن جا هيرو آهن، ايتري قدر ته تابناڪ، دلچسپ ۽
کليل آهن، جو ليکڪن کي هنن مان دنيا کي ٻڌائڻ ۽
ڏيڻ لاءِ تمام وڏو مواد ملي ٿو سگهي. بيشڪ اهو
سڀاويڪ آهي ته ليکڪ روس جو ماضي به دهرائيندو، پر
آخر رڳو انهيءَ ڳالهه جي ڪري ماضيءَ جي ايڏي
دلچسپي ڇو ڏيکارڻ گهرجي! آخر ليکڪ روس جي ماڻهن جي
انهيءَ ايثار ۽ قربانيءَ کان متاثر ڇو نه ٿا ٿين،
جيڪا هنن روس ۾ خانه جنگيءَ جي زماني ۾ ڏيکاري
هئي، جيڪا پڻ وطن سان محبت جي جنگ هئي. حقيقت
۾ماضيءَ جي دور جي واقعات ۽ ماڻهن جي ڪارنامن کي
دهرائڻ سان ليکڪ اهڙا خيالات ڏيئي رهيا آهن، جيڪي
روس جا پنهنجا نه آهن
.(1)
هن سلسلي ۾ مانائتي گلاڊڪو جي لکڻيءَ مان جو ڪجهه ظاهر ٿئي ٿو،
سو هن هيٺ ڏجي ٿو؛
روس پنهنجي ماضيءَ کي نظرياتي حيثيت ڏيڻ جو مخالف هو.
1934ع جي گڏجاڻي کانپوءِ ادب ۾ تاريخ ۽ پراڻي تهذيب جو عنصر
وڌيڪ شامل ٿي ويو هو، ۽ هاڻي ادب جي معرفت اهڙيءَ
تهذيب ۽ تاريخ کي پکيڙڻ جو ڪم بند ڪرڻو هو. ۽
ڇاڪاڻ ته ماضيءَ مان فقط فني صلاحيتن حاصل ڪرڻ جي
اجازت هئي، ماضيءَ مان پنهنجي تحرير جي لاءِ ڪو
محرڪ هٿ ڪرڻ وارو ڪم سراسر غلط ۽ غير ضروري هو
(1)
پرگلاڊڪو جي ئي زماني ۾ هڪ نهايت ئي اهم سوال ڪيو ويو هو، ۽ اهو
هي آهي؛ اسان جي دور جو ادبي هيرو ڪٿي آهي؟ هي
سوال نوجوان ڪميونسٽ ليگ جي ڪارڪنن اٿاريو هو ۽
ان ليگ جي جريدي ڪومسومول سچ
(Komsomol Truth) 1924ع ۾ اٿاريو ويو هو. مٿي ڏيکاريل سرخيءَ سان جيڪو مضمون
لکيو ويو هو، ان ۾ انهيءَ ڳالهه جو احساس ڏياريو
ويو هو ته ادب ۾ نظرياتي بولشوڪ هيرو، جيڪو
پنهنجي سڌي سنئين ۽ مستقل ڪردار جي ڪري زندگيءَ کي
تحرڪ ڏيڻ جي قابل هو، سو ادب ۾ ڏيکاريو نه ٿي ويو.
روسي ادب کي ويهين صديءَ جو ڇهين ڏهاڪي ۾ ٻن
ڳالهين جو مقابلو ڪرڻو پئجي ويو هو؛
روسي ادب ۾ مثالي شخصيت جو تصور ڪهڙو ۽ ڪيئن ڏنو وڃي.
سياسي حالات ۽ اندروني استحڪام جي خيال کان روسي ادب کي ڪشادو
ڪهڙيءَ ريت ڪيو وڃي.
(5) ويجهڙائيءَ واري روسي ادب جا ڪي رجحان؛
ويجهڙائي واري روسي ادب کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ
آءٌ هن هيٺ روسي شعر جي مجموعي پنجاهه روسي شاعر
جي مهاڳ مان ڪن ٽڪرن جو ترجمو ڪري لکي رهيو آهيان،
جنهن مان معلوم ٿيندو ته ويجهڙائيءَ وارو روسي ادب
۽ تنقيد جو رخ ڪهڙو آهي.
روسي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب ڳڻائيندي، فاضل ايڊيٽر هيئن ٿو
لکي؛ روسي شاعريءَ جي مقبوليت جو تاريخي سبب آهي
اسان جي نئين سماج جو جنم، جنهن ۾ فرد ۽ انسان ذات
جي ترقيءَ جا حيرتناڪ موقعا موجود آهن. روسي آرٽ
جي ابتدا ترقيءَ ۽ تخليقي قوت جي دور ۾ ڪئي ويئي
هئي ۽ جيئن ماياڪووسڪي ٿو چوي، شاعريءَ کي هن
انقلاب جي ڪوشش ۽ قوت سان ايتري طاقت ملي ٿي، جو
ان مان لکن ماڻهن جي دلين کي تحرڪ ملي ٿو.
هن مان ظاهر آهي ته تمام ويجهڙائيءَ واري دور جي ادب ۾ روس جي
پراڻن
(Classics)
۽ روسي قدامت جو ڪو حصو ڪونهي.
روسي شاعريءَ جي مقبوليت جا تاريخي سبب ڳڻائيندي، مانائتو
اوگنيف
(Ognev)
ان جي سماجي ۽ معاشي سببن تي لکي ٿو؛ ادب ۾ ويهين
صديءَ جي وچ واري ٻن جدا جدا ۽ مختلف خيالن جو ٽڪر
ٿيو آهي، جن مان هڪڙو ذهن جي ان طاقت جو قائل آهي،
جنهن سان مادي طاقتن کي سر ڪيو ويو آهي. ٻيو ان
آفت جو قائل آهي، جنهن مطابق انسان ۾ ايترو
ڀروسو رکي نه ٿو سگهجي ته هو ڪنهن تخليقي قوت جو
مالڪ آهي
(1)هن خيال ۾ انساني لاڳاپن کي ڇينڀيو ويو آهي، ۽ مجموعي طور تي فرد جي اڪيلائي
۽ ڇنل حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي..... پر شاعريءَ
جو مطلب آهي اميد، ۽ جڏهن اهڙيءَ اميد کي وڌيڪ
پختو ۽ مضبوط بنياد ملي ويو آهي، ۽ جڏهن شاعريءَ
جي رومانس وسيلي ماڻهن جو پاڻ ۾ ڀروسو وڌيڪ پختو
ٿي ويو آهي، تڏهن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ باهمي
مفاهمت جو شعلو ڀڙڪي اٿيو آهي. شعر ۾ (روسي شعر ۾)
پڙهندڙن کي هاڻي محنت، شان ۽ وفاداريءَ جهڙن
انساني قدرن ۾پنهنجي ويساهه لاءِ وڏي مدد ملندي.
هن مان صاف ظاهر آهي ته سوويت ادب ۾ شاعريءَ جو مقصد آهي؛
ماڻهن ۾ اميد سان ڀرپور زندگيءَ جو شعور جاڳائڻ.
مادي وسيلن کي پنهنجي طاقت ۽ ذهني قوت جي وسيلي پنهنجي قبضي ۾
رکڻ لاءِ مدد ڏيڻ.
شاعريءَ جي رومانس جي وسيلي سماج ۾ ڀروسو پيدا ڪرڻ.
پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي وچ ۾ باهمي مفاهمت جو جذبو پيدا ڪرڻ.
محنت، شان ۽ وفاداري جهڙن انساني قدرن ۾ ويساهه قائم ڪرڻ.
ساڳيو ئي ايڊيٽر اڳتي هلي هيئن ٿو کي؛ هاڻوڪيءَ سوويت شاعريءَ
۾ نظريي تي جيڪو زور ڏنو ويو آهي (۽ رهيو آهي)،
اهو هميشه جيان قائم آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته
هينئر نظريو اسان (روسي ماڻهن) جي ذهن ۾ سمائجي
ويو آهي.....
زندگيءَ جو انقلابي تبديلي وارو خيال ۽ اهو خيال ته جرئت جا
حقدار ۽ مالڪ فقط عوام آهن، سڄي ساري سوويت آرٽ جو
بنياد آهن....
آرٽ ۾ هنن خيالن کي ان ڪري آتشي قوت
(Promethean Quality) سمجهيو ويو آهي.
هن مهاڳ جون آخري سٽون هي آهن؛
ههڙي قسم جي شاعريءَ جو آڌرڀاءُ هر جڳهه ڪيو ويندو آهي (ڇوته)
هن جو نياپو ڀائپي آهي، ۽ هيءَ ڀڃ ڊاهه ۽ دشمني
کي چئلينج ٿي ڪري. هيءَ شاعري دنيا جي سادين ۽
ادبي وٿن
(Values)
جي نمائندگي ٿي ڪري. اهي وٿون آهن؛
پورهئي جي آزادي (جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو استحصال نه هجي، (2)
مامتا (حقيقي محبت)، (3) قوت تخليق، (4) فطرت جي
مشاهدي جي لذت ۽ (5) دنيا جي سڀني ماڻهن جي وچ ۾
دوستيءَ ۽ مفاهمت جو لاڳاپو.
نظرياتي تنقيد جو تجزيو؛ هيتري چوڻ پڄاڻان آءٌ ڀانيان ٿو ته مون
لاءِ هن منڍ تي اهو ضروري ٿي پيو آهي ته آءٌ مختصر
طور تي سوويت ادب ۽ تنقيد جي باري ۾ اهو به ڄاڻيان
ته ويهين صديءَ جي انساني سماج ۾ سوويت ادب جو
مقام ڪهڙو ٿي ٿو سگهي. هن باري ۾ عرض آهي ته،
سوويت ادب جو محرڪ آهي، جدلياتي ماديت، ۽ جدلياتي ماديت انسان
جي خشڪ ۽ ٺوٺ زندگيءَ جو اهو سائنسي طريقو آهي،
جنهن ۾ انسان جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي، ان جي
محنت، محنت يا پورهيو سوويت ادب ۾ رڳو کاٽي کڻڻ يا
لاباري ڪرڻ کي ڪونه ٿو چئجي. پورهيو سوويت ادب ۽
آرٽ ۽ زندگيءَ جي سڀني عملن
(Activities)
جو نچوڙ آهي. جنهن ۾ انسان جي قوت تخليق وارو حسن
۽ ان جي انقلابي قوت وارو جوهر موجود آهي، ۽ آرٽ
جو بنياد به ان ڪري انهن ئي ڳالهين تي رکيو ويو
آهي. هن جو مطلب هي آهي ته سوويت ادبي تنقيد يا
مارڪسي ادبي تنقيد ۾ ادب انسان جي عملي قوت ۽
حياتياتي جوهر کان ٻاهر ڪڏهن به وڃي نه ٿو سگهي.
مارڪسي تنقيد مطابق، جو نظريي کي ادب جو سچو محرڪ مڃيو ويو آهي
ته ان جو مطلب اهو آهي ته ادب کي فقط انساني
معاشري، سچي ۽ حقيقي انساني جوهر جو پائبند بڻايو
وڃي، ان ڪري هڪ خيال کان سوويت تنقيد نعري ۽
جهنڊي واري ادب کي ادب ئي نه ٿي سمجهي.
سوويت ادب کي تنقيد جي خيال کان ٻئي ڪنهن خيال تي پرکڻ کان ڪٽيو
ويو آهي. هن جو مطلب هي آهي ته روسي تنقيد ادب کي
انسان جي تخليقي قوتن جو محتاج سمجهيو آهي، ۽ ان
ڪري سٺو ۽ ڳورو ادب روسي تنقيد جي معيارن جي
اعتبار کان اهو آهي جنهن ۾ سوويت سماج جي گڏيل
تخليقي قوتن کي تاريخ جي مادي نظريي پٽاندر انساني
سماج جي اوسر جو واحد وسيلو مڃيو ويو آهي.
ويجهڙائيءَ واري روسي ادب ۾ سادگيءَ، انساني برادريءَ، تخليقي
قوت ۽ سچي محبت کانسواءِ فطرت جي فياضي ۽ ان جو
حسن به لڀي ٿو. هن مان ظاهر آهي ته روسي ۽ سوويت
سوچ ۽ عمل جو بنياد فطرت جي سڀاءَ ۽ انسان جي
بنيادي جوهر تي آهي.
سوويت ادب جي باري ۾ هن ڳالهه تي سڀ اڪابر اتفاق ڪندا ته هي ادب
انسان جي ان قوت جو علمبردار آهي. جنهن ويهين
صديءَ جي انساني سماج تي تمام وڏو اثر ڪيو آهي ۽
تصورات ۽ وهمن جي انهيءَ قلعي کي ڊاهي وڌو آهي.
جنهن ۾ ادب فقط وندر، عياشي ۽ وقت گذارڻ جي وسيلي
طور ڪم ايندو هو.
انهيءَ ڳالهه جو به امڪان پيدا ٿي پيو آهي ته شايد ايندڙ زماني
۾ جڏهن انسان جي زندگيءَ جي سڀني ڳالهين ۾سوچ جو
طريقو سائنسي ۽ خشڪ حقيقي هوندو، تڏهن جيڪو ادب
عظيم ادب ليکبو، سو روسي ۽ سوويت ادب جهڙو هوندو،
ڇو ته اهو ئي ادب آهي جيڪو ادب ۾ سائنسي سوچ جو
جواز موجود رکي ٿو ۽ انقلاب جو سچو سبب خيال کي
نه پر عمل کي سمجهي ٿو.
نظريو ۽ سنڌي ادبي تنقيد؛ ادب سڄو سارو آرٽ جهڙو نه آهي. ادب
گهڻو ڪري انسان جي انهن عملن جو مظهر آهي، جن مان
گهڻا آرٽ کان ٻاهر
(Artless)
آهن. سوويت ادب به انهيءَ حقيقت کان واقف آهي؛ ان
ڪري سوويت ادب ۾ آرٽ جي حيثيت اها نه آهي، جيڪا
انگريزيءَ يا جرمن ۽ فرانسيسي ادب ۾ آهي. هن خيال
کان به سوويت ادب جا معيار تنقيد جي لاءِ نهايت
اهم آهن. آرٽ جا هو تصور جيڪو سوويت ادب ۾ آهي،
اهو سنڌي ادب ۾ به آيو آهي. جنهن ڏينهن کان سنڌي
ادب ۾ سماج کي ڪا جاءِ ڏني ويئي، ان ڏينهن کان ئي
سنڌي ادب ۾ آرٽ کي سماجي قوتن جو پائبند بڻايو
ويو، پر اها ڳالهه سچي آهي ته اسان اهو ڪو به
تصورات جي آڌار تي ڪيو. ان ڪري اسان سماجي قوتن کي
ادب جي محرڪ طور ڪم نه آندو.
هن پڄاڻان آءٌ هن مضمون جي ان حصي تي پهچي ويو آهيان، جيڪو
منهنجي مقصد جي خيال کان ڏاڍو اهم آهي. بنيادي طور
تي آءٌ اهو ڏيکارڻ ٿو گهران ته ادب جي نظرياتي
تنقيد جي خيال کان اسان جي پنهنجي ادب جي تنقيد جو
طريقو ڪهڙو هوندو ۽ ان جا اصول ۽ بنياد ڪهڙا
هوندا.
مون کي خبر نه آهي ته سنڌ جي اڪابرن مان اهو ڪهڙو اڪابر هوندو،
جيڪو ادب جي مارڪسي تنقيد کي خيال ۾ رکي، سنڌي
ادبي تنقيد جا ڪي بنياد ٻڌائيندو، پر مون کي اها
خبر آهي ته جيڪڏهن اسان مان ڪنهن به سنڌي ادب جي
تنقيد لکڻ کان اڳ ۾ دنيا جي ٻين تنقيدي نظريات جو
اڀياس نه ڪيو، ته هو اسان جي ادب جي ڪا خدمت ڪري
نه سگهندو.
اسان جا محرڪ؛ اسان جي ادب جا محرڪ ڪهڙا آهن؟ اهو سوال اسان کي
ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور حل ڪرڻو پوندو ۽ مون کي پڪ آهي
ته هن سوال جي جواب کانسواءِ اسان جي ڪابه مستند
ادبي تاريخ جڙي نه سگهندي. هن سوال جو جواب ڪهڙو
هوندو ۽ اهو جواب ڪير ڏيندو، سو ته چئي نه ٿو
سگهجي، پر اها پڪ آهي ته رڳو نظريي کي سنڌي ادب جي
محرڪ جي جاءِ ملي نه سگهندي. اسان جو ادب ڪنهن
نظريي جي پيداوار نه آهي. اسان نظريا ٽوڙيا آهن.
اسان نظريا قائم ڪونه ڪيا آهن. اسان بت گر نه
آهيون اسان ته بت شڪن آهيون.
خليفي گل شاعريءَ جو نظريو ٽوڙيو. شاهه سائين پنهنجي وقت اجا سڀ
سياسي، سماجي ۽ شاعراڻا نظريا ٽوڙيا. سنڌي تصوف جو
هڪ نرالو رنگ نڪري نروار ٿيو، ان ڪري مذهبي ڪشمڪش
گهٽجي ويئي ۽ نوان مذهبي نظريا انساني برادريءَ ۽
رواداريءَ جا علمبردار بڻيا.
هي ڳالهيون ادبي تاريخ ۾
ضرور اينديون.
هيءَ به حقيقت آهي ته نظرين کي ٽوڙڻ جو وڏو ڪم خود صوفي اڪابرن
۽ شاعرن ڪيو آهي. تصوف ۾ ڇاڪاڻ ته سڀ جزي حقيقتون
ڪلي حقيقتون آهن، ان ڪري هڪ صوفي سماج ۾هڪ نظريي
کي سماجي محرڪ جي حيثيت ڪڏهن به ملي نه ٿي سگهي.
آڳاٽي ادب کانسواءِ اسان جو هاڻوڪو ادب به پنهنجي
لاءِ ڪنهن به هڪ نظريي کي محرڪ طور تسليم ڪري نه
ٿو سگهي. فن توڙي مواد جي خيال کان هاڻوڪو ادب
نظرياتي نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجو ڀروسو
آهي ته سنڌي ادب جي سٺي تنقيد فيصلي صادر ڪرڻ واري
تنقيد نه هوندي. ادب تي فيصلي صادر ڪرڻ کان وڌيڪ
اسان ادب جو اڀياس ڪنداسون ۽ ان سان انساني سڀاءُ
۽ سنڌي سماج جي تخليقي قوت جا جدا جدا لاڙا ڳولي
هٿ ڪنداسون.
آرٽ؛ ادب جي محرڪ واري خيال کانپوءِ اسان جي سامهون اهو سوال
ايندو ته سنڌي ادب ۾ آرٽ جي نوعيت ۽ حقيقت ڪهڙي
آهي. سنڌي ادب جو هر دور آرٽ ۽ فن جو تجزباتي دور
هيو آهي. ڪن دورن ۾ ته توڙي جو فڪر جي راس يا ڌارا
نه ٿي لڀي ته به فن جا تجربا جام ملن ٿا. شاهه
سائين، خليفو گل، سانگي، ليکراج عزيز، هري دلگير،
تنوير، نياز، اياز ۽ امداد آرٽ جي تجرباتي قسمن جا
نمائندا آهن. شاعريءَ کان هٽي جيڪڏهن نثر تي ويچار
ڪبو ته به اهو پڌرو ٿيندو ته ڪهاڻيءَ توڙي ناول ۾
سنڌي ادب جي هر دور ۾ تجرباتي عنصر موجود آهي. اهو
ئي سبب آهي، جو سنڌي ادب ۽ آرٽ جي حيثيت وارو
موضوع اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو موضوع ثابت ٿيندو.
آرٽ جي انقلابي قوت؛ سنڌي تنقيد جي باب ۾ محرڪ ۽ آرٽ جي سوالن
کانپوءِ جيڪو سوال اٿندو، اهو هوندو سنڌي ادب جي
تخليقي ۽ انقلابي قوت جو. سوويت تنقيد ۾ ته هيءُ
سوال وڏيءَ آسانيءَ سان حل ڪيو ويو آهي. سوويت
انقلاب هڪ نئون ۽ نرالو نظام ڏنو آهي. روسي سماج
ڄڻ ته 1918ع ۾ پيدا ٿيو آهي. ظاهر آهي اهڙي حالت ۾
ادب جو پرزور هئڻ فطري آهي. ڇوته ان ۾ جوشيلو
(Excited)
انساني ذهن جنهن انقلاب پيدا ڪيو، سو اڃا تائين
موجود آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سوويت ذهن هڪ سرزمين ۽
هڪ تهذيب کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي نه ٿو سگهي. سوويت
زمين تي ٻن معاشرن جنم ورتو آهي. جن مان پهريون
مري چڪو آهي ۽ ان کي جاڳائي نه ٿو سگجهي. پر سنڌي
ادبي تنقيد ۾ اسان پراڻي ۽ نئين نظام جي باهمي
لاڳاپي ڏيکارڻ کانسواءِ ادب سان انصاف ڪري نه
سگهنداسون. اسان جي ادب جون پاڙون انسان جي تمام
آڳاٽي معاشري ۽ سماج ۾ موجود آهن. ان ڪري اسان جي
ڪنهن به ادبي دور کي حادثاتي دور چئي نه سگهبو.
اهو ئي سبب آهي. جو منهنجو زورائتو خيال آهي ته
اسان کي پنهنجي ادب جي روايتن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي.
افرادي قوت؛ سوويت ادب ۾ تمام وڏي ڳالهه آهي افرادي قوت ۽
عوامي همت ۾ ڀروسو. سنڌي ادب ۾ به وڏي ۾ وڏي
ڳالهه اها آهي. پر سنڌي ادب ۾ هيءَ ڳالهه سائنسي
سوچ ۽ اٽل حقيقتن جي آڌار تي نه آئي آهي. مارئي ۽
سسئي جي ڪردارن ۾ به سنڌي سماج جا اهي پهلو آيا
آهن، جن ۾ اميد (آسر) ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ کي
زندگيءَ جو مقصد سڏيو ويو آهي. (شاهه وٽ هنن ٻن
ڳالهين جو نالو آهي سڪڻ) پر ته به اها ڪشمڪش ۽
اها ڇڪتاڻ ڪنهن نظرياتي انقلاب جو سبب بڻجي نه
سگهي آهي، ڇوته هي سڄي ڊوڙ ڊڪ تصوراتي هئي، جنهن ۾
ماڳ موٽي اچڻ، ۽ ملي هڪ ٿي وڃڻ وارا غير واضح ۽
نظرياتي خيال موجود هئا ۽ انهن کي انتهائي ۽ آخري
سمجهيو ويو هو، هيءَ ڇڪتاڻ اجتماعي نه هئي، ان ڪري
هنن ڳالهين کي سماجي تحريڪ جي شڪل ملي نه سگهي. پر
جيستائين شاعري جو تعلق آهي، شاهه سائينءَ جو شعر
سماجي انقلاب جو هڪ وسيلو ٿي ٿي سگهيو. البت اهو
ياد رکڻ گهرجي ته هن حالت ۾ شاهه جي شاعريءَ کي ان
وقت جي تاريخ جي تقاضائن جي خيال کان ڏسڻ گهرجي.
منهنجو ڀروسو آهي ته اڄ به جيڪڏهن اسان جي ادب کي
ڪو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ته پوءِ اسان لاءِ
شاهه جي نظريات جو پرچار ۽ ان تي عمل ڪرڻ تمام
ضروري آهي. هڪ موثر ۽ فعال ادب فقط اهو ادب آهي
جيڪو هڪ مضبوط ۽ موثر سماج کي پيدا ڪري. اهو ادب
استحصال پيدا ٿيڻ نه ڏيندو، ڇوته استحصال فقط هڪ
ڪمزور ۽ تصوراتي سماج ۾ ئي پيدا ٿي ٿو سگهي، جنهن
سماج ۾ فردن جي قوت کي تسليم نه ڪيو ويندو آهي، ۽
اهڙي ئي سماج ۾ ليکڪ کي فالتو ۽ روڳي سمجهيو ويندو
آهي، ۽ ان جي تخليق ۽ محنت جي عيوض ان کي تڪليفون
ڏنيون وينديون آهن، ۽ ان کي معاشي طور تي پست ۽
پريشان رکيو ويندو آهي.
ادب جو نئون ڪردار؛ ادب کي اهڙي معاشري ۾ تمام
وڏو ڪم ڪرڻو آهي. انساني عقل ته اهو ٿو ٻڌائي ته
پنهنجن ماڻهن جي ڀلي هئڻ ۽ انهن ۾ تخليقي قوت جي
موجود هئڻ وارو ويساهه ئي اهڙي شئي آهي، جنهن کي
پنهنجي ادب ۾ آڻڻ سان اسان پنهنجي سماج کي آزاد ۽
متحرڪ ڪري سگهنداسون. ماڻهن جي انفرادي قوت هن ملڪ
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بي آرام ۽ بيقرار آهي. اهڙيءَ حالت
۾ سنڌي ادب ڇا ڪندو ۽ شعر ڇا چوندو، سو به پڌرو ٿي
رهيو آهي. مان هت پوريءَ جوابداريءَ سان چوڻ ٿو
گهران ته پنهنجن ماڻهن ۾ ويساهه ۽ مستقبل ۾ پڪيءَ
چٽيءَ اميد وارن ويچارن ڏيکارڻ کانسواءِ، اسان جو
ادب رڳو عارضي ۽ چل چلائو ادب ٿي پوندو. اچو ته
پنهنجن تحريرن کي ڪوڙ ۽ بڪواس جهڙن الزامن کان
بچائڻ لاءِ اسان پڌر پٽ پئون ۽ سماج ۾هڪ سچو پچو
۽ ڀروسي جهڙو ڪردار ادا ڪريون.
سنڌي ادب جو ڀروسي جهڙو ڪردار؛ پر سنڌي ادب ۾
ڀروسي جهڙي ڪردار کي اسان هرڀرو روسي ادب جي ڪردار
جهڙو سمجهي نه ٿا سگهون. روسي ادب روس جي مخصوص
معاشري جي پيداوار آهي. اهو مخصوص معاشرو ڇڪتاڻ ۽
جدوجهد جي بنياد تي تعمير ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ
معاشري جي باقي زندگيءَ جو خاڪو به انهن ڳالهين کي
خيال ۾ رکي قائم ڪيو ويو هو. ڏٺو ويندو ته هنن
ڳالهين جي خيال کان سنڌي ادب ۽ روسي ادب جي محرڪن
۾ فرق آهي. سنڌ ۾ جيڪو معاشرو قائم ٿيندو رهيو آهي
۽ هاڻ ٿي رهيو آهي، اهو نظرياتي ڇڪتاڻ جي بنياد تي
قائم ڪونه ٿيو آهي. سنڌي سماج ۾ افرادي قوت جو
سرچشمو نظريو نه پر هڪ غير ماثر سماجي عمل رهيو
آهي (جيڪو اسان جي سوشالاجسٽ جي لاءِ ڪافي
منجهائيندڙ آهي). سنڌي سماج، روايت، وهم، مٿ،
عقيدي، نرالي صلاحيت ۽ مخصوص جاگرافيائي حالتن جي
پيداوار آهي. هن طرح اسان جو ادب به فقط انهن ئي
ڳالهين جي پيداوار آهي، جيڪي اسان جي سماج کي پيدا
ڪنديون رهيون آهن. ڏاهو تاريخدان ۽ تدبر وارو اديب
هنن ڳالهين کي سمجهي ٿو. اهو ادب جيڪو نظريات جي
پيداوار آهي، اهو نظرياتي ڇڪتاڻ جو قائل هوندو آهي
۽ اهو ادب جيڪو روايت ۽ ٻين مٿي ڏيکاريل ڳالهين جي
پيداوار هوندو آهي، سو بي اثر، ماٺيڻو، تنزل ڏي
مائل ۽ غيرتاريخي هوندو آهي. نظرياتي ادب بيقرار
ٿئي ٿو، ان جو ڪردار تاريخي ۽ انقلابي هوندو هو،
پر هن ڳالهه جو تعلق وري انهيءَ ڳالهه سان آهي ته
ادب جو محرڪ نظريو پاڻ ڪيتري قدر تاريخي ۽ انقلابي
آهي. هن طرح اسان جي اڳيان اهو سوال وڌيڪ صفائيءَ
سان اڀري اچي ٿو ته سنڌي ادب جي تنقيد لکڻ ۾ اسان
سماجن ۽ اڀرندڙ يا وڌي ايندڙ نظرين کي به خيال ۾
رکي سگهون ٿا يا نه. هن سوال جو وڏو تعلق سنڌ جي
تاريخ سان به آهي ۽ تاريخ تي به اڃا سوڌو اسان جي
تحقيق ناڪافي آهي. اها مشڪل به وڏي مشڪل آهي. هن
طرح اسان جي اڳيان جيڪو سنڌي اديب جو ڪردار آهي،
اهو اهو نه آهي جيڪو نون ۽ پرزور سماجن ۾ادب کي
ادا ڪرڻو پوندو آهي. مون پنهنجي هڪ مضمون (سنڌي
ٻولي جو سماجي ڪردار) ۾ ٻولي جي عام رواجي ڍنگن
جي اڀياس ڪندي، اهو ڏيکاريو آهي ته نڙ جا بيت،
ڳجهارتون ۽ ٻيون اهڙيون شيون سنڌي ادب ۾ جو پيدا
ٿيون آهن، ته آخر انهن جا ڪهڙا سماجي محرڪ آهن! هت
به آءُ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيڻ ٿو گهران ته سنڌي
ادب جو محرڪ ته غيرنظرياتي ۽ مبهم سماجي عمل آهي.
انهن ڳالهين جي بنياد تي آءٌ چوڻ ٿو گهران ته سنڌي
ادب جي ڪردار کي سڌارڻ ۽ ان کي ڀروسي جهڙو بڻائڻ
جي لاءِ اسان کي پنهنجي سماجي مسئلن ۽ انهن جي حل
ڪرڻ جي طريقن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. هي اڀياسي
سماجياتي اڀياس آهي ۽ هن طرح سنڌي ادب جي تنقيد
رڳو ادب جي شعبن ۾ نه پر سماجياتي، تاريخ،
سنڌالاجي ۽ ٻوليءَ جي شعبي ۾ به لکي ويندي. هن
باري ۾ ڪي اهم صلاحون آءٌ هيٺ لکان ٿو.
سنڌ جي ادبي تاريخ کي هڪ وڏيءَ تحقيقي صلاحيت جي آڌار تي لکيو
وڃي.
سنڌي سماج جي اڀياس جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪردار تي ڪيل ڪم کي شايع ڪيو وڃي.
سنڌي ادب ۾ نئين جدوجهد کي بحث هيٺ آندو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي نظرياتي ادب تي تحقيق ڪرائي وڃي.
۽ ادب، تنقيد ۽ تاريخ ۾ نون نظرين جي اڀياس جي
لاءِ يونيورسٽي ۾ هڪ نئون شعبو قائم ڪيو وڃي (هي
شعبو سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ به قائم ٿي سگهي ٿو.)
آءٌ ڀانيان ٿو ته جيسين اسان پنهنجي ادب جو ڪلياتي ۽ همه گير
اڀياس نه ڪنداسون، اسان جي مستقبل جو ادب ڀروسي
جهڙو ڪردار ادا ڪري نه سگهندو.
(14) نظرياتي تنقيد جي تنقيدي حيثيت؛ جيئن اسان مٿي ڏيکاريو
آهي، نظرياتي تنقيد هميشه پرچار ۽ تبليغ جو وسيلو
رهي آهي. نظرياتي تنقيد جو ماهر هڪ پرچارڪ ٿئي ٿو.
هو ادب ۾ پنهنجي نظريي جي قوت ڏسڻ ٿو گهري. هو
چاهي ٿو ته سڄو ادب هن جي نظريي جي ترقيءَ جي لاءِ
ڪم اچي. ان ڪري هو نظرياتي تنقيد جي اڏامن کي وسيع
ڪري ٿو ۽ ان ۾ مذهب، اخلاقيات ۽ ادب جي نظامن کي
شامل ڪري ٿو. ادب ۽ مذهب واري پنهنجي مضمون ۾
ايليٽ لکي ٿو؛ ادبي تنقيد جي تڪميل انهيءَ تنقيد
سان ٿيڻ گهرجي، جنهن کي واضح اخلاقياتي ۽ مذهبي
(Theological)
اصولن جي حمايت هجي (1).
(Five Approaches of Literary Critieism, 1962, P.43)
پر ٻئي طرح خالص نظرياتي تنقيد جي لاءِ ضروري نه
آهي ته اها آرٽ، سماجيات، نفسيات ۽ جماليات جي
تقاضائن کي پورو ڪري. اهڙي تنقيد ادب ۾ قدر ۽
ايجاد
(Discovery)
کي به ڏسڻ ضروري نه ٿي سمجهي. نظرياتي تنقيد جي
اصولن جي پابندي ڪرڻ سان ڪلچرن جي تصادم ۽ نظرين
جي ٽڪر جو امڪان برابر موجود رهي ٿو، پر اهو به
ممڪن آهي ته نظرياتي تنقيد دنيا جي سڄي ادب تي
پنهنجا فيصلا صادر ڪري نه سگهي، ڇوته تمام گهڻو
ادب هاڻي نظريات جي تبليغ لاءِ لکيو نه ٿو وڃي.
وري هڪڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته نظرياتي تنقيد کي
خالص ادبي تنقيد چئي نه ٿو سگهجي. ڇوته نظريو
زندگيءَ جي هڪ راهه مقرر ڪري ٿو، پر ادب زندگيءَ
جي سڀني راهن تي حاوي هجڻ جو دعويدار پئي رهيو
آهي، نظرياتي تنقيد ڪلچري تنوع جي باب ۾ به هڪ وڏي
رڪاوٽ ثابت ٿئي ٿي. نظريا انسان جي ارتقا جي اصولن
جا پائبند ڪونه ٿا ٿين، ان ڪري اهڙيءَ تنقيد جي
بنياد تي ادب جي هڪ مربوط تاريخ لکي نه ٿي سگهجي.
پر نظرياتي تنقيد انقلابي قوت رکي ٿي. اها ادب ۾ جوش ڀري ٿي ۽
سماج ۾ ولولو پيدا ڪري ٿي. اهڙيءَ تنقيد جا اصول
واضح ۽ مضبوط ٿين ٿا، ڇوته انهن کي پيدا ڪرڻ وارا
پاڻ عالم ۽ انقلابي ٿين ٿا. نظرياتي تنقيد ادب جي
فقط اهم ڪردار سان تعلق رکي ٿي، ان ڪري نظرياتي
تنقيد جي مدد سان ادب جو هڪ مضبوط ڪردار به سمجهي
سگهجي ٿو.
البت تنقيد جو نظرياتي يا غيرنظرياتي هجڻ انهيءَ ڳالهه تي مدار
رکي ٿو ته ادب جو سماج نظرياتي آهي يا غيرنظرياتي.
|