سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :10

افسوس آهي، جو اهي آرٽسٽ به آهن، جي نه ته پنهنجي آرٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نه وري ائين ڪرڻ جي قابل ۽ لائق آهن. وري منجهانئن جيڪي اها سمجهائڻ واري ڪوشش ڪن ٿا، انهن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ خود سمجهائڻ جو وسيلو يعني ٻولي آهي، جنهن تي هر آرٽسٽ کي عبور حاصل ڪونهي.

آرٽس جي اپت توڙي انهن جي اها حيثيت جنهن مطابق آهي، هڪ کان ٻئي تائين پهچايا وڃن ٿا، انهن کي وٿن جي نظريي (Theory of Value) ۾ وڏي اهميت آهي. دراصل آرٽس اسان جي انهن وٿن جا گنج يا خزانا آهن، جيڪي اسان رڪاڊ تي آنديون آهن ۽ آڻيون ٿا. اها حقيقت آهي ته نه شاعر فيلسوف آهي، نه آرٽسٽ ملو. آرٽسٽ جو وڏو ڪم اهو آهي ته اهو ٻڌائي ته مشاهدن يا تجربن مان ڪهڙا وڌيڪ اهميت وارا آهن ۽ ڪهڙا نه آهن.

(13) وٿ (Value) ۽ تنقيدنگار؛ ڪوبه گهڻو ڪري وٿ جي باري ۾ پاڻ کي غيرجانبدار رکي ڪونه ٿو سگهي. اسان پڙهندڙن لاءِ ضروري آهي ته اسان انهن ماڻهن جي مدد ۾ ڪجهه ڪري سگهون، جيڪي چو ٿا ته آرٽ جي اهميت رڳو وٿن جي ڪري آهي. هن باري ۾ اسان کي وٿن جي هڪ عام نظريي (A general theory of Value) جي ضرورت آهي. جنهن مطابق اسان آرٽس جي اهميت ۽ انهن جي ضرورت جو فيصلو ڪري سگهون. شايد وٿن جو هڪ جامع سرشتو اسان جي هن باري ۾ ڪا مدد ڪري سگهندو.

وٿن جو اهڙو نظريو اسان کي رڳو تڏهن ملي سگهندو، جڏهن انهن سوالن جا جواب لهون ته-

ادب ۾ چڱو يا سٺو ڇا آهي؟

آرٽس ڇا کي ٿو چئجي؟

(14) قدر يا وٿ جو نظريو؛ مشاهدي (Experience) کي قسمن ۾ورهائڻ جو ڪم ڪو ڏکيو ڪونه آهي، پر هن حالت ۾ مشادي جو لفظ ٽن معنائن ۾ ڪم ايندو.

(1) ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي معنيٰ ۾.

(2) ذهن جي حالت جي ڪنهن واقعي جي معنيٰ ۾.

(3) انهيءَ حالت جي معنيٰ ۾، جنهن جي تحت ذهن ڪم ڪري ٿو.

مشاهدا هتي ڄڻ عملن جي معنيٰ ۾ ڪم ايندا. انهيءَ ڪري جيئن عمل (Activities) چڱا يا برا ٿي ٿا سگهن، تيئن مشاهدا به چڱا يا برا ٿي سگهن ٿا.

مشاهدا ڪڏهن ته ڪمائتا (Valueable) به سڏيا ويا آهن. اڄڪلهه تجربن جي باري ۾ بحث رڳو انهيءَ حد تي پهتو آهي ته-

قدر وارا (Value able) يا قدر کان عاري (Value less) مشاهدا نفسيات ۾ چڱي ريت بيان ڪري سگهجن ٿا يا نه.

انهيءَ باري ۾ اخلاقيات (Ethics) يا ڪنهن ٻئي اهڙي شئي کان ڪم وٺي سگهجي ٿو يا نه.

پهرين نقطي جي باري ۾ اسان کي گهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي، ڇو ته اهو نقطو اڳ ۾ ئي صاف ڪيو ويو آهي(1).

ڊاڪٽر مور جي چوڻ مطابق جڏهن اسان چئون ٿا ته ڪو مشاهدو سٺو آهي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ۾ ڪانه ڪا اهڙي اخلاقي وصف موجود آهي، جيڪا محض نفسياتي وصف ۾ اچي ڪانه ٿي سگهي. اها ڳالهه به ڊاڪٽر مور چئي ڇڏي آهي ته اهڙيءَ اخلاقياتي وصف کي وڌيڪ ڇيد ڪرڻ جي وسيلي وڌيڪ سمجهائي نه ٿو سگهجي.

جنهن شئي کي سچ يا حق ٿو چئجي، تنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون اچي ٿيون وڃن؛-

سچو يا حقيقي پنهنجو پاڻ ۾ ئي (Intrinsically) سچو يا حقيقي آهي.

سچ پڌر پٽ پيو آهي، اهو ڪنهن به فلسفي يا ٻئي طريقي کانسواءِ به سمجهي ٿو سگهجي.

سچ جا ڀاڱا يا ڳڀا ڪري نه ٿا سگهجن. سچ هڪ ئي حقيقت آهي. ان جو هر حصو سچ آهي.

هاڻي قدر جي نظريي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو انهن شين کي بيان ڪري، جن ۾ سچ ۽ رڳو سچ هجي. اهڙيءَ حالت ۾ قدر جي نظريي کي مقاصد (Ends) يا وسيلن (Means) جي وچ ۾ فرق معلوم ڪرڻو آهي. مقاصد پنهنجو پاڻ ۾ ئي سچ آهن. وسيلا رڳو ان ڪري سچ جي دائري ۾ اچن ٿا، جو انهن وسيلي سچ حاصل ڪجي ٿو.

رچرڊس جو قدر وارو نظريو، جيئن مسٽر ڪونراڊ (Conrad) ٿو چوي، غيراضافي (Non-relativistic) آهي.

رچرڊس محض (Absolute Value) ڏانهن موٽي آيو آهي، جنهن کي ادب ۽ ادبي تنقيد مان اڳ ۾ هڪالي ڪڍيو ويو هو. رچرڊس ان تنقيد جو جواب ڏئي ٿو. چوي ٿو ته ”منهنجي لکڻ ۽ چوڻ جو مطلب رڳو اهو آهي ته جدا جدا قدر ۽ وٿون رکن ٿا (هڪ نظم ۾ جيترا تجربا اوتريون وٿون). اسان کي انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪري سمجهڻو آهي. ان ڪري هڪ نظم ۾ هڪ تجربن جو وڏو مانڊاڻ آهي.هو چوي ٿو ته منهنجي خيال ۾ سٺي ۾ سٺي حياتي اها آهي، جنهن ۾ممڪن حد تائين اسان جي ممڪن حياتي به شامل هجي. ڏسجي پيو ته هو ادب يا آرٽ مان زندگيءَ کي خارج نه ٿو ڪري. ان ڪري ئي قدر جو نظريو هن لاءِ هڪ خاص ڳالهه ۽ هڪ وڏي ڳالهه آهي، جنهن ۾ هن قدر کي ڪي خصوصيتون ڏنيون آهن،پر ان جو مطلب تصوراتي نظريو نه آهي.

نظريو جيڪو هو ڏيڻ ٿو گهري، سو هي آهي ته اسان جڏهن هڪ شخص جي حالت ۾ جدا جدا مشاهدا معلوم ڪريون ٿا، ته ڇونه اسان خود جدا جدا شخصن کي جاچي ڏسون ته جيئن انهن جا جدا جدا مشاهدا معلوم ٿي سگهن. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته قدر جي نظريي کي غيراضافي هئڻ جي بجاءِ وڌيڪ خصوصياتي بڻايو ويو آهي. شخصيتن کي سمجهڻ لاءِ جماليات، اخلاقيات ۽ نفسيات اڃان انهيءَ حد تي نه پهتيون آهن، جتي اسان انهن کي هڪ طبعي سائنس جي ماهر جي طريقي سان ڪم آڻي سگهون.

رچرڊس چوي ٿو ته ”اسان جي قدر جي نظريي ۾ انسان جي سڄي تاريخ، سڄي مقدر جو سڄو علم اچي ٿو وڃي. ان ڪري قدر جي نظريي تي فيصلو ڏيڻ ڪو آسان ڪم ڪونه آهي“(ص 288).

(15) شعر جي ڇنڊڇاڻ؛ تجربن، مشاهدن ۽ قدرن جي بنياد تي آرٽ کي پيش ڪرڻ کانپوءِ هاڻي سوال ٿو اٿي ته اهڙي قسم جي ڪنهن ادب جي ڇنڊڇاڻ ڪيئن ڪرڻي پوندي. رچرڊس هن باري ۾ به مدد ڪري ٿو. چوي ٿو ته تنقيد ڪرڻ واري لاءِ ٽي قابليتون تمام ضروري آهن؛-

(1) نظم هڪ آرٽ جو شاهڪار آهي. ان ڪري ان کي فقط ان طريقي سان ڏسڻو آهي، جنهن سان آرٽ کي ڏسڻ جڳائي. ان ڪري تنقيد واري جو ڌيان پورو آرٽ جي خصوصيت ڏانهن هجي.

(2) هر نظم ۾ ڪيترائي مشاهدا ٿين ٿا.تنقيد ڪرڻ واري لاءِ ان ڪري ضروري آهي ته هو سڀ مشاهدا جدا جدا ڪري سگهي.

(3) تنقيد ڪرڻ واري ۾ قدر سمجهڻ، پرکڻ ۽ جاچڻ جي وڏي صلاحيت هجي. (4) تجربا ذهن ۾ڪي ڪيفيتون پيدا ڪن ٿا. اهي ڪيفيتون نفسيات سان تعلق رکن ٿيون. ان ڪري ان کي نفسيات جي اصولن جي واقفيت ضرور هجي(ص 114).

مثال ڏيندي رچرڊس سمجهائي ٿو؛ ”هارڊي ۽ سوائن برن جي ٻن نظمن ۾ جيڪو بنيادي فرق عام طور تي مڃي ٿو سگهجي سو هي آهي؛-

لفظن جو استعمال ٻنهي جو جدا جدا آهي.

طريقو به ٻنهي جو جدا جدا آهي.

اهڙيءَ طرح پڙهڻ واري جو طريقو ۽ حاصلات به ٻنهي حالتن ۾ جدا جدا ٿيندي.

هاڻي جيڪڏهن هنن ٻنهي نظمن سان هڪجهڙي هلت ڪبي ته ٻنهي شاعرن سان ناانصافي ٿيندي. اهڙيءَ ريت تنقيد جي هڪ غلط طريقي جو بنياد پوندو. پوپ  (Pope) شيلي ٿي نه ٿو سگهي، پر ان لاءِ ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي، سو معلوم ڪرڻو پوندو.

جڏهن ڪنهن نظم کي پڙهجي ٿو، تڏهن حقيقت ۾ ٿئي هيئن ٿو، جو هڪ ئي ردعمل ۾ ڇهه جدا جدا واقعا رونما ٿين ٿا، اهي هي آهن؛

ڇپيل لفظن جو نظري (Visual) احساس.

نظري عڪس، جيڪي اهڙي نظري احساس سان ڳنڍيل آهن.

مختلف قسمن جا ٻيا عڪس.

مختلف شين جي باري ۾ سوچ يا حوالو.

اڌما يا جذبا (Emotional aspect).

ردعمل (Re-action)، جيڪو ذهن تي ڪو اثر ڪري ٿو.

رچرڊس ڪي عڪس به ڏئي ٿو، جيڪي عام طور تي ڪم نه آندا ويا آهن؛-

پختا عڪس (Tied images) جيئن-

چپن، زبان ۽ گلي جي احساس جو عڪس (Image of articulation) ۽ حسي عڪس (Sensory image) هنن جون ٽي خاصيتون ٿين ٿيون.:

الف؛ سچائي (Varacity)،

ب؛ چٽائي (Clearness)،

ت؛ پورائي (Fulness of detail)

عڪس ۾وڏي ڳالهه ان جو ڪردار (Character) آهي، جيڪو عڪس جي حيثيت سان اهو ادا ڪري ٿو.

آزاد عڪس-

هي نظري يا معنوي عڪس آهي. هن جو اثر ذهن جي اک تي پوي ٿو. هي عڪس تنقيدي ادب ۾ خاص جاءِ والاري ٿو، ۽ هن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا.*

 (16) شاعريءَ جون اوڻايون؛ الف- شعر جي وصف؛ ”شعر انهن تجربن جي هڪ گروهه، ڪلاس يا ميڙ کي ٿو چئجي، جيڪي هڪٻئي کان نه رڳو هڪ حد تائين مختلف ٿي ٿا سگهن، پر هڪٻئي کان پنهنجي جدا جدا ڪردار جي ڪري به مختلف آهن. ڇوته انهن مان هر هڪ مان ڪونه ڪو معياري تجربو حاصل ٿئي ٿو“(ص 226).

اهو معيار تجربو شاعر جو اهو تجربو آهي، جيڪو هو ان وقت ڪري رهيو آهي، جنهن وقت هو شعر پورو ڪري رهيو آهي“ (ص 227).

شعر جي اوڻاين جو اڀياس گهڻو ڪونه ڪيو ويو آهي. سچ پچ ته اها ڳالهه آهي به ڏکي، ڇوته شعر جي وٿ يا قدر ۽ شعر جو اظهار ٻيئي جدا ٿي نه ٿا سگهن.

”شعر جي بيان ڪرڻ ۾ اوڻائي ٿي يا ان ۾ آندل ڳالهه جي سمجهڻ يا سمجهائڻ ۾ اوڻائي ٿي، ته ڄڻ خود شعر ۾ اوڻائي ٿي“(ص 199).

اظهار خود به بيڪار هوندو آهي يا ان ۾ آيل وٿ بيڪار هوندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته شعر جي ناقص هجڻ جا اهي ٻيئي سبب هوندا آهن.

چڱو ائين آهي ته شعر جي اوڻاين واري مضمون کي انهيءَ دائري ۾ئي رکجي. ڏسڻو هي آهي ته ضروري اظهار ته ٿئي پر جا شئي اظهار هيٺ آڻجي (يعني شعر يا آرٽ جي ڪنهن به نموني ۾)، اها پاڻ به ڪمزور نه هجي. پر تنقيد ڪرڻ وارا ائين ڪونه ٿا ڪن. اهي اها جاکوڙ ڪن ئي ڪونه ٿا.

ارسطو ائين چوڻ ۾ غلط نه هو ته آرٽ جي هر صورت ۾ ڪونه ڪو عروج يا مايو (Magnitude) ضرور هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته عام رواجي شعر جي لاءِ شاعري پڙهڻ واري وٽان وڏيون اميدون ٿو رکي ۽ ڪڏهن ته وري تمام وڏيءَ ڳالهه لاءِ به سمجهي ٿو ته پڙهندڙ قابل آهي، پاڻ سمجهي ٿو. حقيقت ۾ پڙهندڙن مان به اميد رڳي ايتري رکجي جيتري خود شاعر جي پنهنجي شعر جي صلاحيت هجي.

ٿوري ڳالهه ۾ ننڍڙي نقطي کي ڊيگهه سان بيان ڪرڻ هروڀرو شعر جو حسن ڪونه ٿو وڌائي. ائين ته پاڻ شعر جو حسن گهٽ ٿيو پوي.

اڄڪلهه ادب يا آرٽ ۾ اوڻايون ان ڪري آهن، جو آرٽسٽ يا اديب انهن سان اجايون ۽ غيرسنجيده ڳالهيون به لاڳو ڪن ٿا.

رڳو ايتري ڳالهه ته سهڻي ڇوڪريءَ لاءِ معيار ڪهڙا هجن ۽ سهڻي جوان لاءِ ڪهڙا- سابه رسالن جي ٻاهرين ڪورن يا فلمي اداڪارن جي وسيلي حل ٿئي ٿي. حالانڪه ڳالهه ته عام ۽ سڀاويڪ هئي ۽ انتهائي ذاتي تجربي جي هئي.

اهو عام ويساهه ته آرٽ جو اثر عام ماڻهوءَ تي تمام گهٽ ٿو پوي، انهيءَ سبب جي ڪري آهي، جو اوڻاين واري آرٽ کي سڌارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. اهو آرٽ، جنهن جو اثر گهٽ ٿو ٿئي، ان ۾ ڪي اوڻايون ٿين ٿيون. سستو ۽ بازاري ادب، جو مشهور ٿيو آهي، ته انهيءَ صورتحال جو سبب اهو آهي ته اهو پڙهڻ واري جي پنهنجي گڏيل ۽ دل ۾ رکيل ويساهن (Stock Responses) کي خيال ۾ رکي لکيو وڃي.

شاعر ۽ ڍنڍورائي هڪجهڙا ڪونه آهن. اهڙيءَ ريت نقا ۽ دڪاندار ۾ فرق آهي.

شاعريءَ جو مونجهارو (Ambiguity) پڙهڻ واري جي ڪري به ٿئي ٿو، ته لکڻ واري جي ڪري به. وڌيڪ اهم ۽ ٻائيتال پيدا ڪندڙ اهي مونجهارا آهن، جيڪي پڙهڻ واري جي پنهنجي ذوق (Taste)، فئشن ۽ موڊ (Mood) تي مدار رکن ٿا.

(17) ڪجهه نظم جي تنقيد جي باري ۾ اڃا ڌيڪو؛ خالص تنقيد جي خيال کان نقاد لاءِ پهريون ضروري فرض اهو آهي ته هو آرٽ جي ٻن نقطن (1) اظهار (Communication) ۽ (2) قدر (Value) جو پورو پورو خيال رکي، آرٽ ڇا آهي؟ انهيءَ ڳالهه کي ئي ڇڏي ڏجي، ڇوته آرٽ جي تعريف جو آخر فائدو ئي ڪهڙو ٿيندو! ضرورت رڳو انهيءَ ڳالهه جي آهي ته آرٽ جي ڪنهن شاهڪار ۾هڪ قسم جي ڪانڍ، سڏ، للڪار يا اپيل هجي. جيڪڏهن آرٽ جي ڪنهن ڳالهه ۾ اها ڳالهه ڪانه آهي، ته پوءِ اسان ان آرٽ جي قدر جو به انڪار ڪري ٿا سگهون. ظاهر آهي ته هت آرٽ جي اپيل مان مقصد اسلوب يا ڍنگ کانسواءِ اهو مواد به آهي، جيڪو خيال، جذبي، نظريي ۽ ٻوليءَ تي مدار رکي ٿو.

جيڪڏهن ڪو تنقيدنگار آرٽ ۾ ”قدر“ کي نه ٿو ڳولي يا ڳولي نه ٿو سگهي ته پوءِ هن جي تنقيد رڳو آتم ڪهاڻي جهڙي ٿي پوندي، جنهن ۾ پڙهندڙ لاءِ دلچسپيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانه هوندي، ۽ جنهن ۾دلچسپي به رڳو تنقيد لکندڙ پاڻ وٺي سگهندو.

ضروري آهي ته تنقيد ڪرڻ وارو عقلمند ماڻهو هجي. هن جو فيصلو عام طور تي قبول ڪرڻ جهڙو هجي. هن جي تنقيد ۾ اها لچڪ هجي جيڪا هر قسم جي ذهن کي فائدو پهچائي. هن جو مطلب اهو آهي ته تنقيد ڪرڻ وارو هر قسم جي تجربي کي بيان ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي، ڇوته هر ذهن جو تجربو جدا ۽ پنهنجي معيار مطابق ٿئي ٿو. مثال طور، شاهه جو شعر، ڪچي جي ڀاڳياڻيءَ، ڪاڇي جي مال واريءَ، سري جي هارياڻيءَ، وچولي جي پڙهيل عورت، ٿر جي ٿرياڻيءَ ۽ ڪراچي جي تمام سڌريل عورت کي سمجهائڻو پوي ته ڇا ڪبو؟ ظاهر آهي ته هر پڙهڻ واري ۽ تجربي رکڻ واري تائين شاهه جو شعر ان جي پنهنجي معيار ۽ سمجهه يا ان جي پنهنجي عقل ۽ تجربي جي خيال کان کڻي وڃڻو پوندو. هاڻي تجربا هر حال ۾ جدا جدا ٿيندا. مال واري شعر ٻڌندي ۽ وڻندس ته سمجهندي ته ڄڻ هن جي من جي ڪهاڻي آهي، ۽ هوءَ وري وري ان کي دهرائيندي. ٿرياڻي پنهنجي حصي جو شعر ٻڌندي، ته يا اڳ ۾ ئي ياد هوندس يا وري بسم الله ڪري کڻي اکين تي رکندي، ۽ پوءِ پيئي جهونگاريندي.(مون هڪڙيءَ سريلي کي هڪڙو شعر ٻڌايو هو. هئي اها به مالوند، رڍون چارنيدي هئي، ڳالهه ڪندي چيائين؛ ”عمر ٿي وئي آهي، اهي رڍون چاريندي. شل پيرن ۾ جاءِ ڏئيم! خدا خوش رکيس، رڳو راضي هجي!“ اهو پنهنجي مرد لاءِ ٿي چيائين. مون چيس؛ ”توهان جي ڳالهه ڀٽائيءَ به ٻڌائي آهي.“ چوڻ لڳي؛ ”صدقو ڀٽائي گهوٽ تان، ڀٽائي مالڪ آ، ڀلا ڇا چيئين؟“ مون چيو؛ چيو اٿس ته

”جيسين هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين!“

سال کان به گهڻو عرصو گذري ويو. اسان جي ٻنيءَ جو ٽڪرو انهن ماڻهن جي گهرن جي ڀرسان هو. ماسي، رڍون چاريندي ٿي ويئي. آءٌ رونبو ڪري رهيو هوس. پرڀرو بيهي، سڏ ڪري چوڻ لڳي؛ پورهئو ابا پڙهو! ڀٽائي سچ چيو آهي-

”جيسين هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.“

”من ”مرائي“ هڻي، هٿ ڌوئي، وڃي ماسيءَ جي پٺ ورتي. اسان پيرين اگهاڙا هلندا هلياسون ۽ هوءَ مون کي ٻيا بيت ٻڌائيندي هلي. اڄ ياد ٿو اچي ته هر بيت جي باري ۾ هن جو تجربو پنهنجو هو. هوءَ مطلب پنهنجي خيال کان بيان ڪري رهي هئي. هن جي مئي پڄاڻان ٻڌم ته مرڻ وقت به اهو ئي بيت ورجايو هئائين. مون سان مڙسهنس ڳالهه ڪئي هئي!)

هاڻي ساڳيو بيت ڪراچي جي ڊئو ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ شاگردياڻيءَ سان بيان ڪري ڏسجي ته معلوم ٿئي ته ”ورچي نه وهڻ“ ۽ ”ڀون پيهڻ“ مان هوءَ ڪهڙو ٿي مطلب ڪڍي!

رچرڊس جو خيال آهي ته اهي ئي ڳالهيون آهن، جن جو واسطو آرٽ جي اظهار سان آهي. وڏي مشڪل اها آهي ته ان جا ردعمل (Reactions) ۽ جوابي سڏ (Responses) به تمام مختلف ٿيندا. هاڻي اهائي ڳالهه آهي، جنهن ۾ تنقيد جو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي.

انهيءَ ڪري ئي رچرڊس چوي ٿو ته لئمب (Lamb) ۽ ڪولرج (Coleridge) آهن ته وڏا نقاد، پر عام ماڻهوءَ جي ڪم جا نه آهن، يا اهي جدا جدا طبيعتن، مزاجن، تجربن وارن ماڻهن جي ڪم جانه آهن. ان ڪري ائين چئبو ته اهي، سنڌي ٻوليءَ جي پٽاندڙ، ”چڙهيل“ يا ”وٽ کان چڙهيل“ آهن، ۽ تنقيد جي عام سطح (Norm) تي به پورا نه آهن.

رچرڊس پنهنجي من جي ڳالهه ڪندي، چوي ٿو؛ ”ڪو نه ڪو نقاد ته اهڙي ڪم يا انهيءَ پوزيشن جو به هجي، جيڪو چوي ته-

مان هن ڳالهه کي پسند نه ٿو ڪريان، پر مون کي خبر آهي ته هي ڳالهه آهي سٺي.

مان هن ڳالهه کي پسند ته ڪريان ٿو، پر مان ان کي ننديان ٿو.

مون تي هن نظم هي اثر ڪيو آهي، پر اصل ۾ ان کي هي اثر ڪرڻ گهرجي.

هن مان ظاهر آهي ته رچرڊس گهري ٿو ته ادبي فيصلو ۽ ادبي تشخص ٻه ڳالهيون هجن ته چڱو. ائين نه هئڻ گهرجي ته ادبي فيصلي کي شخصيتن جي آئيني ۾ ڏسجي.  اسان مان گهڻا اها غلطي ڪن ٿا. مثال طور عام خيال اهو آهي ته اياز جي شعر تي ڪو تنقيد ڪندو ته فقط فلاڻو صاحب ئي ڪندو. انهيءَ مان نقصان اهو ٿيو آهي، جو اڄ سوڌو گهڻن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي به خبر ڪانهي ته اياز چوي ڇا ٿو. اڃا وڏو نقصان اياز جي باري ۾ اهو ٿيو آهي، جو جيڪڏهن اهو صاحب ئي تنقيد ڪندو ته به ڪندو پنهنجي لئه (آءٌ اسلوب جو لفظ استعمال نه ٿو ڪريان) ۾. بس پوءِ اها هڪ ئي لئه هوندي، جنهن ۾ اياز کي ايندڙ نسل سمجهندا ۽ اهو هڪ ئي عالم هوندو، جيڪو اياز کي ايندڙ نسلن تائين پهچائيندو يعني اهي سڀ تجربا ۽ مشاهدا کوليندو ۽ پوءِ هرڪو ان حالت ۾ هر تجربي جو ميدان ڳوليندو، ۽ پوءِ اياز جي شعر جي وٿ (Value) جي پسندي ٿيندي ۽ پوءِ دنيا کي معلوم ٿي ويندو ته ويهينءَ صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ سنڌ ڪيڏو نه وڏو ماڻهو يا وڏو شاعر پيدا ڪيو آهي. هڪڙي دفعي مون پنهنجي هڪڙي عالم سان ڳالهه چوري ته ”آءٌ اياز جو شعر پڙهان ۽ ان بابت لکان ته توهان جو رايو ڇا آهي؟“ ته ڪاوڙجي چيائين، ”تون بس ڪري پنهنجو ڪم ڪر!“ انهن ئي ماڻهن کي ”ادبي نقصانڪار“ چئي ٿو سگهجي.

آرٽ بابت، جيئن رچرڊس چيو آهي، اسان کي چئن قسمن جي تجربي تي لکڻ گهرجي. اهي هي آهن؛

آرٽسٽ جو تجربو،

پڙهندڙ جو تجربو،

تمام قابل پڙهندڙ جو تجربو، ۽

تنقيدنگار يا اسان جو پنهنجو تجربو.

هنن تجربن جي باري ۾ مون اڳ ۾ ئي بيان ڪيو آهي ته تجربا جدا ٿين ٿا، ۽ انهيءَ حوالي سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

ڪي ماڻهو شعر کي آرٽسٽ جو تجربو ٿا سمجهن ۽ ڪي ان کي تنقيد واري جو تجربو. گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه رچرڊس جهڙي عالم جي سند سان درست آهي. اهي ماڻهو اظهار جي تجربي کي وچ ۾ آڻين ئي ڪونه ٿا. ان ڪري آرٽسٽ ۽ تنقيد ڪرڻ واري جو تجربو هڪ ڳالهه ٿيو پوي. اها ڳالهه به غلط آهي. ڇو ته اصل ڳالهه ته نه آرٽسٽ آهي نه تنقيدنگار. اصل ڳالهه ته پڙهندڙ آهي، جيڪو هڪ هڪ جدا تجربو رکي ٿو. عقل جي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ اسان کي پڙهندڙن جا تجربا پيدا ڪرڻ، سڌارڻ ۽ وڌائڻ گهرجن. ٻي حالت ۾ اسان جي تهذيب کي ڪوبه بچائي نه سگهندو. هيءَ ڳالهه آءٌ پوري ذميواريءَ سان ۽ فيصلي طور چئي رهيو آهيان.

رچرڊس چوي ٿو؛ ”تجربو ته ڪوبه اڪيلو نه ٿيندو آهي. تجربنجو ته هڪ ڪلاس ٿئي ٿو. ان ڪري هڪ ئي شعر ۾ گهڻا تجربا هجن ٿا. پر اهي سڀ هڪ ئي طريقي، هڪ ئي ڪلاس جا ٿين ٿا، جيڪي هڪ ئي موضوع هيٺ آڻجن ٿا. ڇا، هن ڳالهه ۾ اسان لاءِ ڪو سبق ڪونهي. ڇا، شاهه جو شعر اهڙيءَ طرح سمجهائڻ کان  اسان لنوائي ٿا سگهون!

(18) آرٽ جو ڪم؛

(1) آرٽ تجربا ڏئي ٿو ۽ پهچائي ٿو.

(2) آرٽ اهي تجربا مختلف ذهنن تائين مختلف نمونن سان پهچائي ٿو.

(3) آرٽ مقصد نه پر وسيلو به آهي، جنهن سان تجربا خود آرٽسٽ جي ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا.

(4) آرٽ جي تجربن پيدا ڪرڻ جو ڪم آرٽ کانسواءِ ممڪن نه هو.(ص 228.)

(19) تصورات (Imaginations)؛

ڇهه معنائون، ڇهه ڪم-

نوان نوان عڪس پيدا ڪرڻ، جئين نظري عڪس آهن.

ضايع استعمال ڪرڻ.

اهو تصور، جنهن ۾ ماڻهن جي جذبات جون ڪيفيتون بيان ڪيون وڃن.

اهو تصور، جنهن مان اپت (Discovery) ۽ کوجنا (Inrentirenesrs) پيدا ٿئي ٿي.

سائنسي تصور (Scientific Imagination).

بنيادي ڀڃ گهڙ ۽ ٺاهه ٺوهه جو تصور (The original Formation).

جيئن ڪولرج چوي ٿو (ترجمو نه ٿو ڪريان، ٻوليءَ جو مزو نه وڃي.)

That synthetic and magical Power to which we have exclusively appropriated the name of Imagination…….

Reveals itself in the balance or reconciliation of opposite or discordant qualities……

 

The sense of novelty and freshness with old fresh objects, a more than usual stage of emotion with more than usual Order, judgement ever a wake and steady, self-possession with enthusiasm, and feeling profound and vehement.”(1)

 

جيئن ورڊس ورٿ چوي ٿو-

I have felt a presence that disturbs me with joy of elevated thought: a sense sublime, of some thing far more deeply interfused, whose dwelling  is the light of setting suns and the round ocean and the living air and the blue sky, and in the mind of man: A motion and a spirit that impinges on all thinking things, all objects of all thought, and rolls through all things.(2)

جيئن رچرڊس چوي ٿو-

”ڪولرج- ڪولرج جي اها دعوا سچي آهي ته هن پنهنجي آڱر شاعريءَ جي ضروري خصوصيتن تي ايتري قدر ويجهي رکي آهي، جو ٻئي ڪنهن به نه رکي هئي. شاعري هن جي نظر ۾ سڄي ساري هڪڙي تجربي (Experience) جهڙي آهي، جنهن ۾ قدر (Value) موجود آهي.

”ورڊس ورٿ- هن ۾ تصورات نه آهن، توڙي جو انهيءَ جا وٽس مثال به ملن ٿا. پر ورڊس ورٿ جو هڪ اهڙو تصوراتي تجربو آهي، جنهن کي (Pantheistic) چئي سگهجي ٿو.“

وري جئين ورڊس ورٿ چوي ٿو-

”شعر جو مقصد سچ آهي- سچ اهو جيڪو ذاتي ۽ مقامي نه آهي، پر عام ۽ متحرڪ آهي. سچ اهو، جيڪو پنهنجي شاهدي پاڻ آهي (1).

سچ؛-

ڳالهه اها سچي آهي، جنهن ۾ اهي سڀ شيون به گڏ ۽ هڪ هنڌ هجن ۽ ان حالت ۾ هجن، جنهن حالت ۾ انهن جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي. نه ته ٻي حالت ۾ اهو ڪوڙ ليکبو.

سچ اهو آهي، جنهن کي عام مقبوليت حاصل هجي.

سچ اهو آهي، جنهن ۾ايماندارانا سچائي جو عنصر موجود هجي.

ٻوليءَ جا استعمال؛-

سائنسي- جنهن ۾ ڪا ڳالهه سچي يا ڪوڙي ثابت ڪجي.

جذباتي- جنهن سان جذبا پيدا ڪجن ۽ دل جون ڪيفيتون پيدا ڪجن ۽ تاثر پيدا ڪن.“(ص 268).

۽ جيئن ارسطو چوي ٿو-

Truth and Revelation Theories.

شعر تاريخ کان وڌيڪ فلسفياڻو ۽ وڌيڪ سنجيده هوندو آهي. ڇوته شعر جي رستي ڪل (Universal) وڌيڪ بيان ڪري سگهجن ٿا. پر تاريخ ۾ رڳو جز (Particulars) اچن ٿا، (هن جو مطلب ته شعر وٽ سچ جي سچائي آهي ۽ عام ڪائنات جي حاوي ٿي سگهي ٿو، پر تاريخ جو سچ جزي آهي، ۽ رڳو قومن ۽ جاگرافيءَ جي ڀاڱي سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري شعر انساني تهذيب کي وڌائڻ ۽ سنوارڻ جو تمام وڏو ۽ طاقتور وسيلو آهي.) ارسطو هي ڳالهه پنهنجي ڪتاب “Poetics” جي نائين باب ۾ ڪئي آهي.

شعر جي ڪردار جي ٻي خصوصيت اها آهي ته ان ۾هڪ عظيم ساڳيائپ يا هڪجهڙائي (Verissimilitude) جي جهلڪ يا تصور آهي، جنهن ۾ اسان عام ماڻهو پنهنجي ڳالهه پسون ٿا، ۽ پاڻ کي ڏسون ٿا. هي ڳالهه هن “Poetics” جي پندرنهين باب ۾ڪئي آهي.

ڪجهه پنهنجي باري ۾؛

 مون ڊاڪٽر رچرڊس جو ڪتاب (Principles of Lit. Criticism) پڙهي پورو ڪيوآهي، مون جيڪي ان مان ضروري ۽ نظرياتي طور تي اهم سجهيو آهي، سو هتي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. تمام گهڻن هنڌن تي تجربا ڪرڻا پيا آهن. ترجمو هڪ جدا فن آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته مان ان فن کي پوريءَ طرح نڀائي نه سگهيو هجان.

مون رچرڊس جي ڪتاب جي ڪيترائي حصا ڇڏي ڏنا آهن، جو مون سمجهيو آهي ته ان جي نظرياتي خيال کان انهن حصن ۾ ڪو ضروري يا تمام ضروري مواد ڪونه هو.

آءٌ تفصيلات ۾ ڪونه ويو آهيان. تفصيلات ۾ وڃڻ جو ڪم انهيءَ ماڻهو جو آهي، جيڪو ڪتاب جو لفظ به لفظ ترجمو ڪري ۽ منهنجو مقصد ترجمو ڪرڻ ڪونه هو.

رچرڊس جي ٻولي ڪيتري ڏکي آهي، ان جو اندازو فقط اهي ڪري سگهندا، جن هن جا ڪتاب پاڻ انگريزيءَ ۾ پڙهيا هوندا. ان ڪري خود ترجمي جي ٻوليءَ ۾ پڻ منهنجي لاءِ هر هنڌ تي غلطي ڪرڻ جو امڪان موجود رهيو آهي.

مون هي ڪم رڳو هن ڪري هٿ ۾ کنيو آهي.  جو مون کي تنقيد جي مختلف ۽ تمام جديد نظرين تي لکڻو هو. ۽ ڇاڪاڻ ته رچرڊس جو هي ڪتاب منهنجي سٽا مطابق تمام ضروري هو، مون ان کي به مٿو ڏنو آهي، ۽ اسين پاڻ پتوڙي رهيا آهيون ته عالمن تائين نه پر عام يا وچولي طبقي جي ماڻهن تائين تنقيدي ادب جا جديد نظريا پهچايون، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي مواد وڌي، ۽ ٻيو ته اسان پنهنجن تحريرن کي پرکي ۽ جانچي سگهون. پڙهندڙ منهنجي مضمونن ۾ جيڪو به سڌارو ڪندا، سو آءٌ اکين تي رکندس. رڳو خطرو اهو آهي ته متان ڪي صاحب مورڳو چڙي نه وڃن. اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ اڳ ۾ ئي معافي ٿو گهران.

 

*


(1) More G.E. “Principia Ethica”, “Ethics”.

*  ڏسجي (1) ”عڪس (Image)“، الهداد ٻوهيو- سماهي ”مهراڻ“.

(2)”شاهه لطيف جي شاعري“، تنوير عباسي.

(1)  Coleridge “Biographia Literaria”, Vol.II PP. 12- 14.

(2)  Wordsworth: “Tintern Abber” (A Poem).

(1)  Wordsworth: “Preface to Lyrical Ballads”.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com