باب ٽيون
ادب جي اخلاقياتي تنقيد
(Literature and Moral Ideas)
ادب جي اخلاقيات؛ تنقيد جا جيڪي به نظريا اڄڪلهه ڪم ڪري رهيا
آهن، تن سڀني ۾ تنقيد جي هن پراڻي نظريي کي وڏي ۾
وڏي تاريخ آهي. افلاطون کان وٺي شاعر جي اخلاقي
حيثيت تي بحث ٿيندو آيو آهي. هورئس
(Horace)
شاعريءَ جي ڪارج ۽ ان جي خوبيءَ تي وڏو زور ڏو
آهي، فلپ سڊني به ساڳين خيالن جو هو. ڊاڪٽر جانسن،
جيڪو وڏو ذهين ماڻهو هو، تنهن به شاعرن کي اخلاقي
معيار تي ڏٺو آهي(1).
آرنولڊ آرٽ ۾ انتهائي سنجيدگي
(High Seriousness) ڏسڻ جو خواهان هو، جا
ڳالهه هن وٽ هڪ اخلاقي ڳالهه آهي.
هي سڀ عالم ادب ۾ به ڳالهيون گڏ ڏسڻ ٿا گهرن؛
اها ادا يا ادائيگي، جنهن سان ڪا ادبي شئي مخصوص ٿئي ٿي، ۽ (2)
اهو مواد يا اهو مفهوم، جيڪو ڪا ادبي شئي ڏئي ٿي.
پر وڏو زور مواد
(Text)
جي مفهوم تي ڏنو ٿو وڃي.
هن سلسلي ۾ مفهوم کي وري انهيءَ ڳالهه تي پرکيو ٿو وڃي ته اهو
رائج الوقت وٿن ۽ مذهبي توڙي ڪلچري روايتن جو حامل
آهي يا نه. تنقيد جي هن خيال پٽاندڙ رائج نظرين ۽
وٿن يا قدرن جي انڪار يا مخالفت کي ملڪ دشمني، ڪفر
يا بغاوت سمجهيو ٿو وڃي. اها تنقيد، جيڪا اڄڪلهه
ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي ڪئي ٿي وڃي، سا انهيءَ
ئي قسم جي اخلاقياتي تنقيد آهي. اها ٻي ڳالهه آهي
ته خود ترقي پسندي به پنهنجي ليکي هڪ اخلاقياتي
نظام جو نالو آهي، ۽ ان جي اها ئي ڳالهه مٿس
مخالفن جي اخلاقياتي تنقيد جو جارحانه يا
مدافعانه جواز پيش ڪري ٿي. دراصل ادب ۾ هن قسم جي
تنقيد جو سماجي جواز به هر انهيءَ دور ۾ پيدا ٿئي
ٿو، جنهن ۾ اخلاقي معيار مٽجڻ شروع ٿا ڪن.
اهي عالم جيڪي وڏو زور ادا يا ادائگي تي ڏين ٿا، سي اسان وٽ
فارملسٽ
(Formalist)
ٿا سڏجن. هنن جو موضوع آهي ڪيئن
(How).
هو طريقن جا پابند آهن. پر اهي جيڪي ڪنهن ادبي شئي
۾ رڳو مفهوم ۽ معنيٰ کي جاچين ٿا، سي اهو ٿا ڏسڻ
گهرن ته اصل شئي ۾ معنيٰ ڪهڙو ڪم ٿي ڪري. هي ماڻهو
ادب ۾ ڇا
(What)
جانچي رهيا آهن.
ويهين صديءَ ۾ جيڪي عالم ڪنهن ادبي شئي ۾ اخلاقي قدر ڏسڻ ٿا
گهرن، تن کي نيو هيومنسٽ
(Neo- humanist)
چيو ٿو وڃي. هنن جو نظريو اهو آهي ته ادب زندگيءَ
جو نقاد آهي.
(Literature is a criticism of life)
هي عالم چون ٿا ته ادا يا ادائيگي ته رڳو هڪ وسيلو آهي. اصل
مقصد ته آهي اها شئي، جيڪا زندگيءَ کي متاثر ڪري
ٿي. هي عالم ادب جي ان پهلوءَ سان وڌيڪ واسطو رکن
ٿا، جيڪو انسان جي خيالات
(Ideas)
۽ سڀاويڪ لاڙن
(Attitudes)
سان واسطو رکي ٿو.
هن طرح اخلاقي قدرن وارا عالم روايتي انداز سان سوچين ٿا. هو
ادب جي تاريخ انساني قدرن جي بنياد تي لکن ٿا. هي
عالم هن راءِ جا آهن ته انسان ۽ حيوان ۾ فرق رڳو
ايترو آهي ته انسان عقل
(Reason)
رکي ٿو ۽ هن وٽ اخلاقياتي
(Ethical)
معيار به آهي. پر انسان حيواني خواهشات جي طرف به
مڙي سگهي ٿو، ڇوته مرضيءَ جو مالڪ
(Free)
آهي. انهيءَ ڪري هو انهيءَ ڳالهه جي لاءِ ذميوار
آهي ته عقل ڪم آڻي ۽ پاڻ ۾ اهڙي قوت پيدا ڪري، جو
حيواني خواهشون هن تي به غلبو حاصل ڪري نه سگهن.
هي عالم آزاديءَ کي ڇڙواڳي
(Liberation)
ڪونه ٿا سمجهن. هو چون ٿا ته آزادي
(Freedom)
به هڪ قانون جي اندر رهي ٿو. اهو قانون انسان جي
ضمير وارو قانون
(Inner law)
آهي. هن سلسلي ۾، هي عالم ٽي لفظ عام طور تي ڪم
آڻين ٿا؛
تربيت
(Order)
روڪ يا ضابطو
(Restraint)
تنظيم
(Discipline)
اخلاقياتي تنقيد جو پسمنظر؛ ويهين صديءَ ۾ تنقيد جي هيءَ تحريڪ
جنهن جو واسطو فلسفي ۽ اخلاقيات سان چيو ٿو وڃي،
سا اڳ ۾ آمريڪا ۾ چالو ٿي. موئر
(More)
(1)1904
کان وٺي لکندو رهيو هو. اهڙيءَ ريت، بابٽ
(Babbitt)
به موئر جيان ساڳئي ئي خيال جو حامي هو. منڍ ۾ ئي
هنن عالمن کي گهڻي مقبوليت حاصل ڪانه ٿي. هنن جا
همدرد به تمام ٿورا هئا. بابٽ ۽ موئر ماضيءَ جا
حامي هئا. هو راويت جا پٺڀرائو هئا، انساني
قدرنجي پائماليءَ جا مخالف هئا. پر هنن تي وڏا
حملا ٿيا. هنن جي مخالف تحريڪ ۾ روايتي قدرن بابت
تشڪيڪ
(Skepticism)
وارو رجحان هو، ۽ سرگرم تحريڪ طور آرٽس جي باري ۾
خود اظهاريت
(Self-exressive ness)
جا تجربا ٿي رهيا هئا. آخر حالت اهڙي اچي بڻي، جو
روايت ۽ اخلاقيات جا حامي جان ڇڏائي نه سگهيا ۽
آخرڪار اتان جو ذهين اڳواڻ طبقو نون تجربن ڪرڻ
وارن ۽ بت شڪنن
(Iconoclasts)
جي رعب ۾ اچي ويو.
پر وري هڪ دفعو روايت پسندن کي مقبوليت حاصل ٿيڻ لڳي ۽
اخلاقيات جي حامي ڪئمپن ۾ وڏا وڏا عالم شامل
ٿيا، جن جي ڪري هن ڌر کي وري پيشروئيءَ جو مقام
حاصل ٿي ويو. هي ڳالهه ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي
واري دور بعد ۾ نيو-هيومنسٽ گروهه
(Neo-humanist school)
سڏجڻ لڳو. جيئن سندن نالي مان ظاهر آهي، هيءَ ڌر
اڳوڻن اخلاقيات جي حامن جي روايت جي سڌاريل پيشڪش
جي حمايت ۾ هئي، ۽ ڇاڪاڻ ته هنن اصلي روايتن کي
سڌاري پيش ڪيو هو، تنهن ڪري هنن کي سڌريل انساني
قدرن وارا سڏيو ويو.
سڌريل انساني قدرن وارا ٻن ڳالهين جا مخالف هئا.
نيچريت، فطرت پسندي يا سڀاويڪ پڻو- هيءَ اها جديد تحريڪ هئي،
جنهن پٽاندر انسان فطرت جي اصولن مثلن حياتياتي
اصولن وغيرهه، جو پائبند سمجهيو ٿي ويو ۽ ڪو ڪنهن
به محڪم ۽ بيٺل سياسي نظام ۽ جوادريءَ جو پائبند
نه ٿي سمجهيو ويو، ۽ (2) رومانيت، يعني اها ادبي
تحريڪ، جنهن پٽاندڙ اظهار جي بندش کي قبول نه ٿي
ڪيو ويو، ۽ جنهن ۾ انسان جي آنا
(Ego)
غيرمحدود حد تائين وڌي سگهي ٿي.
هنن تحريڪ جي بنياد تي ان وقت جو گهڻو ئي ادب لکيو ويو هو. ان
ڪري ان دور جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي نظر ۾
سڌريل انساني قدر وارا جيڪي انهن تحريڪ جا مخالف
هئا، تن کي پٺتي پيل يا رجعت پسند
(Reactionary)
سڏيو ويندو هو.
هنن تي اهو الزام به لڳايو ويو هو ته هي اخلاقي فرسودگيءَ جا
حامي هئا. بهرحال هي روايت جا پرستار بزرگ پنهنجي
سر پاڻ پتوڙيندا رهيا، ۽ آخر تائين قدامت پسنديءَ
جي اظهار ۾ اورچ ۽ اڏول رهيا.
بابٽ 1933ع ۾ وفات ڪئي ۽ موئر 1937ع ۾. اهڙيءَ طرح هن ڪئمپ جي
ٻن طاقتور عالمن دنيا کي خيرباد چيو، پرپوءِ به هن
روايتي انساني اقدار جي حامي ڌر جي فيصلا ڪن هار
ڪانه ٿي، ۽ اها وري به ٿوريءَ ڀڃ گهڙ کان پوءِ
مذهبي انسان دوست
(Religious humanism)
جو نالو وٺي ميدان تي آئي.
ٻيو وڏو چئلينج نيو-هيومنسٽ خيال کي هلمي
(T.F. Hulme)
جي اٿاريل سوال ذريعي مليو، جيڪو سوال هيءُ هو ته
اخلاقيات جا حامي اهاڳالهه قبول ڪندا يا نه ته
انساني قدرن جو وجود خارجي ۽ انسان جي اندروني
نظام کان ٻاهر جو آهي. هن سوال تي خود سڌريل
انساني قدرن وارا به صاف ذهن ڪونه رکندا هئا، ان
ڪري مونجهارو ٿيو، ۽ هو ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا
آهن. موئر
(More)
عيسائيت جو حامي ٿي ويو ۽ جي-آر-ايليٽ
(G.R. Elliott) مذهب ۽ اخلاقيات جي باهمي تعاون جي حمايت ڪئي. آخرڪار هن مسئلي
۾ وڏي حمايت بابٽ
(Babbitt)
کي حاصل ٿي هئي، جيڪو غيرمذهبي
(Secular)
هو ۽ مٿين ٻنهي گروهن مان ڪنهن سان به متفق ڪونه
هو.
1929ع ۾ ٽي. ايس. ايليٽ
(T.S. Elliot) جي حمايت سان هڪٻئي نظريي جو پايو پيو، جيڪو اڄڪلهه به عيسائي
انسان دوستي
(Christian humanism) جي نالي سان مشهور آهي. هن خيال کي پوءِ ڪن ٻين عالمن به قبول
ڪيو هو ۽ اخلاقياتي تنقيد جي سلسلي ۾ هڪ سٻنڌ وري
به قائم ٿيو.
جن ماڻهن هن نئين اخلاقياتي نقطي نگاهه کي اختيار ڪيو، تن مان
ونٽرس
(Winters)
آمريڪي هو ۽ ليوس
(F.R. Leavis)
برطانوي. ونٽرس جي باري ۾ چيو ويو آهي ته هن
روايتي قدرن، جي به حمايت ڪئي ۽ ساڳئي وقت انسان
جي محدود انفراديت، جي مخالفت به ڪيائين. هن انهن
نون اخلاقي قدرن جي حمايت به ڪئي، جيڪي ادب ۾ ظاهر
ٿيڻ گهرجن، ۽ ساڳئي وقت حمايت نظريي جي به حمايت
ڪئي، جنهن کي مطلقيت
(Absolutism)
چيو ويو آهي
(1).
هن باري ۾ هڪڙي حقيقت اها به آهي ته مارڪس جي تنقيد به بنيادي
طور تي اخلاقي تنقيد آهي، ڇوته اها نظرياتي آهي ۽
هرڪو نظريو اخلاقيات جو هڪ معيار رکي ٿو. توڙي جو
نظريي جي لاءِ مذهبي اخلاقيات جو پابند هئڻ ضروري
نه آهي.مارڪس اخلاقيات جي حامين جي روايتي طرز عمل
جو مخالف هو. ان ڪري هن جي نظريي کي اخلاقي گهٽ ۽
سماجي وڌيڪ سمجهيو ويو آهي.
ٽي. ايس. ايليٽ ڏانهن اهو به منسوب آهي ته هن چيو آهي ته ادب
جي عظمت رڳو ادبي معيارن جي وسيلي مقرر ڪري نه ٿي
سگهجي، پر ان ڳالهه جو فيصلو ته ڪا شئي ادبي آهي
يا غير ادبي رڳو ادبي معيارن جي بنياد تي ئي ڪري
ٿو سگهجي.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ايليٽ، جيڪو لفظن جي هيراڦيريءَ جو وڏو ماهر
آهي، تنهن لفظن جي مدد سان هڪ طرف خالص ادبي
معيارن جي حمايت ڪئي آهي، ته ٻئي طرف خالص ادب کان
ٻاهر جي رجحانن جي. هو صاحب هڪ ئي وقت اديب به آهي
ته عيسائي به آهي، ۽ ادب ۾ اخلاقياتجي لفظ جو
منڪر به آهي ته خود اخلاقيات جو حامي به آهي.
ايليٽ جي هيءَ ڦڏي بازي گهڻو ڪري هن جي سڀني
تحريرن ۾ موجود آهي. ڪلچر، روايت، صلاحيت، عظمت،
ادب ۽ تنقيد جهڙي هر معاملي تي ايليٽ جا خيال ڪجهه
اهڙي طرح جا آهن، جو انهن مان جيڪو گهرجي ٿو سو
حاصل ٿئي ٿو.
(3). اخلاقياتي تنقيد جي تنقيدي حيثيت؛ بيشڪ اهو سوال هميشه
اٿاريو ويندو ته اديب کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته
هو ماڻهن جي محبوب ترين، مڃيل ۽ اختيار ڪيل وٿن
کان انڪار ڪري، انهن کي رد ڪري، انهن جي مخالفت
ڪري يا انهن کان بغاوت اختيار ڪري ۽ پنهنجن خيالن
جو اهڙو پرچار ڪري، جو اهو پرچار عام ماڻهو جي دل
کي ڏکوئي ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي جاءِ تي رنجائي
وجهي يا ڪاوڙائي وجهي!
پر بيشڪ انهيءَ سوال جو جواب هميشه اهو ئي ڪافي سمجهيو ويندو ته
جيڪي ماڻهو پاڻ اهڙو اعتراض ڪن ٿا يا سوال پڇن ٿا
يا اعتراض اٿارين ٿا، آخر انهن کي اهڙو اختيار يا
حق ڪنهن ڏنو آهي ته هو پنهنجي مخالف جي خلاف
پنهنجي اهڙي اعتراض جو اظهار ڪن، ملڪ جو قانون
پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري مخالفن کي سزائون ڏين،
ادبي انجمنون ڊاهين، رد ڪن، بندشون لاڳو ڪن، ضرورت
پوي ته خاص ڪورٽون قائم ڪن، ڪميشنون مقرر ڪن،
ڪتابن تي بندشون وجهن، پريسون سيل ڪن ۽ ماڻهن جون
ڏاڙهيون پٽي تري ڪن يا انهن جا پٽڪا لاهي کڻي پٽ
تي هڻن!
توڙي جو منهنجو پنهنجو خيال اڃا ٻيو آهي؛ پر آءٌ ڀانيان ٿو ته
سڄي سوال سان انصاف ڪرڻ جي خاطر اسان کي ٻنهي ڌرين
جي خيالن تي ويچار ضرور ڪرڻو آهي. جنهن ڳالهه جو
سهارو پاڻ مخالف يا باغي يا انقلابي اديب وٺي ٿو،
تنهن جو تعلق به ڪنهن نه ڪنهن اخلاقيات سان ئي
آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اخلاقيات ۽ اخلاقيات جي
وچ ۾ اختلاف آهي ۽ ان ڪري نظريي ۽ نظريي يا خيال
يا خيال پسند ۽ پسند جي وچ ۾ به فرق آهي. جيڪا شئي
هڪڙي ماڻهوءَ جي پسند کي پڪاري ٿي سائي شئي ٻئي
ماڻهو جي نفرت کي سڏي ٿي. هيڏيءَ وڏيءَ انساني
دنيا ۾ اهو حڪم صادر ڪرڻ تي سڀڪو نڪ سامهون هليو
وڃي، هڪڙي ئي سنگل وٽ پهچڻ کانپوءِ سڀڪو ساڄي ڦري
۽ فلاڻي سنگل وٽ سڀڪو بيهي رهي، ۽ اتي جا شئي به
وڪامندي هجي يا سڀڪو خريد ڪري، ۽ جڏهن پهريون
ماڻهو مارچ ڪري تڏهن ملڪ جو سڀڪو ماڻهو ان سان ئي
قدم ملائي مارچ ڪري. هن قسم جو تصور هڪ ريجمينٽل
(Regimental)
فضا جي متقاضي آهي، جيڪو ادب جي احاطي کان ٻاهر
آهي ۽ ادب جي منصب کان مٿي نه پر هيٺ آهي.
اخلاقيات ڪنهن به هڪڙيءَ شئي جو نالو ناهي، پر مذهب هڪڙيءَ شئي
جو نالو آهي. اخلاقيات صرف مذهب جي اپت نه آهي پر
اخلاقيات کي به مذهب جيان وٿون ۽ قدر ٿين ٿا.
اخلاقيات جو تعلق فيصلي صادر ڪرڻ سان به ايترو ئي
آهي جيترو فيصلي تي عمل ڪرڻ سان. پر مذهب فيصلو
صادر ڪري ٿو. اخلاقيات گهڻا نظام ڏئي ٿي پر مذهب
جو نظام واحد آهي. اخلاقيات منزلون به ڏئي ٿي ۽
راهون به، پر مذهب هڪڙي منزل ۽ هڪڙي راهه ڏئي ٿو.
اهڙيءَ ريت اها اخلاقيات جيڪا رڳو مذهب جي پيداوار
آهي سا واحد آهي ۽ ان جو جمع به واحد آهي، پر اها
اخلاقيات جيڪا پاڻ اخلاقي تصور تي ٻڌي آهي سا
پنهنجي مخالف تصور کانسواءِ وجود ۾ اچي نه ٿي
سگهي. سو اخلاقيات جي سوال تي مذهب جي آڙ وٺڻ هڪ
مخصوص سياست آهي ۽ اصل ۾ اها ئي اها ڳالهه آهي
جيڪا ان جي مخالفت جو سبب بڻجي ٿي.
ادب انهيءَ ڪري سڌو سنئون مذهب جو مبلغ ٿي نه ٿو سگهي، پر ادب
جو اهو تصور جنهن ۾ ڪنهن به اخلاقيات جي ڪا گنجائش
نه آهي سو مونجهارو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو مونجهارو
ڪلچرل يا سوشل انارڪيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
ادب جي پنهنجي هڪ اخلاقيات ٿئي ٿي ۽ انهيءَ اخلاقيات جو هڪڙو
وڏو اصول مخالفت ۽ بغاوت آهي. ان ڪري اهو اديب
جيڪو باغي سڏيو ٿو وڃي سو به ڪنهن نه ڪنهن
اخلاقيات جو مبلغ آهي، مريد آهي، پوئلڳ آهي يا
ڪميٽيڊ
(Committed)
ماڻهو آهي. ان ڪري ڪنهن به ڪتاب، پريس يا ماڻهوءَ
تي بندش وجهڻ جو جواز اخلاقيات ۾ تلاش ڪرڻ حماقت
کانسواءِ ٻي شئي نه ٿي ٿي سگهي.
باب چوٿون
ادب جي مذهبي تنقيد
ادب ۽ مذهب (T.S. Elliot: Literature and Religion)
هن جاءِ تي مون کي جو ڪجهه به لکڻو آهي، سو اهو آهي ته ادبي
تنقيد جي تڪميل انهيءَ تنقيد سان ٿيڻ گهرجي، جنهن
کي واضح اخلاقياتي ۽ مذهبي
(Theological)
اصولن جي تائيد حاصل هجي. اخلاقيات عقل سليم مان ۽
مذهب وحي، يا الهام مان ڦٽي نڪتو آهي، انهيءَ ڪري
آءٌ انهيءَ خيال جو به آهيان ته ادبي تنقيد رڳو
انهيءَ حد تائين مستقل ۽ حقيقي تنقيد آهي، جنهن حد
تائين ڪنهن دور ۾ اخلاقياتي ۽ مذهبي ڳالهين کي عام
مقبوليت حاصل آهي. انهيءَ ڪري اهڙن دورن ۾، جهڙو
اسان جو (ايليٽ جو) پنهنجو دور آهي، جنهن ۾
اخلاقياتي ۽ مذهبي ڳالهين کي عام مقبوليت حاصل نه
آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مذهبي
فرقي سا تعلق رکن ٿا(1)، اهو ضروري آهي ته هو ادبي
۽ خاص ڪري تصوراتي ادب
(Imaginative Literature)
جي اڀياس ۾ مخصوص اخلاقياتي ۽ مذهبي اصولن جو لحاظ
رکن.
ادب جي عظمت مقرر ڪرڻ لاءِ رڳو خالص ادبي معيار ڪافي نه آهن.
توڙي جو اها حقيقت به اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته
انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ته ڪا شئي ادبي آهي يا غير
ادبي رڳو ادبي معيارن جي مدد سان ئي ڪري ٿو سگهجي.
(2) ماضي ۾ ته اسان صاف طور تي اهو تسليم ڪندا
رهيا آهيون ته ادب ۽ مذهب جي وچ ۾ ڪوبه لاڳاپو
ڪونه آهي. پر انهيءَ طرح انهيءَ ڳالهه جو به انڪار
ڪري نه ٿو سگهجي ته ادب جنهن حالت ۾ هئو، آهي ۽
گهڻو ڪري اڳتي هوندو، تنهن حالت ۾ رڳو اخلاقياتي
معيارن جي مدد سان ئي پرکي سگهبو.(3)
پر ادبي تحريرن تي ڏنل اهي فيصلا جيڪي اخلاقياتي معيارن کي خيال
۾ رکي ڏنا ويندا آهن، تن جو دارومدار انهيءَ
اخلاقي ڪوڊ تي آهي، جيڪو هر ڪو نسل پنهنجي لاءِ
قبول ڪري ٿو. توڙي جو ڪو نسل قبول ڪيل اخلاقي ڪوڊ
تي عمل ڪري يا نه ڪري.
]عيسائيت
جو ئي مثال وٺو[ جيڪڏهن ڪنهن دور ۾ عيسائيت جي اخلاقي معيارن کي قبول
ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ان دور جو اخلاقياتي ڪوڊ
عيسائيت جي اخلاقياتي اصولن تي سختيءَ سان عمل
ڪرائڻ جهڙو هئڻ گهرجي، توڙي جو اهو ڪوڊ ڪن دورن ۾
(جيئن عيسائيت جي تاريخ ۾ ٿيو آ) عزت، شان مان
۽ انتقام جهڙن تصورن جي انهيءَ حالت ۾ پٺڀرائي
ڪندو هجي، جنهن حالت ۾ اهي تصور خود عيسائيت جي
لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙا نه آهن. هن خيال کان
ايليزبيٿ جي دور جي ناٽڪ جي اخلاقيات جو اڀياس
دلچسپيءَ جهڙو آهي. پر جڏهن عام طور تي قبول ڪيل
اخلاقياتي ڪوڊ جو لاڳاپو مذهبي پسمنظر کان ٿڙي ٿو
پوي ۽ جڏهن اهڙيءَ حالت جي نتيجي ۾ اهو ڪوڊ عادت
جو مامرو بڻجي ٿو پوي تڏهن ان ۾ تبديل ۽ ذاتي راءِ
جي بنياد تي مخالفت پيدا ٿئي ٿي. اهڙن دورن ۾ ادب
اخلاقي معيارن کي بدلائي ٿو ڇڏي. اهڙيءَ حالت ۾
عملي طور تي ائين نظر ايندو آهي ته ادب ۾ جنهن شئي
جي مخالفت ڪئي ٿي وڃي، اها شئي اها آهي جنهن سان
موجوده نسل مانوس آهي.(5) ٿيندو ته ائين آيو آهي
ته جا ڳالهه هڪ نسل جي لاءِ تمام عجيب ۽ ڇرڪائيندڙ
هوندي آهي، تنهن کي ايندڙ نسل ماٺ ماٺ ۾ ئي قبول
ڪري وٺندو آهي. اخلاقي معيارن جي هن تبديلي کي
قبول ڪرڻ وارو رجحان انسان جي تڪميل جي اهڃاڻ جي
طور تي سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ انهيءَ جو
سبب اهو آهي ته ماڻهن وٽ جيڪي اخلاقي فيصلا هوندا
آهن، سي غيرحقيقي بنيادن تي ٻڌل هوندا آهن.
منهنجو واسطو هن جاءِ تي مذهبي ادب سان نه آهي. پر هت منهنجو
واسطو انهيءَ ڳالهه سان آهي ته عيسائيت کي مذهبي
تنقيد جي مامرن ۾ ڪيئن ڪم آڻجي. پر هت آءٌ سمجهان
ٿو ته اهو موزون ٿيندو ته مان انهن ٽن مفهومن جي
وضاحت ڪريان، جن جو واسطو مذهبي ادب سان آهي.
مذهبي ادب جو پهريون مفهوم ته اهو آهي جيڪو اسان
تاريخي ادب ۽ سائنسي ادب جي لفظن مان وٺون ٿا.
منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان بائيبل جي مستند
ترجمي کي به ادب ۾ شمار ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙي ريت
ٽيلر، گبن، ڪلئرينڊن يا برڊلي ۽ بفن جي تحريرن کي
به اسان ادب ۾ شمار ڪريون ٿا (6). هي سڀ ليکڪ اهي
ماڻهو هئا، جن جو مقصد ته مذهبي، تاريخي يا
فلسفياڻو هو، پر انهن کي ٻوليءَ جي اها صلاحيت
مليل هئي، جو انهن جي تحيرن کي اهي به شوق سان
پڙهن ٿا جن جو واسطونه مذهب سان، نه تاريخ سان ۽
نه فلسفي سان آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مان هت اها ڳالهه
به شامل ڪرڻ ٿو گهران ته سائنس، تاريخ، مذهب ۽
فلسفي جا ڪتاب جيڪي ادب ۾ شامل آهن، تن کي جيڪڏهن
هروڀرو ادب ۾ ئي شامل ڪرڻو آهي، ته به اهي
تيستائين ادب ۾ شامل ڪري نه ٿا سگهجن، جيستائين
انهن مان هر هڪ کي پنهنجي دور لاءِ ڪانه ڪا سائنسي
۽ مذهبي قيمت نه آهي. جيڪڏهن مان هن جاءِ تي
انهيءَ ڳالهه کان واقف آهيان ته انهن ڪتابن جي
ٻوليءَ پڙهڻ سان هڪڙو جائز لطف حاصل ٿئي ٿو، ته
مان انهيءَ ڳالهه کان به واقف آهيان ته انهيءَ
جائز لطف مان ڪهڙو نقصان ٿئي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي
هن ڪتابن ۾ موجود ادبي خوبين جي ڪري انهن کي پسند
ڪن ٿا ۽ رڳو انهن ئي خوبين جو خيال رکن ٿا سي ڄڻ
ته جيوڙا آهن ۽ اسان کي خبر آهي ته جيوڙا جڏهن قد
بت ۾ وڌي ٿا وڃن، تڏهن ڪيڙا ٿا ٿين (7). اهي ماڻهو
جيڪي انجيل جي مستند ترجمي کي انگريزي نثر جو
نمايان يادگار
(Monument)
ٿا سمجهن، سي بائيبل کي عيسائيت جي قبر جي مٿان
اڏايل قبي (يادگار) جهڙو ٿا ڄاڻن ۽ کيس انهيءَ
حالت جي ۾ پسند ڪن ٿا(نه ادبي حيثيت ۾).
هت مون کي سڌو سنئون رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. ان ڪري مان چوان ٿو
ته جهڙيءَ ريت بفن
(Buffon)،
براڊلي، ٽيلر ۽ گبن جي ڪتابن جي ان وقت تائين ڪابه
ادبي حيثيت نه آهي، جيستائين اهي پنهنجي مضمون ۾
ڪا اهميت نه ٿا رکن، اهڙي ريت آءٌ چوان ٿو ته
انجيل مقدس جو به ان وقت تائين ادب تي ڪوبه اثر
قبول ڪري نه ٿو سگهجي، جنهن وقت تائين اسان ان کي
ان جي مضمون يعني ڪلام الله
(World of God) جو درجو نه ٿا ڏيون.
اها حقيقت آهي ته ماڻهو اڄڪلهه انجيل کي به ادب سمجهن ٿا ۽ ان
تي بحث ڪن ٿا، پر انهيءَ ڳالهه مان مون کي خطرو
اهو آهي ته انجيل جو ادبي اثر ختم ٿي ويندو.
مذهب جو ادب سان ٻيو واسطو اهو آهي، جيڪو اسان کي مذهبي شاعريءَ
۾ نظر اچي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته شاعريءَ جي
دلبريءَ جو شاعريءَ جي هن مذهبي حصي ۾ عمومي تعلق
ڪهڙو آهي(8). اسان کي خبر آهي ته شاعريءَ سان محبت
ڪرڻ وارن مان گهڻن جي لاءِ مذهبي شاعري هيٺاهين
قسم جي شاعري آهي. اهڙيءَ ريت ماڻهو ائين ٿا سمجهن
ته مذهبي شاعر شاعريءَ جي رڳو هڪ ننڍڙي حصي تي طبع
آزمائي ٿو ڪري ۽ اهڙيءَ ريت هو ماڻهن جي وڏن جذبن
ارمانن
(Passions)
کي ڇڏي ٿو وڃي. اهڙيءَ ريت ماڻهو ائين ٿا سمجهن ته
مذهبي شاعر پڙهندڙ جي تقاضائن کان اڻواقف آهي.
پر اڃا به وڏي ڳالهه ته مان اهو مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته ڪنهن حد
تائين اهي تنقيدنگار جيڪي مذهبي شاعرن(9). کي ائين
ٿا سمجهن، سي پنهنجي خيال ۾ غلط نه آهن. ڇوته جن
شاعرن جو مون ذڪر ڪيو آهي، انهن جو گهڻو شعر اهڙو
آهي، جنهن ۾ خاص مذهبي مواد اچي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو
ته انهن شاعرن وٽ اهو مواد نه آهي جيڪو اسان کي هڪ
وڏو شاعر ڏيئي ٿو سگهي. مان هروڀرو نه ٿو چاهيان
ته مان هنن کي وڏا شاعر سمجهي پيش ڪريان (شاعر هو
ته چاسر
Chaucer)
هو(10). چاسر کانپوءِ عيسائي شعر- جيئن مان هن شعر
کي سمجهان ٿو. انگلينڊ کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهيو.)
مان وري به چوان ٿو ته جڏهن مان مذهب ۽ ادب تي بحث ٿو ڪريان،
تڏهن منهنجو واسطو مذهبي ادب سان نه آهي، پر
انهيءَ لاڳاپي سان آهي جيڪو مذهب جو ادب سان آهي.
ان ڪري مذهبي ادب جو ٽيون قسم اسان هت بحث هيٺ
آڻيون ئي ڪونه ٿا. اهو ٽيون قسم اهو آهي، جنهن ۾
اديبن اخلاص سان مذهب جي پيغام کي پکيڙڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. هن قسم جو ادب ادب نه آهي، پر ان کي
پروپيگنڊه ئي سڏي ٿو سگهجي. ذاتي طور تي ته آءٌ
هنن ادبي ڪارنامن جو اهڙو قدر ڪريان ٿو، جو ٻيو
ڪوبه ڪونه ٿو ڪري سگهي، پر مان رڳو ايترو چوندس ته
جيڪڏهن اهڙي ادب جي لکڻ وارو رڳو جوش کان ڪم وٺندو
۽ ان ۾ذاتي صلاحيت ايتري نه هوندي(11)، ته نتيجو
ابتو نڪرندو. ان ڪري مان اهڙن ادبي ڪارنامن کي
مذهب ۽ ادب جي لاڳاپي واري بحث جي خيال کان اهم
ڪونه ٿو سمجهان. هي ادبي ڪارناما پنهنجي دور جي
تقاضائن کي پورو ڪونه ٿا ڪن. سو هن طرح، جو اهي
اهڙي دور ۾ لکيا ويا آهن، جنهن دور ۾ عام طور تي
اهو ئي مڃيو ويو آهي ته مذهب جو ادب سان ڪوبه
لاڳاپو ڪونهي. جيڪو ادب مان ٿو گهران، اهو لاشعوري
طور تي، پر نه ارادي طور تي ۽ نمايان طور تي،
عيسائي ادب آهي. ان ڪري مان مسٽر چيسٽرٽن
(Chesterton)
جي ڪتاب (12) کي به ادب ۾ شمار نه ٿو ڪريان، ڇوته
اهو ان دنيا ۾ لکيو ويو آهي، جيڪا دنيا يقيني طور
تي عيسائيت جي دنيا نه آهي.
مون کي يقين آهي ته اسان مذهبي فيصلن کي ادبي فيصلن کان مڪمل
طور تي جدا ڪيو آهي، پر اسان اهو ڪم عقل طور ڪونه
ڪيو آهي ۽ وري اسان اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ۾ به
ناڪام ٿيا
آهيون. جيڪڏهن ادب ۽ مذهب جي وچ ۾ فرق مڪمل طور تي
معلوم ڪري سگهجي ها ته پوءِ شايد ڪا وڏي ڳالهه نه
هئي، پر اهو فرق هميشه نامڪمل رهندو. گذريل ٽن سون
سالن کان ادب کي غيرمذهبي بڻائڻ واري تحريڪ شروع
ٿي آهي. ناول جو ئي مثال وٺو. ُبنيان
(Bunyan)
ته مذهبي مقصد رکندو هو، پر ڊيفو
(Defoe)
تي شڪ ڪري تحريڪ لڳاتار قائم رهي آهي. انگريزي ادب
۾ انهيءَ تحريڪ جا ٻٽي دور ٿيا آهن. پهرين دور ۾
مذهب کي غيرضروري سمجهيو ويو ۽ مذهب کي زندگيءَ جي
معاملن ۾ دخل ڏيڻ نه ڏنو ويو
(13) ٻئي دور ۾ مذهب کي الڳ وجود ڏنو ويو ۽ مذهب
جي باري ۾ ٺلهو قياس ۽ همدردي ڏيکاري ويئي (14). ۽
ٽيون دور هي آهي، جنهن ۾ جائس
(James Joyce)
کانسواءِ سڀ ناول نگار شامل آهن.
هي دور اهو دور آهي، جنهن ۾ عيسائي عقيدي جي لاءِ رڳو ايترو ٻڌو
ويو آهي ته اهو ايناڪرونزم
(Anachronism)
يعني مدي خارج شئي جهڙو آهي.
مذهب ۽ تصوراتي ادب انساني ڪارڪردگي
(Behaviour)
جي ميدان تي پاڻ ۾ ملن ٿا. اسان جو مذهب اسان تي
پنهنجا اخلاقياتي اصول نافذ ڪري ٿو ۽ اهو اسان جي
فيصلن ۽ عملن تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت
اسان جا باهمي تعلقات به مقرر ٿين ٿا. وري تصوراتي
ادب جيڪو اسان پڙهون ٿا، سو به اسان جا باهمي
تعلقات مقرر ڪري ٿو ۽ اسان جي زندگيءَ تي اثرانداز
ٿئي ٿو. ڪنهن به ناول جي ڪردارن جي مقررڪيل
ڪردارن مان اسان پنهنجي زندگيءَ جي ڪردار جي
لاءِ اثر حاصل ڪريون ٿا ۽ اسان به ان اثر هيٺ
پنهنجي زندگيءَ ۽ عملن کي بدلايون ٿا (15). جيڪڏهن
اسان جو همعصر ڪو ناول نگار هڪ فرد جيان رڳو اڪيلو
ٿي سوچي ٿو، ته ان حالت ۾ممڪن آهي ته هن وٽ ڪنهن
اهڙي ماڻهوءَ جي ڏيڻ لاءِ ڪا اهڙي شئي موجود هجي،
جيڪا هو وٺي سگهندو هجي. اهڙيءَ ريت اڪيلو فقط
اڪيلي سان ڳالهائي ٿو سگهي. پر ناول نگارن مان
گهڻا اهڙا آهن، جيڪي ڪجهه تکيرا ٿا وڃن. انهن وٽ
جوش جذبو ته آهي پر اهي عقل کان ڪورا آهن.(16).
ادب جي باري ۾ اسان جي دل وڏي هئڻ گهرجي. ذاتي ساڙ کي پاسي رکي،
اسان کي رڳو اهو ڏسڻ گهرجي ته ناول ناول آهي ۽
ناٽڪ ناٽڪ آهي. جنهن شئي کي هن ملڪ ۾ بندش
(Censorship)
ٿو چئجي ۽ جنهن کي سرڪاري بندش ئي چئي ٿو سگهجي،
ڇوته اها هن غيرذميوار جمهوريت ۾ رڳو ڪن فردن جي
ذاتي خيالن تي ٻڌل آهي، ان سان مون کي ڪابه همدردي
ڪانهي. سو هن ڪري، جو ڪن حالتن ۾ اها بندش ٻڪر
ٻوساٽ ٿي ڪري ۽ ڪن اهڙن ڪتابن تي بندش ٿي وجهي، جن
تي بندش وجهڻ ضروري نه آهي، ۽ ڪجهه هن ڪري به، جو
اها بندش اهڙي بندش آهي جهڙي شراب جي حالت ۾ لاڳو
ڪئي ويئي آهي. يعني بندش به آهي پر هرڪو ڪم آڻي
سگهي ٿو. هن بندش سان منهنجي همدردي ڪجهه هن ڪري
به نه آهي، جو هن حالت ۾ حڪومت جي احڪامن اسان جي
جائز ۽ ذاتي يا گهرو ڳالهين جي جاءِ ورتي آهي.
اهڙي بندش گهڻو ڪري رواجن جي بنيادن تي لاڳو ڪئي
ويئي آهي ۽ نه تسليم ڪيل مذهبي ۽ اخلاقي اصولن تي.
هن بندش مان ته انهن ڪتابن جو وڪرو وڌي ٿو وڃي،
جيڪي آهن ته خطرناڪ پر ماڻهو سمجهن ٿا ته ڇاڪاڻ ته
اهي بندش هيٺ ڪونه آيا آهن ان ڪري انهن جي پڙهڻ
مان ڪوبه نقصان ڪونه آهي.
ليکڪ گهري نه گهري، پر لکڻ سان هو اسان تي اثر ڪري ٿو، ۽ اسان
گهرون نه گهرون پڙهڻ سان اهو اثر قبول ڪريون ٿا.
توڙي جو اسان ڪوبه ڪتاب فقط وندر لاءِ ٿا پڙهون
وقت گذرڻ لاءِ. مون کي اها خبر نه آهي ته ڪو اهڙو
ڪتاب به ٿيندو آهي يا نه، جنهن جي پڙهڻ مان ڪو
نقصان نه ٿئي.
مان سمجهان ٿو ته ڪاغذا جيڪا اسان واپرايون ٿا، اها ذائقي
کانسواءِ اسان تي ٻيو اثر به ڪري ٿي. اهو اثر ان
وقت ٿو ٿئي جنهن وقت غذا جون رسون ۽ طاقتون اسان
جي رت ۾ ملڻ شروع ٿيون ڪن ۽ هاضمي وارو عمل سرگرم
ٿو ٿئي. منهنجو ويساهه آهي ته ڪتاب جيڪو اسان
پڙهون ٿا ان جو اثر به غذا جي اثر جهڙو آهي.
اها حقيقت ته اسان، جو ڪجهه به پڙهون ٿا، اهو رڳو اسان جي ادبي
معيار تي اثر نه ٿو ڪري، پر اهو ته اسان جي سڄيءَ
ساري زندگيءَ تي اثر ڪري ٿو. تڏهن پڌري ٿيندي،
جڏهن اسان پنهنجي ادبي تعليم ۽ تربيت جي سڄيءَ
تاريخي جو جائزو وٺنداسون.
توهان انهيءَ ماڻهو جو مثال وٺو، جيڪو جوانيءَ جي دور ۾ ڪتاب
پڙهي ٿو ۽ ٿوري گهڻي ادبي قابليت به رکي ٿو ته
جيئن هو ڪتاب سمجهي سگهي. انهيءَ ماڻهوءَ سان
ڳالهايو. منهنجو ويساهه آهي ته اهو توهان کي ٻڌائي
سگهندو ته ڪيئن. نه شعر جي ڀڄائڻ يا هر کائڻ واري
طاقت
(Seduction of Poetry) جي ڪري ڪنهن شاعر جو هن کي پري کڻي ويو هو. اهڙيءَ ريت گهڻن
شاعرن جا شعر هن کي گهڻا دفعا ڀڄائي ويا هوندا.
ڪي ماڻهو ٿا چون ته هن جو سبب هي آهي ته بلوغت جي زماني ۾ اسان
جو شعر جي باري ۾ احساس انهيءَ احساس کان وڌيڪ تيز
ٿئي ٿو، جيڪو اسان ۾ پوءِ پيدا ٿو ٿئي. پر ڳالهه
ائين نه آهي. ٿئي هيئن ٿو ته اڀرندڙ شخصيت ۾ هڪڙي
قسم جي اٿل ٿي اچي ۽ اها اٿل اهو شاعر ٿو آڻي،
جيڪو وڌيڪ مضبوط شخصيت جو مالڪ آهي. ان حالت ۾
ڪمزور شخصيت تي مضبوط شخصيت حملو ٿي ڪري ۽ ڪمزور
ماڻهو ڄڻ گرفتار ٿي ٿو وڃي يا هارائي ٿو. جيڪو
ماڻهو جوانيءَ ۾ گهڻو ادب ڪونه ٿو پڙهي ان تي،
ممڪن آهي ته، اڳتي هلي به اهڙو اثر ٿئي.
پر وڏيءَ ڄمار ۾ اسان تي ڪنهن به هڪ اديب جو اثر گهڻو ڪونه ٿو
ٿئي. اهو هن ڪري، جو اسان هڪ کان وڌيڪ اديبن جا
ڪتاب پڙهون ٿا. اهڙي طرح سان اسان جي من
(Mind)
۾ ڪتابن جو يا اديبن جو مقابلو ٿو ٿئي. ان مقابلي
۽ تورتڪ مان اسان کي اديبن جي خوبين ۽ خامين جي
خبر پوي ٿي. اهڙيءَ ريت اسان تنقيدنگار بڻجڻ شروع
ٿا ڪريون ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي تنقيدي صلاحيت اسان
کي ڪنهن به هڪ اديب جي اثر قبول ڪرڻ کان بچائي ٿي.
اسان سڀني کي نقاد ٿيڻ گهرجي ۽ تنقيد جو ڪم انهن
ماڻهن جي ڪلهي تي نه رکڻ گهرجي، جيڪي اخبارن ۽
رسالن ۾ تبصرا لکن ٿا يا ڪالم لکن ٿا. سٺو نقاد
اهو آهي، جيڪو گهڻو پڙهي ٿو ۽ اديب ۽ ادب جي وچ ۾
فرق سمجهي ٿو. گهڻي پڙهڻ جو مقصد گهڻو علم حاصل
ڪرڻ نه آهي، پر گهڻي پڙهڻ جو فائدو اهو آهي ته
اسان ڪنهن به هڪ شخصيت جي اثر کان متاثر ٿيڻ جي
بجاءِ سڀني شخصيتن جو جائزو وٺي ٿا سگهون ۽ پوءِ
انهن مان هر هڪ کي سندس جائز مقام ڏيون ٿا، ۽ خود
اسان جي پنهنجي شخصيت زندگيءَ جي مختلف نظرين مان
پنهنجي لاءِ هڪ موزون نظريو ۽ اسان سان ٺهڪي ايندڙ
نظريو چونڊي ٿي سگهي. هيءَ ڳالهه گهڻن ڪتابن پڙهڻ
کانسواءِ ممڪن نه هئي.
اها ڳالهه صحيح نه آهي ته ادب جون جدا جدا صنفون اسان ۾ سڌو
سنئون زندگيءَ جي علم جو اضافو آڻين ٿيون. زندگيءَ
جو سڌوسنئون
(Direct)
علم اها شئي آهي، جنهن جو واسطو سڌو سنئون اسان جي
تن ۽ من سان آهي. انهيءَ علم مان اسان کي معلوم ٿو
ٿئي ته عام طور تي انسان جا عمل ڪهڙا آهن ۽ انسان
پاڻ ڪيئن آهن. هن طرح اسان جي اها زندگي جيڪا عام
زندگي جهڙي آهي، اسان کي اها صلاحيت ڏئي ٿي ته
اسان زندگيءَ ۽ عملن مان عمومي نتيجا
(Generalizations)
ڪڍي سگهون.
زندگيءَ جو اهو علم جيڪو اسان کي تصوراتي ادب
(Fiction)
مان ملي ٿو، اسان کي خودشناسائي
(Self-consiousness)
جي ٻئي مقام تي ٿو ملي. هن جو مطلب هيءُ آهي ته
اهو علم ٻين ماڻهن جي زندگيءَ جي علم جو علم آهي ۽
نه خود زندگيءَ جو. ناول پڙهڻ مان ته اسان جيترو
سچ حاصل ڪريون ٿا اوترو ڪوڙ ۽ اهي ٻيئي اسان تي
ائين اثر ڪن ٿا جيئن اها شئي جنهن کي اسان اکين
سان ڏسون ٿا.
سو ناول واري دنيا جيڪا اسان ڏسون ٿا، تنهن جي لاءِ اسان کي
سمجهڻ گهرجي ته اها انهيءَ دماغ جي پيداوار آهي،
جيڪو گهڻين حالتن ۾ خود اسان جي دماغ جهڙو نه هو.
ان ڪري اها دنيا فقط هڪ مخصوص ذهن جي پيداوار آهي.
اهڙيءَ ريت غور ۽ فڪر کانپوءِ اسان جيڪو جائزو
وٺون ٿا، سو تصوراتي ادب مان اسان کي ڪجهه نه ڪجهه
سکڻ لاءِ ڏئي ٿو. اهڙيءَ ريت پڙهڻ مان فائدو ٿو
ٿئي.
مان هڪڙي اچرج جهڙي نتيجي تي پهتو آهيان، اهو نتيجو اهو آهي ته
ادب جنهن جو پڙهندڙن تي وڏو اثر ٿئي ٿو سو اهو ادب
آهي، جيڪو عام طور تي آسانيءَ سان ۽ رڳو مزي يا
وندر يا وقت ڪاٽڻ لاءِ پڙهيو ٿو وڃي. اهو ئي ادب
گهڻو ٿو ڇپجي ۽ گهڻو ٿو پڙهجي. اهڙيءَ طرح منهنجو
خيال آهي ته اهو ئي ادب آهي جنهن جو جائزو غور سان
وٺڻ گهرجي.
اها ڳالهه غلط آهي ته وڏي تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي وڏن وڏن
عالمن ۽ اديبن جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن يا پنهنجي
مطالعي کي سڌارڻ گهرجي. يعني، ڊانٽي، گوئٽي،
ايمرسن ۽ ڪارلائل جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ته جيئن
زندگيءَ جا گهڻا ۽ جدا جدا نظريا معلوم ڪري سگهجن.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهو روزبروز ڇپجڻ وارو ادب آهي، جيڪو
اسان مان گهڻا پڙهن ٿا ۽ اهو ئي ادب اسان تي گهڻو
اثر ڪري ٿو.
ادب جو اڀياس اسان وندر لاءِ ڪريون يا جمالياتي لطف لاءِ، هن
اڀياس جو اثر اسان جي رڳو هڪڙي مخصوص اندريءَ تي
ڪونه ٿو پوي. اسان تي ان جو اثر اهڙو ٿو پوي، جو
اسان جي سڄي انساني زندگي ان کان اثر وٺي ٿي.
اهڙيءَ طرح ادب جو اڀياس جو اثر اسان جي اخلاقياتي
توڙي مذهبي زندگيءَ تي به پوي ٿو.
مون کي اهو چوڻو آهي ته، توڙي جو انفرادي طور تي ڪي اديب ادب کي
ترقي ڏيارڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، هن دور جو
ادب مجموعي طور تي هيٺ ڪرندو وڃي. ڪن سٺن ليکڪن جو
اثر به پڙهندڙن تي برو پئجي ٿو سگهي، ڇوته ليکڪ
جيڪو اثر حقيقي طور تي پڙهندڙن تي ڪري ٿو، سو ٿي
سگهي ٿو ته اهو اثر نه هجي جيڪو هو اصل ۾ ڪرڻ
گهرندو هجي. ڪتابن جو اثر اهڙو به ٿي سگهي ٿو جهڙو
اثر پڙهندڙ قبول ڪرڻ جي لائق هجن. لارينس
(D.H. Lawrence)
جهڙو ليکڪ به نقصانڪار به ٿي ٿو سگهي ته ڪارآمد
به. خود مان پاڻ نه ٿو چئي سگهان ته مون تي ڪتابن
برو اثر ڪونه ڪيو آهي.
هن جاءِ تي مون کي مقابلي ۽ مخالفت جو خطرو آهي. روشن دماغ
ماڻهو چون ٿا ته هر شئي جو تجربو حاصل ڪجي. انسان
تجربي مان سکي ٿو، ۽ جيڪڏهن هر شخص کي چوڻ ۽ ڪرڻ
جو اهو حق ڏنو ويندو، جيڪو هو گهري ٿو، ته آخرڪار
سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هن دليل کي ڪانه ڪا قيمت ٿي
سگهي ٿي، پر شرط اهو آهي ته هن زمين تي هميشه هڪڙو
ئي نسل آباد رهي سگهي ٿو يا ماڻهو هميشه پنهنجن
بزرگن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا هجن. هي
صاحب چون ٿا ته سچ هميشه غيرمحدود انفراديت
(Unrestrained Individualism)
مان ئي پيدا ٿئي ٿو.
هي ماڻهو مڃين ٿا ته جدا جدا دماغن مان جدا جدا خيال اڀرن ٿا ۽
پوءِ اهي پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ۽ آخرڪار سوڀ ان جي ٿئي
ٿي جيڪو وڌيڪ موزون هو، ۽ اهڙي طرح سچ زنده رهي
ٿو. جو شخص هن خيال سان اختلاف رکي ٿو، ان کي ته
هي ماڻهو انسان جي ترقيءَ جي گهڙيال کي پوئتي
موٽائڻ ٿو گهري يا وري ان کي فاشسٽ
(Fascist)
سڏيو ٿو وڃي يا ان لاءِ رجعت پسند
(Reactionary)
۽ فاشٽ ٻيئي نالا مقرر ڪيا ٿا وڃن.
هاڻي جيڪڏهن هن دور جي ليکڪن جا ٽولا
(Masses)
واقعي انفراديت ۾ ويساهه رکندڙ هجن ۽ جيڪڏهن عوام
واقعي افراد جي ٽولي جهڙو هجي ها، ته پوءِ شايد هن
رجحان لاءِ ڪجهه چئي سگهجي ها. پر حقيقت ۾ نه ائين
ڪڏهن ٿيو هو نه ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نه ڪڏهن ٿيندو. نه
رڳو ائين آ ته اڄوڪو پڙهندڙ فرد انهيءَ ڳالهه لاءِ
ڪافي نه آهي ته زندگيءَ جي متعلق سڀ نظريا جيڪي
کيس ڪي ليکڪ ڏين ٿا سي هضم ڪري وڃي ۽ پوءِ انهن کي
هڪٻئي سان ڀيٽي سياڻپ تي پهچي وڃي پر ائين به آ ته
اڄوڪا اديب به مڪمل فرد نه آهن. ائين نه آهي ته
روشن دماغ جمهوريت پسند صاحب جي جدا جدا فردن واري
دنيا اڻوڻندڙ آهي. حقيقت ته اها آهي ته هن دنيا جو
ڪو وجود ئي ڪونهي. اڄڪلهه جي ادب جو پڙهندڙ ان ادب
جي پڙهندڙ جهڙو نه آهي، جيڪو جدا جدا شخصيتن جو
مقابلو ڪندو هو، اڄڪلهه جو پڙهڻ وارو ته ليکڪن جي
هڪ پوري ٽولي جي مقابلي ۾ رهيو آهي، جيڪي سڀ هڪ ئي
طرح کان مٿس حملو ڪري رهيا آهن، توڙي جو اهي پاڻ
سمجهن ٿا ته هنن مان هر هڪ وٽ پڙهندڙن کي ڏيڻ لاءِ
جدا جدا سوکڙيون موجود آهن. سچ پچ ته اهڙو دور
به اڳي ڪڏهن به نه آيو هو، جنهن ۾ پڙهندڙن جو
تعداد هيڏو وڏو هجي ۽ پوءِ به پنهنجي دور جي اثر ۽
طاقت جي آڏو ايڏو مجبور هجي.
سچ پچ ته اهڙو دور به اڳ ۾ڪڏهن به نه آيو هو، جنهن ۾ پڙهندڙ
پنهنجي دور جي تمام گهڻن ليکڪن جا ليک پڙهندا هجن
۽ پاڻ کان اڳ واري دور جي ليکڪن جا تمام ٿورا. ۽
اهڙي طرح اهڙو دور به اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو،
جيڪو پنهنجي مانيءَ کان ايترو ڇٽل هجي جيترو ڇٽل
هي انسان جو دور آهي. اڄڪلهه ته ڇاپيندڙ به گهڻا
آهن ۽ ڪتاب به گهڻا ٿا ڇپجن، ۽ هرڪو رسالو پڙهندڙن
کي مجبور ٿو ڪري ته هو جو ڪجهه به ڇپجي ٿو سو
پڙهن.
انفراديت تي ٻڌل جمهوريت هاڻي ختم ٿي رهي آهي ۽ فرد ٿيڻ اڄڪلهه
ايترو ڏکيو آهي، جو اڳ ۾ ڪڏهن به نه هو. اڄڪلهه جي
اديبن ۾ امتياز ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي پر اهو
منهنجو ڪم نه آهي ته مان چوان ته فلاڻو فلاڻي کان
بهتر ٿو لکي. جيڪي مون کي چوڻو آهي سو اهو آهي ته
هن دور جو سڄو سارو ادب لامذهبيت
(Secularism)
جي اثر هيٺ ڪٺو ٿي رهيو آهي. هن دور جو ادب اها
ڳالهه ئي نه ٿو سمجهي سگهي ته هن دنوي زندگيءَ کان
مٿي ڪا ٻي دنيا به آهي ۽ ان دنيا کي وڏي ۽ بهتر
فضيلت حاصل آهي. پر اسان جو بنيادي مقصد اهو آهي
ته اسان ڏيکاريون ته اصل زندگي اها آهي ۽ ان کي ئي
فضليت حاصل آهي.
مان چئي چڪو آهيان ته ادب جي باري ۾ هيءَ روشن خيالي اسان جي
ڪم جي نه آهي. اسان مان هر هڪ پڙهندڙ فرد هجي ها
يا ليکڪن مان هر هڪ فرد هجي ها ته به آخر نتيجو
اهو ئي نڪري ها ته هر ڪو پڙهندڙ پنهنجي مطالعي ۾
ان شئي جو اثر قبول ڪري ها جنهن جو هن قبول ڪرڻ
گهريو ٿي. هيءُ صاحب ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪانه
ڪري ها ۽ ان ڳالهه جو ڪوبه يقين نه رهي ها ته پڙهڻ
سان ڪو هي صاحب بهتر انسان بڻجي پوندو. ادبي فيصلي
جي لاءِ اسان کي به ڳالهيون هڪدم گهرجن؛
اسان ڇا ٿا پسند ڪريون؟
اسان کي ڇا پسند ڪرڻ گهرجي؟
حقيقت ۾ اهي تمام ٿورا ماڻهو آهن جن کي هنن ٻن ڳالهين مان ڪنهن
به هڪ جي خبر آهي. پهرينءَ ڳالهه جو مطلب آهي ته
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان حقيقت ۾ ڇا ٿا
محسوس ڪريون، ان جي خبر تمام ٿورن کي آهي.
ٻيءَڳالهه جو مطلب آهي ڪنهن جون اواڻيون ڄاڻڻ،
ڇوته اسان کي اها خبر نه آهي ته اسان کي ڇا پسند
ڪرڻ گهرجي. اسان اها خبر نه ٿا رکون ته ڇو اسان کي
ڪا شئي پسند ڪرڻ گهرجي. خوشنديءَ جا اهي ٻه نمونا
ته (1) اسان ڇا آهيون، ۽ (2) اسان کي ڇا ٿيڻ
گهرجي، گڏوگڏ ڪم ڪندا هلن ته ڏاڍو چڱو.
ادب پڙهڻ وارن ماڻهن جي حيثيت ۾ اسان جو اهو فرض آهي ته اسان
ڄاڻون ته-
اسان ڇا ٿا پسند ڪريون.
اسان کي ڇا پسند ڪرڻ گهرجي (ڪرستان هئڻ جي حيثيت ۾ به).
اسان کي ائين نه سمجهڻ گهرجي (ايماندار جي حيثيت ۾) جيڪي اسان
پسند ڪريون ٿا سو اهو آهي جيڪو اسان کي پسند ڪرڻ
گهرجي.
ايماندار ڪرستان هئڻ جي حيثيت ۾ به اسانجو فرض آهي ته اسان ڪوشش
ڪري سمجهون ته اسان جو ڪجهه به پسند ڪريون ٿا، اهو
ائي آهي جيڪي اسان کي پسند ڪرڻ گهرجي. مان ته جيڪر
ائين به چوان ته ادب ٻه هجن. هڪ عيسائين جي لاءِ ۽
ٻيو ڪافرنجي لاءِ. عيسائين جي لاءِ مان سمجهان
ٿو ته اهو تمام ضروري آهي ته انهن وٽ تنقيد جا ڪي
نظريا ۽ معيار انهن معيارن کان وڌيڪ ۽ مٿي به هئڻ
گهرجن، جيڪي معيار عام طور تي باقي دنيا ڪم آڻي
ٿي. ان سان گڏ مان ته ائين چوندس ته پوءِ هر اهو
ڪتاب يا تحرير جيڪا اسان پڙهون ٿا تنهن کي انهن ئي
معيارن تي پرکيو وڃي.
اسان جو گهڻو ادب ته انهن ماڻهن جو کليل آهي جيڪي قدرن جي
بيروني حيثيت کي نه ٿا مڃين، توڙي جو اهو ادب اهڙن
ماڻهن جو کليل به هئڻ گهرجي جيڪي اهڙا معيار ته
رکن ٿا پر اهي معيار خاص طور تي اسان عيسائين جا
نه آهن. اڳتي جي لاءِ به مان ڀانيان ٿو ته اسان جو
گهڻو ادب انهن ئي ماڻهن جي قلم مان پيدا ٿيندو. جن
کي اها خبر ئي نه آهي ته اهي ويچارا انهيءَ ڳالهه
کان ناواقف آهن ته هن دنيا ۾ اڻ ڄاڻ يا محدود
سوچ وارا اهڙا ماڻهو به آهن ۽ رهن ٿا جيڪي ايمان
وارا آهن ۽ قدرن جي باري ۾ اهو ويساهه رکن ٿا ته
اهي انسان جي پيداوار نه آهن پر اهي انسان کي عطا
ڪيا ويا آهن.
جيستائين اسان اهو ڄاڻون ٿا ته مذهبي ۽ غيرمذهبي اديبن جي وچ ۾
ويڇاندر
(Gulf)
موجود آهي، توهان سمجهو ته ان وقت تائين اسان کي
غيرمذهبين (لامذهبين) وارو ادب ڇيهو رسائي نه ٿو
سگهي ۽ اسان انهيءَ حالت ۾ ان ادب مان اهو سڀ ڪجهه
به حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪو اسان لاءِ سٺو ۽ موزون
آهي.
هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به رهن ٿا ته جيڪي چون ٿا ته سڀ سماجي
برايون اقتصادي سببن جو نتيجو آهن. ڪي صاحب انهيءَ
خيال جا آهن ته معاشي حالتن ۾ ڦيرگهير آڻڻ سان
دنيا جي حالت سڌري ويندي. ٻيا ڪي صاحب اهڙيون
تبديليون آڻڻ گهرن ٿا جيڪي بنيادي ۽ سخت قسم جون
آهن. هي تبديليون ٻنهي حالتن ۾هڪڙي خيال کان
هڪجهڙيون آهن. يعني انهن
۾ غير
مذهبيت
(Secularism)
واري ڳالهه هڪجهڙي موجود آهي ذاتي نه پر مجموعي
اخلاق
(Morals)
۾ ويساهه رکن ٿا. اهڙي ئي هڪڙي نئين اعتقاد جي
باري ۾ مون جيڪي پڙهيو آهي، ان مان ڪجهه هيٺ لکان
ٿو. اسان جي اخلاقي نظام
(Morality)
۾ ڪنهن به اخلاقي مامري ۽ سوال جي فقط هڪ ۽ واحد
پرک اها آهي ته اهو ڏسجي ته ان مان رياست جي خدمت
ڪرڻ واري افرادي طاقت کي هٿي ٿي ملي يا ڇيهو ٿو
پهچي. هن حالت ۾ فرد کي انهيءَ سوال جو جواب لازمي
طورتي ڏيڻو آهي ته ڪو عمل قوم جي، قوم جي فردن جي
يا منهنجي (فرد جي) ان صلاحيت ۽ طاقت کي ڪو نقصان
ٿو پهچائي ڇا، جيڪا صلاحيت رياست جي خدمت لاءِ ڪم
آڻي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪو صاف جواب ملي
سگهي، ته پوءِ فرد کي اها آزادي آهي ته هو جيئن
وڻيس تيئن ڪري.
برابر مان مڃان ٿو ته اهو به هڪ اخلاقي نظام آهي ۽ مان اهو به
مڃان ٿو ته اهڙي نظام ۾ به ڪي خوبيون آهن، پر مان
چاهيان ٿو ته اسان سڀني کي اهڙي اخلاقي نظام جو
مقابلو ڪرڻ گهرجي. جنهن جي اڳيان ڏيکاريل نظريي
کان مٿي ڪوبه نظريو نه آهي. اهڙو اخلاقي نظام
انهيءَ نظريي کي به چئلينج ٿو ڪري ته معاشري جو
مقصد فرد جي بهتري آهي (اجتماعي بهتري ان جي آڏو
اهم آهي)، پر اهو نظريو دنيوي ۽ فقط دنيوي نظريو
آهي ۽ ان جو واسطو رڳو هن دنيا سان آهن. جديد ادب
جي خلاف مون کي جيڪا شڪايت آهي اهابه اهائي آهي.
مون کي اها شڪايت نه آهي ته جديد ادب غيراخلاقي
(Immoral)
آهي يا ان کان به وڌيڪ اهو اهڙو آهي، جنهن جو
اخلاق سان ڪوبه واسطو نه آهي. منهنجي شڪايت اها به
نه آهي ته اهڙي تبديلي قبول ڪبي ته اها ناڪافي
ٿيندي. مان ته فقط ائين ٿو چوان ته اهو ادب اسان
جي بنيادي ۽ اهم اعتقادن کان بي خبر آهي، ۽ مان
ائين به ٿو چوان ته هاڻوڪي ادب جو رجحان جنهن
مطابق هو هر فرد کي زندگيءَ مان وڌ ۾ وڌ فائدي
حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو ۽ اها به ترغيب ڏئي ٿو
ته اهي هر تجربو ڪن ۽ جيڪڏهن ان لاءِ ڪجهه قربان
ڪري سگهن ته به ڪن ته جيئن ٻين کي مستقبل ۾ فائدا
حاصل ٿي سگهن، پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اعليٰ ۽
پسنديده رجحان آهي.
انهيءَ ڪري مان مڃان ٿو ته اسان کي هر اهو ادب پڙهڻ گهرجي جيڪو
بهترين هجي ۽ جيڪو اسان جو دور اسان کي مهيا ڪري
سگهي، پر مان اهو به چوان ٿو ته اسان کي اورچائيءَ
سان ان تي تنقيد ڪرڻ گهرجي ۽ سا به نه رڳو ليکڪن
جي مڃيل تنقيدي اصولن مطابق يا انهن معيارن مطابق
جيڪي عام طور تي سندن ئي ٽولي جا تنقيدنگار بحث
هيٺ آڻين ٿا. (17)
اشارا
ايليٽ جو مطلب عيسائي مذهب جي ماڻهن سان آهي.
تنقيد جي مذهبي نظريي جي باري ۾ ايليٽ هيٺ آيل ڪتاب جي پڙهڻ جي
سفارش ٿو ڪري.
Theodor Hoceker: Virgil, 1934
ايليٽ هت رڳو بنيادي تصوراتي ادب ڏانهن اشارو ٿو ڪري.
ذاتي راءِ ۽ ذاتي صلاحيت جي باري ۾ وڌيڪ اڀياس لاءِ ايليٽ جو ئي
مضمون روايت ۽ انفرادي صلاحيت
(Tradition and Individual)
پڙهڻ گهرجي.
خبر نه ٿي پوي ته ايليٽ هن باري پنهنجي تجربي کي موجوده نسل جي
رڳو مانوست جي بنياد تي ڪيئن ٿو پرکي.
انگريزيءَ ۾ نالا هيٺ ڏجن ٿا.
Terny Taylor, Gibbon, Clarendon, Bradley and
Buffon.
انگريزي لفظ
Parasites and Pests
آهن.
هت ايليٽ جو مطلب انهيءَ ماڻهوءَ سان آهي، جيڪو واقعي شعر سمجهي
ٿو سگهي ۽ ان جو لطف حاصل ڪري ٿو سگهي.
خبر نه ٿي پوي ته هيٺانهين درجي جي شعر
(Minor Poetry) لکڻ وارن ۾ ايليٽ چاسر کي به شامل ٿو ڪري يا نه.
مذهبي شاعرن ۾ ايليٽ هيٺ ڏيکاريل شاعري کي شامل ٿو ڪري!
Vaughan, Southwell, Crawshaw. George Herbert and
Gerard Hopkins.
هت هڪ دفعو وري به ايليٽ انفرادي صلاحيت ڏانهن اشارو ٿو ڪري.
G.K. Chesterton
هن دور ۾ ايليٽ، جن اديبن کي شامل ٿو ڪري، سي هيٺ ڏجن ٿا.
1. George Eliot, 2. George Meredith, 3. Thomas
Hardy.
هن دور ۾ ايليٽ، جن کي شامل ٿو ڪري، سي هيٺ ڏجن ٿا؛
1. Fielding, 2. Dickens, 3. Thackeray.
ايليٽ جي هن خيال مان ادب جو سماجي ڪارج ظاهر ٿئي ٿو.
شايد هن راءِ ۾ به ايليٽ بيلجن
(Montgomery Blegin) کان متاثر آهي.
هي مضمون ايليٽ جي ڪتاب مضمون، نوان ۽ پراڻا ۾ آيو آهي، ۽ اهو
1936ع ۾ ولبر اسڪاٽ صاحب جي ڪتاب ادبي تنقيد جا
پنج طريقا ۾ به ڏنل آهي، مضمون جي اصل متن لاءِ
ڏسو-
Wilbur Scott: Five Approaches of Literary Criticism, PP.
43-55.
Charles J. Glicksberg: American Literary
Criticism, P. 26
|