سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :11

 

باب نائون

 

ادب جي عملي تنقيد

عملي تنقيد؛ Practical Criticism جو نظريو پراڻو هجي يا نئون، پر هڪڙي ڳالهه صاف آهي ته ان جو واسطو رڳو تنقيدي مواد گڏ ڪرڻ، ڪتابن ڇاپڻ، پاڻ کي نقاد سڏائڻ ۽ آرٽ جي ڳالهن تي راءِ ڏيڻ ۽ ان کي برو يا چڱو چوڻ ۽ اهڙين ٻين سطحي ڳالهين سان ناهي.

عملي تنقيد جو روح اصل ۾ تڏهن سمجهه ۾ اچي ٿو، جڏهن اسان ادب کي ڪلاس روم ۽ شاگردن جي هڪ ميڙ ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم شروع ڪريون ٿا.

اهي قومون جيڪي هلندي هلندي پوئتي ڏسنديون ٿيون هلن، ٻين قومن جي رفتار ۽ طريقي کي پرکينديون ٿيون هلن، پاڻ کي سچ چون ٿيون ۽ پاڻ کي سچ چونديون ٿيون هلن ۽ ٻين لاءِ سچ چوڻ کي ضروري ۽ پنهنجو فرض سمجهنديون ٿيون هلن، سي ڪڏهن به دوکو يا ڌوڪو ڪونه ٿيون کائين.

اهي قومون علم ۽ دانائيءَ کي فقط پنهنجو ورثو ڪونه ٿيون سمجهن،ا هي ادب ۽ تنقيد کي عالمي دورن جي تهذيب ۾ شمار ڪن ٿيون. اهي انهيءَ انساني تهذيب يا ميراث جي بچاءُ ۽ وڌاءَ جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏين ٿيون، ڇوته ان ميراث ۾ انهن جو پنهنجو به حصو آهي ۽ انهيءَ ڪري ان کي هو پنهنجي ئي ميراث سمجهن ٿيون. ۽ اهڙيءَ ريت اهي قومون اهڙا فرد پيدا ڪن ٿيون، جن مان هڪ هڪ پٺتي پيل قومن جي رهبري ڪري ٿو، واٽ ڏسي ٿو ۽ طريقا ۽ وسيلا ٻڌائي ٿو.

اهڙو ئي هڪ فرد ڊاڪٽر آءِ-اي- رچرڊس (جنم؛ 1893ع) به آهي، جنهن جو تفصيلي تعارف آءٌ ڪيترن جاين تي مٿي ڪرائي چڪو آهيان.

رچرڊس بنيادي طور تي استادآهي. هو هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پاڙهيندو هو. هو پاڙهيندو به ادب هو، پر اهڙيءَ ريت جو هن دنيا کي ادب جا ٻه وڏا نظريا ڏنا آهن؛ هڪڙو ادب جو قدر وارو نظريو (Axiological View) ۽ ٻيو ادب جي عملي تنقيد وارو نظريو (Practical Criticism).

اسان ٿوري وقت لاءِ هاڻي اڳتي هن غير ملڪي عالم ۽ اڪابر جي هڪڙي ٻئي ڪتاب جو مطالعو ٿا ڪريون. ممڪن آهي ته ان مان اسان لاءِ پنهنجي ادب کي سمجهڻ يا ان کي سمجهائڻ جي ڪا واٽ نڪري پوي.

ڊاڪٽر رچرڊس جو اهو ڪتاب “Practical Crticism” پهريون دفعو 1929ع ۾ ڇپيو. ان جو ڏهون ايڊيشن 1956ع ۾ ڇپيو. اهو هن مهل منهنجي اڳيان آهي ۽ ان جي آڌار تي آءٌ ڊاڪٽر رچرڊس جو عملي تنقيد وارو نظريو، جيترو مون سمجهيو آهي، سو پڙهندڙن جي اڳيان رکندس، ته جيئن-

اسان به ٻين جيان پنهنجي تهذيبي ورثي کي سمجهي سگهون.

اسان به ٻين جيان پنهنجي تهذيبي ورثي کي سانڍي سگهون.

اسان به ٻين جيان پنهنجي تهذيبي ورثي کي وڌائي سگهون.

۽ اسان به ٻين جيان پنهنجي تهذيبي ورثي ۾ پنهنجي عام ماڻهوءَ کي جيڪو ملڪ ۾ 85 سيڪڙو آهي، شريڪ ڪري سگهون.

ڊاڪٽر رچرڊس جي نظريات جو گهڻو تعلق، جيئن هن ڪتاب ۾ آيل آهي، ادب جي عملي تنقيد جي تربيت ڏيڻ سان آهي. رچرڊس چاهي ٿو ته عام ماڻهو شعر پڙهي، افسانو پڙهي ۽ تنقيد پڙهي، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي دور جي انساني ۽ تهذيبي ورثي ۾ باقاعدي شريڪ ٿئي.

ڪتاب جي تعارف ۾ چوي ٿو؛ ”هن ڪتاب جوڙڻ لاءِ مون ٽي مقصد پنهنجي اڳيان رکيا آهن. اهي هيٺ ڏجن ٿا.

”انهن ماڻهن سان مواد (Documentation) جو تعارف ڪرائڻ، جيڪي پنهنجي دور جي تهذيب ۾ دلچسپي وٺن ٿا، پوءِ توڙي اهي نقاد هجن، فيلسوف هجن، نفيسيات جا ڄاڻو هجن، يا رڳو پڙهڻ جو شوق رکندا هجن.“

”انهن ماڻهن کي نئون طريقو مهيا ڪري ڏيڻ، جيڪي پنهنجو پاڻ ئي اهو ڏسڻ گهرن ٿا ته هو شعر ۽ شاعريءَ لاءِ ڇا ٿا سوچين ۽ ڇا ٿا ڄاڻن ۽ ڇا ٿا محسوس ڪن، ۽ هو گهرن ٿا ته معلوم ڪن ته ڇو ڪنهن شعر کي پسند يا ناپسند ٿا ڪن.“

”تعليمي“ طريقن لاءِ هڪ نئون رستو ڳولي لهڻ يا ٺاهڻ، جيڪو اڳين طريقن کان وڌيڪ ڪمائتو ۽ سڌريل هجي، ته جيئن جيڪي اسان پڙهون يا ٻڌون ٿا، تنهن ۾ فرق معلوم ڪري سگهون.“

هن طرح ڊاڪٽر رچرڊس شاعريءَ ۽ ڪتابي علم ۽ معلومات کي عقل ۽ دليل جي آڌار تي پرکڻ ۽ ڏسڻ لاءِ هڪ خواب نه، هڪ نظريو نه، پر هڪ تجربو ٿو ڏسي ۽ ڪري ٻڌائي، ۽ ان جي بنياد تي اڳتي هلي هو هن مامري کي عقل ۽ علم جي دائري ۾ محفوظ ٿو ڪري.

هو چوي ٿو ته اهڙيءَ طرح هي ڪتاب هڪ بنيادي ڪم آهي، جنهن جي وسيلي اسان پنهنجي دور جي نظريات (Ideology) کي سمجهي سگهنداسون)ص 2).

”جن ماڻهن شعر جي باري ۾ پنهنجا رايا (Protocols) ڏنا آهن، انهن مان رايا جن جا بنيادي اهميت وارا آهن، انهن جي لاءِ آءٌ ”چوڻ“ (Statement) جو لفظ ڪم آڻيندس؛ جتي راءِ ڏيڻ وارن ليکڪ يا شاعر جي ذهني واردات جو ذڪر ڪيو آهي، اتي آءٌ اظهار (Expression) جو لفظ ڪم آڻيندس (ص 8).

”مون کي پڪ آهي ته اسان وٽ سوَنَ جا سَوَ خيال ۽ رايا گڏ ٿي ويندا، جيڪي ڪنهن نظم جي يا نظمن جي رڳو هڪ پهلوءَ تي هوندا، ۽ اسان وٽ نظم به موجود هوندا، جن جي مدد وٺنداسون. اهڙيءَ ريت هڪ ئي نقطي تي اسان کي تمام گهڻا خيال ملي سگهندا. وري اسان انهيءَ جي لائق به ٿي وينداسون، جو ڏسي سگهون ته هڪڙي نظم جي باري ۾ آيل خيال اسان ٻئي نظم جي لاءِ ڪم آڻيون ته ڇا ٿيندو ۽ نتيجو ڪهڙو نڪرندو.

”بحث جي نئين طريقي مان فائدي جي اميد انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته هڪ لفظ جي غلط ۽ مونجهاري واري معنيٰ جو اڀياس اسان کي ٻئي لفظ کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڪندو. اسان جڏهن جذبات، سچ، سچائي يا ٻيا اهڙيءَ تصوراتي معنيٰ وارا لفظ جيڪي تنقيد ۾ ڪم اچن ٿا، انهن جي معنيٰ معلوم ڪنداسين، ته اها اسان کي ٻين لفظن جي معنيٰ سمجهڻ ۾مدد ڪندي.(ص 9).

لفظن جي مونجهارن (Ambiguities) جو به هڪ  سرشتو ٿئي ٿو ۽ انهن مونجهارن جا سبب معلوم ڪرڻ جو تاڪيد به رچرڊس ڪري ٿو.

”اهڙي قسم جي جانچ يا پرک جيڪا آءٌ ڪرڻ گهران ٿو، ان ۾ ناگريز بحث آهي نفسيات جو، پر مان ان بحث سان به پاڻ نبرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“ هن طرح رچرڊس خبردار ٿو ڪري ته نفسيات کان گريز ممڪن نه آهي.

(2)سامونڊي سفر (Navigation)؛ هن سلسلي ۾ رچرڊس Navigation جو لفظ ڪم آندو آهي، ۽ اهو لفظ جنهن معنيٰ ۾ رچرڊس ڪم آڻي ٿو، اها معنيٰ اها آهي ته هي سفر اهو فن (Art) آهي، جنهن جي مدد سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اسان ”ڪٿي آهيون“، ۽ ادب جي سمنڊ تي دماغي مسافرن جي حيثيت ۾، ”اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. چوي ٿو ته سندس ڪتاب جو مکيه مقصد يا مول ئي اهو آهي، يعني هيءُ ته ادب جي Naivigation جا اسان کي اصول ۽ ڍنگ ٻڌائي ۽ سمجهائي. هن طريقي يعني انهيءَ سامونڊي سفر واري طريقي سان اسان شعر تي بحث ڪنداسون ۽ انهن رستن ۽ واٽن تي بحث ڪنداسون، جن سان اسان شعر کي سمجهڻ لاءِ تياري ڪيون ۽ ان کي سمجهون ۽ ان تي فيصلو ڏيئي سگهون.

”شعر پاڻ به معنيٰ جي اجهاڳ ميدان ۾ ان جي اظهار جو هڪ طريقو يا وسيلو آهي، پر علم تنقيد به، ٿورو نه پر سڄو سارو، ان ميدان کي سمجهڻ ۽ سوجهڻ لاءِ ئي ”سامونڊي سفر“ جي هڪ مشق آهي. ان ۾، يعني تنقيد ۾، اها ڳالهه اچي ٿي ته اها معنيٰ جي ڪهڙيءَ سئي کي ظاهر ٿي ڪري ۽ ڪهڙي طريقي سان ظاهر ٿي ڪري ۽ جيڪي ڪجهه ڪري ٿي ان جو قدر (Value) يا قيمت (Worth) ڪيتري آهي.“ هن طرح رچرڊس جو عملي تنقيد جو نظريو به بنيادي طرح قدر واري نظريي سان ئي تعلق رکي ٿو.

”توهان کي حيرت لڳندي ته اڄ سوڌو تنقيد، پوءِ اها ذهني هجي توڙي جذباتي هجي، ان سان منطق، جنهنجو اهڙي علم سان سڌو واسطو هئڻ گهرجي، اهو به ان سان لهه وچڙ ۾ ڪونه ٿو اچي.“

”اها ڳالهه ته تنقيد جو سڄو مقصد آهي ئي اظهار کي سڌارڻ، شايد توهان کي نه آئڙي، هونئن اها ڳالهه آهي سچي“، ۽ ڏسو ته هيءَ ڪيڏي ته عمدي ڳالهه ٿو ڪري رچرڊس!

”اها ڳالهه به سچي آهي ته تنقيد جو هڪڙو پهلو قيمت مقرر ڪرڻ (Valuation) وارو به آهي. اظهار جي مامري حل ڪرڻ کانپوءِ يا جڏهن اسان ذهني ڪيفيتن جو مامرو سمجهي وينداسون، تڏهن به اسان کي شعر تي فيصلو ڏيڻو پوندو ۽ ان جي قيمت (Worth) مقرر ڪرڻي پوندي“(ص 11).

”شعر جي وٿ کي ظاهر ڪرڻ جو وسيلو ڀلا وٿ واريءَ شئي جي اظهارکانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿو ٿو سگهي!“

”علم تنقيد ۾ ارسطو کان وٺي اڄ سوڌو جيڪي به فيصلي صادر ڪرڻ وارا لفظ ڪم آيا آهن، سي سڀ مونجهاري وارا آهن. انهن مان ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿو ٿئي.“ هيءُ خيال وڌيڪ تفصيل سان ادبي تنقيد جي اصولن ۾ ڏنو اٿس.

رچرڊس ان کان پوءِ اچي ٿو انهن ڏکيائين تي، جيڪي هو سمجهي ٿو ته، علم تنقيد جي هن جي پنهنجي نظريي جي خيال کان، هن جي سامهون اينديون يا انهن کي حل ڪرڻو پوندس.

پهرين ڳالهه هي آهي ته شعر جو سڌوسنئون مطلب ڪيئن معلوم ڪجي. هن حالت ۾ پڙهڻ وارا شعر جو نثري مقصد به ڪونه ٿا سمجهن ۽ ان جي ظاهري معنيٰ کي سمجهڻ ۾ به غلطي ٿا ڪن.

رچرڊس ڪٿي لفظ “Value” ٿو ڪم آڻي ته ڪٿي “Worth”- ”ادبي تنقيد جا اصول“ واري ڪتاب ۾ هن ڪٿي به لفظ “Worth” ڪم ڪونه آندو آهي، اتي هو فقط “Value” ڪم آڻيندو آيو آهي. شايد ٻيئي لفظ رچرڊس وٽ هڪ معنيٰ ٿا رکن، يا ٿي سگهي ٿو ته هن پوئين  ڪتاب ۾ هن محسوس ڪيو آهي ته “Worth” وارو لفظ به ڪم آڻڻ گهرجي، جو اهو نستباَ سولو آهي! هن طرح رچرڊس ادب ۾ افاديت جو متلاشي آهي.

عام معنيٰ کي نه سمجهي سگهڻ واري ڳالهه سان ئي هڪ ٻي ڳالهه جو واسطو آهي ۽ اها آهي ”حواسياتي سمجهه“ (Sensuous Apprehension) لفظ، توڙي دل ۾ ٿا پڙهجن، ته به انهن کي دل و دماغ ۽ ذهن لاءِ ۽ ڪن پڙهندڙن جي حالت ۾ زبان ۽ ڳلي لاءِ هڪ فارم آهي. انهن کي تحرڪ به آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن کي ڪا پنهنجي لئه (Rhythm) به هجي. ڪي پڙهندڙ ته هن فارم کي سمجهي ٿا وڃن، پر ڪي بنهه ان جو خيال ڪونه ٿا ڪن.

ان کانپوءِ اهي تڪليفون آهن، جن جو تعلق عڪسيت (Imagery) ۽ گهڻو ڪري نظريي عڪسيت سان آهي. اسان جي بصريت (Capacity of Visualise) ۽ ٻين قسمن جي حواسن ۾ پيدا ٿيل عڪس جدا جدا ٿين ٿا. عڪسن جي اهميت هونئن به عام طور تي وڏي آهي. ڪي ذهن ته سوچين ئي عڪس جي صورت ۾ ٿا. پر ڪي اهڙا به آهن، جن کي عڪسن جي ضرورت ئي ڪانهي. شاعرن ۾عڪس ٺاهڻ جي صلاحيت اتم درجي جي ٿئي ٿي. ۽ پڙهندڙ به اهو ئي شعر قدر يا قيمت وارو سمجهن ٿا، جنهن ۾ عڪس عام ڪم آيا هجن. پر عڪس يا ان جي ”ڪاريگريءَ“ مان مونجهارا به پيدا ٿين ٿا.

وڏو اثر Mnemonic Irrelevances جو به ٿئي ٿو. هن حالت ۾ ٿئي هينئن ٿو، جو پڙهندڙ جي دل ۾ اڳ ۾ ئي ڪي تجربا ۽ ڪي ذاتي يادگيريون ٿين ٿيون. پڙهندڙ ۾ غلط خيال به ٿين ٿا ۽ ماضيءَ جاڪي جذباتي واقعا به ان جي ذهن تي اثرانداز رهن ٿا. پر انهن جو شعر سان ڪوبه تعلق ڪونه ٿو رهي. پر اهڙيءَ حالت ۾ پڙهندڙ جا تجربا متاثر ٿين ٿا، جي هونئن نه ٿين ها، ۽ اهڙيءَ ريت شرع جي سمجهڻ ۾ هڪ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي.

وڌيڪ منجهائيندڙ ته اهي ٽوڙها يا رسا آهن، جيڪي اسان جي پنهنجي تجربن کي ويڙهيو بيٺا آهن. انهن تجربن کي Stock Responses ٿو چئجي. هي پنهنجو ڪم ان وقت ڪن ٿا، جنهن وقت ڪو نظم پڙهندڙ جي دل تي وڌيڪ اثر ڪري ٿو، خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ڪو نظم، رايا ۽ جذبا ڏئي ٿو. هن حالت ۾ شاعر جو ڪم ختم آهي ۽ هي رايا ۽ جذبا پنهنجو ڪم چالو ڪري ڏين ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ اسان کي خبردار هئڻ گهرجي.

جذباتيت (Sentimentality) هڪ ٻي مصيبت آهي، پر ان تي وڌيڪ بحث نه ٿا ڪريون.

Inhibition هڪ وڌيڪ مصيبت آهي. هن کي ”دل جي سختي“ ٿو چئجي. ان ۾ پڙهندڙ ڪوشش ٿو ڪري ته هو نظم جو اثر قبول ئي نه ڪري.

نظرياتي وفاداري (Doctrinal Adhesion)؛ هن جو تعلق انهن عقيدن سان آهي، جيڪي ڪن حالتن ۾ غلط ۽ ڪن حالتن ۾ ڀرمن جهڙا ٿين ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن پڙهندڙ اهڙن نظرياتي مونجهارن ۾ اڳ ۾ ئي ورتل هوندو، ته شعر کي ڇا سمجهي سگهندو! هن حالت ۾ فيصلو به غلط ٿيندو ۽ ڏکيائيون به جهجهيون ٿينديون.

اڳواٽ فني معلومات جو سوال؛ جيڪڏهن اسان کان ڪو ڪم صحيح طريقي سان ٺيڪ ٿي ويو ته پوءِ اسان چاهينداسون ته ٻيا ڪم به جيڪڏهن انهيءَ طريقي سان ڪريون ته ٺيڪ ٿيڻ گهرجن. پر جيڪڏهن اهي ڪم اسان ساڳئي طريقي سان ڪري نه ٿا سگهون يا انهن جو نتيجو ساڳيو نه ٿو نڪري، ته پوءِ اسان نااميد ٿيو پئون.

اسان جڏهن به شعر جو اڀياس خارجي طريقن سان ۽ فني تفصيلات کي خيال ۾ رکي ڪيو آهي، ته اسان ڄڻ گاڏيءَ کي گهوڙي جي اڳيان جوٽيو آهي، ۽ مقاصد کي وسيلن جي اڳيان رکيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿي ٿو سگهي، جو اسان پيانو وڄائڻ واري جي قابليت ان جي وارن جي بيهڪ مان معلوم ڪريون ٿا. شڪر آ، جو ادب جي پرک ۾ اڃا انهيءَ حد تائين نه پهتا آهيون. ”فني لوازمات ته وڌ ۾ وڌ وسيلي جو ڪم ڏيئي ٿا سگهن. اسان انهن کي مقاصد جي جڳهه ڪيئن ٿا  ڏيئي سگهون!“ هن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته اسان جي عروضي شاعري ڪٿي بيٺي آهي.

عمومي فني تعصب (General Critcal Preconceptions)؛ ”شعر جي باري ۾ اسان جي ذهن ۾ اڳ ۾ ئي ڪي خيال، نظريا۽ حقيقتون هونديون آهن، جن جو تعلق شعر جي نوعيت ۽ وٿ (Value) سان هوندو آهي، اهي ڳالهيون شعر ۽ ان جي پڙهندڙ جي وچ ۾ اچيو ٿيون بيهن. اهي ته اهڙيون ڳالهيون آهن، جو ڪڏهن ته پڙهندڙ کان اهو وات جو گرهه به کسي ٿيون وٺن، جنهن جي هن کي سخت ضرورت آهي.“

شعر کي سمجهڻ جي باري ۾جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، تن جي بيان ۾ ڪيترن هنڌن تي آءٌ مناسب سنڌي لفظ ڏيئي نه سگهيو آهيان. پڙهندڙن کي خاص طور رچرڊس جي تحرير کان واقفيت رکڻ وارن کي معلوم هوندو ته زبان جي لحاظ کان رچرڊس مشڪل پسند ادب آهي. پر مون کي پنهنجي ڪمزوريءَ تي افسوس آهي.

(3) مواد (Documentation)؛ انهيءَ کان اڳ ۾ جو اسان انهيءَ مواد جي باري ۾ ڪجهه ڳالهايون، آءٌ هن هيٺ ڪي ڳالهيون اهي لکندس، جن جو تعلق مواد سان آهن.

مواد (Documentation) درحقيقت اهو پرک يا تحقيق جو طريقو آهي، جيڪو 13 مختلف نظمن جي وسيلي رچرڊس مختلف قسمن جي شاگردن کي، جن مان ڪي ڇوڪريون به هيون، پيش ڪيو هو، ۽ ان حالت ۾ کين نظم جي باري ۾ پنهنجن راين ڏيڻ لاءِ چيو هو. اهو ڪم هن ان وقت شروع ڪيو هو، جڏهن هو ڪيمبرج ۾ ليڪچرار هو. هن جيڪي نظم عام ماڻهن يا شاگردن (Audience) کي راءِ ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا، اهي هر قسم ۽ هر رتبي جي شاعرن جا هئا. اهي شيڪسپئر کان وٺي ولڪاڪس (Wilcox) تائين شاعرن کان ورتا ويا هئا. جن کي هن اهي نظم ڏنا هئا، تن کي چيو ويو هو ته هو آرام سان، آزاديءَ سان، هر نظم جي باري ۾ پنهنجا خيال ڏين ۽ رايا ظاهر ڪن. انهن کي اهو ٻڌايو نه ويو هو ته هي يا هي نظم ڪهڙي شاعر جو لکيل آهي. ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪن نظمن جي باري ۾ انهن پاڻ ئي معلوم ڪري ورتو هجي ته هي نظم ڪنهن جو لکيل آهي، يا هنن انهن جي باري ۾ اڳ ۾ ئي پڙهيو هجي.

راءِ ڏيڻ وارن يا ته پنهنجا نالا نه لکيا هئا، يا وري انهن جا نالا ظاهر ڪونه ڪيا ويا هئا، ڇوته فقط اهڙيءَ حالت ۾ ئي انهن جا رايا صحيح طور تي وٺي سگهڻ ممڪن هو. انهن کي ڪنهن به نظم جي باري ۾ ڪوبه رايو رچرڊس طرفان به نه ڏنو ويو هو. هڪڙي وقت تي انهن کي رڳو چار نظم ڏنا ويندا هئا. اهي سڀ بيت يا نظم رچرڊس پنهنجي هن ڪتاب ۾ پويان ضميمي طور ڏنا آهن. ائين ٽين گروپ ۾ پنج نظم آيا آهن، جو ڪل نظم تيرهن آهن. رچرڊس ان جو ڪو سبب ڪونه ٿو ٻڌائي.

رچرڊس هڪڙي هفتي ۾ راءِ وٺندو هو ۽ ٻئي هفتي ۾ انهن راين (جن کي هو (Protocols) ٿو سڏي) تي ليڪچر ڏيندو هو.

هر شخص کي چيو ويو هو ته هو جيترا دفعا ڪو نظم پڙهي ٿو، انهن جو انگ به پنهنجن راين سان لکي ڇڏي. ماڻهن ڏهه ڏهه يا ٻارهن ٻارهن دفعا به هڪ ئي وقت تي نظم پڙهيا، پر رچرڊس انهن سڀني دفعن کي هڪ پڙهڻي (Reading) ٿو چوي.

پڙهندڙن مان ڪي اڃا گرئجوئيٽ ڪونه ٿيا هئا، ۽ ڪي ”آنرس“ به ڪري رهيا هئا، ڪي ته انگريزيءَ جا شاگرد به نه هئا، ۽ ڪي ته بنهه شاگرد ئي ڪونه هئا. ان لاءِ به ڪو مجبور ڪونه هو ته هو پنهنجا رايا لکي، هروڀرو پيش ڪري. انهن مان بهرحال ڪل 20 سيڪڙو ماڻهن پنهنجا رايا لکيا ۽ پيش ڪيا.

هي هڪڙو تجربو هو، جيڪو رچرڊس پاڻ ڪيو يا هن ان جي نگراني پاڻ ڪئي هئي، ۽ اهڙيءَ ريت هڪ مواد گڏ ڪيو ويو، جنهن جي ڪتباهي صورت کي هو دستاويزي ڪاروائي (Doucmientation)  ٿو سڏي. هونئن هر حال ۾ جيڪي رايا آيا، انهن کي هو Protocols ٿو سڏي ۽ جن ماڻهن اهي ريا ڏنا تن کي هو Audience ٿو سڏي.

هن تجربي مان هن جا جيڪي مقصد هئا، سي هو منڍ ۾ ئي ٻڌائي ٿو ڇڏي.هو پنهنجي دور جي تهذيب کي عقلي ۽ علمي ۽ سائنسي بنيادن تي پرکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ گهري ٿو. ”سڌريل  قومون ائين سوچينديون آهن ۽ اهي اجائي بڪواس، بي فائدي مٿاڪٽ ۽ فرسوده لکت پڙهڻ کان پاسو ڪنديون آهن. سائنس اسان کي نئون ذهن ڏنو آهي. ان هڪ طريقو به ڏنو آهي، جنهن سان اسان پنهنجي تهذيب کي سمجهي ۽ سڌاري سگهون ٿا.“

        رچرڊس به هڪ استاد هو. هن پنهجي تجربي جي آڌار تي تنقيد کي هڪ عملي ۽ عقلي بنياد موجود ڪري ڏنو. اڄوڪيءَ دنيا ۾ ادب ۽ ادبي تنقيد جي ميدان ۾ رچرڊس تمام وڏو ما ڻهو ٿو ليکجي. ڪيترين ئي قومن هن جو قدر ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمن هن کي ساراهيو آهي ۽ هن کي سند طور تسليم ڪيو آهي. بيشڪ هن سان راءِ جو اختلاف به ٿيو آهي. پر ان حالت ۾ هن کي جواب ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو هو.

سچي ڳالهه ته اها آهي ته پائونڊ، ايليٽ ۽ رچرڊس کانسواءِ تنقيد رڳو بڪواس هئي. رچرڊس ته تنقيد کي اجاين نظرين ۽ مفروضن مان ڪڍي، هڪ صحتمند تحريڪ بڻائي ڇڏيو.

(4) ڪتاب جو ٻيو حصو؛ ڪتاب جو ٻيو حصو ڏاڍو اهم آهي. پر آهي ڪلاس روم ۾ پڙهڻ جهڙو. ان جا ٽي ڀاڱا آهن. هڪ ڀاڱو ته اهي نظم آهن، جيڪي راءِ جي لاءِ پيش ڪيا ويا. ٻيو ڀاڱو اهو آهي، جنهن ۾ رايا (Protocols) آهن. اهي رايا جيئن ۽ جيتريقدر رچرڊس اهم سمجهيا آهن، تيئن نقل ڪيا آهن ۽ ڪتاب ۾ داخل ڪيا آهن ته جيئن انگريزي ادب جو يا شاعريءَ جو شوقين ماڻهو اهي هر نظم جي حالت ۾ پاڻ پڙهي ۽ لطف وٺي ۽ نظم کي سمجهي.

ٽيون ڀاڱو اهو آهي، جنهن ۾ رچرڊس پنهنجا رايا ڏنا آهن، ۽ نظمن کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

ڪتاب جو هيءَ حصو تمام وڏو ۽ وڌيڪ اهم آهي. افسوس آهي،جو ان حصي جي باري ۾ هن مضمون ۾ وڌيڪ لکي ڪونه ٿو سگهجي. هت ان جي گنجائش به ڪانهي، ۽ شايد ڪتاب جي موجودگيءَ ۾ ان جي ضرورت به گهٽ آهي. آءٌ عرض ڪندس ته تنقيد سان دلچسپيءَ رکڻ وارو هر ماڻهو اهو حصو اکر به اکر پڙهي.

(5) ڪتاب جو ٽيون حصو؛ ڪتاب جو هي حصو ”معنيٰ“ (Meaning) سان شروع ٿئي ٿو. رچرڊس ٿو چوي؛ ”اسان جي لاءِ شروعاتي نقطو اهو آهي ته معنيٰ ڪئين سمجهجهي. هن باري ۾ سوال هي ٿا پيدا ٿين ته (1) معنيٰ ڇا آهي؟ (2) جنهن وقت اسان معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ان وقت اسان سان ڇا ٿو ٿئي. (3) اها شئي، جا سمجهون ٿا، سا ڪهڙي شئي آهي. اهي ٽي شوال آهن، جيڪي تنقيد جي مسئلن لاءِ بنيادي سوال آهن. ادب ۾ اصل مسئلو اهو آهي ته ”معنيٰ جا ڪيترائي قسم آهن. ٽوٽل معنيٰ اها آهي، جا ڪيترين ئي معنائن منجهان پيدا ٿئي ٿي. ٻوليءَکي به هڪ ئي وقت ڪيئي ڪم ڪرڻا آهن مثلن.

(1) مفهوم (Sense)؛ ڳالهائڻ جي عمل ۾ ڳالهائڻ کانسواءِ ٻڌڻ (Hearing) جو عمل به شامل آهي. اسان جڏهن ڪجهه نه ڪجهه چوائڻ ٿا چاهيون، اهڙيءَ ريت ڪو مفهوم (Sense) عمل ۾ اچي ٿو ۽ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي عملن جو نتيجو آهي.

(6) محسوس ڪرڻ (Feeling)؛ احساس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسان ٻوليءَ جو استعمال ڪيون ٿا. اهڙيءَ ريت ٻڌڻ سان به اسان ٻوليءَ جي وسيلي احساسات حاصل ڪريون ٿا.

(3) ڌنڪ (Tone)؛ ڳالهائڻ وارو پنهنجي ٻڌڻ واري (Listener) جي باري ۾ ڪونه ڪو رويو اختيار ڪري ٿو. ۽ ائين ان جي ۽ ان جي مخصوص ٻڌڻ واري جي وچ ۾ هڪ قسم جو ناتو (Relation) قائم ٿئي ٿو. جنهن ناتي کي ڳالهائڻ واري جي لاءِ سمجهڻ ضروري آهي. هن جي ڳالهائڻ جو ٽون (Tone) انهيءَ ڳالهه کي ظاهري ڪري ٿو ته ٻڌڻ واري سان هن جو ناتو ڳالهائڻ وقت ڪهڙو آهي.

(4) مرضي يا ارادو (Intention)؛ جيڪي به چئجي ٿو ان ۾ مفهوم (sense) ٿو ٿئي، ۽ جنهن طريقي سان ڪو ماڻهو ڪنهن شئي لاءِ ڳالهائي ٿو، اهو آهي احساس (Feeling)، ڌنڪ (Tone)، پر اڃا اها ڳالهه رهجي ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ارادو آهي يا مرضي يا مقصد آهي، جنهن لاءِ ڪجهه چيو يا ڳالهايو ٿو وڃي. ارادو اها شئي آهي، جنهن ۾ سڌيءَ طرح يا اڻ سڌي طرح، شعوري طور تي يا غيرشعوري طور تي، ڳالهائڻ وارو هڪ قسم جو اثر (Effect) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. عام طور تي ته ڳالهه ٻولهه ڪنهن نه ڪنهن مقصد لاءِ ٿئي ٿي، ۽ ان مقصد کي سمجهڻ سان حقيقت ۾ ڳالهائڻ واري جي سڄي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ٿي وڃي.

هنن چئن قسمن جي معنائن کي رچرڊس راين يا جوابن (Protocols) کي سمجهڻ جي باري ۾ استعمال ڪندو رهيو آهي، جنهن ڳالهه جو هن صاحب ذڪر به ڪيو آهي (ص 182- 188)

رچرڊس ڊاڪٽر براڊلي (Dr: Bradley) ۽ ڊاڪٽر مئيڪل (Makail) جي راين مان به فائدو روتو آحي. جيئن پاڻ چوي ٿو ته ”ڊاڪٽر براڊلي جو رايو آهي ته ”شعر هڪ روح (Spirit) آهي“ ۽ ڊاڪٽر مئيڪل جو رايو آهي ته ”شعر هڪ متواتر ۽ سلسلي واري طاقت (Energy) جو نالو آهي“، جنهن جي ترقي غير فاني آهي. اهي رايا منهنجي لاءِ تمام اهم آهن، تڏهن ته آءٌ انهن کي وري وري پيو دهرايان.“

(6) صنايع جي ٻولي (Fagurative Language)؛ راين (Protocols) جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي باري ۾ اهي رايا جيڪي صنعتي ٻوليءَ يا صنايع جي ڳالهه کان غلط يا غير موزون هئا، انهن تي رچرڊس وڏو بحث ڪيو آهي. هي بحث ص 189 کان ص  204 تائين پڙهي سگجهي ٿو، پر عام سنڌي پڙهڻ واري لاءِ خشڪ ۽ مشڪل آ.

(7) فهم ۽ احساس (Sense and Felling)؛ هن موضوع کي رچرڊس ص 205 کان ص 224 تائين آندو آهي ۽ اهو ڏيکاريو اٿس ته انهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي ۽ نظم ۾ اهي ڪهڙو ڪم ڪن ٿا. هن مفهوم ۽ محسوسات جا ٽي قسم به بحث هيٺ آندا آهن، جن جو ذڪر ص 211 کان ص 270 تائين آيل آهي.

اهڙيءَ ريت ڪتاب ۾ ٻين هنڌن تي نظمن تي وڏو بحث ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جون خوبيون ۽ خاميون هيٺئين عنوانن هيٺ سمجهايون ويون آهن.

شاعراڻو فارم (Poetical Form)

لاتعلق وابستگيون ۽ ردعمل (Irrelevant Association

 and Stock Responses)

جذباتيت جا دفينا (Inhibitions)

نظرياتي وفادايون

فني ويچار ۽ ڀروسا ۽ تنقيدي نظريا.

هنن سڀني ڳالهين کي، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، تن کي رچرڊس پنهنجي نظريات (جن جو هن منڍ ۾ ئي ذڪر ڪيو هو ۽ جن کي مون سنڌيءَ ۾ لکيو آهي) جي حساب ڪتاب سان سمجهيو ۽ سمجهايو آهي. هن هڪ هڪ نظم تي جدا جدا نظرين جي آڌار تي بحث ڪيو آهي ۽ ان جون خوبيون يا اوڻايون جانچيون اٿس. هن بحث کي سنڌيءَ ۾ فقط ان وقت بيان ڪري سگهجي ٿو، جڏهن نظم به سنڌي مان ورتل هجن، ۽ ٻيو هيءَ ته هن ئي قسم جو هڪ تجربو به زيرنظر ۽ عمل هجي.

(8) اختصار؛ ڪتاب جي ص 309 تي رچرڊس ٿو چوي ته هيتري ڪئي پڄاڻان به اڃان ٽي ڳالهيون مون کان رهجي ويون آهن. اهي ڳالهيون هو هن طرح ٿو بيان ڪري، جو هر ڳالهه لاءِ هڪ جدا باب (Chapter) ٿو مقرر ڪري. عام پڙهندڙ جي حساب ڪتاب سان هيءَ حصو ڏاڍو اهم آهي. ان کي غور سان پڙهڻو آهي. ان ڪري آءٌ به پورهيو ڪري هن حصي کي ڪنهن حد تائين (جيستائين ٿي سگهيو) نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس.

ڪتاب جي هن حصي جي پهرئين باب ۾ ڊاڪٽر رچرڊس ”هن دور جي ڪلچر“ تي بحث ٿو ڪري پر ان جو بنياد هو انهن نظمن تي ٿو رکي، جن تي هن تحقيق ڪئي آهي.

ٻئي باب ۾ اهو موضوع اچي ٿو، جنهن ۾ نفسيات پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن حصي ۾ رچرڊس ڏيکاري ٿو ته نفسيات ڪهڙيءَ حد تائين ڪم ڪري ٿي سگهي ۽ ڪهڙي هنڌ تي ان جو دائرو ختم ٿئي ٿو.

ٽئين ۽ تمام اهم باب ۾ رچرڊس عملي اپاءَ ٻڌائي ٿو ۽ انهن سڀني تنقيدي اوڻاين کي دورڪرڻ لاءِ مشورا ڏئي ٿو، جيڪي هن جي تحقيق مطابق ”راين“ مان ظاهر ٿيون آهن. اسان لاءِهيءُ باب وڌيڪ اهم آهي.

هن بابت ۾ رچرڊس جو خيال آهي ته

راين ۾ جيڪي اوڻايون؛ ”پڙهڻ وارن“ ڪيون آهن، اهي اهڙيون نه آهن، جو انهن جو علاج نه ڪري سگهجي يا انهن جو واسطو انسان جي عام ذهن سان نه هجي. انهن جو واسطو اهڙين غلطين سان آهي، جن کي ختم ڪري ٿو سگهجي. پر گهڻو ڪري اهي غلطيون ”غلط تربيت يا ناقص تعليم“ جي ڪري پيدا ٿيون آهن.

(هن مان رچرڊس جو مطلب هي آهي ته سندس تجربو ڪيل قومي مامرن جهڙو آهي، ۽ ان جا نتيجا اهڙا آهن، جو گهڻو ڪري سڀ قومون ان مان فائدو وٺي سگهن ٿيون.)

سمجهه جي ڪچائي (Immaturity)؛

پڙهندڙ کي عام تجربو ڪونه هو. اهي عام طور تي سمجهه ۾ پختا ڪونه ٿيا هئا. انهن جي عمر عام ور تي سراسري طرح سان 19- 20 سالن جي وچ ۾ هئي ۽ ائين هو اڃا عمر جا ڪچا هئا. نه رڳو ذهن ۾ يا سمجهه ۾ پر جذباتي طور تي به اهي اڃا نابالغ هئا. شايد ڪو تعليمي يا سماجي طريقو يا نظام انهن ۾ وڌيڪ جلدائيءَ سان سمجهه ۽ حوصلو پيدا ڪري سگهي. (معلوم هجي ته رچرڊس اڃا به ”عمر“ جي باري ۾ ائين لکندي ”يورپ“ يا ”انگلينڊ“ کي خيال ۾ رکيو آهي.)

پڙهڻ جو گهٽ تجربو (Lack of Reading)؛

 ”مون ڏٺو آهي ته ڇوڪريون ڇوڪرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ چڱا جواب لکي ويون هيون. اها ڳالهه منهنجي انهيءَ ويساهه کي پختو ٿي ڪري ته ڇوڪريون ڇوڪرن جي نسبت وڌيڪ پڙهن ٿيون يا انهن کي شاعريءَ سان عام طور تي وڌيڪ دلچسپي آهي. گهڻا ته اهڙا نڪتا، جو معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ هنن ان کان اڳ ۾ ڪا شئي، ڪو ڪتاب پڙهيو ئي ڪونهي. ٻيا ڪي، جن ٿورو گهڻو پڙهيو هو، سي به ادبي تجربي کان بلڪل ناواقف هئا. اهي، جن جي راين مان ڏٺو ويو ته انهن وڌيڪ ڌيان سان شعر جو مطالعو ڪيو هو، تن کي ان ۾ ڪانه ڪا قدر لائق شئي نظر آئي هوندي، جنهن کين ان جي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ اڀاريو هوندو.“

معنيٰ کي سمجهڻ (Construing)؛

 ”گهڻن ته سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي آهي. توڙي جو معنيٰ جي نه سمجهي سگهڻ جي ڳالهه عام آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو ناڪامياب ٿيو آهي ته ان تي حيرت نه آهي. معنيٰ کي سمجهڻ جي باري ۾ اسان جيترو وڌيڪ ويچار ڪنداسون اوتروئي اسان ۾ ”شعر لاءِ محبت“ پيدا ٿيندي. جنهن سان اسان جي سمجهه واري اهليت به شامل هوندي. شعر جي معنيٰ کي سمجهڻ هڪڙو هنر (Craft) آهي. اهو سيکاري سگهجي ٿو. باصلاحيت شاگرد ته کڻي ڪم ڪڍي ويندا، پر تعليم ۽ مشق ٻين لاءِ تمام ضروري آهي. ۽ ڏسڻو اهو آهي ته هن باري ۾ تعليم جو بهترين طريقو ڪهڙو آهي.“

اڳواٽ رٿيل ويچار ۽ ڀروسا (Stock Responses)؛

 ”هن طرح عام معنائون ان وقت وري ٿيون ظاهر ٿين، جڏهن انهن جي ضروت ڪانه ٿي رهي. اڳواٽ حاصل ڪيل ويچارن تي اڳ ۾ ئي خاص بحث ڪيو ويو آهي.“

تعصبي نگاهه (Pre-Conception)؛

 ”هن هيٺ ڪي پرکون، ڪي معيار ۽ اڳواٽ فرض ڪيل ڳالهيون (Pre-Suppositions)، جيڪي انهيءَ ڳالهه ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون ته ڇا پسند ڪجي ۽ ڇا ڌڪاري ڇڏجي، سي سڀ ڳالهيون اچي ٿيون وڃن.“

حيرت ۽ خوف (Bewilderment)؛

 ”ڪن حالتن ۾ معلوم ٿيو ته نااميدي ۽ نرسائي ۽ بيوس هئڻ وارو جذبو به جوابن يا Protocolos ۾ وڏو عنصر هو. اهي ماڻهو، جيڪي جواب ڏيئي نه سگهيا، سي رڳو ارادو پڪو ڪري نه سگهيا. ٿي سگهي ٿو ته هنن وٽ خيال گهڻا هجن ۽ هو انهن مان ڪي خاص رايا چونڊي نه سگهيا هجن.“

سندي شخصيت جو رعب (Authority)؛

 ڪن شاعرن جي باري ۾ انهن جي نالن معلوم ڪرڻ کانپوءِ انهن جي شخصيت جو رعب قبول ڪيو ويو آهي. انهيءَ حالت ۾ اسان جڏهن ”شيلي“ ۽ ”ملٽن“ جا نظم ڏٺا، تڏهن معلوم ٿيو ته اسان نظم جو نه پر نظم جي صنم (Idol) يا مثالي تصور جو اڀياس ڪيو آهي ۽ ان کان متاثر ٿيا آهيون.“

خيالن ۾ اختلاف (Yariability)؛

 ”اسان کي آسانيءَ سان اقرار ڪرڻ گهرجي ته جڏهن شاعر پنهنجا نظم اسان جي هٿ تي رکن ٿا ۽ اسان اهي پڙهون ٿا، ته ان وقت جيڪي اسان چئون ٿا سو ڏهن مان نون حالتن ۾ ته اهڙو، جو ان جو نظم سان ڪو واسطو ڪونه هوندو آهي. اسان جيڪي چئون ٿا، سو يا ته حضور شرميءَ کان يا يارانيءَ جي ڪري اسان جي اڳيان ڪو ٻيو سماجي مقصد هوندو آهي. خاص ڪري تڪڙ ۾ يا ماڻهن جي منهن تي پڙهڻ واري نظم جي متعلق ته اسان جو رايو ڪڏهن صحيح ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. شعر ته اسان جي ذهن ۾ ان وقت هوندو ئي ناهي، ته اسان ان جي لاءِ چئي ڇا سگهنداسون! شعر جي باري ۾ اسان جيڪي ”محفلن“ يا ”ڪچهرين“ ۾ چئون ٿا، ان کي کڻي اٿڻ ويهڻ وارو کل ڀوڳ (Social gesture) چئجي. اهڙيءَ حالت ۾ مثالي ۽ عمدي شعر کي معمولي ۽ اڻ هوند وارو چيو ويو آهي ۽ ڪڏهن ته معمولي شعر کي مثالي يا عمدو چيو ويو آهي.“


 

 عام وٿون يا قدر (General Values)؛

 ”اها ڳالهه به صحيح ناهي ته اهو ماڻهو، جنهن شعر جي پڙهڻ ۾ پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪئي آهي، سو هونئن ٻيءَ حالت ۾ يعني عام زندگيءَ به بيوقوف هوندو، ۽ اها ڳالهه به غلط آهي ته جنهن شعر جي باري ۾ ڪي عام حقيقتون ڳولي لڌيون آهن، سو عام زندگيءَ ۾ به عام ڪمزورين کان پاڪ هوندو. بيشڪ ڪنهن حد تائين شعر ۾ ٻين آرٽس جيان هڪ ڳجهو سرشتو آهي، جنهن جي لاءِ وڏي سوچ گهرجي، پر ڪي ته اهڙيءَ سوچ لاءِ تيار ئي نه ڪيا ويا آهن ته پوءِ انهي ميدان تي هو ايندا ڀلا ڪيئن.

”ٻاهرئين حالت ۾ توڙي جو ماڻهو اشارن، ڌنڪن، آواز ۽ اظهار جي مامرن ۾ ڏاڍو ڀڙ هوندو آهي، پر ته به جيڪڏهن اهي ڳالهيون هن کي شعر جي صورت ۾ آڏو آنديون آهن، ته ڪن فني ڳالهين جي ڪري هو اهي ڳالهيون به شعر مان ڳولي نه سگهندو آهي.

”اها ڳالهه به راين ۾ پڌري ٿي آهي ته ڪي ويچارا ته انهيءَ ڪري ناڪامياب ٿيا آهن، جو انهن کي پڙهڻ جو هنر يا اٽڪل ڪانهي، پر انهن کي انهن ٻين کان آسانيءَ سان جدا ڪري سگهجي ٿو، جن جي ناڪاميءَ جا سبب تمام گهرا آهن.

”انهن جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو جيڪي عام زندگيءَ جي ڳالهين کي آساني سان سمجهن ٿا ۽ جن زندگيءَ جي قدر ۽ قيمت کي سڃاتو آهي، اهي شعر جي باري ۾ ڪوبه فيصلو آساني سان ڪري ٿا سگهن، ڇوته عام زندگيءَ ۽ شعر ۾ ڪو فرق ڪونهي. جيئن عام طور اديب سمجهن ٿا، ۽ غلط ٿا ڪن، اسان جي روزمره جي جذباتي زندگيءَ ۽ شعر جي مواد ۾ ڪو فرق ڪونهي. اهڙي زندگيءَ جو لفظي اظهار رڳو شعر جي ٻوليءَ جو محتاج رهندو آهي.

”شعر سٺو نه ته عام يا خراب شعر سهي، پر اسان کي ان جي تقاضائن ۽ ضرورتن پٽاندڙ ئي ان کي ڏسڻ گهرجي.

”مان انهيءُ ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهان ته شعر کان بي ُرخيءَ مان زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه بي رُخيءَ جو پتو پوي ٿو.

”سچي ڳالهه ڪبي ته راين مان اهو ظاهر ٿيو آ ته شعر جو رڳو ڏهون حصو به ظاهر نه ٿيو آهي، جنهن مان ڪو سچو پچو فائدو پهتو هجي. ڏهون ته ڇا، مان ته چوندس ته هزارون حصو به ظاهر نه ٿيو آهي. ڇا، اهو ممڪن ناهي ته اسان پنهنجي پڙهيل ماڻهوءَ کي شاعريءَ جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ورنائڻ جا بهتر وسيلا موجود ڪري ڏيون ته جيئن هو انهن معرفت وڌيڪ بهتر تجربو حاصل ڪري سگهي.“

نفسيات جو غلط استعمال (Abuse of Pshcology)؛

 انهيءَ ڳالهه ۾ هاڻي شڪ آهي ته هر ڪو نفسيات جو ماهر هروڀرو شعر پڙهڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو. نفسيات جون ڳالهيون گهڻيون ته جدا آهن ۽ ادب سان (رچرڊس جو خيال آهي ته) انهن سڀني جو واسطو گهٽ آهي.

 زيادتي (Profanation)؛

 هن باري ۾ ڪو خاص ڪم جو مواد ڪونه آيو آهي. رڳو ايرو ٻڌايو ويو آهي ته نفسيات جا بلڪل ئي نوان نظريا جهڙوڪ Stumulus Response and Behaviorism به اسان جي مدد ڪري نه ٿا سگهن. نفسيات کي اڃا ترقي ڪرڻي آهي ۽ شايد اڳتي هلي نفسيات ڪا مدد ڪري.

 عقلمندي جي ڳالهه ٻولهه (Prudential Speech)؛

 ڳالهائڻ سيکارڻ جي باري ۾ ويجهڙائيءَ ۾ وڏي تحقيق مسٽر ”پياجي“ (Piaget) ڪئي آهي. هن جو ڪتاب “The Language and Thought of Child” گهڻو مشهور آهي. ان ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي صاحب وري “Introduction to Piaget” جي نالي ڪتاب لکيو آهي. (اهي ٻيئي ڪتاب مون ڏٺا آهن.) رچرڊس انهن ٻنهي جو حوالو ڏنو آهي. اڳ ۾ اسان جو خيال هو ته ٻولي سيکارڻ جو سڄو ڪم منڍ ۾ فطرت (Nature) (”نفسياتي تنقيد“ ڏاڍو مفيد آهي) پاڻ ئي ڪري ٿي ڇڏي، پر ”پياجي“ ٻڌايو ته فطرت جو ان مامري ۾ ڪجهه به نه وڃي. ”پياجي“ چيو ته منڍ ۾ ئي ٻولي سيکارڻ لاءِ جي مدد هٿرادو طريقن سان ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ته ٻار ٻولي ڪتري سمجهي ٿو، ڪو آسان ڪم نه آهي. نئين تحقيق انهيءَ باري ۾ ٻڌائي ٿي ته ٻوليءَ جو عقلي ڪم ته عمر جي تمام چڱي عرصي کانپوءِ ڪري ٿو سگهجي. ان وقت تائين ته رڳو سماج جي مدد سان ٻولي ڳالهائي ۽ ڪن حالتن ۾ لکي ٿي سگهجي. پر ٻوليءَ جو عقلي استعمال پوءِ به ڪرڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ٻولي پاڙهڻ کي ٻين ملڪن ۾ هاڻي تمام گهڻي اهميت ملي رهي آهي.

هن باري ۾ Conrad جو خيال آهي ته ڪيترين حالتن ۾ رشيا جا ماڻهو لفظ ”ٻاهر هارين ٿا“ (Pour words out) (1)

جنهن مان هن جو مطلب اهو آهي ته شاعريءَ جي ٻوليءَ جو عقلي استعمال ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته شاعريءَ جي ٻولي جيڪا تمام سڌريل هئڻ گهرجي، تنهن کي وري سمجهڻ به فني لوازمات سان گڏ هڪ ڏکيو ڪم آهي.

سمجهڻ (Understanding)؛

                  ”سمجهڻ“ انهيءَ کي نه چئبو آهي ته اسان رڳو آواز ۽ لفظ جي شڪل ڏسون ۽ ٻڌايون. انهيءُ جي ڀيٽ ۾ خيال، جذبا، احساس جيڪڏهن لفظن جي وسيلي پيدا ٿين، ته سمجهجي ته اسان ڪجهه سمجهي رهيا آهيون. ٽينءَ سطح تي سمجهڻ جو مطلب آهي ”عقلي امتياز ڪرڻ“ جنهن کي (Intellectual Discrimination) چئبو.

ان کانسواءِ هڪ ٻي شئي آهي، جنهن کي (Dictionary understanding) چيو ويو آهي. ان ۾ لفظن جي معنيٰ لفظن ۾ اچي ٿي. پر اها پڪ ناهي ته اها معنيٰ اسان ڪيتري عقلي طور تي سمجهي ۽ ڪم آڻي سگهون ٿا.

(15)مونجهارا (Confusions؛

                   رچرڊس چوي ٿو ته مونجهارا چار ٿي سگهن ٿا!

ٻوليءَ جي هڪڙي استعمال کي اسان ٻيو استعمال ٿا سمجهون،

عام طور تي ڳالهائڻ کي اسان اظهار ٿا سمجهون،

ٽون (Tone) کي ارادو ٿا سمجهون، ۽

ارادي (Intention) کي ٽون.

ان کانپوءِ 16 يا 17 نمبر تي جيڪو مواد اچي ٿو، اهو عام قسم جو آهي، ۽ ان جو تفصيل رچرڊس جي ٻين ڪتابن يعني (معنيٰ جي معنيٰ) ۽ ”ادبي تنقيد جا اصول“ ۾ آيو آهي. ان ڪري هت انهيءَ باري ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب ناهي.

ڪتاب جي هن باب ۾ انگريزي پڙهڻ جي باري ۾ به معلومات آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته عملي تنقيد جي سلسلي ۾ هيءُ انگريزيءَ جي تعليم جو باب به اسان لاءِ تمام ضروري نه آهي. ان ڪري آءٌ ان کي ان ضميمي سان گڏ ڇڏي ٿو ڏيان، جيڪو معنيٰ جي باري ۾ ڪتاب جي پويان آيو آهي. (جيڪي جيئرا، ضروري ٿيو ته اهي حصا به ڏبا.)

هن طرح رچرڊس جي ڪتاب (Practical Criticism) جو هڪ سروي پورو ٿيو. مون هر هنڌ نوٽ ڪونه لکيا آهن. ڪتاب جو مواد صاف ۽ سڌوسنئون آهي. جيڪو صاف آهي، مڙئي ڏنو اٿم. رچرڊس-

اڳ ۾ ته اهڙي ڪتاب لکڻ جي ضرورت ۽ سبب بيان ڪري ٿو.

پوءِ اهي ڳالهيون ٿو ٻڌائي، جيڪي هن جي پنهنجي نظريي يعني ”عملي تنقيد“ جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون.

تنهن کانپوءِ 13 نظمن جي آڌار تي هو عملي تنقيد جو اصلي ڪم ڪري ٿو. اهو ڪم به هو ٽن طريقن سان ڪري ٿو. رايا وٺي ٿو، رايا سمجهائي ٿو، ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ٿو ڪري.

ان کانپوءِ شاعريءَ جي دنيا يعني هن دور جي تهذيب کي سڌارڻ جا مشورا ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهي ڳالهيون جيڪي اسان لاءِ مشڪلات جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿيون تن کي ڪيئن حل ڪجي.

رچرڊس ادبي تنقيد جي باري ۾ به ٻه نظريا ڏنا آهن. مون هن مضمون سميت ٻنهي تي لکيو آهي. ٻيو نظريو Axiological  تنقيد جو آهي، جنهن جو بنياد ڪنهن ادبي شئي جي قدر (Value) تي رکيو ويو هو، ۽ ان مضمون ۾ جيڪي خيال ڏنا اٿس سي ”عملي تنقيد“ جي باري ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا. هنن نظرين جي سچائيءَ جو فيصلو ته وڌيڪ سوچ، وڌيڪ مطالعي ۽ عالمي ادب توڙي پنهنجي ادب جي پرک ۽ ساڃاهه جي عملي ڪم وسيلي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

هن کان اڳتي آءٌ رچرڊس جي ٻئي خيال تي لکندس.


(1)  Conrad: “Under Western Eyes”, Page 3.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com