باب ٻيو
ادب جي نظرياتي تنقيد
(Criticism, its Ideological view)
1- هڪ تنقيدي پروگرام؛ ادبي تنقيد جي باري ۾ اسان
جي اڳيان جيڪي اهم سوال اڄ سوڌو موجود آهن، تن جي
طرف هاڻي اسان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان ادب ۾ هڪ
بي خبريءَ جو دور ڏٺو آهي. ان دور ۾ اسان لکندا ته
رهيا آهيون پر پنهنجن تحريرن جي مقصدن ۽ تنقيدي
اصولن کان اسان عمومي طور تي غير واقف رهيا آهيون.
دنيا جي گهڻو ڪري سڀني وڏن اديبن جي اڳيان اهي
سوال موجود رهيا آهن ته
(1) ادب ۾ نظريي جو مقام ڪهڙو آهي؟
(2) ادب ۽ آرٽ ڪهڙو ڪم ٿو ڪري ۽ ادبي آرٽ جا اصل سوال ڪهڙا آهن؟
(3) ادب ۾ جمالياتي قوتن جو ڪارج ڪهڙو آهي، ۽ ڇا،
جماليات ۽ سماجيات جو به ڪو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي؟
(4) ادب ۾ شخصيت، سوچ، تجربي، مشاهدي، خيال ۽ فڪر
کي ڪهڙو مقام حاصل آهي، يعني ادب جي نفسياتي تنقيد
جا اصول ڪهڙا آهن؟
(1) ادب ۾ قدر يا وٿ
(Value)
جي جاءِ ڪهڙي آهي؟
(2) ادب کي ڪنهن تعليمي اداري ۾ پاڙهڻ لاءِ ڪهڙو
عملي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي؟
هن خيالن کان اسان جي لاءِ هن وقت اهم سوال اهي ئي آهن ۽ فقط
انهن ئي سوالن جي موزون جوابن ڏيڻ سان ئي اسان
پنهنجي ادب جي هڪ سڌريل تنقيد لکي سگهنداسون. ادبي
تنقيد جي هنن تمام وڏن سوالن کان سواءِ اسان جي
لاءِ ضروري آهي ته اسان ڏسون ته اسان جي شاعرن،
اديبن مان هر هڪ ڪهڙو پيغام ڏنو آهي يا هن انساني
سماج جي ڪهڙيءَ حقيقت کي ڳولي لڌو آهي يا هن
انساني سماج جي ڪهڙي تنقيد لکي آهي يا اڃا به ته
هن انسان ذات جي قوت ۽ عمليت کي ڪيترو سمجهيو ۽
سمجهايو آهي. منهنجي اڳيان هي ڳالهه تنقيد جي
بنيادي ڳالهه آهي ۽ هن طرح اسان جي لاءِ ٻوليءَ،
تنقيد ۽ ادبي تاريخ جا بي انتها سوال موجود آهن ۽
هاڻي اسان کي هنن سوالن جي جوابن ڏيڻ جو تمام وڏو
ڪم هٿ ۾ کڻڻو آهي.
هنن ڳالهين کي خيال ۾رکي، اسان هت ادب جي نظرياتي تنقيد جي باري
۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي رهيا آهيون. هن ابتدائي ڪم کي
اسان اڳتي وڌائي، ادب ۽ نظريي جو هڪ مڪمل تجربو
ڏيئي سگهنداسون.
2-ادب جا محرڪ؛ ادب هرڪو علامت آهي، ڪنهن نه ڪنهن سماج جي. اهڙي
ريت قومي ادب
(National Literature)
۽ تقابلي ادب
(Comparative Literature) به سماجي علامتون آهن، جن ۾ هڪڙي هنڌ ادب جو ڪنهن قوم جي سماج
سان تعلق آهي ته ٻئي هنڌ اهڙن گهڻن سماجن جو باهمي
رابطو موجود آهي. ان ڪري ادب ۽ سماج جي باب ۾ سڀ
کان وڌيڪ ضروري اهو لاڳاپو آهي، جيڪو ادب ۽ سماج
جي وچ ۾ آهي.
هن ڳالهه جو سنئون سڌو واسطو انهيءَ ڳالهه سان آهي ته اهي
ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ڪنهن سماج ۾ ادب جي
تخليق ۾ مدد ڏئي رهيون آهن، يعني هي ته اياز جيئن
لکي ٿو تيئن ڇو ٿو لکي، شمشير جو گهڻو شعر
Abstract
يا رُکو ڇو آهي، تنوير جي شاعراڻي صلاحيت، جو گيتن
۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم آئي، ته ان جو مطلب ڪهڙو آهي يا
هيئن ته امداد ڦاهي ڇو ٿو چڙهي. اها ڳالهه ظاهر
آهي ته جيڪڏهن ادب جا محرڪ پنهنجو پاڻ ئي سماجي
نوعيت جا نه هوندا ته پوءِ ادب جو سماجي ڪارج ۽ ان
جي عوامي نوعيت مقرر ڪري نه سگهبي. مطلب ته هر
ادبي چيز جي پسمنظر ۾ ڪي ذهني ۽ نظرياتي، سماجي ۽
معاشرتي، نفسياتي ۽ خارجي محرڪات هوندا آهن. جيسين
انهن محرڪات تي روشني نه پوندي تيسين ان کي تنقيد
ئي ته چئبو.(1)
انهيءَ خيال کان ادب ۽ سماج جي لاڳاپي جي باب ۾ گهڻو ئي لکيو
ويو آهي، جنهن ۾ ادب جي محرڪن جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ
ملي ٿي وڃي. ڪن ماڻهن (مثال طور) اهو خيال ظاهر
ڪيو آهي ته ڪنهن سماج ۾ وڌ ۾ وڌ طاقتور محرڪ آهي
نسل
(Race).
مشهور محقق ٽين
(Taine)
(2)
نسل کي حياتياتي قوت سمجهي ٿو ۽ انهيءَ ڪري هو
ان کي تخليقي قوت جو سرچشمو مڃي ٿو. ساڳئي ريت
هيگل (3)
۽ ان جي پوئلڳن وٽ سماج کي زندهه رکڻ واري هڪ قوت
آهي، جنهن کي هو سماج جو روح
(Spirit)
چون ٿا. ڪي صاحب وري هن خيال جا آهن ته ادب جي
محرڪن مان وڌ ۾ وڌ طاقتور محرڪ آهي سماج ۾
خريداريءَ جي سگهه
(Purchasing Power).
هن خيال مطابق ادب ۽ آرٽ جي ترقي جو واسطو انهيءَ
سوال سان آهي ته ڪنهن سماج ۾ ادب ۽ آرٽ جي خدمتن
(Services)
جي لاءِ قوت خريد يا پئسو موجود آهي يا نه، ۽ جي
آهي ته ڪيترو آهي.
ڪينس
(1) (John
Maynard Keynes) جيڪو اقتصاديات جو ماهر هو، ان جو خيال آهي ته شيڪسپيئر جي دور
۾، جو ڊرامي ايتري ترقي ڪئي ۽ خود شيڪسپيئر تمام
وڏو ناٽڪ نويس ٿي ويو، ان جو مطلب اهو آهي ته ان
وقت جو انگلينڊ انهيءَ لائق بڻجي ويو هو ته اهو
ڊرامي جي خدمتن لاءِ پنهنجو پئسو خرچ ڪري سگهي.
مارڪسي مفڪرن وٽ سماجي زندگي جو محرڪ آهي پيداوار جو ڍنگ يا
طريقو
.(Mode of Production)
ان ڪري روسي ۽ مارڪسي مفڪر سماج جي هر شئي جو محرڪ
به ان پيداواري طريقي، ڍنگ يا سرشتي کي سمجهن ٿا.
انهن سڀني مختلف خيالن مان جيڪي به ادب جا محرڪ نظر اچي
رهياآهن، تن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو خود سنڌي
ادب جو محرڪ هجي، يا ڀلا اهو ڪهڙو محرڪ يا اهي
ڪهڙا محرڪ آهن، جن سنڌي ادب جي اپت ۽ ترقيءَ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو سوال هڪ مشڪل سوال
آهي ۽ پر اهوئي سوال ڏاڍو اهم آهي، ڇو ته سنڌي ادب
جي تاريخ لکڻ کان اڳ ۾ انهيءَ باري ۾ فيصلو ڪرڻ
تمام ضروري آهي. ٻيءَ حالت ۾ اسان جي ادب جي ڪابه
قابل قدر ۽ مڪمل تاريخ ٺهي نه سگهندي.
(1). ادب جو مارڪسي محرڪ؛ مٿي جيڪي ادب جا محرڪ ڄاڻايا ويا آهن،
تن مان هن مضمون ۾ نظرياتي تنقيد جي موضوع جي
دائري اندر فقط مارڪسي نظرين تي بحث ٿي سگهندو.
ڇوته مارڪسي تنقيد نظريي سان تعلق رکي ٿي ۽ اهو
نظريو دنيا جي ڳچ ساريءَ آبادي لاءِ زندگي جو اصول
۽ قانون بڻجي چڪو آهي.
ادبي خيالن کان اهڙي تنقيد هن ڪري هڪ نظرياتي تنقيد آهي، جو
اهڙن اديبن وٽ جيڪو سماجي محرڪ آهي، اهو به هڪ
نظريو آهي. اهڙيءَ تنقيد ۾.
تنقيد جا اصول ۽ ويچار ادب کان ٻاهر ۽ ڪنهن ڏاهي جي مٿي ۾ پيدا
ٿيندا آهن.
(2) ادب يا سماج سڄو ئي انهيءَ ڏاهپ جو محتاج رهندو آهي.
(3) اهڙي ريت ليکڪ به انهن اصولن جا محتاج رهندا
آهن، ۽
(4) خود انهيءَ تنقيد جي پنهنجي نوعيت جي مطابق
ادب فقط اهو آهي، جيڪو سماجي نظريي کي سماج جو وڏي
۾ وڏو اصول تسليم ڪري.
ان ڪري هڪ مارڪسي تنقيدنگار نه رڳو ادب ۽ سماج جي لاڳاپي جو
مطالعو ٿو ڪري، پر اهو به ٻڌائي ٿو ته اهو لاڳاپو
ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙو هئڻ گهرجي.
اهڙيءَ ريت مارڪسي تنقيد ادب تي فيصلي صادر ڪرڻ واري
(Authoritative)
تنقيد آهي.
مارڪسيت ڇاڪاڻ ته خود هڪ نظريو آهي ۽ اهو زندگيءَ جي فلسفي جيان
ڪم ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته
اها ادب کي هڪ غيرگروهي
(Classless)
سماج تيار ڪرڻ لاءِ ٻڌل رکي.
هن طريقي سان مارڪسي تنقيد ادبي تنقيد گهٽ ۽ سماجي، سياسي ۽
اخلاقي تنقيد وڌيڪ آهي، ڇو ته اها سماج جي انهن
سياسي ۽ اخلاقي نظريات سان تعلق رکي ٿي، جيڪي هڪ
مخصوص سماج ۾ جنم وٺن ٿا.
مارڪسي تنقيدنگار نه رڳو هڪ تنقيدنگار آهي، پر اهو تنقيد جو
پرچارڪ به آهي.هن نظريي مطابق؛
(1) ادب سماج جي اندر هڪ ضروري جنس
(Essential Commodity) جهڙو آهي.
(2) ادب هڪ اپائتو
(Producer)
آهي، ان ڪري اجورو به لهڻي ٿو.
(3) ادب نه رڳو هڪ مخصوص سماج ۾ هڪ نظريي جو مبلغ
آهي، پر ان کانسواءِ پنهنجي سماج جو هڪ مڪمل خاڪو
به آهي.
(4) ادب فقط سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تقاضائن جي
پيداوار آهي.
(5) ادب خود هڪ نظرياتي محرڪ جهڙو آهي، جنهن لاءِ
اهو ضروري آهي ته هو زندگيءَ تي اثرانداز ٿئي ۽
سماج کي بدلائڻ جي صلاحيت رکي.
هنن سڀني ڳالهين کي گڏي پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته مارڪسي
تنقيدنگار وٽ ادب ۽ سماج جو لاڳاپو جان ۽ روح جو
لاڳاپو آهي. ادب ۽ سماج ٻيئي هڪٻئي کي پيدا ڪرڻ جا
ذميوار آهن، ٻنهي جو طريقي ڪار به ساڳيو آهي.
ڇاڪاڻ ته ٻيئي هڪ ئي فلسفي جي پيداوار آهن، ان ڪري
ٻنهي جو بنياد به ساڳيو آهي. ٻيئي هڪ ئي اصول يعني
پيداوار ۽ ان جي تقسيم جي طريقي کان متاثر ٿيا آهن
۽ وري موٽ ۾ ان تي اثر انداز به ٿين ٿا.
مارڪسي تنقيدنگار وٽ ادب زندگيءَ جي سچي پچي تصوير آهي. ڇو ته
مارڪسيت خود هڪ فلسفو آهي ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ
تمام ضروري آهي. وري مارڪسي وٽ هڪ فيلسوف يا ٿنڪر
(Thinker)
فقط اهو آهي، جو نه رڳو زندگيءَ جو تجزيو ڪري پر
ان کي تبديل به ڪري. محض لکڻ پڙهڻ ۽ خيالات ڏيڻ
واري ماڻهوءَ کي مارڪس ان ڪري اديب تسليم ئي نه ٿو
ڪري.
روس ۾ تنقيد زندگيءَ جي ٻين معاملات جيان تڪڙي تڪڙي تبديل ٿيندي
رهي آهي. ان کي ان وقت تائين قرار اچي نه سگهبو،
جنهن وقت تائين ان جو هڪ مقرر ٿيل نظريو ادب تي
حاوي ۽ محيط نه ٿيو. تنقيد جو هيءُ نئون نظريو
اشتراڪي عينيت
(Socialist Realism)
ٿو سڏجي.
(1) مارڪسي تنقيد جو تاريخي تجزيو؛ اشتراڪي عينيت جو نظريو
پنهنجي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ ٻن مخالف نظرين يعني
فارملزم ۽ فيوچرزم
(Formalism and Futurism)
سان وڙهندو وڙهندو مٿي چڙهندو آيو آهي.
فارملزم مطابق، تنقيد ادب کي فقط فن ۽ فارم جي باريڪين ۾ ڏسڻ
گهري ٿي ۽ فارملزم ادب ۾ غير حقيقي يا تصوراتي
رجحانات جو علمبردار آهي. هن نظريي مطابق ادب
سماجي ۽ سياسي رجحانات جو حامل ٿي نه ٿو سگهي. هن
نظريي جي عملبردارن کي سيراپي ڀائر سڏيو ٿو وڃي.
هن حلقي ادب ۽ ادبي تنقيد تي وڏو اثر ڪري وڌو ۽
اهو ئي سبب هو، جو مارڪسي تنقيدنگار هن حلقي جا
مخالف ٿي پيا هئا. هن حلقي جو پڳدار مسٽر لونز
(Lunz)
هو، جو ادب براءِ ادب جي نظريي جو پرچارڪ هو.
مسٽر لونز اجهو هيئن ٿو چوي؛ آرٽ ۾ جا ڳالهه
اهميت واري آهي، سا آهي ان جو فارم (صورت-
Form)
جنهن کي فن جي مدد سان پيدا ڪري ٿو سگهجي. آرٽ به
زندگيءَ جيان پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ حق ۽ سچ آهي. آرٽ
جو به نه ڪو خارجي مقصد آهي، نه مفهوم. آرٽ فقط
انهيءَ ڪري موجود آهي، جو ان کي موجود رهڻو آهي.
(يعني اهو پنهنجي وجود جي لاءِ خارجي حقيقت جو
پائبند نه آهي.)
هن مان هي ڳالهه ظاهر آهي ته آرٽ، لونر جي خيال ۾، سماجي
تقاضائن ۽ نظرياتي مقاصد جي حمايت لاءِ استعمال
ڪري ئي نه ٿو سگهجي. انهيءَ ڳالهه ۾ ئي مارڪسي
تنقيدنگارن کي خطرو نظر آيو هو. مارڪسي تنقيد
نگارن ۽ اديبن لاءِ ادب کي فقط جدلياتي ماديت
(Dialectical Materialism or Diamat)
جي خدمت ڪرڻي آهي. اشتراڪي عينيت ۽ ٻين نظرين جي وچ ۾ جا ڇڪتاڻ
هلي رهي هئي، تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ آخرڪار (1932ع
۾) سرڪار مداخلت ڪئي ۽ اشتراڪي عينيت کان سواءِ
ٻين سڀني نظرين کي سرڪاري طور تي ختم ڪيو ويو. ان
پڄاڻان اشتراڪي عينيت کي سرڪاري طور تي تنقيد ۽
ادب جو فلسفو تسليم ڪيو ويو. مارڪسي تنقيد جو
پهريون حامي پليخانوف
(Plekhanov)
هو ۽ ٻيو مئڪسم گورڪي. هن حلقي ۾ ٻين نالن مان ڪي
آهن وو رونسڪي، گوربو، روگا چيسڪي ۽ پريورزيف.
پريورزيف
(Pereverzeu)
صاحب جي نالي پٺيان تنقيد جو هڪ نظريو به قائم
ٿيو هو، جنهن کي مينشيويت
(Menshivism)
چيو ويندو آهي.
هن نظريي جو بنياد مارڪس جي هڪ قول تي آهي. مارڪس جو چوڻ آهي ته
ڪنهن سماج ۾ فيصلي ڪن حقيقتون خيالن جون نه پر
حالتن جون آهن. ۽ هن قول منجهان ئي تنقيد جي هن
نظريي پنهنجي حجت حاصل ڪئي.
هن قول جو تمام محدود مفهوم وٺي مينشيويت وارن چوڻ شروع ڪيو ته
ڪنهن به اديب جي ڪم کي پيدا ڪرڻ جي جوابداري ان
جي پنهنجي سماجي طبقي ۽ سماجي حالات تي ئي عائد
ٿئي ٿي. مارڪس جي مٿي آيل قول جو محدود مفهوم
وٺي، پريورزيف وارن جي ڌر مان نوسينوف وارن اهو
خيال ظاهر ڪيو ته ادب جو وڏي ۾ وڏو محرڪ آهي اديب
جو سماجي درجو يا ان جي سماجي حيثيت ۽ اهي حالتون
جن ۾ ڪو اديب گذاري رهيو آهي.
اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن اديب جي پنهنجي طبقاتي حيثيت ۽ ان
جي ذاتي حالتن کي ادب جو محرڪ سمجهيو ويندو، ته
پوءِ مڃڻو پوندو ته،
اديب فقط پنهنجي طبقي ۽ ڪلاس جي نمائندگي ڪري ٿو.
ادب جو دائرو مخصوص ۽ محدود سماجن تائين محدود آهي.
اهڙي طرح خود روس ۾ ٽالسٽاءِ کي مٿئين ڪلاس جي نمائندگي ڪرڻي
هئي.
هن نظريي جو بنياد هن ڳالهه تي آهي ته سماجي علامتون يا
حقيقتون جمالياتي حقيقتن ۽ علامتن کان نراليون يا
مختلف نه آهن. هن باري ۾ مانائتو ٽومارو لکي ٿو؛
اها ڳالهه غلط آهي ته سماجي حقيقتن ۽ جمالياتي
حقيقتن جو رڳو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو آهي، باقي هونئن
ٻيئي آهن جدا جدا. حقيقت هيءَ آهي ته جمالياتي
علامتون سماجي علامتن جو حصو به نه آهن. جمالياتي
علامتون ته پنهنجو پاڻ ۾ ئي سماجي علامتون آهن، ۽
اهڙيءَ ريت سڀئي سماجي علامتون ۽ حقيقتون جمالياتي
قسم جون حقيقتون ئي آهن
(1)
هن نظريي مطابق.
(1)جويو
محمد ابراهيم؛ سه ماهي مهراڻ نمبر 4، جلد 5،
سال 1956ع، صفحو 3.
(3)
Wilheim Friedried Hegel
George
1831. 170 ۾ فائيڊل برگ ۽ برلن ۾ فلسفي جو
پروفيسر هو.)
|