سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :6

باب پنجون

ادب جي نفسياتي تنقيد

ادب ۽ نفسيات؛ ادب کي جنهن حد تائين آرٽ سمجهيو ويو آهي، تنهن حد تائين نفسيات کي ان ۾ وڏو دخل آهي. آرٽ انسان جي ذهن جي هڪ اپت آهي ۽ انساني ذهن هڪ نفسياتي مامرو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو نفسيات جا عالم نفسيات جي اڀياس لاءِ تحرير ۽ تقرير کي بنياد بڻائين ٿا ۽ ادب جا عام من وديا جو آڌر وٺن ٿا ۽ ان جا اصول ڪم آڻين ٿا.

لکڻ جي محرڪ کان وٺي لکڻ جي فارم (نثر يا نظم)، لکڻ جي مقصدن، هنر، ڪارج ۽ اظهار جي خاص ۽ اهم طريقن، اسٽائيل ۽ اهڙين ٻين سڀني ڳالهين ۾ ليکڪ نفسيات جون تقاضائون پوريون ڪري ٿو. شعر الهام هجي يا ڪوشش، ٻنهي حالتن ۾ دماغ متاثر ٿئي ٿو، جو فقط اهو ئي هڪڙو ڪارخانو آحي، جنهن ۾ شعر جهڙي شئي جڙي ٿي سگهي. شعر نقالي هجي يا تخليق، دماغ جو وجود ۽ ان جو مانڊاڻ ئي ان کي ٺاهي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت، ادب جي گوناگون سوالن ۽ مامرن ۾ دماغ، ان جي مشيني قوت ۽ ان جو تنظيمي ڍانچو ئي آهي شيون آهن، جن کي قدم کڻڻو آهي ۽ بندوست ڪرڻو آهي.

سو چڱي طرح ڏسي ٿو سگهجي ته ارسطوءَ کان وٺي اڄ تائين، نفسيات، جيڪا اسان جي سوچ جي طريقن سان تعلق رکي ٿي، سا ادب جي سوالن جي جواب لاءِ بلڪه ادب جي وجود جي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. آرٽ جي سلسلي ۾ نفسيات جي علم جي مدد وٺڻ جا جيڪي فائدا ٿين ٿا،سي هيٺئين ريت ڄاڻائي ٿا سگهجن.

نفسيات جو علم اسان کي اهڙي ٻولي ۽ اهڙا لفظ ڏئي ٿو، جن سان اسان ادب جهڙي ڪنهن به تخليقي انساني ڪارنامي کي نهايت ئي موزون طريقي سان بيان ڪري ٿا سگهون. هن طرح اسان جي تنقيدي زبان سڌري ٿي ۽ اها انهيءَ لائق ٿي بڻجي، جو اسان ان جي مدد سان ادب جهڙي نازڪ موضوع تي بحث ڪري ٿا سگهون.

نفسيات جا طريقا ۽ ان جا اصول اسان کي ادب يا شاعر جي ذاتي زندگيءَ جي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ٿا ڪن. اهڙيءَ ريت اسان ڪنهن به اديب يا شاعر جي تخليق کي سمجهي ٿا سگهون. انسان جو لکيو- پوءِ اهو ناٽڪ هجي يا نظم، افسانو هجي يا مضمون- سڀ انسان جي ”من جي مها ڪهاڻي“ جو ڪونه ڪو حصو هوندو آهي. اديب ۽ شاعر به پنهنجو ذاتي تجربو لکن ٿا،عام انسان به پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ٻڌائي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت اسان اديب جي ذاتي زندگي سمجهڻ سان ان جا ذاتي لاڙا، ذهني طريقا ۽ وسيلا معلوم ڪريون ٿا، ۽ هن طرح اسان سندس تخليق کي بهتر طريقي سان سمجهي ٿا سگهون.

وڏي ڳالهه ته تصوراتي ادب (Fiction) جو پڪو دارومدار ئي هوندو آهي تصوراتي ڪردارن (Fictitious Characters) تي. هن قسم جا ڪردار تمام وڏو نفسياتي اڀياس گهرن ٿا. انسان جو ذهن گوناگون صلاحيتن وارو ٿئي ٿو. اهي سڀ صلاحيتون جدا جدا ڪردارن کي جنم ڏين ٿيون. هرڪو ڪردار پنهنجي هڪ جدا دنيا رکي ٿو. اها دنيا پڻ اديب جي تخليق ٿئي ٿي جنهن ۾ جدا جدا ”محل“ (Situations) ٿين ٿا. هر ماحول ۽ ”محل“ جو هڪ عروجي نقطو (Crescedo)يا ڏيک (Episode) ٿئي ٿو. اهو عروجي نقطو وري ناول يا ڪهاڻيءَ ۾ ٻيا عروجي نقطا ٺاهي ٿو. اهڙيءَ طرح ڏسجي ٿو ته هڪ ناول (يا هڪ ننڍڙو افسانو به) هڪ ”عالم اغر“جهڙو ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي هيئت جي خيال کان ”نفسياتي منڊاڻ“ (Psychological Complex) جهڙو ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو، نظم، ناٽڪ، ڪهاڻي يا فئنسٽي تي مڪمل بحث ڪرڻ لاءِ نفسيات جي اصولن جو اڀياس ضروري ٿو ٿئي.

(2) نفيساتي تنقيد جو پسمنظر؛ ويهين صديءَ جي منڍ ۾ ئي ڪيترا اديب فرائيڊ جي تحقيق کان متاثر ٿيا هئا. مسٽر برل (Brill) فرائيڊ جا ٻه مشهور ڪتاب (1) انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا.

ان کانپوءِ 1910ع ۾ ڊاڪٽر جونس (Dr. Jones) هئمليٽ جي جيڪا تشريح ڪئي، ان ۾ فرائيڊ جي تحقيق کان ڪم ورتائين(2).

هن قسم جون تحريرون اديبن ۽ ليکڪن لاءِ وڏيءَ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويون هيون. ان وقت اهو سمجهيو ويو هو ته فرائيڊ جي تحقيق مان آرٽ جي طريقن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي سگهي. هن طرح، فنڪار (Artist) جي لاشعوري مقاصد (Unconscious Intentions)  کي سمجهڻ جون ڪوششون شروع ٿيون ۽ تصوراتي ڪردارن (Fictitious Characters)  جي ادبي حيثيتن کي اڀياس هيٺ آندو ويو. ان وقت فرانس جي ادب ۾ ”ادبي سڀاويت“  (Literary Naturalism) جو خيال اڀري آيو هو. فرانس جي ادب جي انهيءَ لاڙي (Trend)  پٽاندڙ انسان پنهنجي ماحول يا حياتياتي صورت جو شڪار (Victim) هو. فرائيڊ جي تحقيق ان دور ۾ اهڙي معلومات ڏني، جنهن مان انسان جي هن مجبوريءَ واري ماحول کي آسانيءَ سان سمجهيو ويو. هي مجبوريءَ وارو ماحول يا اهي جبر واريون حالتون (Repressions) انسان جي سماج جي پيداوار هيون. فرائيڊ ان وقت چيو هو ته ”انسان وحشي آهي پر بيمار آهي“ (Man is siek rather than villainous). ساڳئي ڳالهه ان وقت حياتيات جي عالمن ڏانهن به منسوب هئي. هنن جو خيال هو ته ڪردار جي سڄي جوابداري فرد تي ناهي پر فرد ته ماحول ۽ سماج جي طاقتن جي اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي.

اهڙيءَ حالت ۾ نفسيات جي تحقيق اها ڳالهه آسان بڻائي ڇڏي ته انسان پنهنجي انا يا اندر جي اظهار جي لاءِ مجبور آهي. اهڙيءَ ريت فرائيڊ جي نظرين مطابق ۽ ان جي ٺاهيل اصطلاحن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن به ادبي تخليق مثلن ناٽڪ، افساني، ناول يا نظم وغيرهه ۾ جهاتي پائي ڏسڻ سان ان ۾ پيش ٿيل انساني مامرن کي واضح نموني سمجهي ۽ پروڙي سگهجي ٿو.

ان دور جو هڪ ٻيو وڏو حادثو آهي ائڊلر (Adler)  جو احساس ڪمتريءَ (Inferiority Complex) وارو نظريو. هن نظريي تخليقي ادب تي وڏو اثر وڌو آهي. ساڳئي ئي دور ۾ ُجنگ (Jung) اجتماعي لاشعور (Collective Unconcious) جو تصور ڏنو هو. پر هنن نظرين جو بنياد به فرائيڊ جي تحقيق تي رکيو ويو هو. فرائيڊ جي تحقيق جو ادب تي جيڪو اثر پيو هو، ان جو اڀياس هاف من (Hoffman) (1)وري لارنس، شر ووڊ، ۽ اينڊرسن (Lawrence, Sherwood, Anderson) جي ادبي ڪارنامن جي آڌار تي ڪيو هو. ان کانپوءِ ڪيترن ئي اديبن جي ادبي ڪارنامن جو نفسياتي جائزو ورتو ويو هو (جهڙوڪ جيمس جوائس، گراهم گرين، وغيرهه).

اهڙيءَ حالت ۾ اهو سڀاويڪ هو ته اديب توڙي نقاد وڌيڪ بحث جي لاءِ نفسيات جي مدد وٺن. اديبن اهڙيون ڪوششون شروع ڪيون ته سڀاويڪ طورتي پهريون ڌڪ انسان جي ماضيءَ جي تاريخ جي ڪن اهم روايتن کي لڳو. اڳ ۾ ته آمريڪا ۽ انگلينڊ هن طوفان جي وڪڙ ۾ آيا. ان وقت آمريڪا ۾ ”پيوريٽن ڪلچر“ مقبول هو ۽ انگلينڊ ۾ وڪٽوريائي دور جا نظريات اهم سمجهيا ٿي ويا.

نون هٿيارن سڀ کان اڳ ۾ انهن نظرين تي وار ڪيو جن ۾ ”انتهائي سنجيدگي“ (High seriousness) موجود هئي. جيڪڏهن عصمت،حلم ۽ عزت جهڙا گڻ (Virtues) نفسياتي اصولن جي خيال کان انسان جي جبر جي حالت ۾ رهڻ جي ڪري ”غيرصحتمند اظهار“ (Unhealthy Expressions)  جهڙا ثابت ٿي ٿي سگهيا، ته پوءِ انهن جي ازلي حيثيت جو ڪوبه وجود ثابت ڪرڻ مشڪل ڪم هو. اهو ئي سبب هو، جو شرافت ۽ عصمت جهڙن ڳڻن تي نفيسات جي عالمن وڏا حملا ڪيا ۽ اهي چوڻ لڳا ته جيڪي ماڻهو انهن گڻن کي ازلي ٿا سمجهن سي جاهل آهن يا ڄاڻي ٻجهي اصل حقيقت کي نه ٿا ڏسن.

اهڙي هڪڙي وڏي ڪوشش بورني (Bourne) به ڪئي هئي. (1)، جنهن هن نفسيات جي مدد سان شرافت ۽ عصمت جي تصورن جي ازلي يا جامد هئڻ کي غيرحقيقي ثابت ڪيو هو.

(3). ادب ۽ نفسياتي تنقيد؛ ادبي تنقيد جي باب ۾ نفسيات کان مدد وٺڻ وارو ڪم نمايان طور تي 1919ع کان شروع ٿيو، جڏهن ڪونراڊائڪن (Conrodaiken) جو ڪتاب شايع ٿيو (2). وڌيڪ ڪم ڊيل (Floyd Dell) ۽ ايسٽمن (Max Eastman) ادبي مخزن “The Masses”  ۾ ڪيو، جنهن جا هو ايڊيٽر هئا. توڙي جو هي صاحب سماجيات جا عالم هئا هو سماجي قدرن جي طرف گهڻو لاڙو رکندا هئا، ته به هنن نفسياتي طريقن جي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو.

انگلينڊ ۾ رابر گريوز (Robert-Greves) جي راءِ رائيورس (Rivers) جي نظريي تي ٻڌل هئي. رائيورس صاحب ”لاشعور شخصيتن جي ٽڪر“ (Conflict of Unconcious Personalities) وارو تصور ڏنو هو. انهيءَ دور ۾ هربرٽ ريڊ (Herbert- Read) صاحب انهيءَ ڳالهه جي حمايت ڪئي هئي ته ادبي تنقيد ۾ نفسيات جي اصولن کان ڪم ورتو وڃي. (3)1926. بيشڪ منڍ ۾ غيرمستند ولولي (Unqualified Enthusiasm) جي ڪري ڪيترن ئي نقادن نفسيات جو استعمال غيرموزون طريقن سان ڪيو هو، ۽ ڪيترن کي ته نفسيات جي پوري ڄاڻ به ڪانه هئي، پر اها غلطي سڀاويڪ هئي، ڇوته نفسيات هڪ ٽيڪنيڪي شئي هئي. اڳتي هلي، جڏهن نقاد نفسيات جي اصولن جي باري ۾ وڌيڪ سنجيده ٿيا ۽ نفسيات جو علم وڌيڪ مقبول ٿيو، تڏهن ادبي تنقيد تي نفسيات جو اثر وڌيڪ نمايان ٿيو.

اهڙيءَ طرح ادب جي ميدان تي نفسياتي اصولن ٽن نمونن سان مدد ڪئي. نفسيات جي هن ادبي ڪردار کي اسان منڍ ۾ به بحث هيٺ آندو آهي، پر هن هيٺ اسان ان کي وچور سان لکي ٿا ڇڏيون.

(1) مشهور محقق ۽ عالم آئي- آر- رچرڊس (I.A.Richards)  جو خيال آهي ته نفسيات اسان کي موزون ترين محاورا ڏئي ٿي ۽ اسان ان جي مدد سان ادب جي تخليقي قوتن جو اڀياس ڪري ٿا سگهون. رچرڊس هن باري ۾ پنهنجي ڪتاب “Principles of Literary Criticism”  ۾ جمالياتي تجربي تي بحث ڪيو آهي ۽ اهو ڄاڻايو آهي ته هي تجربو ڪيترن ئي عنصرن مان جڙي ٿو. حسن (Beauty) جي باري ۾ رچرڊس، اوگڊن ۽ ووڊ وارن جو خيال هو ته ”حسن ردعمل جو مخصوص ۽ پڪو يا هڪ ڪرو (Harmonious) اهو نمونو آهي، جيڪو مشاهدي ڪرڻ وارن وٽ آرٽ جي عمل پهچايو آهي.“ هن ڳالهه کي رچرڊس وارن انگريزيءَ ۾ هيئن لکيو آهي- (Beauty is that wich is conducve to synaesthetic equilibrium) رچرڊس جي هن نظريي تي گهڻن ئي عاملن بحث ڪيو آهي، پر اڄ سوڌو ڪوبه تنقيدنگار هن جي خيال کي مڪمل طور تي ٿڏي به نه سگهيو آهي. رچرڊس جي راءِ جو وڏي ۾ وڏو فائدو برڪ (Kenneth Burke) ورتو. برڪ پنهنجي مضمون “Antony In Behalf of The Play”  ۾ ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ قائم ٿيل لاشعوري لاڳاپن (Unconsious Relations)  جو جائزو ورتو آهي.

ٻيو نمونو جنهن ۾ نفسيات ادبي تنقيدنگار جي مدد ڪري ٿي، سو ولسن (Edmund Wilson)  جي تحريرن ۾ آيو آهي. هن طرح نفسياتي اصول اسان کي ادبي سوانح لکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هن طرح سان ليکڪن جي ذاتي زندگين جي اڀياس ڪرڻ سان سندن تخليق ڪيل آرٽ کي سمجهي سگهون ٿا. نفسيات جي مدد سان اسان ليکڪ جي پنهنجي ڪهاڻي سمجهي سگهون ٿا، ۽ ان آندمانڌ جو اڀياس به ڪري سگهون ٿا، جيڪا ليکڪ کي ڪنهن آرٽ جي شاهڪار خلقڻ لاءِ تيار ڪري ٿي.

ادبي تنقيد جو هيءُ طريقو اسان کي ٻڌائي ٿو ته آرٽ ۽ آرٽسٽ جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي، سو اهڙو آهي جهڙو بيمار ۽ خواب جي وچ ۾ هوندو آهي. هن باري ۾ اڪثر لارينس جي راءِ حوالي طور ڪم آندي ويندي آهي، جنهن چيو آهي ته ”ليکڪ لکي ٿو ته ڄڻ پنهنجي بيماري ٿو ڪاڳر تي ڪيرائي.“ هن خيال پٽاندڙ تنقيدنگار ادبي شاهڪار جو تجزيو اهڙيءَ طرح ٿو ڪري، جو هو اڳ ۾ بيماريءَ جون علامتون (Symptoms) جانچي ٿو ۽ پوءِ هڪ هڪ علامت کي جدا ڪري، هو لاشعوري مجبورين جي ان ماحول جو اڀياس ٿو ڪري، جنهن جون نشانيون ليکڪ پنهنجي تحريرن ۾ ڇڏي ٿو ۽ جيڪي ليکڪ جو ماحول بڻائين ٿيون.

هن خيال کي ولسن (Willson) پنهنجي مضمون “The Wound and The Bow” ۾ڪم آندو آهي. هن خيال پٽاندڙ اسان ليکڪ جا ذاتي مسئلا ۽ ان جون ذاتي حالتون سمجهي، پوءِ ان جي تخليق جو اڀياس ڪندا آهيون، ۽ اهڙيءَ طرح ليکڪ جي تحريرن ۾ سمايل ڌارائون (Trends) ظاهر ٿي پونديون آهن.

ٽيون نمونو جنهن ۾ نفسيات اسان جي مدد ڪري ٿي، سو اهو آهي جنهن کي ليوڪس (F. L. Lucus) پنهنجي ڪتاب “Literature and Psychology” ۾ ڄاڻايو آهي. هن ڪتاب مان اسان کي ڪيئي ڪردار ملن ٿا، جيڪي عمل ۽ ردعمل جي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. اهڙن ڪردارن جي اڀياس ڪرڻ وقت تنقيدنگار جو ڪم نفسيات جي ان ماهر جهڙو ٿئي ٿو، جيڪو تحت شعور مان بيمار جي عمل جون اهي ڌارائون ڳولي ٿو ڪڍي، جيڪي هن کان ڪونه ڪو عمل ڪرائين ٿيون.

هن باري ۾ وڏو ڪم ڊاڪٽر جونس (Dr. Jones) ڪيو آهي. جونس، ”هئمليٽ“ جو اڀياس ڪندي اهو ڏيکاريو آهي ته اهي ڪهڙا نفسياتي ڪارڻ هئا، جن جي ڪري هئمليٽ پنهنجي پيءُ جي بدلي وٺڻ ۾ دير ڪئي آهي، ۽ اُهي ڪارڻ آهي ڪارڻ آهن، جن کي فرائيڊ جي تحقيق کانسواءِ معلوم ڪرڻ ممڪن نه هو. هن قسم جو هڪڙو اڀياس اسان کي ادناڪينٽن (Edna Kenton) جي مضمون (1)۾ به ملي ٿو، جنهن ۾ هن هينري جيمس جي آرٽ تي بحث ڪيو آهي.

 (4)ادب جي نفسياتي تنقيد تي تنقيد؛ ادب جي نفسياتي تنقيد جي نظريي تي جيڪا تنقيد ٿي آهي، اها ٻن نمونن جي آهي.

اول اهو چيو ويو آهي ته نفسياتي تنقيد ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن حالت ۾ رڳو هڪ عام فهم نظريي کي وڌيڪ عام فهم بڻايو ويو آهي. هن راءِ جو واسطو گهڻو تڻو نفسياتي تنقيد جي ان دور سان آهي، جڏهن نفسياتي طريقا اڃا نوان هئا ۽ نفسياتي تنقيدنگار پوريءَ ريت ادب جا نقاد ڪونه هئا.

ٻيو هن سلسلي ۾ اهو رايو ڏيکاريو ويو آهي ته آرٽ جي تخليق خواب جهڙي نه آهي ۽ ڪوبه آرٽسٽ انهيءَ ڪري ڪونه ٿو لکي، جو هو بيمار آهي. هن راءِ ۾ چيو ويو آهي ته آرٽسٽ هڪ سچي خالق جيان پنهنجن تخليقن کي پنهنجي ذهن جي ضابطي ۾ رکي ٿو، پر خواب جي حالت ۾ انسان بيوس آهي.

اها ڳالهه به عجيب آهي ته جڏهن ”فنڪار بيمار، ڪا تخليق ڏيئي ٿو سگهي ته ”فنڪار صحتمند“ جي تصور کي ڪيئن ٿو ٿڏي سگهجي، ۽ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته هر ڪا تخليق ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ “Abnormal state of mind” جو ئي نتيجو آهي.

غور سان ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته هن قسم جي تنقيد ۾ جيڪي سوال کڙا ڪيا وياآهن، انهن جو بنياد سائنسي سوچ تي ڪونه آهي. هڪ عام فهم ڳالهه کي وڌيڪ عام فهم بڻائڻ وارو جيڪو الزام نفسياتي تنقيد جي عالمن تي لڳايو ويو آهي، ان ۾ ڪمزوري اها آهي ته نفسياتي تنقيد ۾ ته پاڻ تنقيد جي هنر ۽ علم کي وڌيڪ سائنسي ۽ اصولي بڻايو ويو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ته پاڻ تنقيد وڌيڪ فني ۽ ٽيڪنيڪي بڻجي پيئي آهي.نفسياتي تحقيق کانپوءِ هاڻي اهو ممڪن ئي نه آهي ته هرڪو لکڻ وارو تنقيدنگار به ٿي پوي. هاڻي ته ادب جي وڏي اڀياس سان گڏ نفسيات جو به وڏو اڀياس ڪرڻو پوندو. ان ڪري تمام ٿورا ماڻهو سٺي ۽ صحتمند تنقيد ڪري سگهندا ۽ اها تنقيد به انتهائي طور تي فني هوندي. ٻئي نمبر الزام جي حالت ۾ ته پاڻ نفسيات جي ڪيترن ئي اصولن کي خيال ۾ ئي نه آندو ويو آهي. نفسياتي تنقيد ۾ ائين ڪونه ٿو چيو وڃي ته هرڪو ماڻهو بيمار آهي ۽ هرڪو اديب، عالم ۽ شاعر خواب ٿو لهي ۽ خواب کي ئي تحرير هيٺ آندو ٿو وڃي.

نفسيات جي عالمن جي دريافت اها آهي ته انسان هڪ ماحول جو هڪ جزو آهي، سوچ ۽ ارادي يا شعور ۽ لاشعور جا عمل هن جي تخليق ڪونه آهن. اهي عمل ته خود شاعر يا اديب کي پيدا ڪن ٿا. ان ڪري شاعر يا اديب ته فقط اهو ئي چئي ٿو سگهي، جيڪو هو سوچي ٿو. هن ڳالهه کي اسان جي هڪڙي شاعر هيئن بيان ڪيو آهي؛ ”جيڪي سوچيندو سو چوندو، شاعر ڇا چوندو ٻي ڳالهه“(تنوير).

حقيقت به اها آهي ته انسان پنهنجي سوچ جو محتاج آهي ۽ سوچ وري سماجي ماحول ۽ سماجي تصورن (Concepts) جي طابع رهي ٿي. ان ڪري آرٽ جيڪو تخليقي آهي ۽ جيڪو دل جي اڌمن ۽ امنگن مان پيدا ٿئي ٿو، سو پنهنجي حيثيت ۾ ته منفرد، نرالو ۽ تخليقي آهي، پر ”خالق“ جي خيال کان اهو ڪن حالتن ۽ ڪن مجبورين جو نتيجو آهي. ان ڪري ائين چوڻ ته نفسياتي تنقيد ۾ انسان جي بنيادي صلاحيتن جو انڪار ڪيو ويو آهي، غلط آهي.

نفسياتي تنقيد جي خيال کان پاڻ وڏي ۾ وڏي شئي آهي ئي انسان جي بنيادي صلاحيت. پر نفسياتي تنقيد جي وڏي دريافت اها آهي ته انسان جي بنيادي صلاحيت ڪو منفرد يا ڇنل عمل نه آهي. اهو ته انسان جي ماحول ۽ سماج جي گڏيل ڪارڪردگيءَ جو هڪ جزو آهي. اهڙيءَ طرح نفسياتي تنقيد جا اصول ادب جي سماجي ڪارج ۽ ان جي افاديت جا پاڻ وڌيڪ قائل آهن.

(5)نفسياتي تنقيد جو نئون موڙ؛ ويجهڙائيءَ ۾ انهيءَ نئين ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي ته اهو لاشعور جيڪو ادب جو بنياد آهي، سو انفرادي لاشعور نه آهي، يعني اهو صرف ڪن ڪردارن جو لاشعور نه آهي پر اهو ته حقيقت ۾ ڪنهن نسل يا ڪنهن ڪلچر جو گڏيل لاشعور آهي. هيءَ تمام وڏي ڳالهه آهي. هن طرح ادب سڄو سارو هڪ سماجي علامت بڻجي ٿو وڃي، ان جو تعلق هڪ دور جي انهيءَ ”اسپرٽ“ سان قائم ٿي ٿو وڃي، جيڪو ڪنهن نسل يا ڪلچر جي سڄيءَ تاريخ جو نچوڙ ٿئي ٿو.

هن قسم جي دريافت جو واسطو رڳو نفسيات سان نه آهي. حقيقت ۾ ته هي ڳالهه هڪ ٻئي علم سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي سماجي علم الانسان (Social Anthropology) چيو ٿو وڃي.

اهو ئي سبب آهي، جو ڪي عالم هن قسم جي راءِ کي جدا ڪري، هن ئي علم تحت بحث هيٺ آڻين ٿا. انهن عالمن جو ويچار آهي ته هن طرح ادبي تنقيد جو هڪ نئون نظريو وجود ۾ اچي ٿو ۽ جنهن کي Archetypal Approach چيو ٿو وڃي(1).


(1)  “Three Contributions to The Theory of Sex”, 1910, and “The Interpretation of Dreams”, 1912.

(2)  ) “Hamlet and Oedipus”, 1949.

(1)  “Freudianism and The Literary Mind”, 1945.

(1)  “The puritons,s Will to Power”

(2)  “Skepticism- Notes on Contemproraty Poetry”. 1919

(3) “Reason and Romanticism.” 1926.

(1) Edna Kenton’s Essay, 1924, Adopted by   Gerad Willson in “A Gerad Wilson in “A Case Book on Henry James”, 1960.

 (1)  Wilbur Scott, “Five Approaches of Literary Criticism”, 1962, P.73

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com