تنقيدون
باب پهريون
ادبي تنقيد جو پس منظر
1-افاديت؛ تنقيد توڙي علم تنقيد (يا علم نقد) جو تعلق انسان جي
بهترين يا (گهٽ ۾ گهٽ) اعليٰ قسم جي سوچ سان آهي.
ان ڪري تنقيد نگارن جي لسٽ تي نظر ڪبي ته معلوم
ٿيندو ته اهي گهڻو ڪري دنيا جا مڃيل عالم، استاد
يا اديب آهن. اهو ئي سبب آهي جو تنقيد جي تاريخ جي
ابتدا به افلاطون وٽان ڪئي ويندي آهي جيڪو ٻين
تمام گهڻن علمن ۾ به مڃيل عالم هو ۽ وڏو ڏاهو هو.
هن ڳالهه جو فائدو اهو ٿيو، جو تنقيد باقاعدي هڪ
علم جي صورت ۾ ترقي ڪندي رهي.
اها حقيقت آهي ته تهذيب جي ابتدائي زماني ۾ تنقيد جو تصور واضح
نه هو. اهڙي وقت ۾ شاعريءَ ۽ لغت جي صداقت ۾ فرق
صاف ظاهر نه هو. اهڙي زمانيءَ ۾ شاعريءَ جي باري ۾
جيڪو به پهرين سوال ڪيو ويندو هو، سو اهو هو ته
جيڪڏهن ڪو شاعر سچ نه لکي ۽ ڪوڙ ۽ ابهام کان ڪم
وٺي، ته ان کي سماج جو ڪارآمد فرد چئي سگهجي ٿو يا
نه؟ تنقيد جي باري ۾ هي سوال اخلاقياتي قسم جو هو
۽ ان جو سنئون سڌو تعلق نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سوالن
سان هو. حقيقت ۾هي سوال ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ
سوڌو موجود آهي، جو ان جو تعلق اٽل سوالن سان آهي.
هن سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ ادبي سوچ جي ضرورت هئي،
۽ انهيءَ سوچ جي نتيجي ۾ جو ڪجهه به چيو ويو ان کي
اڳتي هلي تنقيد يا ادبي تنقيد سڏيو ويو. سو
ظاهر آهي ته تنقيد صفائي پيش ڪرڻ جي انهيءَ ڪوشش
جو نالو آهي، جنهن جو مقصد آهي شاعر کي يا اديب کي
انهيءَ الزام کان بچائڻ، جنهن ۾ هن کي ڪوڙو ۽
انسان ذات لاءِ نقصانڪار سڏيو ويندو هو. تنقيد هن
خيال کان انهيءَ دليل جي مدد وٺي ٿي ته شاعراڻيون
حقيقتون هڪ طرف ڪلي حقيقتون
Universal Facts آهن، ته ٻئي طرف عام حقيقتن کان مختلف آهن ۽ جدا آهن. ان ڪري
تنقيد انهيءَ خاص طرز فڪر جو آڌار وٺي ٿي جنهن ۾
سچ يا حق، ۽ حق پرستيءَ جو يا حق پسنديءَ جو تصور
ڪنهن خاص سماج، ڪلچر ۽ طرز فڪر جو پابند نه آهي.
انهيءَ طرح تنقيد اڳتي هلي غيرجانبدار جستجو جهڙي
ليکجڻ ۾ آئي.
2. جذب و مستي؛ پر عجب آ، جو تنقيد جي هن طريقي کي به غلط
سمجهيو ويو، ۽ اهو مشهور ڪيو ويو ته شاعر مجذوب
هوندو آهي ۽ هو زبان جو استعمال عام ماڻهن کان ان
ڪري ئي ٻئي طرح ڪندو آهي. جڏهن پڇيو ويو ته ڀلا
شاعر جي انهيءَ انداز بيان کي ڇا چئجي؟ تڏهن چيو
ويو ته اهو طريقو الهامي آهي. هن قسم جي ڪوشش
اسان وٽ به بار بار ٿيندي رهي آهي. ڊاڪٽر بلوچ،
شاهه کي هڪ خاص قسم جو شاعر سمجهي ٿو، جيئن هن هڪ
ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو. ويجهڙائيءَ ۾ اردوءَ جي
هڪ نوجوان خاتون شاعره کي ٽي وي تي ائين چوندي ٻڌو
ويو ته هوءَ شعر بي خوديءَ جي عالم ۾ چوي ٿي. هاڻي
ڇاڪاڻ ته الهامي طريقن جي باري ۾ وضاحت جي ضرورت
نه هئي، ان ڪري شاعر يا اديب جي مختلف طريقي کي
الهامي سڏڻ جو فائدو اهو ٿيو، جو هن سوال تي وڌيڪ
بحث ختم ٿي ويو. هاڻي اڳتي شاعرن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ
جي ضرورت نه رهي ۽ ان ڪري هو عام رواجي ماڻهن جي
درجي کان مٿڀرو ٿي ويو، ۽ اهڙيءَ ريت هڪ طرف کان
هو مجذوب سڏجڻ لڳو ته ٻئي طرف پيغمبر. پر هن ڳالهه
جو فائدو اهو ٿيو، جو هو ٻنهي حالتن ۾ تنقيد کان
بالاتر ٿي ويو. پراڻي سماج کي اها خبر ئي نه رهي
ته نه مجذوب پيغمبر ٿيندو آهي، نه پيغمبر مجذوب،
ڇوته ٻنهي حالتن ۾ بحث جي ضرورت ئي باقي نه رهي. ۽
هن سوال کي ڪنهن به هٿ نه لاٿو.
هن تصور ۾ جيڪي ماڻهو شريڪ هئا، انهن ۾ جڳ مشهور افلاطون به نفس
نفيس شريڪ هو. افلاطون فيڊرس
(Phaedrus)
۾ چوي ٿو، جنون جو ٽيون قسم اهو آهي جيڪو انهن
ماڻهن تي پوندو آهي جن جي مٿي تي فنون جي پاڪ ۽
حسين ديوين جو پاڇو پوندو آهي. اڳتي چوي ٿو؛ پر
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اهو جنون نه هجي ۽ پوءِ به هو
بتخاني جي دروازي تي اچي، در تي هٿ هڻي ۽ ڪڙو
کڙڪائي ۽ اها اميد رکي ته هو پنهنجي هنر جي مدد
سان اندر داخل ٿي سگهندو، ته اهڙو ماڻهو ناڪام
ٿيندو، جو انهيءَ ميدان تي داناءَ ديوانن جو
مقابلو ڪري نه ٿا سگهن.
افلاطون انهيءَ قسم جو خيال ۽ مطلب سقراط کان به ادا ڪرائي ٿو.
ٻئي هنڌ سقراط ۽ هڪ شاعر ۽ شعر خوان ماڻهوءَ جي وچ
۾ ڳالهه ٻولهه لکندي، افلاطون چوي ٿو (سقراط جي
زباني) ته هو ملڪو ۽ خاص صلاحيت جيڪا توتي عطا ٿي
اهي سا رڳو هڪ فن يا هنر جي حيثيت نه ٿي رکي. اها
قوت هڪ الهامي قوت آهي ۽ تون خدائي طاقتن جي اثر
هيٺ آهين. سقراط وڌيڪ چوي ٿو؛ شاعر ان وقت تائين
تخليق ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين ان تي الهامي قوتن
جو قبضو نه ٿئي ۽ ان جا حواس هڪدم بي اثر نه ٿي
وڃن، خدا شاعر جو دماغ معطل ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ
انهن کان پيغمبرن جو ڪم وٺندو آهي. هنن خيالن جي
پڙهڻ کانپوءِ واضح ٿي ٿو وڃي ته تنقيد ۾ اهي ڪلمات
ته شاعري پيغمبري آهي. يا هڪ الهام آهي يا
شاعر مستغرق ۽ مست ٿيندا آهن، انهن خيالن جو
بنياد ڪهڙين ڳالهين تي آهي؟
افلاطون جهڙي عالم وٽان هن قسم جا خيال ٻڌي جڏهن سندس مشهور
ڪتاب جمهوريت
(The Republic)
تي نظر ٿي ڪجي، تڏهن حيرت ٿي لڳي، جو توڙي افلاطون
شاعر کي الهامي قوتن وارو ٿو سمجهي ته به هو شاعر
کي جمهوريت ۾ ذميدار شهرين ۾شامل ڪونه ٿو ڪري،
جنهن جو مطلب اهو ٿو نڪري ته افلاطون جي سلطنت ۾
اهڙن ماڻهن جي ڪا ضرورت ڪانه هئي.
3.حضرت افلاطون؛ پنهنجي ڪتاب جمهوريت ۾ افلاطون شاعرن تي ڪي
الزام به رکي ٿو. چوي ٿو؛ شاعراڻو نقل (۽ افلاطون
وٽ سڀڪا شاعري نقالي آهي) هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا
ٻڌڻ وارن جي دماغ تي تباهه ڪندڙ اثر ڪري ٿي. ٻيو
الزام جيڪو افلاطون شاعر تي رکي ٿو سو اهو آهي ته
انساني عملن يا جذبن کي بيان ڪرڻ وقت شاعر هر
دلعزيز بڻجڻ جي خاطر ٻڌڻ وارن جي جذبات کي ڀڙڪائي
ٿو.
سو ڏٺو ويندو ته افلاطون جي ادبي خيالن ۾ هڪڙو تضاد بهرحال
موجود آهي. توڙي جو افلاطون جي نثر جي اڀياس مان
عالمن اهو اندازو لڳايو آهي ته اهو نثر بهترين
شاعراڻو نثر آهي. افلاطون ۽ ٻين فيلسوفن جي خيالن
کي ڪنهن حد تائين مذهبي تاريخ ۾ به تسليم ڪيو ويو
آهي. قرآن پاڪ ۾ بهرحال شاعرن ۽ انهن جي پوئلڳن کي
گمراهه ڪوٺيو ويو آهي.
حقيقت ڪجهه به هجي پر افلاطون جا ڪي خيال اسان لاءِ اهميت وارا
آهن. افلاطون پهريون ماڻهو هو، جنهن شاعر ۽
شاعريءَ جي ڪارج ۽ ڪردار تي لکيو آهي. افلاطون جي
تحريرن مان اهو صاف ظاهر آهي ته افلاطون شاعر جي
لاءِ اهو ضروري ٿو سمجهي ته هو (افلاطون جي نظريات
پٽاندر) سڌارڪ هجي؛ جنهن جو مطلب هي آهي ته
افلاطون گهري ٿو ته شاعري سماج ۾ مفيد ۽ تعميري
ڪردار ادا ڪري. ۽ ڪوبه تنقيد نگار انهيءَ ڳالهه جو
مخالف ٿي نه ٿو سگهي. افلاطون جي ڪتاب جمهوريت
يا (رعيتي راڄ) جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته
هو، هڪ جوشيلي سڌارڪ جي ان، جڏهن هڪ رعيتي راڄ جو
تصور ڏئي ٿو تڏهن هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجو
مخالف ٿو سمجهي، جيڪو ماڻهن جو خيال کانئس يعني
افلاطون کان هٽائي ٿو. هو چاهي ٿو ته ماڻهو کيس
ٻڌن ۽ جيئن هو چوي ٿو تيئن ڪن. ان ڪري هڪ رياست جي
ابتدائي دور ۾ شاعريءَ کي، جيڪا ماڻهن کي پاڻ
ڏانهن متوجهه ڪري ٿي، تنهن کي هو سماج لاءِ
نقصانڪار ٿو سمجهي، توڙي جو اها افلاڪي ۽ الهامي
آهي.
4. شاگرد محترم؛ افلاطون کانپوءِ علم تنقيد جي باري ۾ وڏو خيال
سندس ئي شاگرد محترم ارسطوءَ ڏنو آهي. ارسطو
شاعريءَ کي انسان جو هڪ اٽل ۽ خودمختيار عمل ٿو
سمجهي. ان ڪري اڻ سڌيءَ طرح هو پنهنجي بزرگ استاد
جي ابتڙ شاعرن کي مثالي رياست مان هڪالي ڪڍڻ جو
حامي نه آهي.
فلسفي جي خيال کان ارسطو به پنهنجي استاد محترم جو پوئلڳ آهي،
يعني هو شاعريءَ کي نقالي ئي سمجهي ٿو، ۽
ارسطوءَ جي خيال ۾ نقل ٽن قسمن جي شين جو ممڪن
آهي.
شيون پنهنجي اصل حالت ۾ جيئن موجود هيون يا جئن موجود آهن.
شيون جيئن شاعر انهن کي سمجهي ٿو يا جيئن آهي، ماڻهن جي چوڻ
مطابق آهي.
شيون جيئن انهن کي هئڻ گهرجي.
5. مثال جو تصور؛ ٽئين قسم جي شين کي ارسطو محترم
مثال ٿو سڏي ۽ جڏهن شاعر انهن شين کي بيان ڪري
ٿو، تڏهن ارسطو انهيءَ شاعريءَ کي عظيم شاعري ٿو
سمجهي. شاعر جي باري ۾ ارسطوءَ جو خيال اهو آهي ته
اهو فنڪار جيان فطرت جي مقصدن کي حاصل ڪري ٿو ۽
فطرت جي رستي مان رڪاوٽون دور ڪري، فن جي معرفت،
فطرت کي ڪمال عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ شاعريءَ کي ارسطو
تهذيب جي لاءِ مفيد ٿو سمجهي. ارسطو شاعريءَ کي
تاريخ کان به وڌيڪ اهم ٿو سمجهي. هن حالت ۾ شاعر
عام رواجي واقعن کي اهڙيءَ ريت بيان ٿو ڪري، جو
اهي ڪلي ۽ عمومي بڻجي ٿا وڃن ۽ پوءِ انهن جي حيثيت
فلسفي جي صداقت جهڙي ٿي ٿي پوي. هن طرح ارسطو
شاعريءَ کي زندگيءَ جي سچي پچيءَ حيثيت ۾ قبول
ڪري، ادب جي لاءِ نئون بهتر ڪري ٿو. ارسطو جن شين
کي مثال ٿو سمجهي سي جديد شاعريءَ ۽ جديد تنقيد ۾
اهڃاڻ بڻجي پيون آهن. هن خيال کان، اهڃاڻ واري
شاعري اها شاعري آهي، جيڪا تاريخ کان وڌيڪ عمومي،
وڌيڪ اثرائتي ۽ وڌيڪ صداقت واري آهي.
6. تاثيري تنقيد ۽ لانجائينس؛ ارسطوءَ کانپوءِ ڪيتري وقت تائين
ادب، فن ۽ شاعريءَ جي سوالن تي اسان کي لانجائينس
تائين ڪو وڏو ۽ قابل قدر خيال نه ٿو ملي.
لانجائينس ٽينءَ صديءَ ۾ لکيو هو ۽ پاڻ ارسطو جي
نظرين کان متاثر ٿيو هو. لانجائينس اهو سوال
اٿاريو ته شاعري ٻڌڻ واري تي يا پڙهڻ واري تي ڪهڙو
اثر ٿي ڪري. هن طرح لانجائينس اصل ۾ پڙهڻ واري يا
ٻڌڻ واري جي انهيءَ نفسياتي مشاهدي جو بيان ٿو
ڪري، جيڪو شاعريءَ جي پيدائش آهي. هن طرح
لانجائينس شاعريءَ جي برائي يا چڱائيءَ تي بحث
ڪونه ڪيو آهي، هن سڌو سنئون انهيءَ اثريت جو
مطالعو ڪيو آهي، جيڪا شاعريءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي
ٿي. تنقيد جي هن نظريي کي تاثيري
(Impressionist)
سڏيو ويو آهي. گويا لانجائينس وٽان اسان کي
نفسياتي تنقيد جو بنياد ملي ٿو. لانجائينس وٽان
پاڻ اسان کي شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي باري ۾ نڪتا
ملن ٿا ۽ هتان ئي رچرڊس جي خيالن جو بنياد پوي ٿو.
هن کانپوءِ اسان تنقيد جي انهيءَ دور ۾ داخل ٿي وڃون ٿا، جنهن ۾
تنقيد باقاعدي لکي ويئي هئي. هن باب ۾ اسان جنهن
ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه لکنداسون، اهو آهي شاعري جو
جواز
(The Defence of Poisie). هي ڪتاب فلپ سڊنيءَ لکيو هو.
7. تخليقي قوت وارو خيال ۽ سڊني؛ سڊني جي زماني ۾ تصوراتي ادب
(Fiction)
تي اهو الزام هو ته اهو اخلاق بگاڙي ٿو، ڪمزور ٿو
ڪري ۽ ڪوڙ ٿو پکيڙي اهو ساڳيو ئي الزام افلاطون جي
طرفان به ادب ٿي لڳايو ويو هو. ان ڪري سڊنيءَ جي
دور جي پيوريٽن ماڻهن جن هن قسم جو اعتراض ڪيو هو
تن حجت به افلاطون جي پيش ڪئي هئي. سڊني هن الزام
جي خلاف دليل بازي ڪئي ۽ ارسطوءَ جيان ادب جي باري
۾ وضاحتون ڪيون ۽ ان جو جواز پيش ڪيائين. سڊنيءَ
جو خيال آهي ته شاعرن سماج جي خدمت ڪئي آهي. هو
ٻڌائي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ فيلسوفن ۽ سائنسدانن به
نظم ۾ لکيو آهي. هن باري ۾ سڊني، سولن
(Solon)
جو مثال ڏيئي، ٻڌائي ٿو ته بحر اوقيانوس جي علائقن
جو جيڪو داستان سولن نظم ۾ لکيو هو سو ڏاڍو
اثرائتو هو. هن طرح سڊنيءَ شاعريءَ جي لاءِ انهيءَ
قسم جي خيالي ڪهاڻيءَ جو وجود به ضروري ٿو سمجهي،
جنهن قسم جي ڪهاڻين تي شاهه لطيف جو شعر چيو ويو
آهي. افلاطون جي مثال مان سڊني طرز ڪلام
(Style)
جو جواز پيش ڪري ٿو. هيرو ڊوٽس
(Herodotus)
جي مثال مان سڊني چوي ٿو ته ليکڪ جي تحرير، جذبا ۽
جوش پيدا ڪري ٿي، ۽ توڙي جو هيرو ڊوٽس نثر ۾ لکيو
هو ته به ان، سڊنيءَ جي خيال ۾، شاعريءَ جي مدد
ورتي هئي. سڊنيءَ هڪ وڏو خيال اهو به ڏنو ته شاعر
تخليقڪار ۽ موجد جهڙو ڪم ڪري ٿو. سڊني لکي ٿو؛
انسان جو ڪوبه فن اهڙو نه آهي، جيڪو فطرت جي
نقاليءَ کان انڪار ڪري. شاعر هڪ نئين فطرت ايجاد
ڪري ٿو. هن حالت ۾ شاعر جون پيدا ڪيل شيون يا ته
فطرت ۾ موجود شين جون بهتر صورتون هونديون آهن يا
اهي نيون ۽ نراليون هونديون آهن. يعني فطرت ۾
انهن جو مثال ڳولي نه سگهبو آهي.
اهڙيءَ ريت سڊني شاعريءَ کي علم جو وسيلو ٿو سمجهي. سڊنيءَ جي
خيال ۾ شاعري تاريخ توڙي فلسفي ٻنهي کان اتم آهي،
ڇو جو شاعري طرز بيان جي صلاحيت به رکي ٿي ۽ جذبن
تي ٻڌل عمل جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ به وڏو ڪم ڪري ٿي.
شاعري، سڊنيءَ جي خيال ۾، تهذيب جو لازمي جزو آهي،
ڇوته اها شاعري جيڪا لوڪ ڪهاڻين ۽ بهادريءَ وارن
واقعن تي مبني آهي سا تهذيب جي اڻ لکيل تاريخ بيان
ڪري ٿي. پر سڊنيءَ جو اڃا به وڏو ڪارنامو اهو آهي،
جو هن شاعريءَ کي تخليق سمجهيو آهي ۽ شاعر کي
تخليقڪار يا خالق.
8. ڊرائيڊن؛ سڊنيءَ کانپوءِ وڏو تنقيد نگار ڊاڪٽر جانسن هو، پر
وچ ۾ ڊرائيڊن ۽ پوپ جي تنقيدي تحريرن به ادب تي
چڱو اثر ڪيو هو. ڊرائيڊن ناٽڪاڻي نظم تي هڪ مضمون
لکيو هو، جنهن ۾ شاعريءَ تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويئي
هئي. مختصر طور تي ڊرائيڊن جو چوڻ اهو آهي ته
شاعريءَ جو ڪم آهي دلفريب ۽ پرلطف طريقي سان پڙهڻ
وارن کي انساني فطرت جي حقيقتن کان واقف ڪرڻ. هن
خيالن کان نظماڻو ناٽڪ ڊرائيڊن جي خيال ۾ ذاتي ۽
انساني فطرت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پوپ به
ڊرائيڊن جي خيالن جو اظهار ڪيو پر هن رڳو طرز
تحرير
(Style)
کي قبول ڪيو. ڊرائيڊن جو اهو خيال ته شاعري تعليم
ڏئي ٿي يا هدايت بخشي ٿي، اسان کي اڳتي هلي ڊاڪٽر
جانسن ۾ ملي ٿو.
9. ڪلچري ۽ سماجياتي خيال ۽ ڊاڪٽر جانسن؛ ڊاڪٽر جانسن جنهن
پنهنجي دور جي تمام وڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن تي
عالماڻي تنقيد ڪئي آهي، تنهن تنقيد جي علم ۾ ڪافي
واڌارو آندو آهي. ڊاڪٽر جانسن جو چوڻ آهي ته
شاعري جو فرض اهو آهي ته هڪ فرد جو نه پر سڄي
انسان ذات جو مطالعو ڪري، ۽ عام مظاهر ۾ جيڪي
هڪجهڙايون
(Generalities)
آهن، انهن کي بيان ڪري..... پر فطرت جو علم شاعر
جي فرض جو محض هڪ حصو هوندو آهي. شاعر کي زندگيءَ
جي سڀني صورتن ۽ ڪيفيتن کان به واقف هئڻ گهرجي.
ڊاڪٽر جانسن تاڪيد ٿو ڪري ته شاعر کي انسانن جي ڏک
سک جو اندازو به لڳائڻ گهرجي. هو شاعر جي لاءِ
ضروري ٿو سمجهي ته هو قبيلن، اجتماعي ادارن،
آبهوا، رسم رواج ۽ ٻاراڻي شوخيءَ کان واقف هئڻ
گهرجي. ڊاڪٽر جانسن جو چوڻ آهي ته شاعر کي گهرجي
ته محدود ٿيڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي
لازوال قدرن کي سمجهي. شاعر جي لاءِ ڊاڪٽر جانسن
اهو به ضروري ٿو سمجهي ته هو وقت جي قانونن ۽
مختلف نظرين کان به واقف هجي ۽ رڳو انهن اصولن جي
آڏو جهڪي، جيڪي اٽل آهن ۽ ڪڏهن به تبديل ٿيڻ جهڙا
ڪونه آهن. ڊاڪٽر جانسن جو خيال آهي ته شاعر فطرت
جو سچو ترجمان آهي ۽ نوع انسانيءَ جو قانوندان آهي
۽ ان کي ياد رکڻ گهرجي ته هو ايندڙ نسلن جي خيالن
جو معلم آهي ۽ انهن جي عادتن ۽ رسمن جو صورت گر.
ظاهر آهي ته شاعريءَ جي باري ۾ هي خيال تمام
ڪارائتا ۽ وڏا خيال آهن.
هن طرح، پهريون دفعو ڊاڪٽر جانسن تنقيد جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب
لکيو هو، جيڪو اخلاقي آهي. ڊاڪٽر جانسن جي سڀني
تحريرن ۾ عالماڻي راءِ موجود آهي ۽ هو ٻين لاءِ
فيصلي ڪن حقيقتون بحث جي لاءِ نه پر اختيار ڪرڻ جي
لاءِ لکي ويو آهي. ڏسي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر جانسن
شاعرن جي لاءِ هدايتن سان ڀرپور هڪ منشور
(Manifesto)
ڇڏي ويو آهي. جانسن تهذيب ۽ اخلاق جو معلم هو. پاڻ
ذاتي طور تي سخت قسم جو جانبدار دوست ۽ اديب هو،
پر هو زندگيءَ جي ترجمانيءَ جي وسيلي تهذيب ۽
اخلاق جي تبليغ به ڪري ٿو. جانسن انهيءَ سوال تي
سڊنيءَ جي ابتڙ غور ئي نه ڪيو آهي ته زندگي اصل
شڪل ۾ اخلاق آموز نه هجي ته پوءِ ڇا ڪجي. سڊنيءَ
ته نئين ۽ بهتر دنيا جي تخليق جي هدايت ڪئي آهي،
پر جانسن رڳو زندگيءَ جي ترجمانيءَ جي هدايت ڪئي.
انهيءَ هوندي به ادب توڙي شاعريءَ جي وسيع تر
مقصدن جي لحاظ کان جانسن کي تنقيد جي تاريخ جو اهم
ڪارڪن مڃيو ويو آهي. ان جو سبب هڪ اهو به آهي ته
جانسن انگريزي زبان جو ذهين ترين ۽ لائق نثر نويس
هو. هو پنهنجي نثر لکڻ جي ڪامياب هنر سان پاڻ
کانپوءِ ايندڙ نسلن جي لاءِ تنقيد جي موهيندڙ طرز
ڇڏي ويو آهي. هن جي تحرير جي عظمت جو پڻ سبب رڳو
تنقيد جي قابليت نه پر هن جو علمي اعتماد ۽ لکڻ جي
اهڙي رکائپ آهي. جانسن رکو عالم هو، پر اهڙو رکو
جيڪو نه هروڀرو طرفدار رهجي ۽ نه هروڀرو منصف. سچ
پچ ته جانسن ادبي تنقيد جو هڪ تمام وڏو نالو آهي.
10. شاعر تنقيد نگار، ورڊس ورٿ؛ جانسن کانپوءِ انگريزي تنقيد ۾
هڪ وڏو نالو آهي ورڊس ورٿ
(Words worth)
جو. ورڊس ورٿ تمام وڏي پايي جو شاعر هو، پر جانسن
عالم، اديب ۽ تنقيد نگار هو. ورڊس ورٿ جو پنهنجو
ڪلام سريلا گيت
(Lyrical Ballads) جي نالي سان شايع ٿيو هو. ان ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن لاءِ جيڪو
مقدمو ورڊس ورٿ لکيو هو، سو اڳتي هلي علم تنقيد جي
ميدان تي لافاني ٿي ويو. هن مقدمي مغرب جي شاعريءَ
واري تنقيد کي سرار تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ورڊس ورٿ
گهڻو ڪجهه نئون ۽ تازو به ڏنو پر هن پاڻ کان اڳ
واري دور جي تنقيد کي يڪجا ڪري ان کي متحد ڪيو.
ورڊس ورٿ انهيءَ سوال تي وڌيڪ ويچار ڪيو ته جڏهن
شاعر انساني فطرت جي عمومي ترجماني ڪري ٿو، تڏهن
پڙهڻ ۽ ٻڌڻ واري کي لطف ڇو ٿو اچي، ۽ اهو سرور
ڪيئن ٿو پيدا ٿئي. هن سوال جو جواب ورڊس ورٿ تصوف
جي رنگ ۾ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته ڪائناتي نظام ۽
انسان جو جسم ٻيئي متوازي نظام آهن. خود انسان به
هڪ ڪائنات آهي. هن خيال کان انسان عمومي ترجمانيءَ
مان رڳو انهيءَ ڪري لطف وٺي ٿو، جو هو پاڻ به هڪ
ڪائناتي نظام جهڙو آهي ۽ ڪائنات کي پاڻ ۾ ڏسي ٿو.
هيءَ ڪيفيت ورڊس ورٿ جي ذاتي ۽ اندروني ڪيفيت هئي.
هن جا گيت هن ڪيفيت سان ڀرپور آهن. ورڊس ورٿ جي
نيچري شاعريءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان
جو روح ڪائناتي حوادث ۽ واقعات جو روح آهي، ان ڪري
هو ڪائنات مان حظ وٺي ٿو ۽ شاعر اهو حظ گيتن جي
وسيلي موٽائي ڪائنات کي ڏئي ٿو. پر جنهن وقت شاعر
جي نظر ٻاهرين نظارن تي نه ٿي پوي، ان وقت هو
اڳئين مشاهدي جي آڌار تي نوان نظارا ايجاد ڪري ٿو
۽ حظ وٺي ٿو. ورڊس ورٿ چيو آهي ته شاعريءَ جو ڪم
آهي، اهڙو حظ مهيا ڪرڻ. شاعر اهڙو گيت ڳائي ٿو،
جنهن ۾ انسان ذات ان سان شريڪ رهي ٿي. ورڊس ورٿ
چوي ٿو؛ جيڪڏهن ڪو اهڙو وقت آيو، جڏهن اها شئي
جنهن کي اسان سائنس ٿا چئون عام ماڻهن جي لاءِ هڪ
حقيقي ۽ جنسي صورت بڻجي ويئي، ته شاعر ان جي تڪميل
جي لاءِ پنهنجو ملڪوتي روح ان ۾ ملائي ڇڏيندو، ۽
پوءِ ان نئين بستيءَ جو رهواسي ٿي، ان جو آڌرڀاءُ
ڪندو.
ورڊس ورٿ جو اڃا به وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن هٿرادو ۽ مصنوعي
ٻوليءَ کي شاعريءَ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. هن جو
خيال آهي ته اظهار جو وسيلو يعني ٻولي جذبن جي
تقاضا پٽاندر خودبخود شڪل اختيار ڪري ٿي. سٺي ٻولي
اها آهي، جنهن ۾ ڪوشش
(Efforts)
جو هٿ گهٽ هجي ۽ جيڪا جذبات جي تقاضا تحت پنهنجو
پاڻ ئي ٺهي راس ٿي هجي. ورڊس ورٿ ان ڪري شاعريءَ
جي لاءِ چوي ٿو ته اها طاقتور جذبن جو فطري ۽ بي
ساختو هڪ اڌمو يا ڦاٽ آهي.(It is an spontaneous overflow of powerful fellings)
11. ڪولرج، فلسفو ۽ تنقيد؛ ورڊس ورٿ جي پايي جو شاعر ۽ نقاد ۽
سندس همعصر هو ڪولرج. ڪولرج فيلسوفائي تحقيق جو
مبلغ هو. ڪولرج جي خيال ۾ ڪنهن نظم جي امتيازي
خصوصيت آهي ان جو فارم. فارم ڪولرج جي خيال ۾ نظم
جو نه رڳو جواز ڏئي ٿو پر فارم نظم جي مقصد کان به
متاثر ٿئي ٿو. هن خيالن کان نظم جي آزاديءَ جي
تحريڪ جي بانيءَ ورڊس ورٿ کان به ڪولرج هڪ قدم
اڳتي آهي. ورڊس ورٿ نظم جي زبان کي جذبن جو پابند
سمجهيو آهي. پر ڪولرج ته فارم کي نظم جي مقصد جو
حامل به سڏي ٿو. نظم جي وصف جي باري ۾ لکڻ کان
پوءِ ڪولرج شاعريءَ جي نوعيت تي به بحث ڪيو آهي.
افلاطون، ٽيلر ۽ برنيٽ جي ڪتابن مان حوالا ڏيندي،
هن سوال تي ڪولرج هڪ ڏکيو بحث ڪيو آهي. معلوم ٿئي
ٿو ته ڪولرج جو مطلب اهو آهي ته شاعري عام نظم کان
وڌيڪ ويڪري شئي آهي. شاعر جي لاءِ ڪولرج جو چوڻ
آهي ته شاعر ڪامل هڪ اهڙو شخص ٿئي ٿو، جو انسان
ذات جي مجموعي ۽ سڄي ساري روح کي ڪم آڻي ٿو.
شاعري جي لاءِ ته ڪنهن ڪلام جو وجود به ضروري نه
آهي. هن خيالن کان ڪولرج تصوير يا پٿر جي گهڙيل بت
تي به شاعريءَ جو نالو رکي ٿو. هن خيالن کان شاعري
هڪ تخيل
(Imagination)
آهي ۽ تخيل هڪ قوت آهي جنهن جي مدد سان شاعر انسان
ذات جي مجموعي روح کي ڪم آڻي ٿو.
تخيل جي باري ۾ به ڪولرج خاصو بحث ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته
تخيل بنيادي طور تي انساني تجربي جو تنظيمي اصول
آهي. تخيل جي وسيلي اسان شين جي وچ ۾ فرق به
معلوم ڪريون ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ڳانڍاپو به معلوم
ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت شين جي جدا ڪرڻ ۽ ملائڻ ۾ به
تخيل ڪم اچي ٿو. تخيل جي باب ۾ ڪولرج بنيادي تخيل
۽ ثانوي تخيل جا اصطلاح به ڪم آڻي ٿو. ڪولرج نظم
چوي ئي ان شئي کي ٿو جنهن ۾ ثانوي تخيل منڍ کان
وٺي پڇاڙيءَ تائين اهڙي طريقي سان ڪم اچي، جو ان
جا سڀ بند ۽ شعر هڪٻئي جا مددگار معلوم ٿين. ڪولرج
۽ ورڊس ورٿ جي وچ ۾ فرق اهو آهي، جو ورڊس ورٿ جيئن
چيو تيئن ڪيو ۽ ڪولرج پنهنجي خيال تي عمل ڪري نه
سگهيو.
ڪولرج جي فلسفي مان ٻه ڳالهيون ته اهڙيون آهن، جن کي اسان جو
اڄوڪو اهل ۽ هوشمند شاعر هڪدم قبول ڪري چڪو آهي.
هنن مان پهريون آهي شعر جي نوعيت جي ۽ ٻئي آهي
تخيل جي شاعراڻي اهميت جي. اڄوڪو آزاد يا نثري نظم
اصل ۾ ڪولرج جي فلسفي جو نتيجو آهي.
12. شيلي؛ 1820ع جي ڳالهه آهي، جڏهن شاعريءَ جي وجود جي خلاف هڪ
محاذ کڙو ٿيو. پيڪاڪ
(Peacock)،
جيڪو شيلي جو دوست هو، تنهن لکيو ته هاڻي دنيا کي
شاعريءَ جي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو ته هڪ اهڙي دور ۾
جنهن ۾ علم ۽ عقل ۽ روشن خياليءَ جو اوج آهي،
شاعري رڳو ڀرم ۽ جهل کي ترقي وٺائي ٿي.
شيلي انهيءَ مخالفت جو مقابلو ڪيو ۽ شاعريءَ جي جواز ۾
(Defence of Poetry)
نالي ڪتاب لکي، هن هڪ دفعو وري به تنقيد جي تاريخ
۽ ادب جي تاريخ جو جواز پيدا ڪيو. شيليءَ جو چوڻ
آهي ته زبان، نسل، هيئت ۽ مذهبي ۽ اجتماعي عمل.
هي سڀ شاعريءَ جا وسيلا ۽ موضوع آهن. ۽ اها ئي
حقيقت آهي، جنهن کي خيال ۾ رکي ايليٽ تمام وڏو
نقاد بڻجي ويو. ٻوليءَ جي باري ۾ شيليءَ جو خيال
هو ته ٻولي تخيل جي اظهار جو تمام وڏو وسيلو آهي.
هن طرح شيلي نظم جو فارم ڪولرج جي مقابلي ۾ وڌيڪ
صفائيءَ سان مقرر ڪيو ۽ ڪولرج جيڪو فارم جو تصور
ڏنو هو ۽ جنهن جي ڪري شاعريءَ تي حملو ڪرڻ آسان ٿي
پيو هو، تنهن کي شيليءَ رد ڪري ڇڏيو. شيليءَ نظم
جي لاءِ يا شاعريءَ جي لاءِ ٻوليءَ جو ئي فارم
ضروري سمجهيو.
شيليءَ اڳتي هڪ تمام اهم سوال جو جواب فراهم ڪيو. هي سوال موزون
۽ غير موزون ٻوليءَ جي فرق جو سوال هو. شيليءَ
لکيو؛ خيالن وانگر آواز به پاڻ ۾ تعلق رکن ٿا.
انهيءَ رابطي کي سمجهڻ جي لاءِ ضروري آهي ته خيالن
جي تعلق ۽ رابطي کي سمجهه ۾ آڻجي. ان ڪري آوازن جو
هڪ مقرر نمونو ۽ سلسلو شاعرن جي زبانن جو خصوصي
امتياز رهيو آهي. اهو سلسلو نه هجي ته انهن جي
ڪلام کي شاعري چئي نه سگهجي، ڇوته اهو سلسلو
ٻوليءَ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ايترو ئي ضروري
هوندو آهي جيترو خود لفظ زبان جي لاءِ ضروري هوندا
آهن. اهو ئي سبب هوندو آهي، جو شعر جو ترجمو ڪري
نه ٿو سگهجي. شعر جو ترجمو ڪرڻ هڪ اهڙي ناڪام ڪوشش
آهي، جهڙي هڪ گل کي انهيءَ لاءِ ڪيميائي شيءِ ۾
بند ڪرڻ جي ڪوشش ته ان جي رنگ ۽ خوشبوءِ جو اصول
معلوم ڪجي.
شيليءَ جي هيءَ ڳالهه شاعريءَ جي تمام وڏي ڳالهه آهي، سڀ آوازن
جا نمونا آهن ۽ هڪ ٻوليءَ جا آواز ٻيءَ ٻوليءَ جي
آوازن کان مختلف ٿين ٿا. ان ڪري هڪ ٻوليءَ جي نظم
جو، گهٽ ۾ گهٽ، موزون ۽ ڪامياب ترجمو ٻيءَ ٻوليءَ
۾ ڪري نه ٿو سگهجي. شيلي ائين ٿو چوي.
شيليءَ جو هڪ اهم خيال اهو آهي ته آوازن جو جيڪو منظم سلسلو
شاعرن جي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جو جيڪو تعلق فن
موسيقيءَ سان ٿئي ٿو، انهن ٻنهي کي ملائڻ سان
وزن ٺهي ٿو. هن ڳالهه وزن ۽ بحر جي مقرر ٿيل
نمونن تي اثر ڪيو ۽ شاعرن بحرن جي رڪنن کان وڌيڪ
آوازن ۽ موسيقيءَ جي سلسلي تي توجهه ڏنو. هن طرح
شاعريءَ جي هڪ نئين شڪل وجود ۾ آئي. جا اڄڪلهه
وڌيڪ ڪامياب ۽ عام آهي.
بيشڪ شيليءَ شاعراڻي مزاج جي ڪري شاعريءَ کي ملڪوتي ۽ جبروتي ٿو
سڏي. هو شاعرن کي جانسن جيان مفسر ۽ قانونساز به
سڏي ٿو، پر هو شاعرن جي باري ۾ جيڪي دعوائون ڪري
ٿو، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شاعريءَ جي ڪارج
کان چڱيءَ طرح واقف آهي. شاعر اهڙن لفظن جهڙا
هوندا آهن جيڪي اهڙو اظهار ڪن ٿا، جنهن کي هو پاڻ
سمجهي نه ٿا سگهن، شاعر اهڙن جنگي نقارن جهڙا
هوندا آهن، جيڪي پاڻ جنگي جذبو ڪونه ٿا رکن، شاعر
اهڙا محرڪ ٿين ٿا جيڪي پاڻ ڪونه ٿا چرن پرن پر
دنيا کي لوڏي ٿا ڇڏين، ۽ شاعر دنيا جا اهي قانون
ساز آهن جن کي اڃا تائين مڃيو يا تسليم ڪيو نه ويو
آهي. هيءَ آهي شيليءَ جي دفاع يا بچاءَ واري
زبان.
شيليءَ جي بچاءَ جي ڪوشش جي باوجود سائنس ۽ شاعريءَ جي لاڳاپي
جو سوال موجود رهيو، ڇوته شيلي توڙي سڊني، جن
بچاءُ جي وڪيلن جو ڪردار ادا ڪيو هو، سي سائنس جي
ذهن وارا ماڻهو نه هئا. هيءُ سوال ان ڪري، اڳتي
هلي آرنولڊ ۽ ان کانپوءِ آئور آرمسٽرانگ رچرڊس هٿ
۾ کنيو.
13. برجستو استاد آرنولڊ؛ سائنس ۽ ادب جي وچ ۾ جيڪو اختلاف عام
طور تياڳي ئي رونما ٿي چڪو هو، تنهن مئٿيو آرنولڊ
جو ڌيان به ڇڪايو. آرنولڊ عالم، مذهب پسند ۽ اديب
هو. آرنولڊ جڏهن سائنس جي سوال تي غور ڪيو، تڏهن
هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته سائنس جي وڌندڙ اثر کي
روڪڻ جو ڪم مذهب ڪري نه ٿي سگهيو. ان وقت اهو فئشن
هو ته سائنس جي خلاف سائنس جوئي هٿيار استعمال ڪيو
وڃي، يعني مذهب کي سائنس جو مخالف نه سمجهيو وڃي
بلڪه ائين تصور ڪيو وڃي ته مذهب سائنسي اصولن جي
پٺڀرائي ڪري رهيو هو. انهيءَ ڳالهه مان خطرو اهو
هو ته مذهب سائنس جي رڳو هڪ حصي جيترو ثابت ٿيندو
۽ اهڙيءَ ريت مذهب سائنس جو مقابلو ڪري نه سگهندو.
آرنولڊ شڪايت ٿو ڪري ته مذهب پنهنجي جذبات کي
سائنسي ۽ مادي حقيقتن سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ سائنس ۽
مادي حقيقتن ان سان بي وفائي ڪئي آهي. هن حالت ۾
آرنولڊ شاعريءَ کي آخري آسرو ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو؛
جيئن جيئن زمانو بدلبو ويندو، تيئن تيئن اها ڳالهه
وڌيڪ صاف ٿيندي ويندي ته زندگيءَ جي تعمير جي
لاءِ، قلب جي تسڪين جي لاءِ ۽ پنهنجي همت برقرار
رکڻ لاءِ دنيا کي شاعريءَ جي آڌار وٺڻي پوندي.
شاعريءَ کانسواءِ اسان جي سائنس نامڪمل ڏسڻ ۾
ايندي ۽ شاعري ڪيترين ئي اهڙين شين جي جاءِ والاري
ويندي جن کي اڄڪلهه اسان مذهب ۽ فلسفي جي نالي سان
سڏيون ٿا.
غلط مذهبي رجحانن ۽ فرسوده خيالن تي غور ڪرڻ کانپوءِ آرنولڊ
اهڙي مذهب ۽ فلسفي کي علم جو نقل ۽ ڪوڙي شهادت ٿو
سڏي. چوي ٿو؛ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن اسانکي
پنهنجي انهيءَ سادگيءَ تعجب لڳندوته اسان مذهب ۽
فلسفي تي اعتماد ڪيو هو. جيترو مذهب ۽ فلسفي جي
حقيقت وڌيڪ ظاهر ٿيندي، اوترو ئي اسان علم جي
انهيءَ روح روان جنهن کي شاعري ٿو سڏجي تنهن جو
وڌيڪ قدر ڪنداسون.
آرنولڊ جي راءِ ۾ شاعري زندگي جي هڪ تنقيد آهي. آرنولڊ کي، جو
شاعري ۾ آخري اميد نظر آئي هئي، ته ان جو سبب اهو
هو ته شاعري واقعاتي صداقت کان بي نياز هوندي آهي
۽ ٻيو شاعريءَ کي پنهنجو هڪڙو الڳ قدرن جو ضابطو
هوندو آهي. شاعريءَ جي لاءِ هي ڳالهيون آرنولڊ کان
اڳ ۾ئي چيون ويون هيون.
آرنولڊ جو نالو تڏهن نڪتو جڏهن هن جو نظم ڪرومويل ظاهر ٿيو.
وڏو نظم هو ۽ پنهنجي دور جو معياري نظم هو. هن نظم
تي آرنولڊکي انعام به مليو. هو هندستان جي بلوي
يا انقلاب جي جنگ (1857) جي ڏينهن ۾ آڪسفورڊ
يونيورسٽيءَ ۾شاعريءَ جو پروفيسر هو.
تنقيد جي نظرياتي اعتبار کان آرنولڊ ادبي تنقيد کي وڌيڪ ڪشادو
ڪيو ۽ هن جي نظريات جي ڪري تنقيد هڪ علم جي حيثيت
۾ وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي.آرنولڊ تنقيد کي زندگي جي
تنقيد ٿو سڏي ۽ هن پنهنجي مضمون تنقيد جو منصب
۾ زور به انهيءَ ئي ڳالهه تي ڏنو آهي ته ادب ۽
زندگيءَ جو واسطو سماجي ۽ افادي آهي.
نظرياتي طور تي آرنولڊ ڪلچر جو پيغمبر هو. هو ڪلچر کي زندگيءَ
جي سڀني سوالن جي لاءِ اهميت ڏئي ٿو. ڪلچر کي
آرنولڊ ڪامليت
(Perfection)
ٿو سمجهي ۽ سندس ڪتاب ڪلچر ۽ انارڪي انهيءَ
ڪاميلت جي سوال تي اڄ سوڌو لاثاني ڪتاب آهي. ڪلچر
جي ئي سوال کي آرنولڊ مٺاڻ ۽ چانڊوڪي جي صفات جو
حامل ٿو سمجهي. هنن ٻن ڳالهين کي آرنولڊ انساني
همدردي ۽ گهري سوچ سان ٿو ڳنڍي، تان جو هي ٻه لفظ
انساني دانش جا ٻه اهڃاڻ بڻجي ٿا پون.
آرنولڊ جي خيال ۾ تنقيد جو مقصد ڪلچر جي مقصد جهڙو آهي. آرنولڊ
ڪلچر جي اڀياس مان دائمي ۽ پائيدار توڙي عارضي ۽
وقتي حقيقتن ۽ وٿن کي ڳولي ڦولي، جدا جدا ڪري ٿو
ڏيکاري. هن خيالن کان آرنولڊ جو چوڻ آهي ته تنقيد
جو ڪم اهو آهي ته اها جانبداريءَ ۽ تعصب کان
بالاتر رهي، دنيا ۾ جيڪي بهترين خيالات پيش ٿيا
آهن، سي سکي ۽ انهن کي سمجهائي ۽ عام ڪري. تنقيد
جو مقصد شين کي نه پر خيالات کي ترقي ڏيارڻ آهي.
آرنولڊ فرانس جي ادب جو قدردان هو ۽ ڪلاسيڪيت کي عظيم ادبي وٿ
سمجهندو هو. ان ڪري ايليٽ آرنولڊ کي ڪلاسيڪيت
ڏانهن مائل اديب ٿو سمجهي. آرنولڊ جي فڪر جو هڪ
اهم نڪتو اهو آهي ته تنقيد خيالات جو هڪ صحتمند
نظام قائم ٿي ڪري، جيڪو تخليق جي لاءِ هڪ وسيلي
طور ڪم اچي ٿو. اهڙيءَ طرح تنقيد کان سواءِ تخليق
جو ڪم نه رڳو مشڪل آهي پر گهڻو ڪري ممڪن ئي نه
آهي. هن طرح آرنولڊ تنقيد کي تخليق جو پيش رو ٿو
سمجهي ۽ تنقيدنگار کي تخليقڪقار جو رهنما يا پيش
رو. هن جي خيال ۾ تنقيد جو ڪم آهي مدي خارج،
غيرحقيقي، بي معنيٰ ۽ فرسوده خيالات کي پاڙون پٽي
ڦٽو ڪرڻ ۽ انهن جي جاين تي صحتمند ۽ ترقي پسند
خيالات کي بيهارڻ. اهڙيءَ ريت آرنولڊ جي ترقي پسند
خيالن ۾ هي نڪتا.
(1) مثالي ماڻهو اهو آهي، جيڪو مڪمل انسان هجي.
ادب جو ڪم آهي تعليم ڏيڻ ۽ مڪمل انسان جي تشڪيل ڪرڻ ۽
ادب جو ڪم آهي مڪمل انسان ۾ پنهجو پاڻ ۽ آزادي سان فڪر ڪرڻ ۽
سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ.
ترقي پسند ادب جي تنقيد جي لاءِ تمام ضروري ۽ مفيد آهن.
آرنولڊ جي تنقيدي نظريات ۾ نظر اچي ٿو ته هو ادب ۾ به پنهنجي
اصل منصب يعني استاد جي منصب کي اهميت ڏئي ٿو. ان
ڪري آرنولڊ جي نظر هڪ مبلغ جهڙي آهي. انهيءَ ڪري
ماضيءَ جي هن اديب کي سائنسي سوچ جو مبلغ تصور ڪرڻ
۽ حال جو تنقيدنگار تڪڙ ڪري نه ٿو سگهي. بيشڪ وڏن
عالمن ۾ تمام ٿورا اهڙا آهن، جيڪي غيرجانبدار رهي
ٿا سگهن.
14. رچرڊس؛ سڊني ۽ شيليءَ جي روايتن تي ڪم ڪرڻ وارن مان هڪڙو
تمام وڏو نالو آهي، آئي. اي رچرڊس
(I. A. Richards) جو. رچرڊس سائنس ۽ شاعريءَ جي وچ ۾ موجود اختلاف کي گهٽائي،
شاعريءَ جي پڙ کي ڳوري ڪرڻ لاءِ سائنس جا هٿيار
شاعريءَ جي حمايت ۾ ڪم آندا. رچرڊس نفسيات کي
شاعريءَ جي سمجهڻ جي لاءِ هڪ وسيلو سمجهيو، ۽
نفسياتي بنيادن تي هن جي تحريرن شاعريءَ کي سائنس
کان اڳرو ثابت ڪيو. رچرڊس جون وڏيون دريافتون ٻه
آهن.
(1) هن اهو معلوم ڪيو ته ڪو نظم پڙهڻ واري تي ڪهڙيون نفسياتي
ڪيفيتون پيدا ڪري ٿو، ۽
(2) هن اهو معلوم ڪيو ته نظم جي وسيلي پيدا ڪيل ڪيفيتون نه رڳو
ڪيفيتون آهن پر انهن جو هڪ قدر يا ڪارج به ٿئي ٿو،
يعني اهي مفيد ٿين ٿيون. شرط اهو آهي ته نظم ۾
شاعراڻيون خوبيون موجود هجن. هن باري ۾ هن جي
بنيادي دريافت اها آهي ته هو اها شئي جيڪا ڪنهن ڪا
گهرج يا اشتها يا بک پوري ڪري سا مفيد هوندي آهي.
تنهن ڪري رچرڊس چيو ته مفيد ترين نيائي ڪيفيت اها
آهي جيڪا وڌ ۾ وڌ ضرورت پوري ڪري ۽ بک لاهي.
انهيءَ خيال کان رچرڊس بهترين نظم ان نظم کي ٿو مڃي، جيڪو قدر
جي مقرر ڪيل معيار تي پورو هجي يعني وڌ ۾ وڌ ضرورت
پوري ڪري.
رچرڊس جو هي نظريو سندس ڪتاب سائنس ۽ شاعري ۾ آيو آهي.
شاعرن جي جماعت رچرڊس جي خيال ۾ انسانن جي اها اقليت آهي، جيڪا
پنهنجي نفسي تجربن ۾ انساني دلچسپين جي تمام وڏي ۾
وڏي تعداد کي متوازن ۽ منظم طريقي سان هڪ هنڌ گڏ
ڪري ٿي. رچرڊس جو خيال آهي ته جڏهن شاعر جا نفسي
تجربا پڙهندڙن جي من ۾ گهر ڪري ٿا وڃن، تڏهن ڄڻ ته
انهيءَ وڏي خطري جو ڊپ لهي ٿو وڃي، جيڪو انسانن جي
مختلف دلچسپين جي ڪري شاعريءَ جي غيرحاضريءَ ۾
پيدا ٿئي ٿو. هن طريقي سان شاعري انساني تهذيب جي
سلامتيءَ ۽ واڌاري جي لاءِ هڪ متاثر وسيلو آهي.
شاعريءَ جي اهميت کي بيان ڪندي رچرڊس لکي ٿو؛ اهو هاڻي ممڪن
آهي ته اسان جي ثقافتي روايتن گذريل صديءَ جي حملن
کان بچاءُ جي لاءِ جنهن سڪندري ديوار جي پويان
پناهه ورتي هئي، سا مستقبل قريب ۾ ڀڄي پوي. جيڪڏهن
ائين ٿيو ته پوءِ ِهڪ اهڙو ذهني انتشار، جنهن جو
تجربو انسان کي اڳي ڪڏهن به حاصل نه ٿيو هو، پيدا
ٿي پوندو. اهڙيءَ حالت ۾، جيئن مئٿيو آرنولڊ اڳڪٿي
ڪئي هئي، اسان وٽ پنهنجي بچاءُ جي لاءِ شاعريءَ
کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو. شاعريءَ ۾ بيشڪ اهڙي
صلاحيت آهي، جو اها اسان کي تباهي کان بچائي سگهي
ٿي. شاعري ذهني انتشار تي حاوي ٿيڻ جو هڪ ممڪن
ذريعو آهي.
رچرڊس نه رڳو شاعريءَ کي انساني تهذيب جي سلامتيءَ لاءِ ضروري
سمجهيو آهي پر هن انهيءَ سوال تي ويچار ڪيو آهي ته
شاعراڻين صداقتن ۽ سائنسي صداقتن ۾ فرق ڪهڙو آهي.
دراصل شاعريءَ تي سائنس جو حملو به انهيءَ بنياد
تي ٿيو هو ته سائنسي حقيقتون وڌيڪ مضبوط آهن.
رچرڊس چوي ٿو ته شاعري سائنس جيان دعوائون نه ٿي
ڪري، پر نيم دعوائون ڪري ٿي. رچرڊس نيم دعوا
جي باري ۾ چوي ٿو ته اها لفظن جي هڪ اهڙي گڏيل
صورت هوندي آهي، جنهن جو جواز سڄو سارو ۽ اعليٰ
ترين انهيءَ ڳالهه ۾ ٿئي ٿو ته اها اسان جي باطني
تقاضائن ۽ فڪري نمونن کي ڪم آڻي يا انهن جي تنظيم
ڪري، پر هڪ دعوا جي جواز انهيءَ جي ابتڙ انهيءَ
ڳالهه ۾ هوندو آهي ته ان ۾صداقت هجي يعني جنهن
ڳالهه کي دعوا بيان ڪري تنهن کي هوبهو بيان ڪري.
رچرڊس هن سوال تي به هڪ سڌريل خيال ڏنو آهي. چوي
ٿو ته صداقتن يا غيرصداقتن جو سوال اصل ۾آهي ته
ٻوليءَ جو سوال، ۽ ٻوليءَ جي استعمال جا طريقا ٻه
ٿا ٿين.
تحويلي
(Referential)
جذباتي
(Emotive)
تحويلي ٻولي اها آهي، جنهن جي وسيلي نظرين ۽ تصويرن يا شين جو
حوالو ڏنو ٿو وڃي. پر جذباتي ٻولي انهيءَ لاءِ ئي
اختيار ٿي ڪجي ته جيئن تصورن يا شين جي بيان مان
جيڪي جذبات پيدا ٿين تن کي ڪم آندو وڃي. سائنس ۽
نثر جي زبان تحويلي ٿيندي آهي، ۽ شاعر جي زباني
جذباتي.
پنهنجي ڪتاب معنيٰ جي معنيٰ
(The Meaning of the
Meaning)
۾ رچرڊس اوجن
(Odgen)
سان گڏ ٻڌائي ٿو ته نظم جو ڪم آهي ڪنهن جذبي
اڀاريندڙ مامري جي باري ۾ جذبن کي اڀارڻ وارن لفظن
جو استعمال ڪرڻ. نظم يا شاعري ڪنهن تجربي جي باري
۾ هڪ مناسب ذهني رجحان پيدا ڪري ٿي، ۽ ان کي ڪرڻو
به اهو ئي آهي.
رچرڊس کي ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو تنقيدنگار چيو ويندو يا نه،
انهيءَ سوال جو جواب ته جلديءَ ۾ ڏيئي نه ٿو
سگهجي، پر ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون سامهون اچي
چڪيون آهن، جي شايد ايليٽ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به
اديب ۾ سواءِ رچرڊس جي نه ٿيون ٿين. ان ڪري ويهين
صديءَ جي ادبي دنيا ۾ تنقيد جي سوال تي اهي ٻيئي
نالا حريف طور ڪم اچن ٿا. آرنولڊ جيان رچرڊس به
استاديءَ جي پيشي سان منسلڪ رهيو ۽ ادب ۽ اخلاقيات
جي تعليم ڏيندو رهيو. سندس تعلق ميگڊالن ڪاليج سان
رهيو. رچرڊس ادب کي سائنس ۽ نفسيات جي اصولن جي
تحت پرکيو ۽ سمجهايو آهي. رچرڊس جو هڪڙو خاص نڪتو
اهو آهي ته ارتقا پذير اصل ۾مابعدالطبعيات نه پر
انساني ذهن جو نظام
(Neurology)
آهي، ۽ اٽڪل 3000 سال عيسويءَ تائين جماليات ۽
نفسيات جا سڀ اصول مدي خارج ٿي ويندا، جو انهيءَ
وقت تائين انساني ذهن سڄو تبديل ٿي چڪو هوندو. هن
طرح جو قدر جو اهو نظريو ڏئي ٿو، جيڪو تبديل جي
عمل هيٺ آهي. ۽ اٽل ٿي نه ٿو سگهي. هو سمجهائي ٿو
ته ضروري ناهي ته اهي قدر جيڪي اسان جي اسان لاءِ
مفيد ۽ ڪارآمد سمجهيا ٿي ويا، سي اسان جي پونيئرن
لاءِ به مفيد ۽ ڪارآمد هوندا.
رچرڊس جو ٻيو وڏو نڪتو اهو آهي ته شاعريءَ جون تقاضائون حالتن ۽
روين پٽاندڙ هئڻ گهرجن. جهڙيون حالتون تهڙا
شاعريءَ جا تنقيدي معيار. اهڙيءَ ريت ڪنهن نظم جي
لاءِ رچرڊس جو خيال اهو آهي ته اهو پنهنجي دور جي
حالتن جو رڪارڊ يا سچو نقل آهي. ان جو تعلق نه ته
علم اخلاقيات سان ۽ نه جماليات سان ۽ نه فلسفي سان
آهي. هر نظم جو قانون نرالو ۽ معيار نرالو هوندو
آهي ۽ هر ڪو نظم هڪڙي تجربي جو هڪ نئون اظهار ڏئي
ٿو.
رچرڊس به ٻين عالمن جيان تنقيد ۽ تنقيدنگار جي منصب تي لکيو
آهي.هن جو خيال آهي ته سٺو تنقيدنگار اهو آهي،
جيڪو
ڪنهن مخصوص تجربي تائين پهچڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۽ ان صلاحيت
کي هن تجربي جي مدد سان وڌيڪ تيز ڪيو هجي.
مختلف تجربن جي وچ ۾ فرق سمجهي ۽ واضح ڪري سگهندو هجي، ۽
مختلف ۽ فيصلي ڪن قدر رکندڙ هجي، جن سان هو ڪنهن نظم کي ان جي
حالتن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پرکي سگهجي.
چون ٿا ته رچرڊس سان ادب جي نفسياتي تنقيد جي ابتدا ٿئي ٿي.
رچرڊس گوناگون صلاحيتن سان ڀرپور هڪ اديب آهي ۽ هو علم
السان جو تمام وڏو عالم، انگريزي ادب جو تمام وڏو
ڄاڻو ۽ ان کان به اڃا وڏو نقاد آهي. عام طور تي هن
جي نظريات کي سائنس ۽ نفسيات تي ٻڌل نظريات سمجهيو
ٿو وڃي، پر اها ڳالهه پڌري آهي ته رچرڊس به اهو
پيغام ڏئي ٿو جيڪو سماجي طور تي آرنولڊ ڏيڻ ٿي
گهريو، البت ارنولڊ جو طريقو تصوراتي ۽ نظرياتي هو
۽ رچرڊس جو طريقو سائنسي آهي.
رچرڊس به، جيئن اسان ڏيکاريو آهي، تنقيد نگار کي قدرن جو صاحب
يعني نظرياتي ماڻهو ٿو سمجهي. هو به تنقيد نگار کي
ذهين ۽ صاحب علم ڏسڻ ٿو گهري ۽ هو به تنقيدنگار جي
لاءِ تجربي کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.
اسان اڳتي رچرڊس جي ٻن مشهور ڪتابن جي باري ۾ لکي رهيا آهيون،
جن مان سندس خيالن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ملي
سگهندي.
15. ٿامس ايليٽ
(Thomas Eliot)
1965. 1888؛ شاعريءَ جو سماجي منصب لکڻ وارو ۽
ادب ۽ مذهب تي سوچڻ وارو ايليٽ به بنيادي طور تي
آرنولڊ ۽ رچرڊس جيان استاد هو. هو مختلف اشاعتي ۽
ادبي ادارن جو روح روان هو. گهڻو وقت اشاعتي اداري
فيبر ۽ فيبر سان لاڳاپي ۾ رهيو. اميجسٽ
(Imagist)
تحريڪ ۾ به نمايان حصو ورتائين ۽ تحريڪ جي آرگن
ايگوئسٽ
(Egoist)
۾ نائب مدير هو. 17 سال پنهنجو رسالو ڪرائٽيرين
(Criterion)
ڪڍندو رهيو.
هنن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ايليٽ کي پنهنجن نظرين
جي اشاعت ۽ تبليغ جو هرڪو موقعو ميسر هو. شايد اهو
ئي سبب هو، جو دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ هو نمايان
طور تي اديب جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽
اديبن جي گهڻي حلقي تي اثرانداز ٿي ويو. هو شاعر
جي حيثيت ۾ به مشهور هو ۽ هن سوال تي هن جو ڊگهو
نظم دي ويسٽ لئنڊ هن جي شهريت جو خاص سبب بڻيو.
پر هن ئي نظم ايليٽ جي باري ۾ اها راءِ قائم ڪرڻ ۾
به مدد ڏني ته هو ازرا پائونڊ جي مقابلي جو شاعر
نه هو، جو پائونڊ هن نظم کي درست ڪيو هو ۽ هن جو
فني معار به مقرر ڪيو هئائين. شاعر جي حيثيت ۾ ان
ڪري ايليٽ جي رتبي کي منظوم ناٽڪن جي بنياد تي
پرکيو ويو هو. هن سن 1958ع تائين ڇهه وڏا منظوم
ناٽڪ لکيا ۽ گهڻي شهرت به حاصل ڪيائين.
1948ع ۾ ايليٽ کي ادب جو نوبل انعام مليو ۽ برطانيا جو اعليٰ
اعزاز
(The order of Merit)
به حاصل ڪيائين. هن بنياد تي هن جي مقابلي جو اديب
۽ نقاد رڳو رچرڊس ثابت ٿيو، يا ڪي صاحب علم چون ٿا
ته آرنولڊ به هن جي ٽڪر جو نقاد هو.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته آرنولڊ ۽ رچرڊس ٻيئي ڪن ڳالهين
جي بنياد تي ايليٽ کان مختلف هئا ۽ شايد بهتر ۽
وڌيڪ عالم هئا.
جتي آرنولڊ ڪلچر، ڪامليت، تنقيد، انساني جذبي جي فقدان، رکائپ ۽
جماليات جي سوالن تي پنهنجا مشهور نظريا ڏنا يا
جتي رچرڊس نفسياتي ۽ دماغي رجحانن ۽ ڪاوشن جي
ارتقا کان ڪم وٺي هڪ نظم جي سمجهڻ جا عملي طريقا
ڏنا يا جتي زبان جي باري ۾ سائنسي ۽ لساني حقيقتن
جي سوالن تي معنيٰ جو مفهوم ۽ حقيقت پيش ڪيائين
(آگڊن سان گڏ)، اتي ايليٽ چرچا گهٻا ڪندو ۽ دلچسپ
پئرا گراف لکندو، ماڻهن کي وندرائيندو رهيو. هنن
نقطن جي خيال کان ايليٽ، آرنولڊ توڙي رچرڊس جي
معيار جو عالم نه هو، پر جيستائين ادب جو يا ادبي
تنقيد جو سوال آهي، ايليٽ انهيءَ ڪري بهتر اديب
هو، جو هو فيلسوف نه هو. ايليٽ جي سامهون سوال ئي
رڳو ادب جو هو يا ادب جي ڪارج يا اديب جي ڪردار جو
هو، ۽ سچ پچ ته آرنولڊ توڙي رچرڊس ۾ اديب شخص
جيڪو موجود هو، سو ايليٽ اديب کان گهڻو ڪمزور
هو.
ادب جي باري ۾ جيترن وڏن سوالن جو جواب ايليٽ ڏنو آهي، اوترن
سوالن تي هن کان اڳ ۾ يا هن جي دور ۾ ڪنهن به نه
سوچيو هو.
ايليٽ جي ٻي وڏي ڳالهه هئي، هن جي طرز تحرير يا هن جي نثر جي.
سڀڪو ڄاڻي ٿو ته آرنولڊ جو ڪلچر ۽ انارڪي يا
رچرڊس جو هرڪو ڪتاب هر ڪو انگريزي دان به سمجهي نه
ٿو سگهي پر ايليٽ جي باري ۾ اها راءِ هرڪو مڃي ٿو
ته هو پنهنجي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهائي ٿو سگهي.
بهتر مثال، بهتر استدلال ۽ استاد وارو طريقو جيڪو
ايليٽ اختيار ڪري ٿي سگهيو، سو هن کان اڳ ۾ يا هن
جي دور ۾ رچرڊس اختيار ڪري نه سگهيو. ان ڪري آءٌ
ته جيڪر چوان ته آرنولڊ ۽ رچرڊس يونيورسٽين جي
لاءِ پيدا ٿي هئا، پر ايليٽ اديبن ۽ عام ماڻهن
لاءِ ڪم ڪيو آهي.
ايليٽ تنقيد جي سوال تي نظم جي اڀياس فارم ۽ ٽيڪنيڪ تي زور
ڏئي ٿو ۽ لفظ تخيل
(Imagination)
جي جاءِ تي لفظ ادراڪ
(Sensibility)
تي. ايليٽ جي نظرين ۾ الهام جي جاءِ به ڪا
ڪانهي. ايليٽ ڪنهن نظم کي بي اختيار ۽ پنهنجو پاڻ
پيدا ٿيڻ واري شئي به نه ٿو سمجهي. هن طرح هو
قُدما کان گهڻو هٽي ٿو لکي. البت ايليٽ مڃي ٿو ته
شاعري پنهنجي جاءِ تي هڪڙي قسم جي مذهبي رسم آهي
۽ ان جو اثر به اهو هئڻ گهرجي، جيڪو مذهبي رسم جو
ٿئي ٿو، يعني شاعريءَ کي گهرجي ته اها عقائد ۽
اخلاق کي درست ڪري ۽ دانش ۽ اعليٰ آگاهي پيدا
ڪري. (هن سوال تي اسان اڳتي ايليٽ جو هڪ اهم
مضمون ادب ۽ مذهب ترجمو ڪري ڏئي رهيا آهيون.)
ايليٽ ڪٿي ڪٿي رومانيت ۽ ڪلچر جو بلڪل مخالف ٿو نظر اچي ۽ ڪوشش
اها ٿو ڪري. عجب آهي جو ايليٽ جي خيالن ۾ تضاد
ايترو عام آهي، جو ايڏي پايي جي اديب مان ان جي
اميد ڪري نه ٿي سگهجي. پر شايد هر طبقي کي خوش ڪرڻ
واري جذبي ايليٽ ۾ اهو عيب پيدا ڪيو آهي.
بيشڪ ايليٽ ڪوبه نظريو ڪونه ڏنو ۽ سچ پچ ته هو فيلسوف به نه هو،
پر پوءِ به تازگيءَ، جذبي، ظاهري رک رکاوءَ ۽
مصنوعي پر گهري سنجيدگيءَ ۽ شخصيت جي پروقار هئڻ
جي ڪري ايليٽ تمام وڏو تنقيدنگار بڻجي ويو آهي.
ايليٽ جي تحريرن ۾ هڪڙي خاص ڳالهه اها به آهي. جو هو سوال جي
جواب ڏيڻ جو ڏاڍو ماهر آهي. جي ماهر ناهي ته به
نظر ائين ٿو اچي ته توهان ڪنهن ماهر ۽ فني مهارت
جي سوال تي لائق ۽ قابل استاد سان هم ڪلام آهيو.
هو توهان کان توهان جي سوال جي اهميت کسي ٿو وٺي ۽
توهان کي پنهنجي جواب جي قائم ڪرڻ لاءِ توهان تي
حاوي ٿيڻ ٿو گهري. ان ڪري آءٌ سمجهان ٿو ته هو وڏي
۾ وڏو اديب ته نه هو، پر ادب جو وڏي ۾ وڏو استاد
ضرور هو. پر ڊاڪٽر جانسن، بهرحال، ٻي شئي هو.
|