سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :7

باب ڇهون

 

ادب جي جمالياتي تنقيد

1- ادب ۽ جماليات؛ آءٌ سمجهان ٿو ته اها روايتي تنقيد، جيڪا يورپ ۾ وڌ ۾ وڌ اثر واري رهي آ ۽ جيڪا اڄ به گهڻي ڀاڱي لکجي ۽ ڇپجي رهي آهي، اها تنقيد ادبي تحريرن جي انهن ڳالهين سان واسطو رکي ٿي، جيڪي ڪنهن نظم يا نثر جي جوڙ يا ڍانچي (Form) سان واسطو رکن ٿيون.

هن طرح هيءَ تنقيد اڪثر (Formalistic) يا دستوري سڏجي ٿي. ٻيا نالا، جيڪي هن قسم جي تنقيد لاءِ ڪم آيا آهن، تن مان ڪيهي آهن؛ جمالياتي (Aesthetic)، درسي (Textual) ۽ نوعياتي (Ontological). پر گهڻو ڪري هن قسم جي تنقيد کي نئين تنقيد (New criticism) چيو ويو آهي، توڙي جو هن قسم جي تنقيد نئين نه آهي ۽ ان کي وڏي تاريخ حاصل آهي.

اسان جي پنهنجي خيال کان هن تنقيد تي ”عالماڻي تنقيد“ جو نالو ڏيڻ به بهتر آهي، توڙي جو عالماڻي تنقيد لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ Scholaly Criticism به ڪم آيو آهي.

هيءَ تنقيد دنيا جي ڪيترن ئي مشهور جريدن ۽ رسالن ۾عام طور تي ڇپجندي رهي آهي. انهن رسالن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

The Kenyon Review.

Sewannee Review.

Accent.

Hudson Review.

اسان جڏهن به ڪنهن ادبي تحرير جي باري ۾ راءِ ڏيون ٿا، تڏهن سڀ کان اڳ ۾ اسان جو ڌيان هن ئي قسم جي تنقيد ڏانهن وڃي ٿو، ڇوته هن تنقيد ۾ طريقا عمومي ۽ سڌا سنوان (Direct) هوندا آهن.

هن تنقيد جي اوائلي شڪل اسان کي مشهور عالم ۽ شاعر ڪولرج (Colridge) جي تحريرن ۾ملي ٿي. ڪولرج جو چوڻ آهي ته هر ادبي تحرير جو وجود ۽ ان جي زندگيءَ جو نمونو نرالو ۽ پنهنجو هوندو آهي. ان جو مطلب هي ورتو ويو آهي ته ”انهيءَ ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته ڪا شئي ادبي آهي يا غير ادبي، اسان کي فقط ادبي معيارن جي مدد وٺڻي پوندي.“ (1)

ڏسڻ ۾ پيو اچي ته ٽي-ايس- ايليٽ هنن لفظن جي لاءِ ڪولرج جي تحريرن مان فائدو ورتو آهي.

هن باري ۾ ڪولرج جو اهو نظريو، جنهن مطابق ڪنهن به تحرير جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي، ان جي جوڙجڪ جي جدا جدا عنصرن (Elements) جو اتحاد (Unity)، جنهن کي هو جوڙجڪ جو اتحاد (Organic Unity) ٿو سڏي، سو به ڏاڍو اهم آهي. (هن ڳالهه کي ڪولرج هن طرح لکيو آهي؛

 The whole, being the involovement of all the parts.

هن خيال مطابق ڪنهن به ادبي تحرير ۾ ڪم آيل جدا جدا جزا يا عنصر اهڙيءَ ريت ڪم ڪن ٿا، جو انهن مان بڻيل يا بڻايل مڪمل تحرير پنهنجي حالت ۾ پورو مفهوم (Meaning) ڏئي ٿي.

هن باري ۾ وڌيڪ رايو ايجرايلن پو (Poe) جو به تاريخ ۾ آيو آهي، جنهن مطابق پو (Poe)، جيڪو آمريڪي آهي، سو چوي ٿو ته هر ادبي شاهڪار يا تخليق جي لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جو پڙهندڙ تي جيڪو اثر پوي سو مڪمل ۽ مربوط (Unified) هجي. پر پو (Poe) جو اثر سندس همعصر اديبن ۽ نقادن تي سڌو سنئون ڏاڍو گهٽ پيو هو.

هن ئي سلسلي ۾ هينري جيمس (Henry James) جي تحريرن ۽ تنقيدي خيالن بليڪ مور (Black mur) ۽ ايليٽ تي به وڏو اثر ڪيو هو.

ٽي-ايس- ايليٽ هنن سڀني اديبن جي ڀيٽ ۾ عالماڻي يا روايتي (Formalistic) تنقيد جي باب ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. ايليٽ تي پائونڊ (Ezra Pound) ۽ حلميءَ (T.E. Hulme) جو وڏو اثر پيو هو. ايليٽ جو نظريو اهو آهي ته آرٽ جي وڏي ۾ وڏي جڳهه رڳو آرٽ ۾ ئي موجود آهي. آرٽ جي آرٽ واري اهميت ان اهميت کان وڌيڪ آهي جيڪا آرٽ کي انهيءَ ڪري ڏني ٿي وڃي ته اهو سياسي، مذهبي، اخلاقياتي ۽ سماجي نظرين ۽ خيالن جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جو پرچارڪ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ايليٽ تحريرن جي مواد کي چڱيءَ طرح پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي سفارش ٿو ڪري.

پنهنجين تحريرن ۾ايليٽ اها سفارش ڪئي آهي ته شعر جو اڀياس هڪ نرالو ۽ جداگانو اڀياس آهي، ڇو ته هو مڃي ٿو ته شعر واري آرٽ جي عظمت فقط ان جي جوڙجڪي نظم (Organism) جي اندر ئي موجود آهي. هو شعر جي ڍانچي کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ادبي حقيقتن (Facts) کي فقط ان حالت ۾ ڌيان جوڳو سمجهيو آهي جنهن حالت ۾ هو حقيقي طور تي تحريري صورت ۾ موجود آهن، ۽ هن ادب کي فقط ان حالت ۾ ئي ڌيان جوڳو ۽ اهم سمجهيو آهي، جنهن حالت ۾ ادب حقيقي طور تي ۽ تحريري صورت ۾ موجود آهي (1)

”روايت ۽ انفرادي صلاحيت“ (Tradition and Individual Talent) واري پنهنجي مضمون ۾ ايليٽ ڄاڻايو آهي ته شاعر پنهنجي شعر ۾ ڪنهن به جذبي (Emotion) يا پنهنجي شخصيت (Personality) کانسواءِ داخل ٿئي ٿو. هن ڳالهه تنقيد جي عالمن لاءِ اهو ضروري ڪري ڇڏيو آهي ته هو شعر ۾ شخصيت جو اڀياس نه پر خود شعر جي ٽيڪنيڪ ۽ فن يا ان جي آرٽ واريءَ صورت کي ڳولي لهن ۽ ان جي باري ۾ فيصلو ڪن.

مختصر طور تي ائين چئبو ته ايليٽ هڪ اهڙي قسم جي تنقيد جو بنياد وڌو، جنهن ۾ نفسيات، اخلاقيات ۽ سماجيات جي لاءِ ڪابه جاءِ موجود نه آهي. هن طرح ايليٽ رڳو هڪڙو پاسو وڃي بچايو ۽ اهو آهي جماليات جو پاسو. اهڙيءَ ريت ايليٽ کي اسان جمالياتي تنقيد جو ابو سڏي ٿا سگهون، توڙي جو بنياد ڪولرج پارن بزرگن جو رکيل هو.

خود ايليٽ ۽ پائونڊ جو پنهنجو شعر جنهن تي اڻويهين صديءَ جي فرينچ اهڃاڻوي شاعريءَ (Symbolic poetry) ۽ سترهين صديءَ جي فوق الطبعياتي شاعريءَ جو اثر آهي، سا اهڙي آهي جو ان تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ ان جي ٽيڪنيڪ ۽ فارم کي سمجهڻ ازحد ضروري آهي.

(2) ايليٽ کانپوءِ جمالياتي تنقيد جي باب ۾ ايليٽ کانپوءِ ٻيو وڏو نالو آهي آءِ-اي رچرڊس جو.

رچرڊس اها ڳالهه سمجهائي ته نظم ۽ ان جي پڙهندڙ جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو قائم ٿئي ٿو، سو ڪهڙي قسم جو آهي. هي لاڳاپو رچرڊس ثابت ڪيو ته نفسياتي قسم جو لاڳاپو آهي. ٻي ڳالهه جا رچرڊس سمجهائي سا آهي معنيٰ جي نوعيت (Kind) واري ڳالهه. معنيٰ جي نوعيت انهيءَ ردعمل (Response) مان ظاهر ٿئي ٿي جيڪو لفظن جي پيدا ڪيل عمل (Stimulus) جي نتيجي ۾ ظاهر ٿئي ٿو. رچرڊس، اوجن سان گڏجي، اهي لفظ ۽ محاورا به ٺاهيا، جن جي مدد سان معنيٰ جي هيءَ نوعيت سمجهي ۽ سمجهائي ٿي سگهجي (1).

اهڙيءَ ريت رچرڊس علم تنقيد ۽ علم معنيٰ کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏنو.

رچرڊس جو هڪ عجب جهڙو ڪارنامو آهي ته هن پنهنجي دور ۾ شعر جي لاءِ چيو ته ان جي اهميت ڪرندي ٿي وڃي(2).

شايد پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ رچرڊس پنهنجي انهيءَ دلي واردات جو اظهار ڪيو آهي، جنهن هن کي آخرڪار شعر جو موزون اڀياس ڪرڻ لاءِ اڀاريو هو. پر آخرڪار رچرڊس پاڻ به پنهنجو اهو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو هو. هن ڪتاب ۾ به شعر جي اندروني صلاحيتن جي باري ۾ ڪافي مواد موجود آهي. اهڙيءَ ريت اهو ثابت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته خود رچرڊس ڪنهن دور ۾ شعر مان نااميد ٿي ويو هو.

پنهنجي هڪڙي ٻئي ڪتاب “The Practical Criticism” ۾ رچرڊس تيرهن نظمن جي مفهوم ۽ معنيٰ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت نئين تنقيد جي عالمن لاءِ ميدان هموار ڪيائين.

چون ٿا ته رچرڊس جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن علامتن جي سائنس (The Science of signs) جي باري ۾ جاکوڙ ڪئي ۽ هن علامتن (Signs) جي مفهوم کي ڳولي لڌو(3).

(3) ايليٽ ۽ رچرڊس کانپوءِ؛ ايليٽ ۽ رچرڊس کانپوءِ جمالياتي تنقيد جي باري ۾ وڏو ڪم اهو ٿيو، جو وڪٽوريائي نظريات ۽ ”سڌريل“ اخلاقياتي نظريات تي جيڪو اڳي زور ڏنو ٿي ويو، تنهن جي خلاف هڪ ردعمل کڙو ٿيو. هي ردعمل هڪ طرف کان ادب جي عالماڻيءَ ۽ تاريخي روايت جي خلاف هو ته ٻئي طرف کان انهيءَ روايت جي به خلاف هو، جنهن مطابق شعر ۾ شاعر جي شخصيت کي ڳوليو ويندو هو ، ۽ جنهن مطابق ڪنهن به ادبي مشاهدي کي نقاد جي شخصيت جو اوڊيسي (Odyssey) سمجهيو ويندو هو(1)

هن جو مطلب اهو آهي ته ان دور جي تنقيد ۾ ڪن حالتن ۾ راويت اها هئي ته هر نقاد پنهنجي مرضيءَ کي شعر جي وسيلي پورو ٿيندي ڏسڻ گهرندو هو ۽ ائين چاهيندو هو ته هرڪو شاعر ائين لکي جيئن هو پاڻ چاهي ٿو. اهڙيءَ ريت هو شعر جي تنقيد ۾ نه شاعر جي شخصيت کي ڏسڻ گهرندو هو ۽ نه شعر جي ادبي ۽ آرٽ وارين خوبين کي. هو هر شعر ۾ پنهنجيءَ راءِ کي ڏسڻ گهرندو هو ۽ پنهنجن نظرين کي جاچيندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ اهو سڀاويڪ هو ته هن طرز عمل جي خلاف ڪو محاذ کڙو ٿئي.

ان ئي دور ۾ مارڪس (Marx) جي سماجي قدرن واري نظريي جي خلاف به محاذ کڙو ٿيو ۽ نفسياتي تنقيد جي انهيءَ اصول خلاف به احتجاج ڪيو ويو، جنهن مطابق شاعر جي نفسياتي ڪيفيتن جو اڀياس ضروري هو.

هي دور ويهينءَ صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جو دور هو، ڇاڪاڻ ته ائين عام ۽ مڃيل تنقيدي نظرين جي خلاف احتجاج ٿي چڪو هو، سڀاويڪ هو ته تنقيد جو نئون نظريو ان صورتحال مان فائدو وٺي. اهڙيءَ ريت موقعو ۽ ميدان صاف ڏسي، جمالياتي تنقيد وارن هٿيار پهريا ۽ ميدان مارڻ لڳا.

جمالياتي تنقيد جو دائرو (Scope)؛ جمالياتي تنقيد جا عالم پاڻ ۾ به اختلاف رکندا هئا پر ڪي ڳالهيون انهن سڀني وٽ هڪجيڏيون ۽ هڪجهڙيون مڃيل هيون. جن ڳالهين تي انهن جو پاڻ ۾ اتفاق هو. سي اسين هت هيٺ ڏيون ٿا؛-

بنيادي طور تي اهي سڀ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته شعر انهيءَ عام جو سچو پچو (Valid) وسيلو (Source) آهي جيڪو فقط شعر جي ئي معرفت پکيڙي سگهي ٿو.

انهن سڀني جو خيال آهي ته شعر جي معنيٰ فقط شعر ۾ ئي موجود آهي. ان کي اخلاقياتي، سماجياتي، سياسي ۽ نفسياتي عملن ۾ ڳولڻ نه گهرجي.

اهي سڀ مشورو ڏين ٿا ته شعر کي سمجهڻ لاءِ رڳو شعر جو ئي اڀياس ڪيو وڃي. هن باري ۾ هو ٻڌائين ٿا ته شعر جو اهو ڪلي تجربو (Total Experience) ڳوليو ۽ معلوم ڪيو وڃي، جيڪو ان جي جدا جدا عنصرن جي اتحاد (Unity) جي وسيلي پيدا ڪيو ويو آهي.

هن سڄيءَ ڳالهه کي ويرن (Warren) هن طرح لکيو آهي؛ ”شاعريءَ کي ڪوبه مخصوص عنصر ورثي ۾ ڪونه مليو آهي. شاعريءَ جو دارومدار لاڳاپن جي سيٽ تي آهي ۽ لاڳاپن جو اهو اتحاد شاعريءَ جو ڍانچو ٿو سڏجي ۽ اهو ئي ڍانچو (Structure) آهي جنهن کي نظم يا شعر ٿو چئجي“(1)

هن جو مطلب اهو آهي ته نظم يا شعر اصل ۾ ڪن لاڳاپن (Relationship) جي باهمي اتحاد (Co-relation) جو نالو آهي.

هنن لاڳاپن مان هر هڪ جي نوعيت جي باري ۾ جمالياتي تنقيد جا عالم ڪجهه به ڪونه ٿا ٻڌائين. هو رڳو ايترو ٿا ٻڌائين ته اهي لاڳاپا خود شعر جي ڍانچي ۾ ئي موجود آهن، يعني شعر کي فقط شعر جي وسيلي ئي سمجهي سگهجي ٿو. اسان سنڌيءَ وارا چوندا آهيون ته ”شهر جي سچي معنيٰ ته رڳو شاعر جي مٿي ۾ آهي.“ (ڪجهه ڏينهن اڳ هن ڳالهه کي اسان جا ڪي اديب ”ادب براءِ ادب“ جو نظريو سڏيندا هئا، پر هاڻي اسان انهن لفظن مان ايترو تنگ آهيون، جو هنن لفظن جي لکڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿا ڪريون.)

وري سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڀلا اهو فارم (Form) يا ڍانچو ڇاهي؟ جمالياتي تنقيد وارا ٿا چون ته فارم اها شئي آهي جنهن ۾ بحر، وزن، ٻوليءَ جا سرشتا، عڪس، اهڃاڻ ۽ اهڙيون ڳالهيون موجود آهن. هي صاحب علم جا وڌيڪ ٿا چون ته بس معنيٰ به انهن ئي شين ۾ موجود آهي. البت هي صاحب مواد جون ڪي ڳالهيون جهڙوڪ موضوع (Theme) ۽ سُرُ تال (Tone) کي به ڍانچي يا فارم ۾شامل ڪن ٿا. پر شرط اهو آهي ته اهي جدا جدا نه پر گڏجي ڪم ڪندا هجن.

جمالياتي تنقيد جي عالمن جو مرڪزي خيال ۽ انهن جا ڪي مخصوص نظريا اسان کي بروڪس (Brooks) ۽ ويرن (Warren) صاحبن جي ڪتاب “Understanding Poetry” ۾ ملن ٿا.

جمالياتي تنقيد جو تنقيدي جائزو؛ جمالياتي تنقيد جهڙيءَ طاقتور تنقيد جي مخالفت به سڀاويڪ هئي. اها به پڪ آهي ته مخالفن مان ڪيترن ئي هن نظريي جا وکا پڌرا ڪري وڌا هئا. هن نظريي تي جيڪا تنقيد ٿي آهي، سا هت هيٺ ڏجي ٿي.

هن نظريي جا طريقا پراڻا ۽ آزمايل طريقا هئا ۽ هنن مان ٻل نڪري ويو هو. هنن طريقن مان ڳالهه صاف ٿيڻ جي بجاءِ ڳالهوڙو يا مونجهارو (Jargon) وڌي رهيو هو. (1)

(2) خاص ۽ تز قسم جي ٻوليءَ ۽ محاورن ناڪافي سوچ ۽ اڻپورا معيار ڏنا هئا.

(3) جمالياتي تنقيد وارن جيري جي لاءِ ٻڪري ڪهائي هئي، يعني هنن جائزي جي لاءِ هڪڙي جزي کي جدا ڪيو هو ۽ ان باب ۾ هنن باقي سڄي نظم کي ڇڏي ڏنو هو(2).

هن باري ۾ جان ڪرووي (John Crowe) به چيو آهي ته بروڪس ايتري ڇنڊڇاڻ ٿو ڪري، جو هڪڙي جزي جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ سڄي نظم کي وسارڻو ٿو پوي.

(4) بلئڪ مور (Blackumur) جيڪو پاڻ به ساڄيءَ ڌر وارو هو، سو به سچ چوڻ کان نه ٿو ڪيٻائي. چوي ٿو ته ”هن طريقي ۾ عام رواجي ۽ ٻوليءَ جي ادائيگي وارو طريقو آزمايو ٿو وڃي ۽ هي طريقو ڄڻ ته حڪم صادر ڪرڻ وارو طريقو (Executive) آهي.“(1)

(5) هڪڙو حملو هن طريقي تي اهو به آهي ته انسان رڳو جمالياتي شخصيت نه آهي ان ڪري رڳو جماليات کي تنقيد جو بنياد ڪري وٺڻ سان ادب جي انهيءَ ڪارج جو انڪار ٿئي ٿو جيڪو هو انسان جي مجموعي فلاح ۽ بهتريءَ لاءِ ادا ڪري ٿو.

(6) تنقيد جي جواب ۾؛ ايليٽ احتجاج ڪيو آهي. چوي ٿو ته اسان جو طريقو ادب جي ڪنهن تخليق جون خوبيون مقرر ڪري ٿو سگهي. جيڪي صاحب ان ڳالهه جو اقرار نه ٿا ڪن سي اجائي مخالفت ٿا ڪن. پر هائو. ادب جي عظمت (Greatness) سمجهڻ لاءِ ٻيا طريقا به انتهائي ضروري آهن.

هن طرح ايليٽ صاحب ادب جي ”نوعيت“ ۽ ادب جي ”عظمت“ کي جدا جدا ڪري وڏيءَ تنقيد کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ايليٽ مذهبي ماڻهو هو، ان ڪري هو وٿن (Values) کي خارجي سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو، جو هو آرٽ ۾ رڳو ٽيڪنيڪ جو حامي هو. توڙي جو ڪن مضمونن ۾ هن ادب جي فلسفياڻي ڪارج جو اقرار به ڪيو آهي.

وڌيڪ تنقيد؛ جمالياتي تنقيد تي وڌيڪ تنقيد شڪاگو (Chicago) مان ٿي هئي. شڪاگو وارن جي طرفان ڪرين (Crane) ڳالهائيندو هو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪو بحث ٿيو، تنهن مان معلوم ٿيو ته ”پاڻ ۾ آهن“. اهو جهيڙو گهر جو جهيڙو (Family quarrel) هو. ٻيئي ڌريون آرٽ جي اندرين خصوصيتن سان واسطو رکندڙ هيون ۽ سماجي، اخلاقياتي ۽ ذاتي قدرن جون مخالف هيون. ٻيئي مواد جي گهري اڀياس جي سفارش ڪري رهيون هيون.

پر شڪاگو وارا ارسطوءَ جي نظريات جا پوئلڳ هئا. هو ارسطوءَ جيان آرٽ جي جدا جدا جنسن يا نسلن (Species) جي وچ ۾ فرق قائم ڪري رهيا هئا ۽ هر ”نسل“ يا جنس يا صنف جي لاءِ جدا قانون ۽ اصول مقرر ڪري رهيا هئا.

ڪرين (Crane) صاحب پنهنجيءَ ڌُر جي اڳواڻيءَ ۾ چوي ٿو؛ ”اسان جو طريقو اهو ڏسڻ ٿو گهري ته جنهن مقصد سان ڪو ليکڪ لکي ٿو، اهو مقصد هن جي لکڻ مان پورو ٿئي ٿو يا نه. اهو مقصد اسان جي نظر ۾ اهو آهي ته تحرير يا آرٽ جو شاهڪار اهڙيءَ ريت ۽ اهڙيءَ صورت ۾ مڪمل ٿئي، جنهن صورت ۾ ان جي خالق ان کي خلقڻ جو ۽ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو هو.“(1)

پر هن خيال کان جمالياتي تنقيد جو عالم نظم يا شعر جو اڀياس اهڙيءَ ريت ٿو ڪري، جو هو ان جي صنف جو ڪو خيال نه ٿو ڪري. هو ته هر نظم کي هڪ نظم ئي ٿو سمجهي ۽ نه نظم جي قسمن مان ڪوبه هڪ. اهڙيءَ ريت اهو ادب جي جدا جدا صنفن (جهڙوڪ ناٽڪ، ناول، غنابو ۽ بهادراڻو) جي وچ ۾فرق نه ٿو ڳولي.

شڪاگو وارا جمالياتي تنقيد وارن جي ابتڙ ”جماليات کان مٿي جماليات“ (Supra aesthetics) جا حامي هئا. هنن جو خيال هو ته جدا جدا حصن جي اڀياس کانپوءِ اهو ضروري هو ته آرٽ کي ”جماليات کان مٿي جمالياتي اڀياس“ لاءِ سماجي، اخلاقي ۽ تاريخي معيارن کي به پرکي ڏسجي.

تنقيد جي جمالياتي نظريي کي ڪافي وڏي عمر ملي آهي، ۽ اڄ سوڌو به هيءَ تنقيد پنهنجو مقام قائم رکيو ٿي اچي.

 


 

 

باب ستون

 ادب جي سماجياتي تنقيد

 

پس منظر؛ هن وقت تائين، ادبي بحث جي دوران اسان سڀني جو زور انهيءَ ڳالهه تي رهيو آهي ته ادب جو ڪارج سماجي آهي،  ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو ناتو آهي. ۽ اهو ادب ئي نه آهي، جنهن جي ڪا سماجي افاديت مقرر نه ڪري سگهجي. آءٌ ڀانيان ٿو ته اسان پنهنجن ههڙن راين يا خيالن ۾ مخلص ته ضرور آهيون، پر اڄ سوڌو اسان انهيءَ باري ۾ ويچار ڪونه ڪيو آهي ته ادب جي سماجياتي تنقيد جا ڪهڙا اصول آهن ۽ انهن اصولن جي خيال کان ادب جي تنقيد اسان مان ڪير لکندو ۽ اهڙي تنقيد ڪڏهن لکي ويندي ۽ اسان اهڙي تنقيد سماجيات جي اصولن جي تحت لکي به سگهنداسون يا نه!

اهو ائي سبب آهي ته جو هاڻي اسان لاءِ جتي اهو ضروري آهي ته اسان ”تنقيدون“ (تنقيد جا جدا جدا نظريا) لکون، اتي اسان لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان ادب جي سماجياتي تنقيد تي به لکون.

ادب جي سماجياتي تنقيد انهيءَ ڳالهه وٽان شروع ٿئي ٿي ته ”آرٽ جا سماج سان جيڪي لاڳاپا آهن، سي تمام ضروري ۽ اهم آهن.“ هن مان هڪڙو خيال هي ٿو پيدا ٿئي ته هنن لاڳاپن جي وڌيڪ اڀياس ڪرڻ سان اسان جو ذهن ڪنهن به آرٽ جي جمالياتي ردعمل وڌيڪ آسانيءَ سان سمجهي سگهندو ۽ ان کي سماج ۾ ڏسندو.

آرٽ (1) نه ته ڪنهن خلا ۾ پيدا ٿئي ٿو، ۽

    (2) نه ته ڪنهن هڪ فرد جو ڪارنامو يا تخليق آهي.

آرٽ(1) ادب جي صورت ۾ هڪ ليکڪ جي پيداوار آهي،

ليکڪ جي ماحول، سماج، معاشري ۽ طبعي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو،

ليکڪ جي ماحول جي انهن سوالن جا جواب ڏئي ٿو، جيڪي ادبي آرٽ جي حيثيت ۾ هن جي اديب يا خالق کي زمان ۽ مڪان جي قيد و بند ۾ رهي ڪري ضروري ڏيڻا پون ٿا. وري-

آرٽ وسيلو به اهو ٿو اختيار ڪري، جيڪو هن جي ماحول جو قبول ڪيل يا اختيار ڪيل آهي، ۽ اهو وسيلو آهي ”ٻولي“.

اهڙيءَ ريت، سماجياتي تنقيد جو عالم ٽن ڳالهين سان واسطو رکي ٿو؛

فن ۽ آرٽسٽ جو سماجي ماحول (Milieu)،

اهو دائرو يا اها حد، جنهن تائين ڪو آرٽسٽ پنهنجو ردعمل ڏيکاري ٿو سگهي ۽ ڏيکاري ٿو، ۽

اهو طريقو، جنهن سان ڪو آرٽسٽ پنهنجو ردعمل ظاهر ٿو ڪري.

هن قسم جي تنقيد جي پهرين ڪوشش وائيڪو (Vico) صاحب ڪئي هئي؛ هن عالم هومر جي بهادراڻي شعر (Homer’s Epics) جو اڀياس اهڙيءَ طرح ڪيو هو، جو ان ۾ اهي سڀ سماجياتي حالتون اچي ٿي ويون، جن ۾ شاعر هومر زندهه هو.

اڻويهين صديءَ ۾ اهڙي ٻي ڪوشش هرڊر (Herder)  صاحب ڪئي هئي. پر وڏو ڪم آخرڪار فرانس جي عالم ”ٽين“ (Tinea) ڪيو. ٽين صاحب جو وڏو تنقيدي ڪارنامو اهو آهي، جو هن ٻڌايو ته ”ادب پنهنجي دور، نسل ۽ حالات جو نتيجو آهي.“

ان کانسواءِ نمايان ڪم مارڪس (Marx) ۽ ان جي ڪامريڊ اينجلز (Engels) ڪيو هو. هنن ”ٽين“ جي ٽن نقطن ۾هڪ چوٿون نقطو پيداوار جي طريقن ((Methods of production جو گڏيو ۽ هن طرح ادب جي مارڪسي تنقيد جو بنياد پيو.

ادب جي سماجياتي قدرن سان ڳنڍڻ وارو خيال سڀاويڪ آهي. هن خيال جي بنياد تي ادب جو هڪ نظريو ٺهيو هو، جنهن کي ”حقيقت“ (Realism) جي ڏکئي لفظ سان ياد ڪيو ويندو آهي. حقيقت وارا آمريڪا ۾ ڏاڍا سرگرم رهيا آهن. هو ادب ۽ سماج جي لاڳاپي جو اڀياس ڪندا رهيا آهن.

هن طرح تنقيدنگارن جڏهن لفظ سماج (Society) ۽ سماجي ۽ سياسي نظرين جو پاڻ ۾ لاڳاپو قائم ڪيو، تڏهن هنن کي معلوم ٿيو ته سڄو ادب هڪ جسم جهڙو آهي، جيڪو سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪي عالم اهو جانچي رهيا هئا ته ڪنهن آرٽسٽ تي ان جي سماج جا ڪهڙا اثر پون ٿا.

هن طرح ادب جي تنقيد اشتراڪيت (Socialism) ۽ آزاديت (Liberalism) جي اثر هيٺ اچي ويئي.

اهو ئي وقت هو، جڏهن سماجي طاقتن (Social Forces) جو مارڪسي نظريو هر هنڌ ڳائجي رهيو هو. ان وقت انگلينڊ توڙي آمريڪا ۾ هنڌين ماڳين تنقيد جو سماجياتي نظريو عام ٿي رهيو هو. هن قسم جي جدوجهد جو نتيجو جيڪو ظاهر ٿيو، سو اهو هو ته تنقيد هڪ طاقتور رخ اختيار ڪيو. ان وقت تنقيد جي ڪسوٽي (Touchstone) جدلياتي ماديت (Dialectic Materialsim) هئي، ۽ طريقو اهو ٿو ته ڏسجي ته ڪوبه ادبي ڪارنامو ڪهڙيءَ ريت هن سماجياتي حقيقت (Social Truth) يعني جدلياتي ماديت جي تقاضائن کي پورو ڪري ٿو. هن ريت تنقيد جا ٻه ٽولا بڻجي پيا هئا. هڪڙا اهي جيڪي هن سماجي حقيقيت جا طرفدار هئا ۽ ٻيا اهي جيڪي سماجي حقيقت جا مخالف هئا.

البت انهيءَ دور ۾ به ڪرسٽافر ڪاڊويل (Christopher Caudwell) جهڙا صاحب موجود هئا، جن جو خيال هو ته ادبي تنقيد جو هي نظريو تمام محدود هو. ڪاڊويل نه رڳو مارڪسي اصولن جو ماهر هو، پر اهو ادب جو به تمام وڏو عالم هو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، اها ڳالهه صاف ٿيندي ويئي ته مارڪسي تنقيد ۾ ادب جي گهرائيءَ (Intensity) کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ادب جي ويڪرائيءَ (Breadth) کي ختم ڪري ٿي ويو.

هن خيال کي سامهون رکي، ڪن عالمن هن نظريي جي ڀرپور مخالفت شروع ڪئي. آخرڪار 1939ع ۾ روس- جرمنيءَ جي معاهدي جي ڪري جيڪو فڪري مونجهارو پيدا ٿيو، ان تنقيد جي جدلياتي ماديت واري نظريي تي برو اثر وڌو ۽ آخرڪار هن نظريي مان پهريون ٻل نڪري ويو.

پر هن طرح به ادب جو سماجياتي تنقيد وارو نظريو ختم ڪونه ٿيو. ان وقت اهو خيال اڀري آيو ته توڙي جو ڪو تنقيدي نظريو ڪنهن سياسي ۽ سماجي نظريي جي پٺڀرائي نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ اهو ته بهرحال ضروري آهي ته هو ادب کي سماجي اپت ۽ سماجي ڪارنامو سمجهي. اهڙيءَ ريت سماجياتي تنقيد جا عالم هاڻي ڪنهن به ادبي تخليق کي فقط انهيءَ ڪري اهم سمجهڻ لڳا، جو اها سماج ۽ ماحول جي حقيقت تي ٻڌل هئي.

ادب ۽ سماج جو هي لاڳاپو هاڻي تنقيد جو اهم موضوع بڻجي ويو، ۽ اهڙيءَ ريت اسان کي ادب جي سماجياتي تنقيد جو نظريو ملي ويو.

ادب جا پارکو ۽ عالم گهڻي وقت کان وٺي انهيءَ لاڳاپي تي سوچيندا رهياآهن، جيڪو لاڳاپو ادب، سماج ۽ ليکڪ جي وچ ۾ قائم آهي. ۽ علم تنقيد ۾ اهڙي قسم جا رايا اسان کي عام ملن ٿا، جن ۾ هي لاڳاپو بحث هيٺ آيو آهي. پر هي لاڳاپو سادو سودو لاڳاپو نه آهي. هيري ليون (Harry Levin) چوي ٿو ته ”ادب جو سماج ۽ سماج جو ادب سان جيڪو لاڳاپو آهي، سو ٻنهي صورتن ۾ هڪجيترو آهي. ادب رڳو سماجي حالات يا اثرات جو نتيجو نه آهي. ادب ته پاڻ انهن جو هڪ سبب به آهي.“

اهڙيءَ ريت ادبي تنقيد جي تاريخ ۾ اسان کي اهي ماڻهو به ملن ٿا، جيڪي هن ٻٽي سرشتي تي بحث ۽ غور ڪندا رهيا آهن. اها پڪ پڪ آهي ته ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي، سو اٽوٽ آهي، ۽ جيستائين اهو لاڳاپو قائم رهندو، تنقيد جو سماجيات وارو نظريو پنهنجو ڪم ڪندو رهندو. توڙي جو يقيني نه آهي ته اهو نظريو ڪنهن به هڪ سماجي ۽ سياسي نظريي جي برتري ۽ بالادستي به مڃيندو.

(2) ادبي سماجيات:(The Sociology of Literature)  هي هڪ مخصوص مضمون آهن، جيڪو انهيءَ ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته ڪنهن به ادبي شاهڪار، ان جي سماجياتي دائري ۽ ان جي پڙهندڙن جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو موجود رهي ٿو. انهيءَ مضمون جي اڀياس مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪوبه هڪڙو خاص ادبي ڪم هڪڙي خاص سماجي دائري ۾ ڇو ٿو پيدا ڪيو وڃي، ۽ ٻيو هي ته اهي ڪهڙا طريقا آهن، جن جي مدد سان ادب يا ليکڪ جو تخليقي عمل ڪلچري (Cultural)، رواياتي (Traditional) ۽ سماجي (Social) حالات جي اثر هيٺ صورت پذير ٿي سگهي ٿو.

(1) اديب کي پنهنجي فرض ادا ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي راهه کي استعمال ڪرڻ لاءِ جيڪا شهادت پيش ڪرڻي آهي، تنهن کي نه رڳو شهادت جي صورت ۾ مستند ۽ مضبوط هئڻ گهرجي پر ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته اها سماج مان حاصل ڪئي ويئي هجي.

(2) اديب جو هڪڙو ڪم هي به آهي ته اهو ڏسي ته ان جا ڪردار جيڪو عمل يا ردعمل ڏيکارين ٿا، اهو سڌوسنئون يا اهڃاڻوي طور تي حقيقي انسان جي عمل يا ردعمل جهڙو آهي.

(3) اديب کي معلوم هجي ته هو سماجي ۽ ڪلچري حالتن جي تقاضائن کان بي پرواهه ٿي نه ٿو سگهي.

اهڙيءَ ريت ڪلچر جي باري ۾ پڻ اسان ٺوس رويو اختيار ڪري ٿا سگهون. هن لحاظ کان ڪن عالمن جو خيال آهي ته جانورن توڙي انسانن جي سماج ۾ هڪجهڙايون به آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو ڪي عمراني عالم انساني سماج کي ماکيءَ جي مکين جي مانارن (Beehives)، ڪيولين ۽ ماڪوڙين جي ڪالونين ۽ شڪاري جانورن جي ٽولن يا باندرن جي سماجي زندگيءَ جي نمونن سان ڀيٽين ٿا.

اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هن باري ۾ هن ڪمزور شهادتن جي بنياد تي اسان جانور ۽ انسان کي ايترو قريب ڪيئن ٿا سمجهي سگهون. پر هن باري ۾ تفصيلي بحث هتي ڪري ڪونه ٿو سگهجي *. هت اسان کي اهو چوڻو آهي ته ڀلي جانور ۽ انسان سماجي طور ويجها هجن، پر پوءِ به ادب جي خيال کان اسان جانورن جي زندگيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونه ٿا رکون؛ ان ڪري اسان جي لاءِ جانوراني سماج ۾ ڪا ڳالهه ڪم جي موجود نه آهي. حياتيات ۽ ان جون تقاضائون جڏهن نري انسان ۽ ان جي سماج مان پوريون ٿين ٿيون، تڏهن اسان انساني سماج کان ٻاهر نڪري ادبي وٿن کي ڳوليون، سا ڳالهه نه ٿي ٺهي.

بلاشڪ سائنس جو هڪڙو وڏو سچ اهو به آهي ته انسان به هڪ جانور آهي، پر اسان، هن سچ جي مخالفت ڪرڻ کان سواءِ ئي، هن ”جانور“ کي انسان ٿا سمجهون، ۽ ان جي سماج کي انساني سماج. ادب ويچارو حياتيات جي اصولن جي پرک ۽ تورتڪ جو ڪم پنهنجي ذمي ڪري نه ٿو سگهي، ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن انسان جو اهڙو تصور قبول به ڪريون، ته پوءِ ”تنقيدنگار“ جو ڪم اڃا به وڌيڪ مشڪل ٿي پوندو. اسان جي ذمي جڏهن اهي تنقيدنگار جو فرض منصبي مقرر ڪرڻ، تڏهن اسان هن کي رڳو اها صلاح ڏيون ٿا ته هو پاڻ جهڙن ٻين لکندڙن جي معاملن تي ويچار ڪري.

پر وڏي ڳالهه ته ادب جو وڏو حصو اهو آهي، جنهن کي اهڃاڻوي يا علامتي (Symbolic) ٿو چئجي. هن خيال کان انسان ۽ جانور جو وڏو فرق به اهو آهي ته رڳو انسان ئي انهيءَ جي لائق آهي ته اهو ڪلچر کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچائيندو رهي. ۽ رڳو انساني سماج ئي انهيءَ لائق آهي ته اهو ڪلچر پيدا ڪري ۽ ڪلچر کي سنڀالي، ۽ اهو ڪم اهڃاڻن جي مدد سان ٿئي ٿو.

هن باري ۾ جڏهن اسان ڪلچر جي دائري تي ويچار ڪريون ٿا، تڏهن ٽيلر (Edward Taylor) صاحب جي وصف ئي (مثال طور) اسان لاءِ اهو ويچار ٿي ڏئي ته ”ڪلچر انهيءَ گهڻ پٽاڻي وحدت (Whole) جو نالو آهي، جنهن ۾ علم، اعتقاد، آرٽ، اخلاق، قانون، رواج ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون جيڪي انسان، انساني سماج جي هڪ رڪن جي حيثيت ۾، پرائي ۽ حاصل ڪري ٿو سگهي، سي سڀ شامل آهن“(هتي زور ”انسان“ لفظ تي آهي).

انسان هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو ته پنهنجي انساني حيثيت سان انهيءَ لهه وچڙ کي اهڃاڻوي اظهار ٿو بڻائي. فقط انسان ئي اهڃاڻ جوڙي ٿو ۽ اهڃاڻ ڪم ٿو آڻي. انسان جو به اهڃاڻ آهي. هن ئي حالت ۾انسان هي هٿيار هيٺانهين قسم جي ”حياتياتي تقاضائن“ کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪم آڻي ٿو. ان ڪري ڀلو ٿيندو جيڪڏهن اسان تنقيد جي ڪارج مقرر ڪرڻ وقت انساني سماج جي ان وڏيءَ حقيقت جو لحاظ رکنداسون. (توڙي جو حياتياتي اثرات کان جند ڇڏائڻ ڏکيو ڪم آهي.).

ديني ڊاءِ ڊرٽ  (Denis Dierot) جي ”ڪلچري اثباتيت“ (Cultural Positivism) جي نظريي کان وٺي اڄ تائين ڪلچر جي باري ۾ جو ڪجهه به چيو ويو آهي، ان ۾انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونه ڪيو ويو آهي ته ڪلچر انسان جي ڪلي ۽ مجموعي ڪارڪردگيءَ جي اها ”وحدت“ آهي جيڪا پنهنجي ليکي انسان جي عملن جي تعمير ڪري ٿي، ۽ انهن کي تعميري مقاصد جي لاءِ استوار ڪري ٿي. ان ڪري ادب ۾ اسان اهو ئي تصور قبول ڪري ٿا سگهون.

نظريي جي باري ۾ اسان ادبي تنقيد لکڻ وارن لاءِ هڪڙو ميدان مقرر ڪيو آهي. مثال طور، اسان جو تنقيدنگار ڏسي ٿو سگهي ته نظرياتي دنيا کي پوريءَ ريت سمجهڻ ڪو آسان ڪم نه آهي، ان ڪري اديب جي لاءِ مناسب آهي ته هو پنهنجي نظرياتي جدوجهد ۾ يا نظريات جي اڀياس ۾ پنهنجن وسلين  صلاحيتن جو پورو اندازو لڳائي.

سياسي ميدان تي نظريي جو وڏو سوال سرمايه داريءَ ۽ اشتراڪيت جي ٻن نظامن جي باهمي ڇڪتاڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. هن سوال تي سرمايه داريءَ جمهوريت کي پنهنجي هٿيار طور ڪم آڻي رهي آهي ۽ جمهوريت مذهب کي پنهنجي لاءِ تمام ضروري ٿي سمجهي، جو مذهب وٽ تنگ حالي، ڏاکڙي، مصيبت ۽ نااميديءَ جو هڪڙو جواب موجود آهي، جنهن کي انسان جي تاريخ ۾ قبول ڪيو پئي ويو آهي. ابن خلدون ارسطوءَ جو نقل نڪري لکيو آهي ته ”مذهب به هڪڙي سياست آهي ۽ ان جي واڳ بادشاهه جي هٿ ۾ هوندي آهي.“ هنن ٿورن لفظن ۾ جيڪا دانائي موجود آهي، اسان لاءِ اها به وڏي ڳالهه آهي، ۽ جيڪڏهن اسان جو اديب نظرياتي ڇڪتاڻ ۾ رڳو هنن ٿورن لفظن جو لحاظ به رکي، ته به هو بنيادي تبيديل جي عظيم ڪم ۾ محنتي ۽ پورهيت ماڻهوءَ جو حق ادا ڪري سگهندو.

اهڙيءَ ريت اشتراڪيت اديب جي باري ۾ هڪڙو مخصوص رويو اختيار ڪندي رهي آهي. ڪن حالتن ۾ اديبن اهو رويو قبول ڪيو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ اديبن انهيءَ رويي سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن طرح سان اديب جي نظرياتي تنقيد پاڻ هڪ وڏو موضوع بڻجي پيئي آهي، ۽ اسان لاءِ به هي سوال وڏو معتبر سوال آهي. پر هن سوال کي هميشه سوال ئي رهڻو نه آهي. ظاهري طور تي سنڌ جو اديب اشتراڪيت جي انقلاب کان متاثر ٿيو آهي. ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ کي هن باري ۾مثال طور پيش ڪري ٿو سگهجي. ان کانپوءِ جناب جمالدين بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا برک اديب مرحوم حيدر بخش جتوئي، برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، سائين جي-ايم- سيد، ايم آءِ جويو، رسول بخش پليجو ۽ منشي ابراهيم آهن، جن سڀني ۽ ٻين، پنهنجن ميدانن تي، هن سوال کي منهن ڏيڻ جو هڪ طريقو اختيار ڪيو آهي.

اسان جو خيال آهي ته هن صورتحال کي منهن ڏيڻ واسطي اسان لاءِ هنن ۽ هيترن اديبن کي ادبي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي بجاءِ انهن کي برادريءَ ۾ شامل ڪرڻ ئي بهتر آهي. باقي ذاتي طور تي تنقيدنگار شايد انهيءَ ڳالهه جي پابندي نه ٿو ڪري سگهي ته هو اڳ ۾ پنهنجو نظريو ٻڌائي ۽ پوءِ تنقيد لکي. اسان تنقيد جي حق کي بنيادي حق ٿا سمجهون، ۽ بنيادي حقن کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ بخشڻ يا کسي وٺڻ جو ڪم بادشاهن جي حوالي ڪريون ٿا. توڙي جو اسان بادشاهن جي اهڙيءَ حق کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهيون.

آرٽ جي باري ۾ اسان جو لکيو، جيڪو مٿي آيو آهي، سو برابر ٿيو آهي، پر آرٽ جو سڄو بحث ادبي تنقيد ۾ اچي به نه ٿو سگهي. ذاتي طور تي اسان ادب جي پنهنجي نظريي ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته ادب توڙي آرٽ ٻنهي جو حسن (Beauty) هڪڙو ئي آهي. ۽ اهو حسن اصل ۾ ڪنهن به ادبي مصنف جي انهيءَ ”ادا“ ۾ موجود آهي، جيڪا ان ادبي شاهڪار ۾ موناليزا جي مرڪ جيان، ڪيوپڊ جي معصوميت جيان، حضرت عيسيٰ جي خاموشيءَ جيان، ڪنهن آزاديءَ جي مينار جي عظمت يا آدم جيان موجود هوندي آهي. اها ادا محسوس ڪئي ويئي آهي، ۽ انسان اها ادا محسوس ڪري ٿو. انهيءَ حد تائين، جو ان کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن فني ۽ ٽيڪنيڪي تربيت جي به ضرورت ڪانه پوندي آهي. اسان وٽ ته رڳو هڪڙو لفظ به  هن ادا کي پيش ڪري ٿو سگهي. شاهه رحه وٽ لفظ جيڏيون، آسروند، ڀوريون، سائني، حسناڪ، سور ڌڻي ۽ سچل لفظ ”ڏاهو“- هي سڀ اصل ۾ انهن ادائن لاءِ ڪم آيا آهن، جيڪي شاعر محسوس ڪيون آهن ۽ هو ٻين لاءِ به گهري ٿو ته اهي محسوس ڪن. اياز انهن ادائن کي لفظ ۾ نه پر لفظن جي ”جوڙن“ (Orders) ۾ پيش ڪري ٿو. ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي،“ ”وينگس وچ بزار،“ ”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل“ ۽ ٻيا ڪيترائي لفظي سرشتا (Word Series) اياز وٽ انهيءَ لائق آهن ته انهن مان ڪا ”ادا“ ڳولي سگهجي. هي ادائون شاهه رحه توڙي اياز ۽ ٻيا وٺن به انساني زندگيءَ جي مانڊاڻ مان ئي ٿا.

سو سڀڪو وڏو اديب انهن ادائن کي پيش ڪري ٿو ۽ جيتري ڪا ”ادا“ وڌيڪ اثرائتي اوترو ئي اهو اديب عظيم . وڌيڪ اسان جي ادب جو هي تصور ته آرٽ کان ٻاهر ڪنهن به ادب کي تسليم نه ٿو ڪري، پر جيستائين اسان هن نظريي کي اختيار ڪريون، تيستائين به تنقيد لکي ٿي سگهجي. سو هن باري ۾ مٿي آيل ويچار اسان کي مدد ڏيئي سگهن ٿا.(ادب جو هي نظريو مون پنهنجي تحقيقي مقالي ”سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج“ جي ڀاڱي ٻئي ۾ آندو آهي- هن ئي مقالي تي يونيورسٽيءَ مون کي ”ڊاڪٽريٽ“ عطا ڪئي.)

سو هن طرح آءٌ آرٽ کي ادب لاءِ تمام ضروري ٿو سمجهان، پرمان نه ٿو سمجهان ته آرٽ جو صوفياڻو تصور ئي اسان جي دور جون سڀ ضرورتون پوريون ڪندو. ان ڪري آءٌ ادا کي اسٽائيل نه پر ”ادا“ سمجهندي به، ان جي افاديت تي زور ڏيندو رهيو آهيان. ”ادا“ انسان جي روح جيان، جو ان سان گڏ آهي. ان کي انفراديت ٿي بخشي ۽ ان جي منزل مقرر ٿي ڪري ۽ ان جي زندگيءَ کي انهيءَ معصوميت، عظمت، مناسبت ۽ محبت سان همڪنار ٿي ڪري، سو اسان ادب ۾ ان جي ادا جي تصور کان سواءِ ڪوبه وڏو ڪم ڪري نه ٿا سگهون. برابر آءٌ پنهنجي نظريي جو مبلغ به آهيان، پر توهان  منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ۾ ته مون کي ٿڏي نه ٿا سگهون.

پنهنجي تبليغ جي فرض ۾ آءٌ ميٿڊسٽ (Methodist) آهيان. مان ويچارائپ سان ۽ آزيءَ نيازيءَ سان توهان کي اقرار (Confession) حاصل ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ايندو رهندس ۽ ادبي تنقيد جي وڏي سفر ۾ آءٌ بار بار توهان کي بشارت به پهچائيندو رهندس ۽ آءٌ توهان کي انهيءُ ڇوٽڪاري جي اميد به پهچائيندس، جيڪو توهان هڪ اديب جي حيثيت ۾ هڪ انساني سماج ۾ رهي ڪري طلبيندا رهيا آهيون. رهيو سوال ته ادب جو تنقيدنگار سماجي ضابطي جي سماجياتي نقطي مان ڇا ٿو حاصل ڪري، سو اسان کي معلوم آهي ته سياسي ۽ فلاحي تحريڪون ادب جي مدد سان هلايون ويون آهن. پاڻ وٽ سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ادب جي سماجياتي طاقت کان ڪم ورتو ويو هو. هن طرح سماجي ضابطي جو سوال اهڙو آهي، جو ان جو تعلق اندروني توڙي بيروني طور تي ادب سان قائم ٿئي ٿو. اديب امن عالم ۽ جنگ توڙي نسل پرستيءَ جي سوالن تي ادب کي ضابطي جي وسلين جيان ڪم آڻيندا رهيا آهن. هن باري ۾ اديب جو سياسي ڪردار اسان جي وڏي مدد ڪري ٿو. جتي ادب پاڻهڪ ايٿوس (Ethos) يا فضا کي پيدا ڪري ٿو، اتي ادب جي سماجيات جو سوال اڃا به وڏو ۽ مشڪل سوال بڻجي بيهي ٿو. ڪلچر (Culture) جنهن جو ذڪر آءٌ مٿي ڪري چڪو آهيان، سو ادب جي سماجيات جي باب ۾ رڳو هڪڙو نڪتو آهي. هن طرح ادب جي سوال تي اسان کي (1) سماجي ضابطي (Social Control)، (2) سماجياتي عمل ۽ ترتيب (Socilaization)، (3) رتبي ۽ ڪردار (Status and Role)، (4) درجي بنديءَ (Stratification) ، (5) طاقت ۽ اختيار (Power and Authority)، (6) تنظيمي ادارن (Bureaucracy)، (7) سياست، (8) شهري ۽ ڳوٺاڻي سماجيات، (9) خاندان يا ڪٽنب، (10) مذهب، (11) نسلي تعلقات (Race relations)، (12) جماعتي يا گروهي ڪارڪردگي، (13) سماجي ضابطي کان انحراف، انڪار يا ارتداد جي ڪاڪردگي، (14) بي بندوبستي يا توائي پڻو جنهن کي مغرب جي تنقيدي ادب جي اصطلاح ۾ ”آنومي“ (Annomie) سڏيو ويو آهي، ۽ ٻين اهڙن مامرن تي غور ڪرڻو پوندو آهي.

هن طرح اسان جو تنقيدنگار خاصو مشڪل ۾ آهي ۽ اسين ڏسي رهيا آهيون ته هن جي لاءِ سماجيات جي عالم ۽ ماهر هجڻ جو ڪم خاصو مشڪل آهي، پر اسان جو خيال آهي ته مستقبل جو تنقيدنگار ٻيءَ هر ڳالهه کان جند ڇڏائي وڃي ته ممڪن آهي، پر هو سماجيات کان جند ڇڏائي ڪونه سگهندو. ان ڪري اسان پنهنجي تنقيدنگار کي ضروري تربيت ڏيڻ جا جتن ڪري رهيا آهيون، ته جيئن هو ميدان ڪارزار ۾ هٿين خالي نه هجي ۽ سماجيات جي تقاضائن کي منهن ڏيئي سگهي.


(1)  T.S.Eliot: “Religion and Literature”, adopted by W.Scott “Five Approaches of Literary Criticism”, P. 43.

(1)  T.S. Eliot: In “Hound and Horn” 1, Nos 3 and 4 (1928)

(1)  C.K. Odgen and I.A. Richards: “The Meaning of Meaning”, 1923.

(2)  I.A. Richards: “The Science of Poetry”, 1926

(3)  Wilbur Seott: “Five Approaches of Litreary Criticism”, 1962, P. 180

(1)  ) Ibid, P. 181

(1)  Robert Penn Warren: “Pure and Impure Poetry”, Kenyon Review V, 1943

(1)  See Alfred Kazin’s “On Native Grounds”(section 4 ch.14)

(2)  W. Scott: “Five Approaches of Literary Criticism”, 1962, P. 182

(1)  R.S. Crane: “The Concept of Plot and Plot of “Tom Nones” in “Critics and Criticism, Ancient and Jodern”, 1952

* ان بحث لاءِ ڏسجي ” آرنولڊ گرين“ جو ڪتاب ”سوشيالاجي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com