سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :9

هڪڙي نوجوان جو هڪ ٻانهيءَ تي عاشق ٿيڻ

هڪڙو نوجوان شاگرد، نهايت ئي ذهين ۽ هوشيار هو، پڙهڻ لاءِ گهڻو شوق هوس ۽ سواءِ پڙهڻ جي کيس ٻيو ڪو ڪم ڪونه هو. استاد جو به مٿس ڏاڍو پيار هو ۽ ٻين سڀني کان هن کي زياده ڀائيندو هو ۽ خوش قسمتيءَ سان هو سندس طبيعت وٽان به هو. وٽس هڪ سج جهڙي حسين ۽ جميل ٻانهي هئي، جنهن جي خوبصورتي جي جيتري به واکاڻ ڪجي اوتري ٿوري. هوءَ حسن ۽ جمال جو هڪ مجسمو هئي، جنهن هڪ ئي نظر سان ڏسندڙن جو خون ٿي وهايو. اتفاق سان جيئن ان شاگرد جي نظر اُنهيءَ ٻانهي تي وڃي پيئي، تيئن بي ساخته دانهن نڪري ويس ته مان اڄ کان ان جو شاگرد آهيان ۽ هوءَ منهنجي استاد. بس پوءِ ته رات ڏينهن ان بت جي عشق ۾ ڳري ڪاٺي ٿي ويو.

جڏهن سندس استاد کي هن ڳالهه جي سڌ پيئي تڏهن هن انهيءَ کي ان عشق کان ڇڏائڻ لاءِ حليه بازيءَ کان ڪم ورتو. ٻانهيءَ جي ٻنهي هٿن ۾ سير ڇوڙايائين ۽ ان کي اهڙو جلاب ڏنائين جنهن سبب کيس ايترا ته دست آيا جو هوءَ ڦري زرد ٿي ويئي ۽ وڃي هڏن جو پڃرو بچي. سندس ڳلن تان تازگي ۽ رونق ويندي رهي، ۽ گهڻي بدشڪل ۽ ڪوجهي نظر اچڻ لڳي. انهيءَ کان پوءِ شاگرد ۽ ٻانهيءَ ٻنهي کي گهرايائين. ڏهن نوجوان جي ان تي نظر پيئي ته دل ئي ٽهي ويس. سندس گرمي سرديءَ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ انهيءَ ٻانهيءَ کان ماڳهين بيزار ٿي ويو. جڏهن سندس استاد هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن پڇيائينس ته آخر، تنهنجو هيترو سارو عشق ڪاڏي ويو، تون به اهو ساڳيو ۽ ٻانهي به اها ساڳي آهي؟ درحقيقت تون نادان هئين ۽ محض خون ۽ گندگيءَ تي چريو ٿي پئين.

اي انسان! جنهن صورت پرستي اختيار ڪئي سو ڀلا معنيٰ کي ڪٿي ٿو سوچي سگهي تنهنجو هي خواهشن سان ڀريل نفس به صورت تي ئي عاشق آهي، البت تنهنجي روحاني جان (دل)، معنيٰ سان عشق رکي ٿي. تون معنيٰ جي عشق خاطر صورت جي عشق کي ڇڏي ڏي ته جيئن معرفت جو سج توتي چمڪندو رهي.

 

هڪڙي عاشق جو شبليءَ جي اڳيان روئڻ

هڪڙي دفعي هڪڙو غمگين شخص، شبليءَ وٽ اچي کيس چوڻ لڳو ته، منهنجو هڪ دلبر جنهن سان پنهنجي دل وندرائيندو هوس، مري ويو آهي، ۽ مان ان جي غم ۾ ڳري ۽ مري ويو آهيان. شيخ جواب ڏنس ته، جيڪڏهن تنهنجي دل انهيءَ ڳالهه ڪري (مجازي عشق سبب) رنجيده آهي ته پوءِ تون هڪ وڏي سزا جو لائق آهين. هيءُ رنج ته ڪجهه به نه آهي. تون هاڻي وڃي هڪڙي ٻئي دوست کي اختيار ڪر جو مري ئي نه، ڇالاءِ جو مرندڙ (دوست) جي دوستي دل کي غم پهچائي ٿي. جو به شخص صورت جي عشق ۾ مبتلا ٿيو تنهن سچ پچ پاڻ کي مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

 

هڪڙي واپاريءَ جو پنهنجي ٻانهيءَ کي وڪڻڻ ۽ بعد ۾ پشيمان ٿيڻ

هڪڙي مالدار واپاريءَ وٽ، هڪڙي سونهن ڀري ۽ شيرين زبان ٻانهي هئي. اتفاق سان انهيءَ کي وڪڻي ويٺو ۽ بعد ۾ ان جي جدائيءَ کان گهڻو پريشان ۽ بي آرام ٿي پيو. نيٺ خريدار وٽ وڃي ان جي موٽائڻ لاءِ کيس گهڻي ناڻي جي آڇ ڪئي مگر هن اها (آڇ) نه قبولي. بس پوءِ ته زارو زار روئندو ۽ مٿي تي مٽي وسائيندو چوندو رهيو ته، مون جهڙي لاءِ هيءُ ئي داغ ۽ هيءُ ئي سزا ڪافي آهي. نهايت ناداني کان اکيون ٻوٽي کڻي پنهنجي محبوب کي چند دينارن تي وڪيم. اڙي انسان! بازار ۾ چهچٽو لڳو پيو آهي، ۽ تون اڃا پنهنجي خساري جي ڪڍ آهين. تنهنجي حياتيءَ جو هرهڪ دم گوهر آهي ۽ دنيا جو هر ذرو تنهنجي الله تعاليٰ طرف رهنمائي ڪري رهيو آهي. مٿي کان پيرن تائين ان جي نعمتن ۾ ٻڏل آهين. ڪا گهڙي انهن کي به ياد ڪر. هن توکي ڪيتري نه عزت ۽ ناز سان پاليو آهي ۽ هوڏانهن تون بيوقوفيءَ کان غيرن جي محبت ۾ گرفتار آهين. ان محبوب کان پري رهڻ ۾ تو جنهن دليريءَ کان ڪم ورتو آهي تنهن تي ذرا افسوس ڪر ۽ پشيمان ٿي ڏانهس رجوع ٿي.

 

 هڪڙي بادشاهه ۽ ڪتي جي ڳالهه

هڪڙو بادشاهه، شڪار لاءِ هڪڙو ڪتو ساڻ ڪري هڪ جهنگل ڏانهن روانو ٿيو. ڪتو پاڙهيل هو ۽ مٿس ريشمي جهل چڙهيل هئي. ڳچيءَ ۾ موتين سان جڙيل پٽو پيو هئس ۽ پيرن ۾ گنهگهرو پيل هئس. بادشاهه ان ڪتي کي سمجهدار ڪري ورتو، ۽ ان جي رسي پنهنجي هٿ ۾ جهلي. رستي تي هلندي، ڪتي جي نظر جيئن هڪڙي هڏي تي پيئي. تيئن اتي ئي بيهي ويو ۽ اڳتي هلڻ کان نابري واري بيٺو. بادشاهه، هيءَ حالت ڏسي غيرت کان پاڻ جلي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، آخر مون جهڙي بادشاهه هوندي ٻئي ڪنهن ڏانهن نظر ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ انهيءَ دم رسي ٽوڙي، حڪم ڪيائين ته، ڪتي کي هتان هڪاليو وڃي. ان تي، شڪاريءَ (جو بادشاهه سان گڏ هو) عرض ڪيو ته قبلا! هي ڪتو جيتوڻيڪ جهنگل جو لائق آهي، مگر ساروئي سينگاريل آهي، تنهن کي ائين ڇڏڻ مناسب نه آهي؛ ليڪن بادشاهه حڪم ڏنو ته، ان کي انهيءَ ئي حالت ۾ ڇڏي ڏيو. جڏهن هوش ۾ ايندو ۽ پاڻ کي اهڙو سينگاريل ڏسندو تڏهن ياد ڪندو ته سندس مالڪ ڪو نهايت ئي مشفق ۽ مهربان هو.

 

منصور جو، سوريءَ تي چڙهڻ جو قصو

جڏهن منصور حلاج کي سوريءَ تي چاڙهيو ٿي ويو، تڏهن سندس زبان تي ”اناالحق“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو، پر ڦاسي ڏيندڙ، سندس زبان کي سمجهي نه سگهيا، تنهنڪري هٿ ۽ پير ڪاٽي ڇڏيائونس. زياده خون وهڻ سبب ڦري زرد ٿي ويو ۽ پوءِ انهن ڪپيل هٿن کي کڻي پنهنجي نوراني منهن تي مليائين، ۽ چوڻ لڳو ته، جڏهن خون ئي انسان جو پائوڊر آهي تڏهن مان انهيءَ کي منهن تي مليان ٿو ۽ اهو انهيءَ لاءِ، ته جيئن ڪنهن جي نظر ۾ پيلو نظر آيس ته هو اهوئي گمان ڪندو ته شايد مان ڊڄي ويو آهيان؛ پر ڇاڪاڻ ته مون کي ذرو به خوف نه آهي، تنهنڪري هتي اهڙي پائوڊر جي استعمال کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي.

 

شيخ جنيد ۽ سندس پٽ جي مارجي وڃڻ جي ڳالهه

حضرت جنيد، جو صوفين جو پيشوا ۽ معرفت جو هڪ وڏو اونهو سمنڊ هو تنهن هڪ رات بغداد ۾ هڪ وڏي مجمعي اڳيان تقرير پئي ڪئي. سندس تقرير اهڙي دلپسند هئي، جنهن آسمان وارن کي به موهي ڇڏيو. کيس هڪڙو خوبصورت نوجوان پٽ هو جنهن جو سر ماڻهن بيدرديءَ سان وڍي کڻي ان مجمعي ۾ اڇلايو. هي ڏسي ان الله جي بندي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ سامعين کي تسلي ڏيڻ لڳو. چيائين ته اڄ رات مون الله تعاليٰ جي اسرارن جي هڪ وڏي ديڳ چاڙهي آهي؛ انهيءَ ۾ وجهڻ لاءِ ههڙوئي سر هئڻ گهرجي، بلڪ اڃا به ڪو اعليٰ ۽ افضل.

 

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو جان سان پيار ۽ موت کان ڊپ بابت سوال

هدهد کي هڪڙي ٻئي پکي اٿي ٻڌايو ته، مان موت کان ڏاڍو ڊڄان ٿو. سيمرغ ڏانهن ويندڙ وادي گهڻو پري آهي ۽ مون وٽ نه ساز آهي ۽ نه سامان. موت کان منهنجي دل ايترو ته گهٻرائي ٿي، جو سمجهان ٿو ته مان پهرين ئي منزل تي مري ويندس. ٻيلي يار! ساهه پيارو اٿم، مون کان هليو ڪونه ٿيندو.

 

هدهد جو جواب

اڙي هيڻا ۽ نٻل، آخر تون ڪيترو وقت هڏن (جي مٺ) جو پڇرو بڻيو رهندين؟ ڇا تون هي نٿو ڄاڻين ته تنهنجي عمر اچي باقي دم تي بيٺي آهي؛ ۽ ڇا توکي هي معلوم نه آهي ته اهو جو ڄائو آهي سو هڪ ڏينهن ضرور مرندو ۽ وڃي خاڪ جي حوالي ٿيندو. جيڪڏهن تون کڻي هن جهان ۾ ڪنهن عرصي تائين حڪومت به ڪرين، مگر ته به هڪ ڏينهن رنج ۽ زاريءَ سان توکي هيءَ جان ڏيڻي پوندي. هاڻي مان توکي ٻه چار قصا ٻڌايان ٿو ۽ اميد اٿم ته اهي تنهنجي هدايت جو باعث ٿيندا.

 

ققنس جي وڏي ڄمار جو قصو·

ققنس، هڪ عجيب ۽ وڻندڙ پکي (ڏکڻ) هندستان ۾ رهندو آهي (هن جو ڪوبه ڄڻيندڙ ڪونهي). سندس چهنب ڊگهي ۽ سخت ۽ بين جيان منجهس ڪئين سوراخ ٿين ٿا. هر سوراخ مان هڪ علحدو ۽ سريلو آواز نڪري ٿو، جو پکين ۽ جانورن ٻنهي کي مدهوش ۽ بيقرار ڪري ڇڏي ٿو. چون ٿا ته، علم موسيقي به ان جي ني آواز مان ورتل آهي. هن جي عمر هزار سال ٿئي ٿي، ۽ جڏهن سندس موت جو وقت ويجهو ايندو آهي، تڏهن هو ان کان اڳ ۾ ئي واقف ٿي ويندو آهي؛ ۽ پوءِ ڪجهه ڪاٺيون ميڙي، انهن جي وچ ۾ اچي، دردناڪ دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. انهن آهُن ۽ دانهن ۾، جي سراسر سوز ۽ گداز هونديون آهن، موت جي خوف کان پيو ڦيٽون کائيندو ۽ کنڀڙاٽيون هڻندو آهي. پکي ۽ جانور هن جي نوحهء ۽ نالهء کان ايترو ته متاثر ٿيندا آهن، جو ڪا گهڙي ته هو، هن دنيا کي ئي وساري ويهندا آهن، ۽ انهن مان ڪي ته مري به ويندا آهن. اهو واقعي هڪ عجيب ڏينهن هوندو آهي، جڏهن سندس عمر جي باقي وڃي هڪ گهڙي رهندي آهي، تڏهن پريشان حال ۾ اڳيان ۽ پويان پيو پَر هڻندو ۽ ٽپ کائيندو آهي، جنهن سببان منجهانس باهه پيدا ٿيندي آهي، جا ڪاٺين کي وڪوڙي ويندي آهي. جڏهن هو ۽ ڪاٺيون ٻئي سڙي اڱر ۽ رک ٿي وينديون آهن، تڏهن انهيءَ رک مان هڪ ققنس جو ٻچو ظاهر ٿيندو آهي. ههڙو عجيب رنگ توهان ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو!

اي انسان! جيڪڏهن ققنس جيان توکي ڊگهي عمر ڏني به وڃي ته به نيٺ هڪ ڏينهن ذليل ٿي مرندين. موت برابر درد ۽ سختي ڏيندڙ شيءِ آهي، مگر ڇا ڪجي ان کان ڀڄي وڃڻ جي واهه ئي ڪانهي.

 

هڪڙي ڇوڪري ۽ صوفيءَ جو قصو

هڪڙو ڇوڪرو، پنهنجي پيءُ جي جنازي اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ چوندو پئي رهيو ته، ههڙو ڏينهن، جنهن منهنجي جان کي ڦٽي وڌو آهي، مون اڳي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو! هڪڙي صوفيءَ چيس ته، تنهنجي پيءُ تي به اهڙو ڏينهن اڳ نه گذريو آهي جو ڪم توکي پيش آيو آهي سو ڪو وڏو ڪونهي، ليڪن وڏو ۽ مشڪل ڪم اهو آهي جو تنهنجي پيءُ کي پيش آيو آهي.

اڙي نادان انسان، جيڪڏهن کڻي تون بادشاهيءَ جي مسند تي ويهين به، ته به هڪ ڏينهن توکي خالي هٿين وڃڻو پوندو.

 

هڪڙي بين وڄائيندڙ جو قصو

جڏهن هڪڙي بين وڄائيندڙ جو موت ويجهو آيو، تڏهن هڪڙي شخص، پوشيده طور کانئس وقت جو حال پڇيو، ته جواب ڏنائين ته منهنجو حال هينئر ٻڌائڻ جهڙو ڪونهي. مان هڪ وڏي مصيبت ۾ مبتلا آهيان.

اي انسان، موت جو علاج سواءِ موت جي ٻيو آهي ئي ڪونه، ۽ اسان سڀيئي مرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون، مگر افسوس، وري به دنيا سان دل لايو ويٺا آهيون. اهو شخص جنهن جي هٿ ۾ ساري دنيا جي بادشاهي هئي ۽ جو فرش کان عرش پئي اڏاڻو، سو هن وقت زمين اندر خاڪ ٿيو پيو آهي. موت جو رستو ڏاڍو مشڪل آهي ۽ جيڪڏهن توکي ان جي تلخيءَ جي خبر پوي ته تنهنجي هيءَ مٺڙي جان زير زبر ٿي وڃي.

 

حضرت عيسيٰ عليه السلام۽ پاڻيءَ جي مٽ جو قصو

هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، هڪ نديءَ مان مٺو ۽ خوشبودار پاڻي پيتو ۽ ان نديءَ مان هڪ ڀريل مٽ مان به پاڻي پي روانو ٿيو، ليڪن مٽ جي پاڻيءَ کان سندس وات ڪڙو ٿي پيو ۽ واپس موٽي عجب ۾ پئجي پڇڻ لڳو ته اي پروردگار! هن مٽ جو پاڻي ۽ نديءَ جو پاڻي ته مڙيوئي ساڳيو آهي، مٽ جو پاڻي ڪڙو ۽ هو ٻيو ماکيءَ کان به مٺو، آخر هي راز ته سمجهائينم. خدا تعاليٰ جي حڪم سان اهو مٽ خود حضرت عيسيٰ جي اڳيان اچي چوڻ لڳو ته مان هڪ جهونو ماڻهو آهيان، ڪيترائي دفعا، ڪڏهن ڪوزو (ڪؤنرو) ۽ ڪڏهن مٽ ته ڪڏهن ڪوندو پئي بڻيو آهيان. جيڪڏهن مون کي اڃا به هزار بار کڻي مٽ بنائيندا ته به موت جي تلخي مون کان وسري نه سگهندي. مان موت جي تلخيءَ جي ياد ۾ هميشه ائين رهان ٿو ۽ منهنجو پاڻي ان سبب ڪري ئي کارو آهي.

 

سقراط ۽ سندس شاگرد جو قصو

چون ٿا ته جڏهن سقراط جي سڪرات جو وقت آيو، تڏهن هڪ شاگرد کيس عرض ڪيو ته اي استاد، جڏهن توکي غسل ڏيئي ۽ ڪفن پهرائي بس ڪريون، تڏهن پوءِ ڪٿي دفن ڪريون؟ جواب ۾ چيائين ته، جيڪڏهن تون مون کي ڳولي لهين ته پوءِ، جتي چاهين تتي کڻي دفن ڪجئين. جڏهن هن هيتري ساري وڏي ڄمار ۾ مون پنهنجو پاڻ کي نه ڳولي لڌو، تڏهن مون کان پوءِ، تون مون کي ڪٿي ٿو ڳولي سگهين؟ مان هن وقت اهڙيءَ طرح وڃي رهيو آهيان، جو مون کي ذرو به پنهنجي خبر ڪانهي.

 

بصري جي شيخ جو هڪ مردي جي قبر تي وڃڻ جو قصو

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، ماڻهو جيئن هڪڙي مردي کي دفن ڪري رهيا هئا، تيئن شيخ حسن بصري به اچي ان قبر تي پهتو. قبر ۽ لحد کي به چتائي ڏسي رهيو هو ۽ زارو زار روئي به رهيو هو. پوءِ چيائين ته، هن جهان جي آخري منزل قبر آهي، ۽ هُن جهان جي پهرين منزل اهائي ساڳي اونداهي قبر آهي.

اڙي انسان! تون هن غير حقيقي دنيا سان ڇو ٿو دل لائين؟ جنهن جي آخري منزل ئي ههڙي تنگ ۽ ڀيانڪ قبر آهي. تون اهڙي ڏکئي ۽ پُرخطر جهان کان ڊپ ڌار، آخر تون ڪيستائين ان سان پيار رکيو ايندين؟

 

هڪڙي ديواني جو سڪرات ۾ روئڻ

هڪڙو اهل راز ديوانو، سڪرات جي قوت بي طاقتي ۽ پريشان حاليءَ کان زارو زار روئڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته اي منهنجا موليٰ! تو جڏهن جان (ساهه) کي پيدا ڪيو ۽ وري ان کي واپس وٺين ٿو، تڏهن ڀلا تو ان کي پيدا ڇو ڪيو؟ جيڪڏهن منهنجي جان نه هجي ها ته مان (يقيناً) آرام ۾ هجان ها ۽ ههڙي طرح جان نڪرڻ جي عذاب کان بچي پوان ها. نه زندهه ٿيڻ کان پوءِ مرڻو پويم ها ۽ نه وري توکي (ان کي) آڻڻ ۽ (وري واپس) نيڻ جي ڪا تڪليف وٺڻي پوي ها.

 

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو موت کان ڊڄڻ

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڳالهه ڪندا آهن ته، هو هميشه بي فڪر ۽ نهايت خوش رهندو هو، مگر جڏهن موت جي ياد ايندي هيس، تڏهن پگهر ۾ شل ٿي ويندو هو!

هاڻي جڏهن روح الله جي حالت ههڙي آهي، تڏهن افسوس آهي اسان تي جو اهڙي بلا (موت) کان غافل آهيون، جا هروقت تاڙ ۾ ويٺي آهي!

 

خدا تعاليٰ جو حضرت ابراهيم عليہ السلام کان زياده سخت شيءِ بابت پڇڻ

جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام وفات ڪئي، تڏهن الله تعاليٰ کانئس پڇيو ته، ٻڌاءِ ته تو دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ سخت ترين (وڌيڪ ۾ وڌيڪ درد رسائيندڙ) ڏٺي؟ جواب ڏنائين، ته منهنجا موليٰ پٽ (اسماعيل ڏانهن اشارو) کي ڪهڻ ۽ پيءُ (آذر ڏانهن اشارو) کي دوزخ ۾ ڏسڻ به سخت هو، منهنجو باهه ۾ پوڻ ۽ ڪو زمانو مصيبتن ۾ گذارڻ ۽ پيون ڪيتريون اهڙيون پريشانيون واقع سخت هيون، ليڪن ساهه ڏيڻ (سڪرات) جي (تڪليف جي) مقابلي ۾ اهي سڀ هيچ هيون اڙي انسان! تون رات ڏينهن ڇو غفلت ۾ پيو آهين؟ هن مشڪل ڪم جو اٿي ڪو علاج سوچ ۽ موت لاءِ سامان تيار ڪر!

 

هڪڙي غريب وزير جو قصو

هڪڙي دفعي بادشاه ڪنهن غريب کي، پاڻ وٽ وزير ڪري رکيو. هن ان وزارت مان گهڻو مال ۽ مانُ حاصل ڪيو. آخر جڏهن پيري آئي تڏهن بادشاه کي عرض ڪيائين ته، هينئر مون کي عزلت اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇالاءِ جو مان موت کان ڏاڍو ڊڄان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته سارو وقت وڃي اطاعت ۾ گذاريان؟ بادشاه چيس ته، تون اول ۾ اسان وٽ خالي هٿين آيو هئين ۽ هن وقت تو وٽ ڪافي مال آهي، تون اهو اسان وٽ ڇڏي پوءِ ڀلي هليو وڃ. ويچاري غريب جواب ڏنو ته سائين! مون پنهنجي نقد عمر تنهنجي ئي رستي ۾ خرچ ڪئي، هاڻي جيڪڏهن توهين اها مون کي موٽائي ڏيو ته هي اوهان جومال حاضر آهي.

اڙي نادان! تون پنهنجي عمر جي قدر ۽ قيمت کي نٿو سمجهين. تون ان بابت قبر وارن کان وڃي پڇ، اهي ئي خوب ڄاڻن ٿا (ته حياتيءَ جو هڪدم ساري دنيا جي مايا کان وڌيڪ ملهه رکي ٿو).

 

هڪڙي شخص جو هڪ پرهيزگار کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙي ماڻهوءَ، هڪ رات ڪنهن پرهيزگار بندي کي خواب ۾ ڏٺو ۽ ان تي سلام ورايائين، ليڪن هن جواب نه ڏنو. جڏهن کانئس پڇيائين ته، سلام جو جواب ڏيڻ فرض آهي، تڏهن ان ٻڌايس ته فرضيت جو دروازو اسان لاءِ بند آهي (ليڪن اوهان لاءِ کليل). اسان هينئر ڪابه عبادت ويندي ابد تائين ڪري نٿا سگهون. جيڪڏهن مان تو وانگر دنيا ۾ هجان ها ته گهڙي به اطاعت کان سواءِ نه گذاريان ها، ۽ سارو وقت عبادت ۾ لڳو رهان ها. پهريائين اسين بلڪل بيخبر هئاسون، زندگيءَ جو قدر هاڻي پيو اٿئون؛ مگر افسوس هينئر عبادت ڪرڻ جو رستو ئي بند ٿي ويو، قيمتي عمر به ائين هلي ويئي، هينئر دائمي غم وڃي لاڳو رهيو آهي. اسان کي هيف آهي جو اسان ڪجهه نه ڪيو،حالانڪ سڀ ڪجهه ڪري ٿي

سگهياسين. هن وقت اسين حيران ۽ پشيمان زندان ۾ پيا آهيون! پکيءَ کي پنهنجي پرن جو قدر تڏهن پوندو آهي، جڏهن اهي سڙي ويندا آهن. هاءِ افسوس، حياتي ويندي رهي، ڪو ڪم نه ٿيو ۽ غم ساٿي بڻجي ويو!


·  هڪڙي مشهور پکيءَ جو نالو آهي جو هڪ هزار ورهيه زنده رهندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org