سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :13

بوعلي رودباريءَ جي حڪايت

جڏهن بو علي رودباريءَ جي مرڻ جو وقت ويجهو آيو، تڏهن اکيون مٿي کڻي چوڻ لڳو، ته اي منهنجا پروردگار! تنهنجو انتظار ڪندي ڪندي، هينئر آخري دم کڻي رهيو آهيان. مون لاءِ بهشت جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ملائڪ سڳورا مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري مون کي ان اندر اچڻ لاءِ سڏي رهيا آهن ۽ هر لذت ۽ راحت جو سامان مون لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي، ليڪن منهنجي دل تو متعلق تحقيق ڪرڻ کان هٿ ئي نه ٿي کڻي سگهي ۽ چوي ٿي، ته آخر منهنجو هنن شين سان ڪهڙو ڪم؟ مون ته ساري عمر تنهنجي ئي انتظار ۾ گذاري. اي منهنجا موليٰ! تنهنجو عشق (منهنجو تو لاءِ عشق) منهنجي دل سان خوب ڳوهيو ۽ ملايو ويو آهي؛ مان نه دوزخ ڄاڻان نه بهشت. ساري جهان ۾ تون ئي منهنجو مطلوب آهين. ڪا گهڙي ته هن منتظر دل سان اڪيلائيءَ ۾ گذار. بس اهائي منهنجي مراد آهي ۽ اهائي منهنجي حاجت.

 

الله تعاليٰ جو حضرت دائود عليہ السلام سان خطابہ

الله تعاليٰ، حضرت دائود عليہ السلام کي فرمائيندي چيو ته منهنجي ٻانهن کي وڃي چئو ته، جيڪڏهن دوزخ ۽ بهشت نه هجن ها ته به منهنجي بندگي ڪرڻ مناسب ۽ واجب هئي. ها، جيڪڏهن، نور ۽ نار واقعي نه هجن ها ته توهان جو مون سان ڪو سروڪار ئي نه رهي ها. هاڻي جڏهن مان عبادت جو هر لحاظ کان مستحق آهيان، تڏهن منهنجي عبادت بهشت جي اميد ۽ دوزخ جي خوف کان نه ڪئي وڃي. انهن کي سمجهاءِ ته هو غير کان هٿ کڻي پوءِ صحيح معنيٰ ۾ منهنجي پرستش ڪن. مان ئي سندن مقصود رهان ۽ نه حورون ۽ غلمان.

 

سلطان محمود جو اياز کي بادشاهي ڏيڻ

جڏهن محمود، اياز کي پنهنجو خاص ڪري چونڊيو تڏهن ان کي پنهنجي بادشاهي ڏيئي تاجدار ڪري، تخت تي ويهاريو. سپاهي ۽ سولجر هيءَ حالت ڏسي، غيرت کان جلي ويا ۽ چوڻ لڳا، ته ڪنهن به بادشاهه ڪنهن غلام کي ايتري عزت ڪڏهن نه بخشي. اياز جو نهايت سمجهدار هو، سو سلطان جي انهيءَ فعل کان راضي ته درڪنار، مگر زارو زار پئي رنو. هي ڏسي سڀيئي کيس ديوانو ۽ بي عقل سڏڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا، ته جڏهن توکي هيتري ساري بادشاهي ملي، تڏهن هاڻي هي روڄ راڙو ڇا جو؟ تون ته هاڻي وڃي عيش ۽ آرام ڪر. اياز فوراً کين جواب ۾ چيو ته توهين سڌيءَ راهه کان پري پيل آهيو. ڇا، توهان اهو نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان بادشاهه مون کي پاڻ کان پري ڪري رهيو آهي؟ هو کڻي مون کي جهان جي بادشاهي ڇو نه ڏئي، ليڪن مان هن کان هڪڙي گهڙي به غائب ٿيڻ نٿو گهران. هو جيڪي به فرمائي، تنهن جي بجا آوريءَ لاءِ مان هر وقت تيار آهيان، مگر هن کان هڪ پلڪ پري ٿيڻ نٿو چاهيان. مان هن ملڪ کي ڇا ڪندس، منهنجو ملڪ، هن جو ديدار آهي ۽ بس.

اي عزيز! جيڪڏهن تون طالب ۽ حق شناس آهين ته بندگيءَ جو سبق وڃي ايازکان سک ۽ هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏ ته! جيستائين دوزخ ۽ بهشت تنهنجي رستي ۾ حائل رهندا، تيستائين تون ان راز کان واقف ٿي نه سگهندي. تون انهن ٻنهي کان پنهنجي جان ڇڏاءِ ته جيئن ابدي دولت حاصل ڪرين.

 

رابعه بصريءَ جي مناجات

هڪ دفعي رابعه بصري، پنهنجي دعا ۾ چئي رهي هئي، ته اي راز جا ڄاڻندڙ، دشمنن جا دنياوي ڪم ڀلي ٺاهه ۽ پنهنجي دوستن کي هميشه لاءِ آخرت عطا ڪر (مان راضي آهيان)، ڇالاءِ جو مان انهن ٻنهي کان آزاد آهيان. مان جيڪڏهن انهن ٻنهي کان سڃي ٿي وڃان، پر تنهنجي غم جي گهڙي مون سان ساڻ هجي ته ههڙي سڃائي مون لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته تون، مون لاءِ سڀني شين کان بهتر آهين. جيڪڏهن توکان سواءِ مان ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي چاهيان ته پوءِ يقيناً مان ڪافرياڻي آهيان.

 

الله تعاليٰ جو حضرت دائود عليہ السلام کي خطابہ

دنيا جي پيدا ڪرڻ واري، حضرت دائود عليہ السلامہ کي پردي جي اندران مخاطب ٿي چيو، ته دنيا ۾ جا به شيءِ آهي پوءِ کڻي سٺي خواه خراب، انهيءَ جو عوض توکي ملي سگهي ٿو، ليڪن منهنجو عوض (بدل) توکي ڪٿي به نه ملي سگهندو. هاڻي جڏهن حالت هيءَ آهي، تڏهن پوءِ تون مون کان سواءِ غافل نه رهه، مان تولاءِ بس آهيان. حقيقت ته هيءَ آهي ته، توکي مون کان سواءِ ڪو چاروئي ڪونهي ۽ مون بغير توکي ڪو بقا ئي ڪونهي. تنهن ڪري تون مون کان غافل نه ٿي ۽ نه مون کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ڪا طلب ئي ڪر.

 

سلطان محمود جي لشڪر جو سومناٿ بت کي ڳولي لهڻ

سومناٿ ۾، سلطان محمود جي لشڪر ان بت کي وڃي ڳولي لڌو جنهن جو نالو لات هو. هندو ان بت کي بچائڻ خاطر اٿي کڙا ٿيا ۽ ان جي برابر سون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ليڪن محمود اها ڳالهه نه مڃي ۽ ان بت کي باهه ۾ جلائي ڇڏيو. ڪنهن سرڪش اٿي چيو، ته بت کي ساڙيو نه وڃي ها ۽ ان جي عوض سون وٺڻ بهتر هو. محمود جواب ڏنو ته، مون کي ڊپ ٿيو ته متان سڀان قيامت جي ڏينهن ساري مخلوق جي اڳيان پروردگار کڻي چوي ته آذر ۽ محمود کي ڏسو، هڪڙو بت تراش هو ته ٻيو وري بت فروش.

اي انسان، تون پاڻ سان ڪئين بت کنيو ٿو پيو هلين. دوست (الله تعاليٰ) خاطر پنهنجي نفس جي بت کي ته باهه لڳاءِ.

 

 سلطان محمود جي نذر جي حڪايت

راوي ڳالهه ٿو ڪري، ته جڏهن سلطان محمود هندن سان جنگ ڪرڻ لاءِ غزني کان روانو ٿيو، تڏهن هندوستان پهچڻ تي انهن جي ڪثيرالتعداد لشڪر کي ڏسي گهٻرائجي ويو. ان وقت ٻي واهه نه ڏسي هن هڪڙي باس باسي ته جيڪڏهن مون کي هن لشڪر تي ڪاميابي ٿي ته مان غنيمت جو سارو مال درويشن ۽ فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندس. آخر جڏهن ڪامياب ٿيو، تڏهن غنيمت جو مال کيس هٿ آيو، سو ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر نڪري پيو، مگر باوجود ان جي هن چاهيو ته اهو سارو درويشن ۾ ورهائي پنهنجو عهد پورو ڪري؛ ليڪن سڀيئي ماڻهو کيس چوڻ لڳا، ته هيترو سارو مال چند فقيرن ۾ ورهائڻ مناسب نه آهي. عين ان وقت هڪڙو بي ادب ديوانو جو حقيقت ۾ وڏو عقلمند ۽ هوشيار هو، سو اچي ان لشڪر جي وچ مان لانگهائو ٿيو. جڏهن بادشاهه کيس پري کان ڏٺو، تڏهن چيائين، ته انهيءَ ديواني جو حڪم بجا آڻيندس، ۽ جيڪي هو چوندو سو ڪندس. جڏهن هن ان کي سارو قصو ڪري ٻڌايو، تڏهن ان ديواني چيس، ته هاڻي جڏهن تنهنجو ڪم مفت ۾ پورو ٿيو آهي، تڏهن تون پنهنجو شرط پورو ڪر. محمود هي ٻڌي سارو مال درويشن ۾ ورهائي ڇڏيو.

  

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کان پڇيو، ته انهيءَ درٻار ۾ ڪهڙيءَ شيءِ جو زياده رواج آهي ته اسين اها اتي وڃي پيش ڪريون؟ بادشاهن ڏانهن ته ڪو قيمتي تحفو کڻي وڃڻ گهرجي؛ پر جيئن ته اسين ان کان غيرواقف آهيون، تنهن ڪري تون اسان جي رهنمائي ڪر.

 

هدهد جو جواب

هدهد چيس ته اي يار! جيڪڏهن تون واقعي حڪم جي بجا آوري چاهين ٿو، ته پوءِ اوڏانهن اها شيءِ کڻي وڃ جا اتي هجي ئي نه. باقي جيڪڏهن تون هتان اها شيءِ کڻي وڃين جا اتي اڳيئي موجود هجي ته ان مان ڪهڙو فائدو؟ هي ته اٽلو توکي ڏٺو ۽ شرمسار ڪندي. اتي علم به آهي، معرفت جا اسرار به آهن ۽ فرشتن جي جهجهي عبادت به آهي. تون جان جو جلڻ ۽ دل جو درد پاڻ سان کڻي وڃ، ڇالاءِ جو انهن شين جو اتي ڪو نشان ئي ڪونهي.اجهو مان توکي ٻه چار قصا ٻڌايان ٿو، جن ۾ تولاءِ سراسر هدايت آهي.

 

زليخا جو يوسف عليہ السلام کي قيد ۾ وجهڻ جو قصو

هڪڙي ڏينهن زليخا، حضرت يوسف کي کڻي قيد ۾ وڌو ۽ نوڪر کي حڪم ڪيائين ته هو ان کي پنجاهه لڪڻ اهڙي زور سان هڻي جيئن هوءَ ان جي دانهن (آه) پري کان ٻڌي سگهي، جنهن وقت نوڪر، يوسف کي لڪڻ هڻندو هو، تنهن وقت هو زاروزار رئندو هو ۽ ان جي روئڻ جو آواز زليخا ٻڌندي به هئي ۽ نوڪر کي اڃا زور سان مارڻ لاءِ چوندي هئي. آخر جڏهن هن ان کي هڪ لڪڻ نهايت زور سان هڻي زمين تي ڪيرائي وڌو، تڏهن ان کان اهڙي آه نڪتي جنهن سڌو وڃي زليخا جي دل کي چوٽ لڳائي. زليخا بي اختيار ٿي چڻ لڳي ته هاڻي ان کي مارڻ بند ڪيووڃي. هيءَ آه ڪنهن تيز جڳهه مان نڪتي آهي ۽ انهيءَ هڻي هنڌ ڪيو آهي.

اي پيارا! تون جيستائين درد نه رکندي، تيسيتائين تون مردن ۾ شمار ئي نه ٿيندين، جنهن کي عشق جو درد ۽ سوز آهي، تنهن کي نه رات جو ننڊ ۽ نه ڏينهن جو آرام.

 

هڪڙي خواجه ۽ سندس پاڪباز غلام جو قصو

هڪڙي خواجي کي، هڪڙو حبشي نوڪر هو، جنهن دنيا جي ڪمن کان هٿ ڌوئي ڇڏيا هئا ۽ ساري رات نماز پڙهندي گذاريندو هو. هڪ ڏينهن خواجي چيس ته تون جنهن مهل رات جو ننڊ مان اٿين، تنهن مهل مون کي به جاڳائج ته جيئن وضو ڪري ٻئي گڏجي نماز پڙهون. نوڪر جواب ڏنو، ته جنهن شخص کي هن رستي جو درد نه آهي، تنهن کي جاڳائڻ ئي مناسب ناهي. جيڪڏهن توکي درد هجي ها ته تون سجاڳ رهين ها ۽ اجايو ساري رات ننڊ ۾ نه وڃائين ها.

اي منهنجا دوست! جنهن کي هيءَ حسرت ۽ هيءُ درد نه آهي، تنهن جي مٿي تي شال ڌوڙ هجي!

 

بوعلي طوسيءَ جو قصو

بوعلي طوسي، هڪ ڏينهن فرمايو، ته سڀان قيامت ڏينهن جڏهن دوزخي، اهل جنت وارن کي نهايت عاجزي سان ڏسندا ۽ کانئن جنت جي خوشي ۽ وصال جي ذوق بابت پڇندا، تڏهن سڀئي چوندا ته بهشت جي خوشي ته اسان کان ويندي رهي، ڇالاءِ جو اسان کي هن ڪمال سان ڀريل بهشت ۾ انهيءَ آفتاب جي ڏسڻ جو تاب نه آهي. جڏهن انهيءَ جو جمال اسان جي ويجهو ٿئي ٿو، تڏهن اٺ ئي بهشت شرم کان ڪارا ٿي وڃن ٿا. ان بعد دوزخي جواب ۾ چوندا، ته اسان ته هڪ خراب جڳهه ۾ مٿي کان ويندي پيرن تائين باهه ۾ پيا آهيون. هن اسان کي پنهنجو ظاهر ظهور ڏيکاريو ۽ اسان پنهنجي ذلت ۽ ان جي جدائيءَ جي حقيقت کان آگاهه ٿياسين، تڏهن حسرت ۽ ارمان جي باهه کان اسان جي ناخوش دلين اسان کان دوزخ جي ياد ئي وسارائي ڇڏي.

اي منهنجا دوست! جتي عشق جي باهه پنهنجو اثر ڏيکاريندي، تتي دوزخ جي باهه جو اثر ڪٿي رهندو؟

 

هڪڙي شخص جي حضرت رسول مقبول ﷺ

جن جي مصلي تي نماز پڙهڻ جي درخواست

هڪڙي دفعي ڪنهن شخص، حضور ﷺ جن کان سندن مصلي تي نماز پڙهڻ جي اجازت گهري جا پاڻ نه ڏنائون ۽ فرمايائون، ته هن وقت مٽي ۽ واري گرم آهن (تنهن ڪري انهن تي پيشاني رکڻ مناسب نه آهي). تون پهريائين پنهنجي دل کي داغ لڳاءِ، ڇا لاءِ جو سڀان تون داغ جي وسيلي ئي سڃاتو ويندين ۽ عزت ۽ مرتبو پائيندين.

 

ستن وادين جو بيان

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو طلب جي واديءَ متعلق سوال

اي دوست هدهد! تون ته انهيءَ واديءَ جي رستي کان چڱيءَ طرح واقف آهين، ليڪن اسين ته ان کان سراسر انڌا آهيون. مهرباني ڪري ٻڌاءِ، ته اهو ڪيترو ڊگهو آهي؟

 

هدهد جو جواب

هدهد جواب ڏيندي کيس ٻڌايو، ته هن رستي ۾ اسان کي ست واديون طئي ڪرڻيون آهن، جڏهن اهي سڀيئي لنگهي پار پونداسين، تڏهن سيمرغ جي درگاهه وٽ اچي پهچنداسين. جو مخلوق به هيءُ رستو وٺي ويو، سو وري واپس نه موٽيو؛ تنهن ڪري ان جي مفاصلي جو ڪوپتو ئي ڪونه ٿو پوي. سڀني کان اول طلب جي وادي آهي، ان بعد عشق جي وادي آهي، جنهن جو نه آهي ڪنڌي ۽ نه ڪنارو. ان کان پوءِ معرفت جي وادي آهي، ۽ ان بعد استغنيٰ جي وادي آهي، پوءِ توحيد جي وادي آهي، تنهن کان پوءِ حيرت جي وادي آهي جا ڏاڍي اوکي آهي ۽ آخر ۾ فقر ۽ فنا جي وادي آهي، جنهن بعد توکي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه هوندي. جيڪڏهن تون هڪڙو هوندين ته به هن هنڌ هڪ سمنڊ نظر ايندين.

 

 

طلب جي وادي جو بيان

 جڏهن تون، طلب جي واديءَ ۾ داخل ٿيندين، تڏهن توکي هر گهڙيءَ ڪئين تڪليفون درپيش اينديون. ڪئين سال محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هن هنڌ حالتون ئي بدلجي وڃن ٿيون. مال، ملڪ ۽ پيسي، مطلب ته هر شيءِ کان هٿ کڻڻو ۽ دل کي پاڪ ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن دل هڪ دفعو پاڪ ۽ صاف ٿي ويئي ته پوءِ هوءَ پاڻهي عالي درٻار کان نور وٺڻ شروع ڪري ڏيندي؛ ۽ جڏهن اهو نُور تنهنجي دل تي ظاهر ٿيندو، تڏهن تنهنجي رستي ۾ ڪا باهه کڻي ظاهر ٿي، ته تون عشق جي ماريل پتنگن جيان پيو پاڻ کي باهه ۾ سٽيندين. طلب جي درياءَ ۾ هوندي به پاڻ کي اڃارو سمجهندين، ۽ محبوب جي راز کي معلوم ڪرڻ ۾ اهڙو بيتابيءَ سان لڳل هوندين جو ان خاطر، ڪنهن به خطرناڪ شيءِ کان نه گهٻرائيندين. هاڻي هي ٻه چار ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.

 

ابو عثمان مڪيءَ جي ڳالهه

عمرو ابو عثمان، جڏهن حرم اندر ”گنج نامه“ تحرير ڪيو، تڏهن هُن ان ۾ هِن ڳالهه جو ذڪر ڪيو، ته جڏهن الله تعاليٰ، حضرت آدم جي جسم ۾ روح ڦوڪيو، تڏهن چاهيائين، ته فرشتن کي ان حقيقت جي ڪا خبر نه رهي. هن پوءِ انهن کي آدم اڳيان سجدي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن جي پوري بجا آوري ڪندي انهن پنهنجا سر زمين تي رکيا، ۽ ائين ڪرڻ ڪري انهن مان ڪو هڪ به ان راز کي ڏسي نه سگهيو. بعد ۾ ابليس اچي چوڻ لڳو، ته مان سجدو هرگز نه ڪندس، پوءِ کڻي منهنجو سر ڇو نه ڪاٽيو وڃي. هاڻي جڏهن هن پنهنجو سرزمين تي نه رکيو، تڏهن هن اهو راز ڏسي ورتو، ڇالاءِ جو اهو اڳي ئي تاڙ ۾ ويٺو هو. الله تعاليٰ کيس چيو، ته تو وڏي جاسوسي ڪئي آهي ۽ هن گنج کان واقف ٿي ويو آهين، تنهن ڪري متان تون هي راز فاش ڪري وجهين، تنهنجو سر ڪاٽڻ ئي مناسب آهي. ابليس عرض ڪيو ته مون کي مهلت ڏني وڃي، جا کيس ڏني ويئي ۽ لعنت جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان پوءِ ابليس چوڻ لڳو، ته هاڻي جڏهن مون کي پاڪ خزانو معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن ڊپ ڇا جو؟ اي منهنجا موليٰ! لعنت به تنهنجي ملڪيت آهي، ۽ رحمت به تنهنجي ئي ملڪيت آهي؛ هيءُ بندو به تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قسمت به تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن منهنجي حصي ۾ لعنت آئي آهي ته مڙيوئي خير آهي (اها به آخر تنهنجي ئي طرف کان آئي آهي). مون جڏهن ماڻهن کي رحمت جي طلب ڪندو ڏٺو، تڏهن تنهنجي لعنت مون بي ادب کي ڀڙڪائي کڙو ڪيو. رحمت وانگر تنهنجي لعنت لاءِ به هڪ بندو آهي ۽ اهو مان آهيان جو هينئر رتبي کان ڪري پيو آهيان.

اي عزيز، جيڪڏهن تون طالب آهين ته تنهنجي طلب هن نموني جي هئڻ گهرجي ورنه تنهنجي طلب جي دعويٰ ڪوڙي آهي. جيڪڏهن تون، ان کي باوجود ڏينهن رات تلاش ۽ جستجو جي نٿو لهي سگهين ته سمجهي ڇڏ ته تنهنجي طلب ۾ ڪا گهٽتائي آهي، باقي هو ته هر وقت هر هنڌ موجود آهي.

 

شبلي رحمتہ الله عليه جي ڳالهه

مرڻ وقت، شبليرح ڏاڍو بيقرار هو، اکيون بند، دل منتظر ۽ ڪمر تي حيرت جو پٽو چڙهيل هوس. مٽيءَ جي هڪ ڍير تي ويٺو هو، ڪنهن مهل ان مٿان پئي ڳوڙها ڳاڙيائين ته ڪنهن وقت مٽي کڻي پئي مٿي ۾ وڌائين. هڪڙي سائل کانئس پڇيو، ته تو اهڙي وقت ۾ ڪنهن کي زنار ٻڌل ڏٺو آهي؟ جواب ڏنائين، ته منهنجي جان، جنهن ٻنهي جهانن کان اک ٻوٽي ڇڏي آهي، سا هن وقت ابليس جي غيرت کان سڙي رهي آهي. جڏهن لعنت جو خطاب فقط ان کي مليل آهي، تڏهن انهيءَ اضافت کان مون کي افسوس اچي ٿو

اي منهنجا ڀاءُ، تون شبليءَ جي پياس ۽ سندس جگر جي گرميءَ کي ڌيان ۾ رکي ڏس ته هو ٻين کي ڇا ڪجهه چئي رهيو آهي. جيڪڏهن محبوب توکي پٿر هڻي ته اهو ان موتيءَ کان افضل آهي جو ڪنهن غير جي طرف کان اچي. ڏسڻو صرف هيءُ آهي، ته جا شيءِ اچي ٿي سا طرف ڪهڙي کان اچي رهي آهي ۽ بس. تون طلب ۽ انتظار جي راهه ۾ پاڻ گهوريندو رهه ۽ گهڙي به خاموش ٿي نه ويهه، ڇالاءِ جو هن راهه ۾ ذرو به دير ڪفر برابر آهي.

 

مجنونءَ جي ڳالهه

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن شخص، مجنونءَ کي رستي تي مٽي ڇاڻيندو ڏسي، کانئس پڇيو ته تون هتي ڇا ڳولهي رهيو آهين؟ مجنونءَ جواب ڏنو ته ليليٰ ڳولهي رهيو آهيان. انهيءَ تي ان شخص چيس ته ليليٰ توکي مٽيءَ ۾ ڪٿان ملندي؟ آخر ڪڏهن ناياب موتي به ائين مٽيءَ ۾ ملندو! مجنون وراڻي ڏنس ته مان ته هن کي هر جڳهه ڳولهي رهيو آهيان، ممڪن آهي ته ڪنهن هنڌ ملي به وڃي.

 

يوسف همدانيءَ جي ڳالهه

يوسف همداني، جو پنهنجي زماني جو امام ۽ معرفت جو صاحب هو، تنهن هڪ دفعي چيو، ته جيڪڏهن اکين وارو زمين ۽ آسمان اندر هر ننڍي ۽ وڏيءَ شيءِ کي غور سان ڏسندو ته کيس معلوم ٿي ويندو ته هرهڪ ذرو يعقوب (عليہ السلام) آهي، جو پنهنجي وڃايل يوسف (عليہ السلام) جي پڇا ڪري رهيو آهي.

اي منهنجا دوست، هن راهه ۾ صبر ۽ انتظار درڪار آهن، ساري عمر انهن ۾ ئي صرف ڪرڻ گهرجي. تون ڪنهن به حالت ۾ صبر جي واڳ هٿان نه ڇڏ، ممڪن آهي، انهيءَ جي ڪري وڃي هڪ ڏينهن پنهنجي مراد کي پهچين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org