ترڪستاني پير جي حڪايت
ترڪستاني پير پنهنجي متعلق خبر ٿو ڪري ته، مان ٻن
شين کي ڏاڍو پيارو رکان ٿو. انهن مان هڪڙي آهي،
منهنجو تيز رفتار ابلق گهوڙو ۽ ٻي آهي منهنجو پٽ،
پر جيڪڏهن پٽ جي مرڻ جي خبر پويم ته شڪريه طور،
گهوڙو خيرات ڪري ڇڏيندس، ڇالاءِ جو مان ڏسان ٿو ته
هي ٻه شيون، ٻن بتن جي طرح منهنجي اکين جو ٺار
بڻيون بيٺيون آهن.
اي انسان! جيستائين تون شمع وانگر نه جلين،
تيستائين پاڪبازيءَ جو دم به نه هڻ. اهو پاڪبازيءَ
جو دم هڻي ٿو، سو پنهنجي ساري ڪاروبار کي برباد
ڪري ڇڏي ٿو. پاڪباز جي حالت ته ئي منهنجا پيارا،
هيءَ آهي جو هو جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪا ماني چاهه ۽
شوق سان کائي ٿو ته، کيس فوراً ڪياڙيءَ وارو ٿڦڙ
لڳايو وڃي ٿو.
شيخ خرقانيءَ جو واڱڻ کائڻ ۽
سندس پٽ جو سر ڪٽجڻ
شيخ خرقاني، جنهن جو فرش عرش هو (وڏي مرتبي وارو
هو)، تنهن کي گهڻي وقت کان واگڻ کائڻ جو شوق هو.
سندس والده اڌ واڱڻ کڻي کيس زوريءَ ڏنو ۽ هن جڏهن
اهو کاڌو، تڏهن دشمنن سندس پٽ جو سِرُ ڪاٽي ڇڏيو.
هيءَ حالت ڏسي شيخ چوڻ لڳو ته، مون بدبخت ڪئين
دفعا چيو آهي ته، جيڪڏهن هي فقير واڳڻ کائيندو ته
يقيناً کيس ڪونه ڪو ڪاري ڌڪ لڳندو. منهنجي جان
هروقت جلي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ان (الله تعاليٰ) سان
منهنجو معاملو نهايت ئي نازڪ آهي. هو جڏهن به ڪنهن
شخص کي پنهنجي ڪم ۾ لڳائي ٿو تڏهن هو غريب هڪڙو دم
به پنهنجي مرضي سان نٿو کڻي.
اي انسان! هتي ڪنهن عاقل جي عقلمندي ڪم نٿي ڏئي ۽
نه وري علم جي زيادتي ئي ڪارآمد ٿئي ٿي. ان جا
هزارين سرويچ عاشق، سندس هڪ ئي نگاهه سان پنهنجيون
جانيون گهورين ٿا ۽ هي سڀيئي جانيون تڏهن ئي
ڪارآمد ٿين ٿيون، جڏهن بيدرديءَ سان سندن خون
وهايو وڃي ٿو.
ذوالنون مصري ۽ چاليهه گودڙيا
ذوالنون مصري، ڳالهه ٿو ڪري، ته هڪ ڏينهن جيئن مان
ڪنهن بيابان مان وڃي رهيو هوس، تيئن مون رستي تي
چاليهه گودڙين، خدا رسيده بندن کي، هڪڙي ئي هنڌ
مئل پيل ڏسي حواس باخته ٿي ويس. آخر پاڻ سنڀالي
پڇڻ لڳس، ته اي خدا تعاليٰ! هيءُ تنهنجو ڪهڙو ڪم
آهي، جو سردارن کي ائين اونڌو ڪيرايو ٿو ڇڏين؟
هاتف جواب ڏنم ته هن ڪم کان اسين پوريءَ طرح واقف
آهيون، اسان ئي انهن کي ماريون ٿا ۽ اسان ئي انهن
جو خون بها ادا ڪريون ٿا ۽ جيستائين اسان وٽ
معاوضي جي رقم موجود آهي، تيستائين اسان جي اهائي
ڪار رهندي ته جيئن اوهان لاءِ ماتم باقي رهي، جڏهن
مرڻ بعد منهنجي ٻانهي جا اجزا محو ٿي ويندا ۽ سندس
وجود جو ڪو نشان ئي نه رهندو، تڏهن مان سندس اڳيان
نکڙي (نروار ٿي) ظاهر ٿيندس ۽ کيس پنهنجي جمال جو
چوغو پهرائيندس ۽ پوءِ فقط مان ئي وڃي رهندس، ۽
بس.
اي انسان! جو شخص پنهنجي موليٰ ۾ محو ٿيو، سو سڀ
آزار کان ڇٽي پيو. تون به ان ۾ محو ٿين جي ڪوشش ۾
رهه ۽ وڌيڪ ڳالهه ئي نه پڇ.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو همت جي بلنديءَ بابت سوال
اڙي يار هدهد! تون ته وڏي نظر ۽ فڪر وارو آهين؛
تون خوب ڄاڻين ٿو ته هن معاملي (معنيٰ) ۾ همت کي
وڏو دخل آهي. مان جيتوڻيڪ جسم ۾ ڪمزور ۽ هيڻو
آهيان، مگر حقيقت ۾ وڏيءَ همت جو مالڪ آهيان. مون
وٽ جيڪڏهن گهڻي عبادت کڻي نه آهي. (مان جيڪڏهن کڻي
گهڻي عبادت ڪري نٿو سگهان) ته ڪهڙي وڏي ڳالهه، مان
عالي همت سان ته مالامال آهيان؛ تنهنڪري هاڻي تون
ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائينم ته، آيا مان هن ڪمزور جسم،
مگر عالي همت سان پنهنجي بادشاهه سيمرغ کي پهچي
سگهندس يا نه؟
هدهد جو جواب
اڙي منهنجا پيارا دوست! تون هيءَ حقيقت چڱيءَ طرح
سان سمجهي ڇڏي ته ازلي (الستي) عاشقن جو مقناطيس
هيءَ عالي همت ئي هئي ۽ عالي همت ئي هر لڪل چيز کي
کولي پڌرو ڪري ٿي، جنهن به پرندي ۾ عالي همت ظاهر
ٿي، تنهن، جنهن به شيءِ کي ڳوليو، تنهن کي فوراً
وڃي لڌو. همت هڪ اهڙي شيءِ آهي، جو جيڪڏهن ان مان
ڪو ذرو ڪنهن کي ملي ويو ته، هن ان جي معرفت سج کي
به جهڪائي ڇڏيو. سارو جهان همت جو محتاج آهي ۽
عاشقن جا پر هيءَ همت ئي آهي، جنهن جي زور تي هو
اُڏامندا ۽ پرواز ڪندا رهن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو
آهي جو مان توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان.
هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو
حضرت يوسف کي خريد ڪرڻ
جڏهن حضرت يوسف کي مصر ۾ وڪيو ٿي ويو، تڏهن ٻين
خريدارن سان گڏ هڪ پوڙهي عورت به هئي. هوءَ پاڻ
سان ڪجهه نوڙين جا ڍيرا کڻي آئي ۽ اچي دلال کي چوڻ
لڳي ته هن غلام کي ڏهن ڍيرن جي بدلي ۾ وڪڻي ڏينم
جو مان مٿس چري ٿي پئي آهيان. دلال کلي چيس ته اڙي
بيوقوف، هيءُ هڪ لاثاني موتي آهي ۽ توکي سونهين ئي
نٿو. هن جي قيمت گهڻو وڏي آهي ۽ تنهنجي پهچ کان
گهڻو پري آهي، تنهنجي ڍيرن جي ته ڪا قيمت ئي
ڪانهي! هي ٻڌي، پوڙهيءَ ورڻي ڏنيس ته مون کي ته
پوريءَ طرح خاطري هئي ته هن قيمت تي ڪوبه هن غلام
کي فروخت نه ڪندو، ليڪن مون لاءِ هيءُ شرف ئي ڪافي
آهي جو هاڻي دوست خواهه دشمن ائين چوندا ته هيءَ
ٻڍي به يوسف جي خريدار هئي.
جنهن شخص کي عالي همت نصيب ٿي، تنهن گويا بي انتها
بادشاهي ماڻي، اهائي عالي همت هئي، جنهن سبب،
انهيءَ عاليءَ همت بادشاهه، پنهنجي مملڪت کي باهه
لڳائي هئي. (حضرت ابراهيم ادهم ڏانهن اشارو آهي،
جنهن سلطنت کي ترڪ ڪري درويشي اختيار ڪئي هئي).
هڪ درويش جو درويشيءَ بابت شڪايت ڪرڻ
۽ ابراهيم ادهم جو کيس جواب ڏيڻ
هڪڙو درويش، هميشه پنهنجي درويشيءَ کان نالهء و
فرياد ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، ابراهيم ادهم کيس چيو
ته، مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته شايد توکي درويشي
ڏاڍي سستي پئي آهي! ان شخص جواب ڏنس ته اي
ابراهيم! تنهنجي ڳالهه بالڪل بيجا آهي، ڀلا ڪو
درويشيءَ کي به خريد ڪندو. ان تي ابراهيم کيس
ٻڌايو ته، مون ان کي دل ۽ جان سان پسند ڪري، سلطنت
جي بدلي ۾ خريد ڪيو آهي. مان هاڻي به سَوَن جهانن
جي مقابلي ۾ درويشيءَ جي هڪڙي گهڙي خريد ڪريان ٿو،
ڇاڪاڻ ته ڏسان ٿو ته اها واقعي وڏيءَ قيمت واري
شيءِ آهي، مان ان جي قدر ۽ قيمت کي خوب ڄاڻان ٿو،
ليڪن افسوس تون ان کان بيخبر آهين! همت وارن
پنهنجي جسم ۽ جان گنوائي (سان کيڏيو) آهي ۽ ڪئين
سال پاڻ کي درست ڪرڻ خاطر جلندا رهيا آهن، تڏهن مس
وڃي سندن همت جو پکي الاهي درٻار جي قريب پهتو
آهي.
شيخ احملد غوريءَ جي سلطان سنجر سان گفتگو
شيخ غوري هڪ ڏينهن، ديوانن سان گڏجي هڪ پل هيٺ اچي
ترسيو. اتفاق سان سلطان سنجر اچي اتان لانگهائو
ٿيو ۽ ماڻهو ڏسي، پڇيائين ته هو ڪير آهن. شيخ جواب
ڏنس ته، هي سڀ ديوانا آهن ۽ اسان سڀني جي ڪيفيت ٻن
حالتن کان خالي نه آهي. (1) تون جيڪڏهن اسان کي
هميشه لاءِ پنهنجو دوست ڪري وٺين ته اسين تنهنجي
دنياوي مراد جلدي پوري ڪنداسين.
(2) جيڪڏهن تون اسان جو دشمن آهين ته اسين توکي
جلدي ئي دين کان خارج ڪري ڇڏينداسين؛ پر جيڪڏهن
تون گهڙي کن لاءِ پل اندر ايندين ته تون يقيناً هن
شان ۽ شوڪت، حرص ۽ هوس کان هميشه لاءِ ڇٽي پوندين!
سنجر جواب ۾ چيو ته، مان اوهان جي مذاق جو نه
آهيان ۽ مون کي اوهان جي نيڪيءَ ۽ بديءَ سان ڪو
سروڪار ڪونهي.
همت، هڪ تيز اُڏامندڙ پکيءَ جي طرح آهي، جنهن جي
رفتار ۾ هر گهڙيءَ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هي تنگ
دنيا ان کي سمائي نٿي سگهي. ان جي بلند پروازي هن
دنيا کان گهڻو مٿي آهي.
هڪڙي ديواني جو روئڻ ۽ ٻولڻ
هڪڙو ديوانو، آڌيءَ رات جو خواب ۾ روئي ۽ چئي رهيو
هو ته، هيءُ جهان هڪ منهن ڍڪيل صندوقڙي (دٻو) آهي
۽ اسين ان اندر ويٺا سودا پچايون. جڏهن موت ان جو
ڍڪ کوليندو، تڏهن جنهن کي پَر هوندا، سو ته آسمانن
تائين اُڏامي ويندو ۽ جنهن کي پَر نه هوندا، سو
ڪيترين ئي مصيبتن ۾ ان اندر ڦاٿل رهندو.
اي انسان! تون مرڻ کان اڳ، همت جي پکيءَ ۾ معنوي
پَرَ پيدا ڪر، عقل کي دل ڏي ۽ جان ۾ جذبو آڻ.
هڪڙي سائل جي چمڙي سان گفتگو
هڪڙي سائل، چمڙي کي چيو ته تون روشن سج کان بيخبر
ٿيو پيو آهين، تنهنجو سارو ڏينهن به هڪ انڌيري رات
آهي. جيڪڏهن تون ان سان مليل هجين ها ته ان کان
ايترو نه ڀڄين ها. آخر ڪيستائين سوراخن ۾ گهر
ٺاهيندو رهندين؟ تون هن سج کي ذرا ڏس ۽ ان سان ملي
هڪ ٿي وڃ. هي ٻڌي، چمڙي جواب ڏنس ته منهنجو ان سج
سان ڪهڙو غرض، جو ڪارو ۽ غائب ٿي وڃي ٿو. اهڙي سج
کان ائين ئي ڀلو. مون لاءِ هر رات ڏينهن آهي،
ڇاڪاڻ ته حقيقي سج جو ظهور ٿيندو ئي رات جو آهي ۽
ان اڳيان، هي سج شرم کان منهن ڍڪي ڇڏيندو آهي.
هاڻي جڏهن اهڙو سج رات جو ميسر ٿئي ٿو ۽ ان جي
هوندي هن ظاهري سج کي ڏسڻ قطعاً مناسب نه آهي.
اهوئي ته سبب آهي جو مان ساري رات ننڊ نه ٿو
ڪريان، شوق ۽ سوز سان ان جي چوڌاري پيو ٿو چڪر
هڻان.
جيڪڏهن توکي اها همت حاصل ٿي وڃي ته پوءِ تنهنجي
ويهڻ جي جاءِ به شاهي مسند ٿيندي. جنهن کي همت آهي
سوئي مانجهي مڙس آهي ۽ جو به هن راهه ۾ همت سان
آيو، پوءِ کڻي فقير ئي ڇو نه هو (هجي) وڃي بادشاهه
بڻيو.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو انصاف ۽ وفا متعلق سوال
هڪڙي ٻئي پکيءَ سوال ڪيو ته، انهيءَ بادشاهه جي
درٻار ۾ انصاف ۽ وفا جو ڇا قدر ۽ ڦل آهي؟ خدا
تعاليٰ مون کي گهڻو انصاف وارو بڻايو آهي، تنهن
ڪري مان ڪنهن سان به ڪڏهن ڪا بيوفائي نه ڪئي آهي.
ڀلا جنهن مخلوق ۾ هي صفتون موجود هجن تنهنجو معرفت
جي عالم ۾ ڪهڙسو درجو هوندو؟ ذرا کولي ٻڌائينم.
هدهد جو جواب
اڙي منهنجا محبوب، انصاف ته ڇوٽڪاري جو بادشاه
آهي، جنهن انصاف ڪيو، سو واهيات کان آزاد ٿيو ۽
اهو سڄي ڄمار جي رڪوع ۽ سجود کان افضل آهي. پوشيده
طور انصاف ڪرڻ جهڙي جوانمردي ته ٻنهي جهانن ۾ ئي
ڪانهي، ڇالاءِ جو ظاهر واري انصاف ۾ رياڪاري جي
ڪجهه نه ڪجهه اميزش رهي ٿي.
امام احمد بن حنبل جو بشرحافيءَ جي خدمت ۾ وڃڻ
امام احمد بن حنبل، پنهنجي زماني جو يڪتا عالم ۽
امام هو، جڏهن به پنهنجي علم ۽ فڪر کان فارغ ٿيندو
هو، تڏهن سڌو بشرحافيءَ وٽ ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو
شخص کيس اتي ڏسندو هو ته بنا دير ملامت ڪرڻ شروع
ڪري ڏيندو هوس ۽ چوندو هوس ته تون ساري عالم جو
مقتدا آهين ۽ توکان زياده عالم ته ڪو ٿي ئي نٿو
سگهي. ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ته تون ٻڌين ئي نٿو؛ باقي
بشر ڏانهن ته مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هليو وڃي ٿو.
امام احمد بن حنبل، ان جي جواب ۾ کيس چوندا هئا
ته، برابر مان ظاهري علوم ۾ ان کان اڳڀرو آهيان،
ليڪن خدا تعاليٰ جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هو مون کان اڳڀرو
آهي.
اڙي، پنهنجي بي انصافيءَ کان بيخبر انسان، ڪا گهڙي
عارفن جي انصاف کي به ڏس ۽ پنهنجي منصف مزاجيءَ کي
اجايو نه پڌاءِ.
سلطان محمود جي لشڪر ۾ هندو راجا
جو گرفتار ٿيڻ
اتفاق سان هڪ ڏينهن، هندن جو هڪڙو ٻڍو بادشاهه،
سلطان محمود جي لشڪر ۾ گرفتار ٿي پيو. جڏهن سلطان
جي اڳيان پيش ٿيو، تڏهن مسلمان بڻجي وڃي ولايت کي
رسيو. ان بعد هڪ تنبوءَ اندر اڪيلو ويهي رات ۽
ڏينهن گريه زاري ڪندو ۽ ويچاريندو رهيو. جڏهن
سلطان کي هيءَ خبر پئي، تڏهن پاڻ وٽ گهرائي
چيائينس ته، مان ڄاڻان ٿو ته تون بادشاهه هئين،
هاڻي جيڪڏهن هڪڙي بادشاهي ويئي ته ڪهڙي ڳالهه، مان
توکي ان جهڙيون سَوَ بادشاهيون ڏيان ٿو، تون هن
روڄ ۽ راڙي کي ڇڏي ڏي. راجا جواب ۾ چيس ته مان محض
هن خيال کان روئان ٿو ته مبادا سڀان قيامت جي
ڏينهن، جيڪڏهن کڻي خدا تعاليٰ مون کي خطاب ڪري ته
تون هڪ بيوفا ۽ جفاڪار بندو هئين ۽ جيستائين محمود
ڪثيرالتعداد لشڪر سان تو وٽ نه آيو تيستائين تو
مون کي ياد ئي نه ڪيو، ته مان بيوفا، ان وقت ان
خطاب جو ڪهڙو جواب ڏيئي سگهندس! مان ته، ان وقت جا
شرمساري ٿينديم، تنهن کي ياد ڪري روئي رهيو آهيان.
اي بندا! تون نيڪ ماڻهن جي وفاداري ۽ انصاف جي
ڳالهين کي ڪن ڏيئي ٻڌ، پوءِ جيڪڏهن ست ساري سگهين
ته هن راهه ۾ پير پاءِ ورنه ڀڄي پاسو ڪر.
هڪ وفادار ڪافر جي سبب هڪ بيوفا
غازيءَ کي خدا تعاليٰ جو مهڻو
هڪ دفعي جنگ هلندي، هڪڙي (مسلمان) غازيءَ هڪڙي
ڪافر کان نماز پڙهڻ لاءِ مهلت گهري جا هن کيس ڏني.
جڏهن نماز پڙهي آيو، تڏهن وري ڪافر کانئس پنهنجي
پوڄا پاٺ خاطر مهلت طلب ڪئي، ان بعد جنهن وقت هن
هڪ بت اڳيان پنهنجو سِر زمين تي رکيو، تنهن وقت ان
غازيءَ ان کي اتي ئي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن
غيب مان آواز آيس ته، تون سراپا بدعهد ۽ بيوفا
آهين. هن توکي اول مهلت ڏني ۽ تلوار کان ڪم نه
ورتو ۽ هاڻي جيڪڏهن تون تلوار کان ڪم وٺندين ته
هيءَ عين جهالت چئبي. تو انجام کي پاڙڻ واري آيت
ئي نه پڙهي آهي (”اوفوا بالعقود“ ڏانهن اشارو). هن
توسان چڱائي ڪئي ۽ تون موٽ ۾ ان سان برائي ڪري
رهيو آهين. تون ٻئي سان اهو ڪجهه ڪر، جو تون پاڻ
سان ڪرڻ چاهين. هيءُ ٻڌندي ئي هو بيهوش ٿي پگهر ۾
غرق ٿي ويو. ڪافر هيءَ حالت ڏسي اچي ان بابت کانئس
پڇيو، جنهن تي هن کيس ساري حقيقت ڪري ٻڌائي. جڏهن
ڪافر هيءُ قصو ٻڌو، تڏهن زور سان نعرو هڻي بنا دير
مسلمان ٿي پيو ۽ چوڻ لڳو ته، جڏهن اهو جبار (الله
تعاليٰ) پنهنجي محبوب غازيءَ کي پنهنجي معتوب دشمن
خاطر وفاداريءَ جو مهڻو ڏئي ٿو، تڏهن پوءِ مان ڇو
اهڙي بيوفائي ڪريان.
حضرت يوسف جي ڀائرن جو قحط ساليءَ ۾ مصر اندر اچڻ
حضرت يوسف عليہ السلام جا ڏهه ڀائر، ڏڪار سبب پري
کان ڪهي مصر آيا ۽ اچي پنهنجي عاجزيءَ جو احوال
بيان ڪيائون. ان وقت حضرت يوسف جو منهن ڍڪيل هو ۽
سندس اڳيان هڪ ٿالهه پيل هو، جنهن تي جڏهن هن هٿ
هنيو، تڏهن هو زاروزار روئڻ لڳو. حضرت يوسف پنهنجي
ڀائرن کي چيو ته، مان ان جو آواز سمجهان ٿو ۽ اهو
چئي رهيو آهي ته: هن کان اڳ توهان کي يوسف نالي
هڪڙو حسين ڀاءُ هو جو توهان سڀني کان سونهن ۾ وڌ
هو. وري ٻيو دفعو ان تي هٿ هڻي چوڻ لڳو ته پنهنجي
آواز ۾ چئي رهيو آهي ته توهان سڀني ملي يوسف کي
کوهه ۾ وڌو ۽ هڪ بي گناهه بگهڙ تي تهمت لڳائي. ان
کان پوءِ جڏهن ٽيون دفعو ان تي هٿ هنيائين، تڏهن
ٻڌايائين ته، اهو پنهنجي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته
توهان پنهنجي پيءُ کي برغلائي (غم ۾) جلائي ڇڏيو ۽
چنڊ جهڙي يوسف کي وڪڻي ڇڏيو. انهيءَ نموني ته ڪافر
به پنهنجي ڀاءُ سان بدسلوڪي نٿا ڪن. توهان کي ته
خدا تعاليٰ کان، جو حاضر ۽ ناظر آهي، شرم اچڻ
گهرجي.
انڌو اهو آهي جو هن قصي کي ٻڌي، ان مان نصيحت نه
وٺي. اي انسان! تون هن قصي کي پنهنجوئي سمجهه. تون
خود ڄاڻي واڻي بيوفائي ڪري رهيو آهين. ذرا سوچ ۽
پنهنجي عملن جي چڪاس وٺ.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو حضرت حق (تعاليٰ)
۾ گستاخي ڪرڻ بابت سوال
اڙي دوست هدهد، تون واقعي اسان جو رهنما ۽ پيشوا
آهين. ڀلا هيءُ ته ٻڌاءِ، ته جيڪڏهن ڪو شخص، ان
عالي درٻار ۾ ڪا وڏي گستاخي ڪري وجهي ته ان جو
ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟
هدهد جو جواب
هو جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي راز جو ڄاڻو ۽ لائق آهي
ته پوءِ ان جي گستاخي جائز آهي، ليڪن راز ڄاڻندڙ،
گستاخي ڪٿي ٿو ڪري سگهي! هڪڙو اوٺي جو درياءَ جي
ڪناري تي هجي، سو بادشاهه جو رازدان ڪيئن ٿو بڻجي
سگهي! هو جيڪڏهن اهل راز وانگر گستاخي ڪندو ته
ايمان ۽ جان ٻنهي تان هٿ کڻڻو پوندس. ها، جيڪڏهن
ڪو محبت جي زيادتي ۽ زور سبب گستاخي ڪري وجهي ته
هن کي روا آهي؛ ڇالاءِ جو محبت سان سرشار هڪ
ديواني عاشق جي طرح آهي، جو باهه جيان جلي رهيو
آهي. اهوئي ته سبب آهي جو مجنونءَ کي ڪوبه ملامت
نٿو ڪري. تون به جڏهن عشق ۾ ديوانو ٿي ويندين،
تڏهن تنهنجي هر ڳالهه ٻڌي ۽ گوارا ڪئي ويندي. چڱو
مان هاڻي توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو.
هڪڙي ديواني جو خراسان ۾
عميد جي غلامن کي ڏسڻ
ڳالهه ٿا ڪن، ته جڏهن کان عميد خراسان جو حاڪم
ٿيو، تڏهن کان هيءُ شهر دولت سان مالامال ٿي ويو.
وٽس هڪ سؤ سهڻا ترڪ (سندن ٻانهون چانديءَ جهڙيون
سفيد) غلام هئا جن مان هرهڪ جو منهن چنڊ وانگر پئي
چمڪيو. سندن قد سنوان (ڪاراين ۾ چانديءَ جا ڪنگڻ
پيل) ۽ وار مشڪ سان ڀريل پئي ٻهڪيا. انهن جي ڪنن م
چمڪيدار موتي پيل هئا، جن رات جي اونداهيءَ کي
ڏينهن جي روشنائيءَ ۾ پئي بدلايو. سندن مٿن تي سون
جي منڊين سان جڙيل تاج ۽ ڳچيءَ ۾ سونا هار (طوق)
پيل هئا. انهن مان هرهڪ وٽ هڪ سفيد ۽ خوش رفتار
گهوڙو هوندو هو. مطلب ته هو اهڙا حسين ۽ سينگاريل
هئا، جو ڏسندڙ بي اختيار موهجي ۽ دل کسائي پئي
ويو. اتفاق سان هڪڙي پيرين اگهاڙي ۽ ڪمبل پوش
ديواني جي پري کان مٿن نظر پئجي ويئي ۽ پڇڻ تي ان
شهر جي رئيس کان معلوم ٿيس ته اهي سڀئي عميد جا
غلام آهن. هيءُ ٻڌنديئي سند دماغ چڪر ۾ اچي ويو ۽
چوڻ لڳو ته، اي عرش جا مالڪ، تون بنده پروري وڃي
عميد کان سک.
اڙي انسان! جيڪڏهن تون ههڙي قسم جو ديوانو آهين ته
پوءِ ڀلي گستاخ رهه. ديوانن جي گستاخي واقعي
دلپسند ٿئي ٿي، ڇالاءِ جو هي پتنگن جيان سڙن ۽ جلن
ٿا.
هڪڙي ننگي ديواني جي گستاخيءَ جي ڪهاڻي
هڪڙي ڀيري هڪڙو ديوانو، ننگو ۽ بکيو، سياري جي
موسم م رستي تي وڃي رهيو هو، ته اوچتو سخت بارش
اچي پيئي، جنهن ۾ هيءُ ويچارو ساروئي پسي ويو. نه
وٽس ڪو ڪپڙو هو ۽ نه ڪا رهڻ لاءِ جاءِ. آخر اچي هڪ
ڦٽل هنڌ پهتو، ليڪن اڃا ان اندر گهڙيوئي مس ته ڇت
کان هڪ سر ڪِري اچي سندس مٿي کي ڦاڙي وڌو. ان وقت
آسمان طرف منهن ڪري چوڻ لڳو، ته تون آخر ڪيستائين
پنهنجي سلطانيءَ جو ڏؤنڪو وڄائيندو رهندين، جڏهن
توکي هڪ سر به ٺيڪ لڳائڻ ڏانءُ نٿي اچي!
مصر ۾ ڏڪار متعلق هڪڙي ديواني جو مقولو
ڪنهن سمي اوچتو اچي مصر ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو رستن تي
پئي مُئا ۽ مانيءَ لاءِ پڪاري رهيا هئا ۽ بکيا اڌ
مُئلن کي کائي رهيا هئا. اتفاق سان جڏهن هڪڙي
ديواني هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن اٿي چوڻ لڳو ته ”اي
دين ۽ دنيا جا مالڪ! جيڪڏهن تو وٽ رزق نه آهي ته
پيدا به گهٽ ڪر (هروڀرو گهڻي مخلوق پيدا ڪري ان کي
بک ٿو مارين).“
هن درگاهه ۾ جو به گستاخي ڪندو آهي، سو جيئن ئي
هوش سنڀاليندو آهي، تيئن ئي معافي گهرندو آهي.
هڪڙي ديواني جي ڪهاڻي،
جنهن کي ٻار پٿر هڻندا هئا
ڳالهه ڪندا آهن، ته هڪڙي ديواني کي ٻار پٿر هڻندا
هئا، جنهن کان تنگ ٿي وڃي هڪ بخاري (چلهو) جي ڪنڊ
۾ ويٺو، جنهن ۾ هڪ دري پڻ هئي. انهيءَ دريءَ مان
هڪڙو کَڙو لنگهي اچي، ان جي سر تي لڳو، پر جڏهن ته
هو کڙي ۽ پٿر ۾ شناخت ڪري نه سگهيو، تنهنڪري وٺي
گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ان گهر ۾
انڌيرو به هو، تنهنڪري گمان ٿيس ته شايد اڃا ڇوڪرا
هيءَ حرڪت ڪري رهيا آهن. آخر جڏهن هوا جي زور تي
هڪ پاسي کان دروازو کلي پيو ۽ انهيءَ بخاري جي
ڪوٺڙيءَ ۾ روشني آئي، تڏهن هن کَڙي ۽ پٿر ۾ وڃي
فرق لڌو؛ ۽ گارين ڏيڻ سبب پنهنجي
دل ۾ ڏاڍو رنج محسوس ڪري چوڻ لڳو ته ”اي منهنجا
پروردگار، هن بخاري ۾ انڌيرو هو، تنهن ڪري مون کان
ڀل ٿي ويئي. هي سڀ گاريون گند واقعي مون ڏنيون
آهن، هاڻي معاف فرمائينم.“
اي دوست! تون عاشق ۽ ديواني کي سدائين معذور سمجهه
۽ انهن خلاف ڪڏهن به زبان ڪشائي نه ڪر. |