سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :16

نصرآبادي شيخ جي ڪهاڻي

نصرآبادي شيخ ۾ جڏهن عشق جو درد پيدا ٿيو، تڏهن توڪل سان چاليهه حج ڪيائين. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ڪنهن شخص کيس ڏٺو ته سندس وار اڇا ٿي ويا اهن، جسم ڳري لاغر ٿي ويو آهي ۽ کيس هڪڙي گوڏ ۽ زنار ٻڌل آهي. شيخيءَ جي ڪابه دعويٰ نٿي ڪيائين، ۽ آتش خاني جي چوڌاري پئي ڦريو. راوي چوي ٿو ته جڏهن مون کانئس ان جو سبب پڇيو، تڏهن جواب ۾ چيائين ته منهنجو معاملو ڏاڍو نازڪ پئجي ويو آهي، ۽ حيرت جي اهڙي ته باهه لڳل آهي، جنهن نه فقط منهنجو ننگ ۽ ناموس مگر اگر تگر سڀ ساڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي، ۽ مان پنهنجي ڪم ۾ ماڳهين چريو ٿي پيو آهيان.

 

مريد جو پير کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙو نئون مريد، پنهنجي پير کي خواب ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته مان تنهنجي جدائيءَ ۾ ڳري رهيو آهيان، ۽ هتي حيرت کان منهنجي دل سڙي ويئي آهي. هاڻي تون پنهنجي حال جي خبر ڪر (ته ڇا ڏٺئه؟) پير ٻڌايس ته مان هن جهان ۾ بيحد حيران ۽ مست آهيان ۽ هميشه ڏندين آڱريون اٿم. آخرت ۾ جا حيراني درپيش اچي ٿي تنهنجي اڳيان دنياوي حيراني ڪجهه به نه آهي.

 

 

فقر ۽ فنا جي واديءَ جو بيان

حيرت جي واديءَ کان پوءِ فقر ۽ فنا جي وادي اچي ٿي، جنهن بابت ڪجهه چوڻ ئي مناسب نه آهي. سالڪ هن هنڌ پهرين ئي قدم ۾ گم ٿي وڃن ٿا، ۽ اها عين فراموشي، گونگائي، ٻوڙائي ۽ بيهوشيءَ جي وادي آهي. هي ٻئي جهان انهيءَ (واديءَ جي) سمنڊ جا چٽ آهن. ڀلا جڏهن سارو سمنڊ جنبش ڪندو، تڏهن هي چٽ ڪٿي ٿا رهي سگهن؟ جو به هن سمنڊ ۾ گم ٿيو سو هميشه لاءِ آرامي ٿيو. هن راحت ڀرئي سمنڊ ۾ سواءِ گمشدگي ۽ سرگردانيءَ جي ٻيو ڪجهه نه آهي. ها، جڏهن انهيءَ گمشدگيءَ کان سالڪ کي رهائي ملي ٿي، تڏهن گهڻائي راز کيس معلوم ٿي وڃن ٿا. هاڻي مان توکي ٻه چار نصيحت ڀريون آکاڻيون ٻڌايان ٿو.

 

معشوق طوسيءَ جي آکاڻي

هڪ رات معشوق طوسيءَ پنهنجي مريد کي چيو ته تون سدائين ڳرندو رهه. جڏهن تون عشق اندر سارو ڳري ويندين تڏهن ڪمزوريءَ کان وار وانگر ٿي ويندين، ۽ پوءِ جڏهن تنهنجي شخصيت وار مثل سنهي ٿي ويندي تڏهن اها تنهنجي جاءِ به وڃي محبوب جي زلفن ۾ ٺاهيندي، جو شخص خوديءَ کان فارغ ٿيو سو ڄڻڪ فنا ٿيو ۽ جو فنا ٿيو سو باقي رهيو.

 

هڪڙي عاشق جي آکاڻي جو گهڻو پئي رُنو

هڪڙو عاشق، هڪ ڏينهن ڏاڍو روئي رهيو هو. جڏهن ڪنهن ان جو سبب پڇيس تڏهن جواب ڏنائين ته مون ٻڌو آهي ته سڀان قيامت ڏينهن الله تعاليٰ چاليهه سال لاڳيتو پنهنجي بندن کي زيارت ڪرائيندو. ڪا گهڙي اهي لوڪ هوش ۾ به انيدا ۽ ناز ۾ پرورش وٺي وري عاجزيءَ ۾ ڪري پوندا، تنهن ڪري مان هن ڪري روئان ٿو ته جڏهن مان هوش ۾ ايندس تڏهن انهيءَ هڪڙيءَ گهڙيءَ کي ڇا ڪندس؟ انهيءَ غم کان ته چاهيان ٿو ته پاڻ کي ماري ڇڏيان (مارڻ گهرجي). جڏهن مان پاڻ کي پاڻ کان خالي ڏسندس تڏهن مان خدا تعاليٰ سان هوندس ورنه ڏاڍو خراب ۽ بڇڙو نظر ايندس. بس جنهن وقت خودي کان آزادي حاصل ٿي، تنهن وقت اها بي خودي مون لاءِ عين خدائي هوندي.

 

پتنگن جو شمع جي ڳولا ۾ گڏ ٿيڻ

هڪ رات، سڀ پتنگ اچي هڪ هنڌ ڪٺا ٿي چوڻ لڳا ته اسان مان هڪڙو اهڙو هجي جو وڃي اسان جي مطلوب جي ڪا خبر وٺي اچي. انهن مان هڪڙو اٿي هڪ محل اندر وڃي شمع جي نور کي پري کان ڏسي، واپس اچي پنهنجي سمجهه آهر ان جي تعريف ڪئي، ليڪن منجهن هڪڙو واقفڪار موجود هو، جنهن هي ٻڌي چيو، ته هن کي شمع متعلق ڪا آگاهي ڪانهي. وري هڪڙو ٻيو روانو ٿيو ۽ روشنيءَ کي ڏسندي ئي کڻي پاڻ کي شمع تي سٽيائين ۽ ان تي پر هڻندي هڻندي آخر مغلوب ٿي ڪِري پيو ۽ موٽي اچي شمع سان پنهنجي وصال جي ڳالهه ٻڌايائين، ليڪن ان واقفڪار ان کي به رد ڪندي چيو ته هيءُ خبر پهرينءَ جيان اڻپوري آهي. آخر ۾ ٽيون جوش ۽ خروش سان اٿي وڃي سڌو ان باهه تي ويٺو ۽ ان سان بغلگير ٿي پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. جڏهن هو ساري جو سارو باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، تڏهن ان جا سڀئي عضوا باهه وانگر ڳاڙها ٿي ويا. واقفڪار، جڏهن هن کي پري کان ڏٺو ته شمع ان کي همرنگ بنائي ڇڏيو آهي، تڏهن چيائين ته هيءُ واقعي ڪم وارو پتنگ آهي.

اي عزيز! جيستائين تون جسم ۽ جان کان بيخبر نه ٿيندين تيستائين هڪ گهڙي به پنهنجي محبوب جي سڌ نه لهندين.

 

هڪڙي شخص جو صوفيءَ کي ڪياڙي

وارو ڌڪ هڻڻ

هڪڙو صوفي، جيئن بي فائدو وڃي رهيو هو تيئن هڪڙي سنگدل، ڪياڙيءَ تي مڪ هڻي ڪڍيس. هي ڏسي، ان کي چوڻ لڳو هت جنهن کي تو سمڪ هنئي آهي سو ته ٽيهه سال ٿيا ته هن جهان کان موڪلائي مري چڪو آهي. انهيءَ شخص کلي چيس ته، تنهنجي هيءَ دعويٰ قطعاً غلط آهي. ڀلا مري ويل به ڪڏهن ڳالهائيندو آهي؟ تو ۾ جيستائين وار برابر خودي موجود آهي، تيستائين تنهنجو انهيءَ منزل تي پهچڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

 

هڪڙي درويش جو هڪ حسين

شهزادي تي عاشق ٿيڻ

هڪڙي بادشاههس کي يوسف مثل خوبصورت پٽ هو، جڏهن به هو گهوڙي تي سوار ٿي ٻاهر ميدان ۾ ايندو هو، تڏهن ان جي چئني طرفن کان سندس سپاهي اگاڙيون تراريون کنيو هلندا هئا، ۽ جو به ان ڇوڪري ڏانهن نظر کڻي نهاريندو هو، تنهن کي يڪدم پڪڙي سزاياب ڪندا هئا. اتفاق سان هڪڙسو درويش ان تي عاشق ٿي پيو مگر عاشق به اهڙو جو جهان جي خبر ئي نه رهيس. رات ۽ ڏينهن انهيءَ گهٽيءَ ۾ پيو غم جا ڳوڙها ڳاڙيندو هو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن ڪڏهن اتان لانگهائو ٿيندو هو. هڪڙي مسڪيني، جو گهر ۾ لولو به نه لڀي ۽ وري اهڙي شهزادي سان عشق!

هڪڙي ڏينهن شهزادو جيئن وڃي رهيو هو، تيئن ان فقير کيس ڏسندي ئي نعرو هڻندي بيهوش ٿي ويو، ۽ چرين وانگر پاڻ کي پٿرن تي سٽيندي رتورت ٿي ويو. هڪڙي ملازم کي جيئن اها خبر پيئي تيئن سڌو وڃي بادشاه کي ٻڌايائين. بادشاه غيرت کان اهڙو ته جلي ويو جو فوراً ان کي ڦاسي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ جنهن وقت هن کي ڦاسي چاڙهڻ لڳا، تنهن وقت هن سجدي ڪرڻ لاءِ وزير کان مهلت گهري، ۽ سجدي ۾ وڃي ٻاڏائڻ لڳو ته اي منهنجا الله! هاڻي جڏهن بادشاه مون کي بيگناهه ماري ٿو، تڏهن تون هڪڙي مهرباني ڪرينم، ۽ اها هيءَ ته هن کان اڳ جو منهنجي جان بيخبريءَ ۾ نڪري وڃي، تون مون کي ان ڇوڪري جي جمال جو مشاهدو ڪراءِ تا ته هن کي هڪ دفعو ڏسي پاڻ گهوريان. اي منهنجا پروردگار! تون لکن جون حاجتون پوريون ڪرين ٿو، مون غريب جي به هيءَ هڪڙي حاجت پوري ڪر.

وزير، جو پوشيده طور هي ٻڌي رهيو هو، تنهن ۾ خود احساس پيدا ٿيو ۽ روئندي وڃي هي سارو قصو بادشاهه کي ٻڌايو. بادشاهه تي به چڱو اثر پيو ۽ ان کي معاف ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو ۽ پنهنجي پٽ کي چيائين ته هو هينئر جو هينئر وٽس وڃي ساڻس نرمائي ڪري، ۽ دلداري ڏئي ۽ پاڻ کان کيس پري نه ڪري. جڏهن شهزادو سوريءَ جي ويجهو آيو، تڏهن ان کي مٽيءَ ۾ اونڌو پيل ڏسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان لڙڪ نار نار ٿي وهڻ لڳا. ان کي جهجهي مهربانيءَ سان پاڻ ڏانهن سڏيائين، مگر هن غريب شهزادي جو آواز نه ٻڌو ۽ جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو تڏهن ان کي سامهون ڏسي تاب جهلي نه سگهيو ۽ آخري دم کڻندي، چوڻ لڳو ته اي بادشاهه! جڏهن تون، مون کي هن طرح ماري ٿي سگهئين، تڏهن هن بزدل لشڪر کي وچ ۾ آڻڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي. بس ائين چوندي ئي هو گم ٿي ويو، ڄڻڪ هوئي ڪونه.

 

 

هڪڙي شخص جو حضرت نوريءَ کان سوال

هڪڙي نيڪ شخص، حضرت نوريءَ کان پڇيو ته خدا تعاليٰ تائين پهچڻ لاءِ اسان ڪاڻ رستو ڪيئن کلندو؟ ان کيس جواب ڏنو ته انهيءَ وٽ پهچڻ لاءِ اسان کي پهريائين روشني ۽ باهه جا ست درياءَ پار ڪرڻ گهرجن. جڏهن تون انهن سڀني مان لنگهي پار پوندين، تڏهن هڪڙي مڇي يڪدم توکي پاڻ ڏي ڇڪيندي ۽ اها مڇي اهڙي آهي جا جڏهن سيني مان آهه ڪڍي ٿي، تڏهن اڳين ۽ پوين سڀني کي ڳهي وڃي ٿي.

 

پکين جو سيمرغ جي راهه ۾ روانو ٿيڻ

هيءَ ڳالهه ٻڌي، واديءَ جا سڀيئي پکي جگر جي خون ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا ۽ گهڻا ته انهيءَ منزل تي ئي مري ويا، ڇاڪاڻ ته کين معلوم ٿي ويو ته هيءَ راهه طئي ڪرڻ سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. جيڪي بچيا تن انهيءَ رستي تي حيرانيءَ سان قدم رکيو ۽ ڪيئي سال ان جي هيٺاهين ۽ مٿاهين پار ڪرڻ ۾ پنهنجيون عمريون ئي ختم ڪري ڇڏيون. انهن کي انهيءَ رستي ۾ ڪئين مشڪلاتون پيش آيون، جن جي شرح گهڻو طويل آهي. پڇاريءَ ۾ پکين جي انهيءَ ولر مان ڪي ٿورڙا وڃي ان درٻار تائين رسيا. ڪي سفر ڪندي درياءَ ۾ ٻڏي مُئا، ڪي آفتاب جي گرميءَ کان جلي ڪباب ٿيا، ڪن کي رستي ۾ ڦاڙيندڙ جانورن کائي کپائي ڇڏيو، ڪي رُڃ ۽ اُڃ کان پريشان ۽ عاجز ٿي ڪري پيا. انهن مان ڪن ته چريائيءَ ۾ اچي آپگهات ڪيو ۽ ڪي ته سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پوئتي رهجي ويا، ۽ انهن ۾ گهڻا اهڙا به هئا جي رستي جي عجائبات کي ڏسي اتي ئي موهجي ۽ رڪجي ويا، ۽ طلب ترڪ ڪري عيش عشرت ۾ لڳي ويا. آخرڪار فقط ٽيهه پکي وڃي انهيءَ هنڌ پهتا، جن کي نه پر رهيا نه کنڀ، بيمار، ڪمزور، دل شڪسته، مرڻينگ حالت ۾ آيا. ڇا ڏسن ته هڪ اهڙي درٻار آهي جا هر وصف ۽ صفت، ادراڪ ۽ عقل کان بالاتر آهي، جتي استغنيٰ جي بجلي اهڙو ئي چمڪي جنهن هزارن جهانن کي هڪ پلڪ ۾ پئي ساڙيو. عجب ۾ پئجي ويا، جڏهن ڏٺائون ته هزارين سج، چنڊ ۽ تارا حيرت زده هڪ ذري مثل نچندا نظر اچن ٿا! اهڙي نظاري کي ڏسي هو چوڻ لڳا ته جڏهن هن درٻار اندر سج به هڪ معدوم ذري مانند آهي تڏهن اسين اتي ڪيئن ڏسڻ ۾ اينداسين! افسوس، اسان رستي جي ساري تڪليف اجايو سر تي کنئي. هيءَ ته اها شيءِ ئي ڪانهي جنهن جو اسان گمان ڪيو هو (يعني اها ساڳي شيءِ آهي جا اسين پاڻ آهيون ۽ نه ڪا غير). هتي ته هزارين آسمان به هڪ ذري مثل آهن، اسان هجون خواهه نه هجون، ان کي ڪهڙي پرواهه؟ جڏهن اهي سڀيئي پکي بيدل ۽ اڌ مُئا ٿي پيا تڏهن محو ٿي ويا، جنهن کي به ڪو زمانو گذري ويو.

 

هڪ معزز نقيب جو پهچڻ

آخرڪار انهيءَ عالي درٻار کان هڪڙو مانوارو نقيب آيو ۽ ٽيهن پکين کي نهايت پريشان حالي ۽ بدحواسيءَ ۾ ڏسي کانئن پڇڻ لڳو ته توهان جو نالو ڇا آهي، ڪهڙو شهر آهي، ۽ هن هنڌ ڪهڙي ڪم لاءِ ويٺا آهيو. سڀني جواب ڏنو ته اسين هتي انهيءَ ڪاڻ آيا آهيون ته سيمرغ اسان جو بادشاهه ٿئي، ڪنهن مدت کان وٺي اسين هن رستي تي هلندا رهيا آهيون، ۽ اسان مان ٻيا ته سڀ مري ويا ۽ باقي وڃي ٽيهه بچيا آهيون، ۽ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته اسان کي انهيءَ جي درٻار ۾ حضوري جو شرف حاصل ٿئي. اسان ته ائين سمجهون ٿا ته بادشاهه خود اسان جي رنج ۽ غم کي وڌيڪ وقت لاءِ پسند نه ڪندو ۽ مهرباني ۽ محبت جي نظر سان ڏسندو. هي ٻڌي، نقيب کين جواب ڏنو ته توهان هن جهان ۾ رهو يا نه رهو، هو هميشه لاءِ مطلق بادشاه آهي، هن کي ڪنهن جي پرواهه! اڙي حقير ۽ ذليل، توهان واپس موٽي وڃو! پکين غريبن جڏهن اهڙو سخت جواب ٻڌو تڏهن ڏاڍا نااُميد ٿيا ۽ انهي ئي مهل ڄڻڪ هميشه لاءِ مري ويا. چوڻ لڳا ته ههڙو وڏو بادشاه اسان کي کڻي خواري سان روانو به ڪري ته اها خواري نه بلڪ عزت آهي.

 

مجنونءَ جي ثابت قدميءَ جو قصو

هڪڙي دفعي، مجنونءَ چيو ته جيڪڏهن ساري دنيا کڻي هر گهڙيءَ منهنجي تعريف ڪري ته به مونکي اها قبول نه آهي. مون لاءِ ليليٰ جون گاريون ئي بس آهن. هن جي هڪ گار مون وٽ سون تعريفن کان پياري آهي ۽ انهيءَ جو نالو ٻنهي جهانن کان وڌيڪ سٺو. جيڪڏهن توکي معشوق جي پٿر تي ڪا چڙ لڳي ته اهو تولاءِ انهن موتين کان وڌيڪ سٺو آهي جي توکي ڪنهن غير کان ملن.

اي پيارا، منهنجو مذهب ته اجهو هيءَ آهي. جيڪڏهن محبوب خاطر خواري سهڻي ٿي پوي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه. ان کان پوءِ اهوسڙيل ٽولو چوڻ لڳو ته اسان جي دلين ۾ هن (معشوق) باهه لڳائي آهي. ڀلا، ڪڏهن پتنگ به باهه کان پري ٿيندو! ان جي حضوريءَ جو شرف ئي باهه ۾ ملي ٿو. جيڪڏهن اسان کي يار جو وصال نه ئي ميسر ٿئي ته به اسان جي خواهش اهائي آهي ۽ رهندي ته هو اسان کي جلائيندو رهي، ۽ جيڪڏهن هن تائين پهچڻ لاءِ ڪا راهه ئي نه آهي ته اسان کي به هيءَ راهه ڇڏي ڪا ٻي راهه وٺڻي ئي ڪانهي.

 

پکين جي پتنگن سان گفتگو

سڀني پکين پاڻ ۾ پتنگ جو قصو ڇيڙيو ۽ اچي ان کان پڇڻ لڳا ته جڏهن شمع جو وصال تون نه ٿو ماڻي سگهين، تڏهن پوءِ جان اجايو ڇو ٿو ضايع ڪرين؟ هن ڳالهه تي پتنگ نه فقط رنج ٿيو پر مست به ۽ فوراً جواب ڏنائين ته مان هن تائين نه رسان ته هن جي هميشه پڇا ڪندو رهان.

اهي جي ان جي عشق ۾ سچا مرد ٿي آيا سي ته ساروئي درد سان ڀرجي آيا؛ پوءِ اگرچ کڻي محبوب وٽ استغنيٰ حد کان زياده آهي ته ان جي مهربانيءَ جو به ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.

هن نيٺ اچي دروازو کولي سوين پردا پري ڪيا ۽ جڏهن پردا هٽي ويا تڏهن نور ئي نور وڃي رهيو. انهيءَ پوءِ ڪمال مهربانيءَ سان کين پنهنجي قريب عزت ۽ مان سان ويهاري. بعد ۾ انهن جي اڳيان هڪ چٺي رکي کين پڙهڻ لاءِ چيو. انهيءَ قوم جي ان چٺيءَ جو مضمون مثال جي طور هن پريشان حال کان ئي معلوم ٿي سگهي ٿو.

 

ڀائرن جو يوسف کي وڪرو ڪرڻ ۽ بعد ۾ پشيمان ٿيڻ

 

يوسف، جنهن جي حسن کان خود چمڪندڙ تارن سپند سوزي پئي ڪئي، تنهن کي سندس ڏهه ڀائر ڪنهن طريقي وڪڻڻ لڳا. مصر جي مالڪ جڏهن ان کي انهن کان خريد ڪيو، تڏهن کانئن وڪري جي چٺي به لکارائي ورتي. وري جڏهن عزيز مصر يوسف کي ان کان خريد ڪيو تڏهن اها خريداري جي رسيد به کانئس حاصل ڪئي. آخر جنهن وقت يوسف بادشاه ٿيو تنهن وقت قحط ماريل سندس ڏهه ئي ڀائر سندس خدمت ۾ آيا، ليڪن ان کي سڃاڻي نه سگهيا (ڇالاءِ جو يوسف جي منهن تي اڪثر نقاب رهندو هو). حضرت يوسف انهن کي چيو ته مون وٽ عبراني زبان ۾ هڪڙو خط آهي سو جيڪڏهن اوهان مان ڪو پڙهي ڏئي ته مان ان کي گهڻو سون ڏيندس، ۽ ڇاڪاڻ ته هو سڀئي عبراني ڄاڻندا هئا تنهن ڪري کانئس خط وٺي جڏهن منجهس نهاريائيون تڏهن ڏڪڻي وٺي وين، نه ان کي پڙهي ئي ٿي سگهيا ۽ نه ان متعلق ڪجهه چئي ٿي سگهيا. غم ۽ ارمان ۾ پئجي ويا ۽ زبان بيهي وين. جڏهن حضرت يوسف ان حيرانيءَ جو کانئن سبب پڇيو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان جي سرن جو ڪٽجي وڃڻ هن خط پڙهڻ کان اسان لاءِ صدبار بهتر آهي.

جنهن يوسف کي اهڙي لاپرواهي ۽ بيتوجهيءَ سان وڪڻي ڇڏيو، تنهن واقعي يوسف جي جان کي خواريءَ ۾ جلايو. اڙي ناڪس فقير! تون هي سمجهين نٿو ته هر گهڙي هڪڙي يوسف کي وڪڻي رهيو آهين، جڏهن تنهنجو بادشاه خود يوسف هوندو تڏهن تون ان وٽ هڪ ڏينهن اُڃيو، بُکيو، ننگو ۽ پينو ٿي ايندين.

جڏهن انهن ٽيهن پکين ان سبق سيکاريندڙ خط جي مضمون کي ڏٺو تڏهن ان ۾ پنهنجن سمورن اعمالن کي منجهس ذري پرزي لکيل ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيا ته هاءِ افسوس، اسان يوسف جهڙي بادشاه کي هٿ وٺي فراموش ڪري ڇڏيو. (وڃائي ويٺاسون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org