هڪڙي قبر
کوٽيندڙ جي آکاڻي
هڪڙي شخص، هڪ وڏي عمر واري قبر کوٽيندڙ کان پڇيو
ته يار! تون هيترا سارا سال قبرون کوٽيندو رهيو
آهين، ٻڌاءِ ته سهي ته زمين اندر ڪي (ڪهڙيون) عجيب
شيون ڏٺئه؟ جواب ڏنائين ته جنهن ڳالهه مون کي
زياده تعجب ۾ وڌو سا هيءَ هئي جو ڏٺم ته منهنجي
نفس جو ڪتو، پورا ستر سال قبرون کوٽيندو رهيو،
ليڪن هڪڙي گهڙي به پنهنجي سرڪشيءَ کان باز نه آيو
۽ ڪڏهن به منهنجو چيو نه مڃيائين.
نفس جو بيان
هڪ رات عباسه، پنهنجي حاضر جماعت کي چيو ته جيڪڏهن
هي سارو جهان ڪافرن سان ڀرجي وڃي ۽ پوءِ اهي سڀيئي
کڻي سچائيءَ سان ايمان قبول ڪن ته اهو ٿي سگهيو
ٿي، ليڪن هڪ لک ۽ ويهه هزار نبي سڳورا انهيءَ لاءِ
آيا ته جيئن هي ڪافر نفس ڪا گهڙي مسلمان ٿئي يا
مري نيست ٿئي، مگر هو ائين ڪري نه سگهيا. هڪ طرح
کان اهو مناسب به هو ڇالاءِ جو انهيءَ سببان (جو
ڪي ان جو گهٽ چيوڪن ٿا ته ڪي وڌ) ته ماڻهن ۾ ايترو
فرق پيدا ٿيو آهي. اسان سڀيئي هن ڪميڻي جي حڪم هيٺ
آهيون. ليڪن سمجهون ائين ٿا ته ڪي وڏا نيڪوڪار
آهيون ۽ ان کي پنهنجي اندر ۾ پيا پاليون. هو اهڙو
ته نافرمان ۽ احساس فراموش آهي جنهن کي ڪهڻ واقعي
ڪو آسان ڪم ڪونهي.
دل، هن بدن جي گهوڙي جي شهسوار آهي جنهن سان رات
ڏينهن هي نفس جو ڪتو ساڻ رهي ٿو. سوار (دل) پنهنجي
شڪار کي پڪڙڻ لاءِ گهوڙي (بدن) کي ڪيترو به
ڊوڙائي، مگر هي ڪميڻو ان سان ٻٽ ڊوڙندو هلي ٿو ۽
جو ڪجهه دل پنهنجي محبوب کان حاصل ڪري، تنهن کان
سوايو حصو هيءُ خبيث ان کان ڇڪي وٺي ٿو، جنهن شخص
هن ڪميڻي کي همت سان ٻڌي سوگهو ڪيو تنهن گويا ٻنهي
جهانن ۾ شينهن کي ڦاسايو ۽ ان جي مٽي شهيدن جي خون
کان به وڌيڪ وزن رکي ٿو.
هڪ گودڙئي جي آکاڻي
هڪڙو گودڙيو، جيئن پنهنجي راهه ورتيون پئي ويو
تيئن رستي ۾ هڪ بادشاهه ڏسي ورتس. پچيائينس ته خبر
ڏي ته، تون گودڙيو بهتر آهين يا مان بادشاه؟
گودڙئي وراڻي ڏني ته، اي بادشاه! خودثنائي ناداني
آهي، ليڪن سوال جو جواب ڏيڻ واجب آهي. مون جهڙو،
سچ پچ ته جهڙن لکن کان ڀلو آهي؛ ۽ ان جو سبب هيءُ
آهي ته تو دين جو ذائقو ئي نه ڇکيو آهي ۽ تنهنجي
نفس توکي گڏهه بنائي توتي سوار ٿي ويو آهي. جيڪو
به حڪم ڪري ٿو، تنهن کي تون سواءِ چون چراءِ جي
بجاءِ لائين ٿو؛ ليڪن منهنجو معاملو ئي ڪجهه نرالو
آهي. مون جڏهن دل جي راز کي پروڙي ورتو تڏهن هن
نفس جي ڪتي کي پنهنجو گڏهه بنائي مٿس سوار ٿي ويس.
هاڻي جڏهن منهنجو گڏهه توتي سواري ڪري ٿو تڏهن مون
جهڙو تو جهڙن لکن کان بهتر آهي.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو شيطان جي رهزنيءَ بابت سوال
ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو پکي آيو ۽ اچي سوال ڪرڻ لڳو
ته، جڏهن به مون کي حضور قلبي حاصل ٿئي ٿي تڏهن هي
ڌوڪيباز شيطان مونکي گمراهه ڪري ٿو ۽ منهنجي حضور
قلبيءَ ۾ خلل وجهي ٿو. مان جڏهن ان رهزن جو مقابلو
ڪري نٿو سگهان تڏهن ان جي غداريءَ ۽ ڌوڪيبازيءَ
سبب منهنجي دل گهڻو پريشان ٿئي ٿي. هاڻي هن ڪميڻي
کان ڇوٽڪاري جو ڪو رستو ٻڌائينم ته جيئن حقيقي
زندگي ماڻي سگهان.
هدهد جو جواب
اڙي يار! جيستائين نفس جو هي ڪتو تنهنجي اڳيان
آهي، تيستائين ته شيطان به تنهنجو پاسو نه وٺندو.
شيطان جو دوکو تنهنجي خود فريبيءَ جو نتيجو آهي،
ڇالاءِ جو تنهنجي هڪ هڪ آرزو گويا هڪ شيطان آهي.
اڃا تون هڪڙي آرزو مس پوري ڪرين ٿو ته تو ۾ سوين
شيطان اچي وڃن ٿا. هي دنيا هڪڙو قيدخانو آهي ۽
ساري جي ساري شيطان جي جاگير آهي. تون انهيءَ جي
جاگير کان هٿ کڻي ڇڏ ته جيئن ان جو توسان ڪوبه
واسطو نه رهي. چڱو هي ٻه چار ڳالهيون ٻڌي ڇڏ:
هڪڙي شخص
جي شيطان خلاف شڪايت
هڪڙي ماڻهو، ڪشف جي صاحب وٽ وڃي، شيطان جي گهڻي
شڪايت ڪئي ۽ چيائين ته: شيطان منهنجي راهه روڪيو
ويٺو آهي ۽ چالاڪيءَ سان منهنجي دين کي تباهه ڪري
رهيو آهي. ان بزرگ جواب ڏنس ته توکان ٿورو اڳ
شيطان هتي تنهنجي خلاف شڪايت کڻي آيو ۽ اچي چيائين
ته، دنيا ساري منهنجي جاگير آهي، دنيا جو دشمن
منهنجو دوست ٿي ئي نٿو سگهي ۽ تون منهنجي طرفان هن
ڳهيلي کي چئو ته، هو دنيا کان هٿ ڌوئي سلوڪ جي
راهه وٺي. مان واقعي ان شخص جي دين تي سخت حملو
ڪريان ٿو جو منهنجي جاگير (دنيا) تي قبضو ڪرڻ گهري
ٿو. باقي اهو جو پوري طرح سان منهنجي جاگير کان
ٻاهر رهيو ته پوءِ منهنجو به ان سان ڪو غرض ڪونهي.
هڪڙي
شخص جو مالڪ دينار کان سوال
هڪڙي شخص، مالڪ دينار کي چيو ته، اي جناب عالي!
مون کي پنهنجي حال جي ڪا خبر ڪانهي، تون پنهنجي
حال جي ڪا خبر ڪر. ان جواب ڏنس ته، مان رزق خدا
تعاليٰ جو کان ٿو ۽ مزن ۾ آهيان ۽ شيطان جي هر حڪم
جي تابعداري ڪريان ٿو. هي ٻڌي، ان شخص چيس ته
شيطان توکي اهڙو گمراهه ڪيو آهي جو تو وٽ هينئر ڪو
بچاءُ ئي نه رهيو آهي. تنهنجي مسلماني محض زباني
آهي ۽ تون دنيا جي عشق ۾ گرفتار آهين ۽ تون واقعي
(انهيءَ ڪري) هڪڙو مردار آهين. مون جيتوڻيڪ توکي
پهريائين دنيا کي قربان ڪرڻ لاءِ چيو هو ليڪن هن
وقت ان کي مضبوطيءَ سان جهلڻ جي توکي اجازت آهي.
جڏهن تو هر دولت دنيا کي ڏيئي ڇڏي تڏهن هاڻي ڪٿي
ٿو آسانيءَ سان ان کان جان ڇڏائي سگهين. تون لالچ
جي سمنڊ ۾ ٻڏو پيو آهين ۽ هي به نٿو ڄاڻين ته آخر
ڪهڙي سبب کان تون هر نيڪيءَ کان پوئتي رهين ٿو. هڪ
طرف ٻئي جهان ماتمي لباس ۾ ملبوس ڳوڙها ڳاڙهي رهيا
آهن ۽ ٻئي طرف تون گناهن ۾ غرق! دنيا جي محبت
تنهنجي ايماني ذوق کي کائي ويئي ۽ آرزو ۽ لالچ
تنهنجي جان کي ختم ڪري ڇڏيو.
دنيا، لالچ ۽ حرص جو گهر ۽ فرعون ۽ نمرود جي ڇڏيل
يادگار آهي. ڪڏهن قارون مري ان کي ڇڏيو ته ڪڏهن
شداد ان کي مضبوطيءَ سان روڪي رکيو. جڏهن الله
تعاليٰ انهيءَ (دنيا) جو نالوئي ”لاشيء“ رکيو آهي
تڏهن آخر ڪيتري تائين تون انهيءَ ”لاشيء“ (ڪميڻي)
دنيا جي عسق ۾ پاڻ کي گرفتار رکيو ايندين؟ دنيا هڪ
ڀڙڪندڙ باهه آهي، تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ ڪو اهڙو
مرتبو حاصل ڪر جو هوءَ توکي جلائي نه سگهي.
حضرت
عسيٰ عليہ السلام جو خواب
هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، اڌ سر مٿي
هيٺان رکيو سمجهيو پيو هو. جڏهن خواب مان بيدار
ٿيو تڏهن شيطان کي سامهون بيٺل ڏسي ان جو کانئس
سبب پڇيو. شيطان ملعون جواب ڏنس ته، تو منهنجي اڌ
سر پنهنجي مٿي هيٺان رکي آهي. جڏهن ساري دنيا
منهنجي جاگير آهي تڏهن هيءُ سِر به منهنجي ملڪيت
آهي. تون منهنجي ملڪيت ۾ تصرف ڪري گويا پاڻ کي
منهنجي ڏور ۾ ٻڌي رهيو آهين. هي ٻڌي حضرت عيسيٰ،
انهيءَ سر کي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو، جنهن تي شيطان کيس
چيو ته، هاڻ مان تو وٽان وڃان ٿو، تون ڀلي آرام
سان ننڊ ڪر.
نماز ۾ هڪ ديواني جي خواجه سان گفتگو
هڪڙو خواجه، نماز ۾ خدا تعاليٰ کان رحمت ۽
ڪارسازيءَ جي دعا گهري رهيو هو. سندس هيءَ دعا
هڪڙي ديواني ٻڌي ورتي، جنهن مذاق طور چيو ته،
هائو، انهيءَ جي طرفان رحمت جلد ٿيندي. تون پنهنجي
ٺانءِ ڦونءِ کان جهان ۾ ماپين ئي نٿو ۽ هر گهڙي
وڏائي ۽ آڪڙ سان ٽلي هلين ٿو. وڏيون وڏيون عمارتون
بنائي کين هر ساز ۽ سامان سان سينگاري رکيو اٿئي،
جتي غلام ۽ ٻانهيون هر وقت خدمت لاءِ حاضر آهن!
ڀلا ڪڏهن اتي به رحمت وسي سگهي ٿي؟ ڪجهه پاڻ ڏي به
نهار ۽ شرم ڌار ته آخر، هيتري ساري سامان رکندي
تون رحمت جي ڪيئن اميد رکي سگهين ٿو؟ تون سڀني شين
کان منهن موڙ ۽ سچو پچو مرد مجاهد ٿي.
هڪڙي
ٻئي پکيءَ جو زر بابت سوال
هڪڙي پکي هدهد کي چيو ته مون کي زر سان پيار آهي ۽
پيار به اهڙو جو منهنجي هرهڪ رڳ ۾ رچي ويو آهي.
جيستائين زر کي نٿو ڏسان تيستائين آرام سان نٿو
ويهان. دنيا ۽ مال جي پيار واقعي مون کي انڌو ڪري
ڇڏيو آهي، هاڻي مهرباني ڪري ڪا ڇوٽڪاري جي تجويز
ٻڌائينم.
هدهد جو جواب
هدهد جواب ۾ چيس ته تون محض صورت تي حيران ۽ اصل
حقيقت کان بنهه غير واقف آهين. مطلب ته تون ڪئليءَ
وانگر صورت جو قيدي ۽ ماڳهين انڌو آهين. سون به
حقيقت ۾ هڪ رنگ ۾ بدليل پٿر آهي ۽ نه ڪا ٻيءَ
شيءِ، مگر تون ٻارڙن جي طرح رنگ جي چريو ٿيو پيو
آهين.اها زر (سون) خدا تعاليٰ جي ياد کان هٽائي سا
سچ پچ هڪ بت آهي جنهن کي تون ڀڃي ڀور ڪري ڇڏ.
جيڪڏهن تون کڻي زر ذرو ڪنهن غريب کي ڏين به ٿو ته
يا ته ڏيڻ جي رنج ۾ پنهنجو خون پين ٿو يا ٿوري
ڄمائڻ ۽ تنگ ڪرڻ (جهڻڪڻ) سان انهيءَ غريب جو؛ ۽ ان
ذري ڏيڻ خاطر به تون جنيد جهڙن بزرگن جي تلاش ڪرين
ٿو (ڄڻڪ صدقو ۽ خيرات آهن ئي نهايت پرهيزگار ۽
نيڪوڪارن لاءِ).
هاڻي تون هن حقيقت کي ڌيان ڏيئي ٻڌ ته جيترو
تنهنجو هن دنيا سان تعلق زياده هوندو تيترو دوزخ
جي باهه ۾ تولاءِ تيزي هوندي. تون دين ۽ دنيا ٻئي
(ڪٺا) چاهين ٿو، هاڻي هيءُ ڪڏهن به ٿي نه سگهندو.
جو ڪجهه تو وٽ آهي تنهن کي الله تعاليٰ ڪارڻ خرچي
ڇڏ، سواءِ خرچڻ جي نيڪي ڪڏهن به حاصل ڪري ڪونه
سگهندين. جڏهن جان کي ئي هڪ ڏينهن ڇڏڻو آهي تڏهن
ٻين شين کي ان جي هوندي ڇو ته ڇڏڻ گهرجي! هاڻي مان
توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو ۽ اُميد اٿم ته تون
انهن مان سبق پرائيندين.
هڪڙي نئين
مريد جي ڪهاڻي
هڪڙي نئين مريد وٽ ڪجهه سون جو ذرو هو جنهن کي هن
پنهنجي مرشد کان لڪائي رکيو هو. مرشد کان هيءَ
ڳالهه ڪا مخفي ڪانه هئي مگر هن اک ٻوٽ کان ڪم
ورتو. هڪڙي دفعي جڏهن پير ۽ مريد ٻئي سفر ۾ وڃي
رهيا هئا ته سندن آڏو هڪڙي اونداه وادي پيش آئي
جنهن مان ٻه رستا ڦٽي ٿي نڪتا. مريد جنهن کي زر
ساڻ هئي سو البت گهٻرائن لڳو ۽ مرشد کان پڇڻ لڳو
ته هاڻي جڏهن ٻه واٽون ظاهر ٿيون آهن تڏهن اسان
انهن مان ڪهڙي اختيار ڪريون؟ مرشد جواب ڏنس ته تو
وٽ جيڪا زر آهي سا اُڇلائي ڇڏ، پوءِ جيڪا راهه به
وٺندين سا سڌي هوندي. ڇا توکي اها خبر ڪانهي ته
ننگي ۽ سڃي کان رهزن به ڀڄي پري ٿيندو آهي. ها،
باقي جنهن وٽ زر آهي تنهن کان ته الله ڏئي پناهه،
ان کان ته شيطان به وئون پيو وڃي.
هڪڙي بزرگ
جي خواب جي ڪهاڻي
هڪڙي بزرگ ننڊ ۾ ڏٺو ته هو چنڊ جيان روشن جيئن هڪ
رستي تي وڃي رهيو آهي تيئن هڪ فرشتو سندس اڳيان
اچي کانئس ارادي بابت پڇيو. ان کي جواب ۾ چيائين
ته مان خدا تعاليٰ جي درٻار ڏانهن وڃڻ جو ارادو
رکان ٿو. هي ٻڌي ان فرشتي چيس ته ميان شرم ڌار،
تون هيترو سارو سامان، هيتري ساري ملڪيت ۽ پنهنجي
ڪاروبار سان هيترو سارو پيار رکين ٿو ۽ ان سان گڏ
ان درٻار جي خواهش ۽ الله تعاليٰ جو قرب به چاهين
ٿو. اهي ٻئي شيون هڪ ئي وقت حاصل ٿي ڪونه
سگهنديون، ويچارو درويش هي ٻڌي غم ۾ ئي ڳري ويو ۽
جو ڪجهه وٽس هو سو سڀ خدا تعاليٰ جي نالي ۾ ڏيئي
ڇڏيائين. ٻيءَ رات به اهو ساڳيوئي واقعو نظر آيس ۽
فرشتو اچي چوڻ لڳس ته تون هن گودڙيءَ سان ان
درگاهه تائين هرگز پهچي نٿو سگهين؛ هن کان به هٿ
کڻ ۽ منافقت ڇڏي ڏي. ويچاري هي ٻڌي ان پراڻي
گودڙيءَ کي به باهه ڏيئي ساري ڇڏيو. وري ٽينءَ رات
خواب ۾ ڏٺائين ته اهو فرشتو کيس چئي رهيو آهي ته
اي پاڪباز تو وٽ جو ڪجهه هو سو تو سڀ خرچ ڪري ڇڏيو
هاڻي تون اڳتي وڃڻ جي تڪليف نه ڪر، خدا تعاليٰ تو
وٽ پاڻهي ئي ايندو.
اڙي انسان! جيڪڏهن رسول اڪرم صلعم جي طرح توکي
فقريءَ تي فخر نه آهي ته مشرڪ آهين ۽ صحيح راهه دز
جان نثاري، ذلت ۽ غربت، جڏهن تون هي چارئي منزلون
طئي ڪندين تڏهن توکي الله تعاليٰ جو قرب نصيب
ٿيندو.
حضرت عيسيٰ جو هڪڙي سمهيل کي غار ۾ ڏسڻ
هڪڙي دفعي حضرت عيسيٰ عليه السلام، هلندي اچي هڪ
غار ۾ پهتو، جتي هڪڙي مرد کي سُتل ڏسي چيائين ته
اڙي دنيا کان غافل، اٿي کڙو ٿي ۽ ڪو ڪم ڪر ته جيئن
آخرت لاءِ ڪو توشو ٿئي. ان جواب ڏنس ته، مون ٻنهي
جهانن جو ڪم پورو ڪري پاڻ لاءِ هڪ لافاني ملڪ حاصل
ڪري ورتو آهي. هن دنيا کي ڇڏي مون کي ڪي ڏينهن ٿيا
۽ اها منهنجي نظر ۾ هڪ ڪک پن مثل آهي. مان ان کان
پوريءَ طرح فارغ ٿي چڪو آهيان. حضرت عيسيٰ هيءَ
گفتگو ٻڌي کيس چيو ته هاڻي جيڪي وڻيئي سو وڃي ڪر؛
توکي اها مبارڪ هجي.
بصري
جي شيخ جو بيبي رابعه وٽ وڃڻ
هڪڙي ڏينهن شيخ بصره، رابعه وٽ وڃي کيس عرض ڪيو ته
مان مڃان ٿو ته تون عشق ۾ واقعي پختي ۽ مضبوط
آهين. هاڻي تون مون کي ڪو اهڙو نڪتو ٻڌاءِ جو نه
ته ڪنهن کان ٻڌو هجي ۽ نه وري ڪنهن کي ٻڌايو ئي
هجي، مگر اهو جو توکي پنهنجي دل مان معلوم ٿيو هجي
ته جيئن شوق کان منهنجي جان ويندي رهي. رابعه کيس
ٻڌايو ته، مان رسين جا ڪجهه ٽڪرا ميڙي، بازار ۾
وڪرو ڪري ٻه روپيا حاصل ڪيا؛ هڪڙي کي هڪڙي هٿ ۾
ورتم ۽ ٻئي کي ٻئي ۾، ڇا لاءِ جو ڊپ ٿيم ته جيڪڏهن
ٻئي ملي جوڙو ٿيا ته مون کان لڪي نه سگهندا ۽
منهنجا رهزن بڻجي ويندا. دنيا جو اهوئي دستور رهيو
آهي. دنيادار پيسي خاطر سوين ڪشالا ڪڍي ٿو ۽ ان کي
هٿ ڪرڻ لاءِ ڪئين قسم جا ڄار وڇائي ٿو، ۽ جڏهن
ڪجهه حاصل ڪري ٿو تڌهن ان بعد جلدئي مري وڃي ٿو ۽
هي معاملو اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿو.
اڙي، تو جنهن زر جي عوض سيمرغ جهڙي بادشاه کي وڪڻي
ڇڏيو آهي ۽ ان (زر) جي عشق ۾ پاڻ کي شمع جيان
جلائي ڇڏيو آهي. توکي حيف آهي، ۽ تنهنجي حال تي صد
افسوس! سيمرغ جي راه ۾ نه زر لاءِ ڪا جاءِ آهي، ۽
نه خوف ۽ خطري لاءِ ڪا گنجائش. جيڪڏهن ڪنهن کي ذرو
به محبت ۽ جذبو نه آهي ته اهو هن راهه ۾ هرگز قدم
رکي نه سگهندو.
هڪڙي عابد جي ڪهاڻي جنهن هڪ پکيءَ
جي آواز سان لؤن لڳائي هئي
هڪڙي سعادتمند عابد، دنيا (وارن) کان علحدگي
اختيار ڪئي هئي ۽ پنهنجي پروردگار سان لڪي ڳالهيون
ڪندو هو. مطلب ته هو وڏو پهتل ۽ خدا رسيده بندو
هو. سندس باغ اندر هڪ وڻ ۾، هڪڙي دفعي هڪڙي پکي
اچي آکيرو بنايو. سندس آواز اهڙو ته مٺو ۽ موهيندڙ
هو جو هن جي ان سان دل لڳي ويئي. الله تعاليٰ
انهيءَ وقت جي پيغمبر ڏانهن وحي موڪليو ته، توهان
هن شخص کي وڃي چئو ته آخر هيءَ ڪيتري نه تعجب جي
ڳالهه آهي، جو تون سارو وقت مون لاءِ عبادت ڪندو ۽
منهنجي شوق ۾ جلندو رهئين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ مون کي
هڪڙي پکيءَ جي عوض وڪڻي ڇڏي؟ مون توکي خريد ڪيو ۽
سيکاريو، ليڪن تو نالائقي ڪري مون کي وڪڻي ڇڏيو.
تون، اسان کي اهڙو سستو نه وڪڻ، اسان باوجود
تنهنجي بيوفائيءَ جي هميشه توسان گڏ آهيون، تنهن
ڪري تون به اسان کان جدا نه ٿيءُ.
هڪڙي ٻئي پکيءَ
جو سوال
ٻيلي هدهد! هاڻي منهنجي سوال جو به ته جواب ڏي.
مان هڪ عاليشان ۽ سونهري رنگ محل ۾ رهان ٿو، گويا
هڪ ملڪ جي بادشاهيءَ ۾ آهيان، ڀلا، ان کان دل ڪيئن
ٿو کڻي سگهان؟ بلند محل اندر سڀني پکين جو سردار
بڻيو ويٺو آهيان، تنهنڪري ڇو هن سيمرغ ڏانهن ويندڙ
واديءَ جون تڪليفون سر تي کڻان. آخر هيءَ ڪهڙي
عقلمندي آهي جو ههڙو آرام جهڙو باغ ڇڏي، ڪو وڃي
سفر جي مصيبتن ۾ پوي.
هدهد
جو جواب
اڙي ڪمزور ۽ بي همت، تون ڪو ڪتو ته نه آهين جو ڪن
جي ڍير (خاڪدان) تي پيو رهين. هيءُ ساري ڪميڻي
دنيا، ڪن ڪچري جو ڍير آهي، هاڻي تون ئي کڻي ان
اندر پنهنجي محل جو اندازو لڳاءِ؟ ها، جيڪڏهن
تنهنجو محل واقعي بهشت آهي ته پوءِ هي ياد رکي ڇڏ،
ته اهو توکي سواءِ تڪليفن برداشت ڪرڻ جي ڪڏهن به
حاصل ٿي نه سگهندو. انهيءَ لاءِ مان توکي ٻه چار
ڳالهيون ٻڌايان ٿو:
هڪڙي بادشاهه جو
محل بنائڻ ۽
زاهد جو منجهانئس عيب ڪڍڻ
ڪنهن سمي جي ڳالهه آهي ته هڪڙي بادشاهه هڪڙو
سونهري محل بنايو، جنهن تي هن ڪئين هزار خرچ ڪيا.
جڏهن پوريءَ طرح سان تيار ٿي ۽ سينگارجي ويو، تڏهن
ڏاهن ۽ همنشينن کي گهرائي کانئن پڇيو ته، ڇا هن
محل جي حسن ۽ ڪمال ۾ اڃا ڪا ڪسر باقي آهي؟ سڀيئي
چوڻ لڳا ته، اهڙو عاليشان محل نه ڪنهن ڏٺو ۽ نه
ٻڌو. هڪڙو زاهد جو اتي ويٺو هو سو اٿي چوڻ لڳو ته
ان ۾ هڪڙو وڏو نقص اڃا باقي آهي ۽ اهو آهي عزرائيل
جي طرف کان کيس خطرو. هاڻي هي محل جيتوڻيڪ بهشت
وانگر سرسبز ۽ شاداب آهي، مگر موت جي چنبي کان
هيءَ به بچي ڪونه سگهندو ۽ هڪ ڏينهن مٽجي برباد ٿي
ويندو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته هيءَ دنيا چئن ڏينهن
جي ٽڪڻ جي جاءِ آهي، ليڪن اها هميشه قائم رهي نٿي
سگهي، ۽ انهيءَ جو ته ڪو علاج ئي ڪونهي.
اي انسان! تون پنهنجي محل ماڙين تي ايترو ناز نه
ڪر ۽ جيڪڏهن تنهنجي عظمت ۽ جاه سبب ڪو تنهنجو عيب
توکي ٻڌائي نه سگهي ته پوءِ توتي افسوس آهي (تون
سدائين اهڙي روش ۾ رهه جو ماڻهو تنهنجا عيب توکي
سواءِ ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي ٻڌائي سگهن).
ڪوريئڙي جي ڳالهه
هيءُ ته سڀ ڪنهن ڏٺو هوندو ته، ڪوريئڙو پنهنجو
سارو وقت سوداءُ پچائيندو رهي ٿو ۽ آخر پنهنجو گهر
وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ٺاهي ٿو. هوس جو ماريل، مکيءَ ڦاسائڻ
لاءِ هڪ عجيب ڄار بنائي ٿو؛ ۽ جڏهن ڪا مک سندس ڄار
۾ ڦاسي ٿي تڏهن هو ان غريب جو رت چوسي کيس کوکلو
بنائي ڇڏي ٿو؛ مگر ڏسو قدرت جا رنگ جو ڪنهن وقت
گهر جو مالڪ اوچتو ئي اوچتو لٺ هٿ ۾ کڻي انهيءَ
ڄار کي ڪيرائي ڪالعدم ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري
دنيا ۾ جنهن به توشو جمع ڪيو تنهن جو مثال ان ڄار
۾ ڦاٿل مک وانگر آهي.
اڙي انسان! جيڪڏهن ساري دنيا به کڻي تنهنجي قبضي ۾
اچي وڃي ته به اک ڇنڀ ۾ اها فنا ٿي وڃي ٿي. ڀلا
قضا ۽ قدر جن چيتي جي کل به لاهي ورتي سي توکي
سلامت ڪٿي ڇڏيندا؟ سچ پچ هي محل ۽ باغ تولاءِ هڪ
قيدخانو آهن ۽ آخر ڪيترو وقت تون انهن سان دل لايو
ايندين تون همت جوسندرو ٻڌي الله تعاليٰ جي درٻار
ڏانهن قدم وڌاءِ، پوءِ جڏهن تون ان درگاهه تائين
پهچي وئين تڏهن توکي اهو مانُ ملندو جو هن جهان ۾
ڦوليو نه سمائبين.
هڪڙي ڏکويل دل واري
۽ درويش جي ملاقات
هڪڙي دفعي هڪڙو ڏکويل دل وارو، جيئن هڪ بيابان
ڏانهن تڪڙو وڃي رهيو هو تيئن اچي هڪڙي درويش وٽ
پهتو ۽ کانئس پڇيائين ته، تنهنجو هن بيابان ۾ ڪيئن
ٿو گذارو ٿئي؟ ان جواب ڏنس ته مان ته هڪ تنگ
گهٽيءَ ۾ پيو آهيان ۽ هن وقت هي جهان منهنجي لاءِ
ڏاڍو تنگ آهي. هي ٻڌي اهو شخص عجب ۾ پئجي، کيس وري
چوڻ لڳو ته، جو ڪجهه تون چئي رهيو آهين سو صحيح نه
آهي. ههڙو وسيع بيابان ڪيئن هڪ سوڙهي گهٽي آهي؟
جواب ۾ چيائين ته، جيڪڏهن هتي تنگي نه هجي ها ته
تون به مون وٽ ڪونه اچين ها.
اي بندا، ماڻهو هن دنيا ۾ توکي ڪيترائي سٺا وعدا
ڏين ٿا، ليڪن حقيقت ۾ هو توکي دوزخ جي راهه ڏسين
ٿا. تنهنجي رستي ۾ هيءَ دنيا هڪ باهه آهي، جنهن
کان ڀڄي پاسو ڪر. تون جيڪڏهن تجربيڪار آهين ته سڀ
کان فارغ ٿي الله تعاليٰ جي راهه ۾ جان کي قربان
ڪر. آخر، هن دنيا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ مان توکي ڪيترو
سمجهائيندو رهندس؟
هڪڙو بيقرار شخص،
جو جنازي جي
پٺيان وڃي رهيو هو
هڪڙي بيوقوف جي ڳالهه ڪندا آهن ته، جڏهن هن جو پٽ
مري ويو تڏهن صبر ۽ آرام سڀ وڃائي ويٺو. ان جي
جنازي پٺيان زار زار رئندو ۽ چوندو ٿي هليو ته اي
منهنجا پٽ! تون ائين ئي هليو وئين؛ تو ته اڃا دنيا
ئي ڪانه ڏٺي هئي ( نه ماڻيو ۽ نه چوڙيو)؛ هڪڙو
ديوانو، هي حال ڏسي کيس چوڻ لڳو ته ميان اهڙا
واقعا اڳ ۾ ڪيترائي ٿي چڪا آهن. تون ڀلا هن جهان
جو ڪيتري تائين نظارو ڪندو رهندين؟ هڪڙي ڏينهن
مرڻو ضرور آهي. تون جيستائين هي خبيث نفس کان پاڻ
خالي نه ڪندين تيستائين تنهنجي نفيس جان پليدي ۽
نجاست ۾ ئي لت پت (گم) رهندي.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو مجازي عشق متعلق سوال
ان کان پوءِ، هڪڙو پکي اٿي هدهد کي چوڻ لڳو ته مون
کي ته هڪ محبوب جي عشق جي چوٽ لڳي ويئي آهي ۽ ان
مون کي خوب جڪڙي قيد ڪري رکيو آهي. انهيءَ جي غلبي
سبب نه مون کي ڪو هوش آهي ۽ نه طاقت. انهيءَ جي
منهن مبارڪ جو خيال منهنجي دل تي ڌاڙو هڻندو، کيس
لٽيندو ۽ منجهس باه جا مچ ٻاريندو رهي ٿو. مون کي
ان کان سواءِ گهڙي پلڪ به آرام ڪونهي، ۽ جيڪڏهن سچ
پڇين ته ان بغير صبر ڪرڻ مون لاءِ حرام ۽ ڪفر آهي.
هاڻي جڏهن منهنجو حال هيءُ آهي تڏهن مان ڪيئن ٿو
سيمرغ جي سفر تي هلي سگهان؟ انهيءَ سفر ۾ ته ڪئين
مشڪلاتون ۽ بلائون آهن ۽ مان انهن کي ڪٿي ٿو منهن
ڏئي سگهان؟ منهنجو درد هينئر لاعلاج آهي، مان ان
چوڏهين جي چنڊ کان سواءِ، هڪڙو لحظو به نه ٿو جالي
سگهان. منهنجي حالت ته اجها هيءَ آهي، هاڻي تون
ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟
هدهد جو جواب
منهنجا دوست، تون ته صورت جي عشق ۾ گرفتار آهين ۽
هن قسم جو عشق غير حقيقي آهي. صورت جو هي مال ته
جلدي وڃڻ وارو آهي ۽ ان تي عاشق ٿيڻ سراسر نقصان ۽
ناداني آهي. ڀلا تون ئي کڻي انصاف ڪري ڏس ته، اهو
جنهن جوحسن غلط ۽ خون مان جڙيو آهي سو به ڪڏهن
خوبصورت ٿي سگهي ٿو! معرفت جو عشق شي ئي ٻي آهي؛ ۽
اهوغيب ۾ آهي، تنهن ڪري تون غيب جي ڳولا ڪر ۽ ظاهر
کي ڇڏي ڏي. صورت جو عشق سدائين باهم دشمنيءَ جو
باعث بڻجي ٿو، ۽ هو اها شيءِ، جا توکي حقيقي ۽ غير
فاني عشق جي ويجهو نه آڻي سا، اي منهنجا محبوب،
توکي اڳتي هلي رسوا ۽ خوار ڪندي.
|