هما پکيءَ جو عذر
بعد ۾ سايو بخشيندڙ هما ميڙ ۾ آيو، جنهن جو پاڇو
بادشاهن لاءِ سرمايو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هو وڏيءَ همت
وارو آهي، تنهن ڪري ئي نهايت مبارڪ ۽ ڀاڳ وارو
آهي. هو کين مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته: اي درياءَ ۽
خشڪي جا پکي، ياد رکو، مان ٻين وانگر نه آهيان.
منهنجي همت گهڻو بلند آهي، تنهن ڪري باقي مخلوق
کان مون گوشئه نشيني اختيار ڪئي آهي. مون لاءِ
بادشاهه (جي هٿ) کان هڪ مليل ڪوٺي باقي دنيا کان
از حد ڪافي آهي. مان پنهنجي نفس جي ڪتي کي ذليل ۽
خوار رکان ٿو، انهيءَ ڪري فريدون ۽ جم کي عزت مون
کان نصيب ٿي. سڀئي بادشاه منهنجي پاڇي جا پليل
آهن، هر لالچي منهنجي درجي کي ڪٿي ٿو رسي سگهي؟
مان پنهنجي نفس جي ڪتي کي هڏا کارائيندو رهان ٿو ۽
انهيءَ ڪري پنهنجي روح کي ان کان امن ۾ رکان ٿو.
نفس کي هميشه هڏن کارائڻ سان ئي منهنجي جان هن
مرتبي کي پهتي آهي. ڀلا جنهن جي پَر جي پاڇي کان
هڪ ادنيٰ شخص بادشاهه ٿئي، تنهن جي حڪم کان منهن
ڇو موڙيو وڃي؟ سڀني کي ان جي پاڇي هيٺ اچڻ گهرجي
ته جيئن ان مان ڪو زرو کين نصيب ٿئي. سيمرغ جهڙو
ڏاڍو مڙس منهنجو ساٿي ڪٿي ٿو ٿي سگهي! ٻيلي يار،
منهنجو ته سڀ ڪم عقلمندي تي مبني آهي (منهنجي عقل
جي تقاضا اها آهي ته سيمرغ جي درپئي نه رهان).
هدهد
جو جواب
اڙي دوکي ۾ آيل (غرور جا قيدي) هما، پاڇي کي پري
ڪر ۽ هن کان زياده پاڻ تي فخر نه ڪر هينئر (هن
زماني ۾) تو ڪنهن کي بادشاهه بنائڻ جي طاقت نه
رهي آهي، تون ته پڻ ڪتي جي طرح هڏن تي ڪِريو پيو
آهين. هاءِ افسوس! جيڪڏهن تون بادشاهه کي تخت تي
ويهارين ها، ۽ خود کي هڏن کان آزاد ڪرين ها! مون
مڃيو ته اڄ دنيا جا سڀيئي بادشاهه تنهنجي پاڇي مان
پيدا ٿين ٿا، ليڪن سڀان (قيامت جي ڏينهن) هو
يقيناً مصيبتن ۾ گرفتار هوندا ۽ پنهنجي بادشاهي
کان ڪنهن عرصي تائين پوئتي پيل رهندا. جيڪڏهن ڪو
بادشاهه تنهنجي پاڇي کي نه ڏسي ها ته مان توکي هڪ
قصو ٻڌايان. ٿي سگهي ٿو، تون ان مان سبق پرائين.
سلطان محمود جو قصو
هڪڙو شخص جو ڏاڍو ڏاهو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو، تنهن
هڪ دفعي سلطان محمود (غزنويءَ) کي خواب ۾ ڏٺو.
کانئس پڇيائين ته اي نيڪ بخت شاهه! تنهنجو هن وقت
ڪهڙو حال آهي؟ سلطان جواب ڏنو ته ٻيلي، خاموش رهه،
منهنجي جان جو خون نه وهاءِ، دم نه هڻ، ۽ اٿي!
هيءَ بادشاهيءَ جي جڳهه ڪٿي آهي؟ منهنجي بادشاهي
محض خودپسندي ۽ هڪ غلط گمان هو. هڪ مٺ خاڪ مان ڇا
بادشاهي کڙي ٿي سگهي ٿي؟ منهنجي بادشاهيءَ جو درد
هڪ وهم ۽ گمان آهي، بادشاهيءَ جو لائق اهو الله
تعاليٰ آهي ۽ بس. اهو جو جهانن جو مالڪ آهي، سوئي
سلطنت ۽ بادشاهي جو سزاوار آهي. جڏهن مون هتي اچي
پنهنجي عاجزي ۽ پريشاني (حيراني) ڏٺي، تڏهن پنهنجي
بادشاهيءَ کان ازحد شرم آيم (جو منهنجي بادشاهي هن
بادشاهي اڳيان تِڇ آهي. جيڪڏهن تون مون کي سڏڻ
چاهين ته پريشان بغير نه سڏينم. صحيح حاڪم اهوئي
آهي، مون کي حاڪم جي نالي سان نه پڪار. سلطنت
ويندي رهي ۽ بادشاهيءَ کي هوا اُڏائي ويئي،. فقط
اهو شخص خوش ۽ سعيد آهي جو هن جهان کان آزاد ٿي
مئو.
محمود کي، بندي جي نالي سان سڏ ۽ نه بادشاهه جي
نالي سان. وڃ ۽ منهنجا سلام وڃي مسعود کي پهچاءِ ۽
چوينس ته اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون به ڪا خبر ۽
سمجهه رکين ٿو ته پنهنجي پيءُ جي حال مان ڪو سبق
پراءِ. ڪاش، دنيا ۾ جيتري زندگي هئي، محمود اهو
سارو وقت ان ۾ کورو پچائيندو رهي ها! ڪهڙو نه چڱو
ٿئي ها جيڪڏهن محمود هن جهان اندر کوري پچائڻ ۾ ئي
مشغول رهي ها، ته جيئن هو هن اوڙاهه (آخرت جون
مصيبتون) ۾ ڪرڻ کان بچي پوي ها! سڀ عزت ۽ حڪومت
(اصلي عزت ۽ حڪومت جي مقابلي ۾) چنڊ کان ويندي
مڇيءَ تائين ڪجهه به نه آهي. بادشاهي انهيءَ لاءِ
آهي ۽ مان ته آرام تڏهن لهان ها، جڏهن خود دنيا ۾
هڪ پينوهجان ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن مان سؤ
کوهن ۾ پيو هجان ها، ڪو رتبو نه هجيم ها، ۽ هڪ
بيکاري هجان ها ۽ نه بادشاهه! مونکي ته ڪا گهڙي به
ڇوٽڪارو ڪونهي، مون کان هڪ هڪ جَو جو حساب گهرن
ٿا. شال انهيءَ هما جا پر ۽ بُج سڪي ۽ سڙي وڃن
جنهن مون کي پنهنجي پاڇي هيٺ جاءِ ڏني (۽ مان
بادشاهه ٿيس ۽ ان ڪري حساب ڪتاب جي سختيءَ ۾ اچي
پيس).
باز جو عذر
جڏهن هنن پکين پنهنجا عذر ڏيئي پورا ڪيا، تڏهن باز
به اچي ان ميڙ ۾ داخل ٿيو، ۽ حقيقت جا راز کولڻ
لڳو. پنهنجي سرداري جي ٻٽاڪ ۽ تاجداريءَ تي ڊاڙ
هڻندي چوڻ لڳو ته: مان بادشاهه جي هٿ جي شوق (باز
اڪثر بادشاهه جي هٿن ۾ رهندو آهي) ڪري باقي مخلوق
کان اک ٻوٽي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي تابعداري ۽ عاجزيءَ
۾ هي اميد رکي آهي ته منهنجو پير، بادشاهه جي هٿ
تائين پهچي وڃي. مان پاڻ کي ادب جي گهڻي تربيت ڏني
آهي ۽ رياضت ڪندرن وانگر پنهنجي خوب رياضت ڪئي
آهي؛ ۽ اهو ان ڪري ته جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن تقدير
(ڪارڪنان قضا و قدر) مون کي پنهنجي بادشاهه وٽ آڻي
پهچائي، ته مان ان وقت شاهي خدمت جي رسمن کان پورو
واقفڪار هجان. مان سيمرغ کي خواب ۾ ڪيئن ڏسان ۽ ڇو
ان طرف اجايو ڊوڙان؟ مون کي پنهنجي بادشاهه جي هٿ
کان هڪ لقمو ئي ڪافي آهي، ۽ هن جهان ۾ هيءَ جاءِ
(سندس درٻار) ئي بس آهي. مون وٽ مسافريءَ جو ذريعو
ڪونه آهي، انهيءَ ڪري ئي بادشاهه جي هٿ تي سربلندي
ڪريان ٿو. جو به شخص بادشاهه وٽ لائق ثابت ٿئي ٿو
ته پوءِ ان جي هر ڳالهه مڃي وڃي ٿي. مان به جيڪڏهن
وٽس لائق بنجي وڃان ته اهو بهتر آهي، جووتان گمنام
واديون لتاڙيندو. برابر مان اها اميد رکان ٿو ته
ان جي سامهون سندس محل ۾ خوشيءَ جي زندگي گذاريان،
تنهن ڪري ڪڏهن ان جي انتظار ۾ رهان ٿو ۽ڪڏهن ان جي
شوق ۾ شڪار ڪريان ٿو. ڀلا هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ
هدهد، ته هن حالت کي ڏسي ڇڏڻ ۾ ڪا عقلمندي آهي؟
هدهد جو جواب
اڙي اٻوجهه باز، تون ته مجاز ۾ اڙيل، حقيقت کان
گهڻو دور ۽ صورت ۾ ئي گرفتار آهين. جيڪڏهن ملڪ ۾
بادشاهه جو ڪو ثاني هجي ته، پوءِ ان کي بادشاهي
ڪٿي ٿي سونهين؟ بادشاهيءَ جي لائق سيمرغ جي ٻيو
ڪونه آهي، ڇا لاءِ جوا ن جي بادشاهيءَ جو ڪو نِر
ئي ڪونهي. اهو شخص بادشاهه نٿو بڻجي، ڪنهن (هر)
ملڪ ۾ ڪنهن حقيقت (سمجهه) کان سواءِ ئي پنهنجو پاڻ
کي کڻي ٿو بادشاهه بڻائي. بادشاهه ته اهو ٿئي ٿو
جنهن جو ڪو نظير نه هجي ۽ جو سواءِ وفا ۽ رحم جي
ٻيو ڪجهه نه ڪندو هجي. تون اهڙي حاڪم جي طلب ۾
رهه، جو سدائين وفادار ۽ رحيم آهي. باقي دنيا جو
بادشاهه کڻي هڪ وقت وفاداري ڪري ٿو ته وري ٻئي وقت
ظلم به ڪري ٿو، ۽ جو به دنيا جي بادشاهه جي زياده
ويجهو ٿئي ٿو ته، ان جو معاملو نهايت ئي نازڪ ٿي
پوي ٿو. هو سدائين بادشاهه کان ڊپ ۾رهي ٿو ۽ سندس
جان هر وقت (هميشه) خطري ۾ رهي ٿي. دنيا جو
بادشاهه ڇاڪاڻ ته باهه مثل آهي جا توکي ساڙيندي
ويرم نه ڪندي، تنهنڪري تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ،
جو ان کان پري ٿيڻ ۾ ئي چڱائي آهي، انهيءَ ڪري ئي
بادشاهن کان دور رهڻو پوي ٿو، ڇا لاءِ جو انهن جي
اڳيان ڀلا ڪو بيهي به سگهي ٿو؟ تنهنڪري توکي جڳائي
ته تون به هٽي وڃ. چڱو، هاڻي هيءَ ڳالهه ڪن لائي
ٻڌ:
بادشاهه جي ڳالهه
هڪ دفعي هڪڙو بادشاهه، پنهنجي خوبصورت غلام تي
اهڙو ته عاشق ٿي پيو، جو ان بغير هڪڙي گهڙي به کيس
آرام نه ايندو هو، ٻين غلامن جي ڀيٽ ۾ هن کي زياده
سينگاريل ۽ هميشه پنهنجي اکين آڏو رکندو هو، ان
بادشاهه جي البت اها عادت هوندي هئي، جو هو پنهنجي
محل ۾ ان غلام جي مٿي تي هڪ صوف رکي ان کي چٽيندو
هو. ڪنهن ناواقف غلام کان پڇيو ته آخر ڪهڙو سبب
آهي جو تنهنجو منهن پيلو ۽ زرد ٿي ويو آهي؟ تنهنجي
ته بادشاهه وٽ گهڻي عزت ۽ هلندي آهي، تنهنڪري
تنهنجي زرديءَ جو سبب ڪهڙو؟ غلام جواب ۾ چيو ته
بادشاهه منهنجي مٿي تي صوف رکندو آهي، پوءِ جيڪڏهن
ان جي تير کان مون کي نقصان پهچي ويو ته هو چندو
هو ته منهنجو ڪو غلام ئي ڪونه هو، ۽ مان ان کي
ڄاڻندو سڃاڻندو ئي نه هوس، پر جيڪڏهن سندس تير
منهنجي مٿي تي رکيل صوف کي کڻي چٽي وجهي ته هر
ڪوئي چوندو ته اها بادشاه سلامت جي بخت جي نشاني
آهي. انهيءَ غم ۽ فڪر ڪري ئي منهنجو اندر کاڌل
آهي، جو منهنجي جان هميشه خطري ۾ رهي ٿي (۽ وري ان
جو عوض ڪجهه به نه).
ٻگهه جو عذر
جڏهن ٻين پکين چئي بس ڪيو، تڏهن ٻگهه پنهنجي وارو
ورتو ۽ اچي چوڻ لڳو ته اڙي منهنجا خير خواه پکي،
توهان کي معلوم آهي ته منهنجي رهائش هميشه درياء
جو ڪنارو آهي، جتي مان خاموشيءَ ۾ حياتيءَ جا
ڏينهن گذاريان ٿو، ايترو ته ڪم آزار آهيان جو ڪوبه
مون کان رنجيده نه آهي ۽ هميشه هن ڪناري تي غمگين
۽ دردمند ٿيو ويٺو آهيان، ۽ پاڻيءَ جي آرزوءَ ۾
پنهنجي دل کي خون سان پيو ٿو ڀريان، ۽ پنهنجو غم
پاڻ ئي کائيندو رهان ٿو. جڏهن مان درياءَ وارن مان
ئي نه آهيان تڏهن عجب جي ڳالهه آهي جو ان (درياءَ)
جي ڪنڌيءَ تي اڃ ۾ مرندو (پياسو) رهان ٿو. درياءَ
جيتوڻيڪ سؤ دفعا جوش ۾ اچي ٿو، ته به مان هڪڙو ڍڪ
به پي نٿو سگهان؛ ۽ وري جيڪڏهن ان مان هڪڙو قطرو
به گهٽ ٿي پوي ٿو ته منهنجي دل غيرت جي باهه کان
جلي ڪباب ٿي وڃي ٿي. مون جهڙي لاءِ درياءَ جو عشق
ئي ڪافي آهي، ۽ سندس سودائي بس. مان هڪ گهڙي به ان
جي غم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو چاهيان. سيمرغ
وڏي شيءِ آهي، مان ان جو ڪٿي ٿو تاب جهلي سگهان!
الله پناهه ڏئي! ڀلا اهو جنهن جو بنياد ئي پاڻيءَ
تي ٻڌل آهي (اصل ئي پاڻيءَ جو قطرو آهي) سوسيمرغ
جو وصل ڪٿي ٿو ماڻي سگهي؟
هدهد جو جواب
اڙي يار ٻگهه، تون ته درياءَ کان ئي ناواقف آهين.
ان ۾ ته واڳون ۽ ٻيا ڪيترائي خوفناڪ جانور رهن ٿا.
سندس پاڻي ڪڏهن ڪڙو ته ڪڏهن کارو آهي، ۽ هو ڪنهن
وقت ماٺو آهي ته ڪنهن وقت موجزن، مطلب ته هو ڪڏهن
به هڪ حالت ۾ نه ٿو رهي. ڪيترائي بزرگ ماڻهو
ٻيڙيءَ سوار، سندس ڪُن ۾ اچي ٻڏي مُئا. جيڪڏهن
ڪوبه ٽوٻي وانگر ان ۾ وڃي ٿو ته هر وقت جان جي خوف
کان پنهنجي دم جو خيال رکي ٿو؛ ۽ جيڪڏهن ڪوان جي
اونهائيءَ سان دم هڻي ٿو ته بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو.
اهو جو ڪنهن سان وفادار نه آهي، تنهن ۾ ياريءَ جي
اميد رکڻ به عبث آهي جيڪڏهن تون به درياءَ مان
نڪري ڪناري تي نه ايندين ته آخرڪار منجهنس ٻڏي
مرندين. اهو خود پنهنجي محبوب (الله تعاليٰ) جي
عشق ۾ غل ۽ شور مچائي ٿو، ڪڏهن موجون هڻي ٿو، ته
ڪڏهن ڪڙڪا ڪري ٿو. جڏهن ان کي ئي پنهنجي مقصد ۾
ناڪاميءَ سبب آرام نه آهي ته پوءِ توکي ان کان
ڪهڙو دلي آرام حاصل ٿيندو؟ درياءَ خود ان (الله
تعاليٰ) کي گهٽيءَ جو محض هڪ چشمو (هڪ نالي) آهي.
خبر نه آهي ڇو تون ان اصل درياءَ کي ڇڏي هن حقير
چشمي تي راضي ٿيو ويٺو آهين؟ هاڻي مان توکي هڪ
ڳالهه ٻڌايان ٿو، جا تون خيال ڏيئي ٻڌ:
هڪ ماڻهوءَ جي
ڳالهه
هڪڙو ڏاهو درياءَ، (سمنڊ) ۾ گهڙي، کانئس پڇڻ لڳو
ته آخر تنهنجو رنگ نيرو ڇو آهي، ۽ تو ماتمي لباس
آخر ڇو پهريو آهي؟ ۽ جڏهن ته تو ۾ باهه آهي ئي
ڪانه، تڏهن پوءِ ايترو جوش ڇا جو؟ درياءَ جواب ڏنس
ته: حقيقت هيءَ آهي ته مان پنهنجي دوست جي جدائيءَ
سبب ڏاڍو پريشان آهيان، ۽ ڇاڪاڻ ته درد ۾ نيلو
لباس پهريو اٿم. مان خشڪ لب ۽ بيخبر نه آهيان،
ليڪن ان جي عشق جي باهه کان ئي جوش ۾ آهيان.
جيڪڏهن مون کي ان جي ڪوثر (فيض) مان هڪڙو قطرو ملي
وڃي ته پوءِ سدائين سندس در تي پيو رهندس، ورنه
مون جهڙا هزارين خشڪ لب هر روز و شب سندس راهه ۾
مرندا رهن ٿا.
|