سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :14

سلطان ابوسعيد مهنه جي ڳالهه

هڪڙي دفعي شيخ مهنه، ”قبض“ جي سخت لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ جيئن بيابان طرف وڃي رهيو هو، تيئن هڪڙي پيرسن ڳوٺاڻي تي پري کان نظر وڃي پيس، جنهن جي اکين مان نور پئي ٽپڪيو. شيخ وٽس وڃي پنهنجي قبض جي حال کان کيس چڱيءَ طرح واقف ڪيو. پوڙهي سندس ڳالهه ٻڌي کيس چيو، ته جيڪڏهن زمين کان ويندي عرش تائين، ساري ميدان کي چڻن سان هڪ نه، بلڪ هزار بار وري وري ڪري ڀرجي ۽ هڪڙو پکي، هزار سالن کان پوءِ هڪرو داڻو کڻي ته ڪنهن وقت هي سارو ميدان خالي به ٿي ويندو، مگر تون ايتري زماني گذرڻ بعد به، ان جي دروازي جي اڃا خوشبوءِ کان ئي بهراور ٿي نه سگهندين، ۽ انهيءَ کان تمام گهڻو پري رهندين.

اي عزيز، طالب کي گهڻو صبر ڪرڻ گهرجي، ۽ هن راهه ۾ ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي ڏسي روڪجي وڃڻ نه کپي.

 

سلطان محمود جي ڳالهه

هڪ رات، سلطان محمود اڪيلو وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪڙي مٽيءَ ڇاڻيندڙ کي هڪ مٽيءَ جي ڍير تي ويٺل ڏسي، کڻي پنهنجو بازوبند ان ڍير ۾ اڇلايو ۽ بعد ۾ ويندو رهيو. ٻيءَ رات جڏهن بادشاه انهيءَ هنڌ آيو، تڏهن هن کي انهيءَ ڪم ۾ مشغول ڏسي، چيائينس ته توکي جا شيءِ ڪانه ملي هئي، سا ته نهايت ئي قيمتي هئي؛ تون ته وڃي هينئر بادشاهي ڪر، تون ڪنهن جو محتاج ئي نه رهيو آهين. انهيءَ تي جواب ۾ چيائين، ته هن مٽيءَ ڇاڻيندي ته مون هي خزانو لڌو آهي. هاڻي منهنجي هيءَ ئي ڪار رهندي جيستائين جيئرو آهيان.

اي انسان، تون هن در جو طالب ٿي رهه ته جيئن اهو تلاءِ کوليو وڃي، هن راهه کان منهن نه موڙ ته جيئن اها توکي ڏيکاري وڃي.

 

هڪڙي بيخود جي ڳالهه

 

هڪڙي دفعي، جيئن هڪڙو بيخود، خدا تعاليٰ کي در کولڻ لاءِ چئي رهيو هو، تيئن رابعه بصري جا اتي پاسي ۾ ويٺي هئي، تنهن جواب ڏنس، ته اڙي غافل، هيءُ دروازو ڪڏهن بند ٿيو به آهي؟

اي عزيز، هيءَ دروازو سدائين کليل آهي ۽ رحمت جو خومچو هر وقت حاضر ۽ موجود آهي.

 

عشق جي واديءَ جو بيان

طلب جي واديءَ کان پوءِ، عشق جي وادي اچي ٿي، جنهن ۾ جو به گهڙيو، سو گويا باهه جي مچ ۾ وڃي پيو. جو عاشق خود باهه نه آهي، تنهن کي هيءَ وادي ڪٿي ٿي سونهين؟ عاشق جڏهن هن واديءَ اندر پير رکي ٿو، تڏهن ڪفر ۽ دين، شڪ ۽ يقين، نيڪي ۽ بديءَ کي ته ڪا گهڙي بالڪل وساري ڇڏي ٿو. معشوق جي وصال خاطر هو سڀڪجهه قربان ڪري ٿو ۽ جيستائين پاڻ کي ساڙي نٿو، تيستائين غم کان به ڇٽي نٿو سگهي. عشق هڪ باهه آهي ۽ عقل دونهون. جتي عشق آيو، تتي عقل ويندو رهيو. جيڪڏهن غيب جي طرفان توکي ڪا تائيد حاصل آهي ته پوءِ تون عشق جي منزل ماڻي سگهندين ۽ سارو جهان تنهنجو همراز ٿي ويندو. بهرحال هتي هڪ زنده دل گهرجي، جو هردم پنهنجي جان گهوريندو رهي. پيارا، هي ٻه چار قصا ٻڌي ڇڏ، جي انهيءَ حقيقت ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪندا.

 

هڪڙي خواجه جي عشق جو قصو

هڪڙو خواجه، ڪنهن ڇوڪري جي عشق ۾ چريو ٿي پيو ۽ عشق جي زيادتي سبب گهڻو رسوا ۽ مشهور ٿي ويو. جو ڪجهه مال ۽ ملڪيت وٽس هو، سو سڀ وڪڻي شراب خريد ڪندو هو. جڏهن صفا سڃو ۽ هٿين خالي ٿي ويو، تڏهن سندس عشق به سؤ دفعا وڌي ويو، مگر باوجود بکئي رهڻ جي به هو سدائين سير نظر ايندو هو، جڏهن هڪڙي سائل کانئس عشق جي حقيقت دريافت ڪئي، تڏهن چيائين ته عشق ته هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن خاطر ههڙيون سوين دنيائون قربان ڪرڻ به ڪا معنيٰ نٿيون رکن. ڀلا، جنهن جو عشق سان ڪو پيچ ئي نه پيو آهي سو انهيءَ کي ڇا سمجهندو؟

 

مجنونءَ جو چمڙا پوش ٿي ليليٰ وٽ وڃڻ

مجنونءَ غريب جي ڪا اهڙي قسمت هئي، جو ليليٰ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز ٻيو ته ٺهيو، مگر هن مسڪين کي پنهنجي قبيلي ۾ ئي اچڻ نه ڏيندا هئا. ٻي ڪا واهه وسيلو نه ڏسي هو هڪ قريبي جهنگل ۾ وڃي هڪ ريڍار کان هڪڙي کَل وٺي آيو ۽ پوءِ اها پائي کڻي پاڻ کي گهٽو بڻايائين. ان بعد ريڍار کي عرض ڪيائين، ته خدا جي نالي مون کي هن ڌڻ ۾ گڏي ليليٰ جي طرف وٺي هل ته ڪا گهڙي ان جي خوشبوءِ جو واس وٺان. آخر هو رڍن جي ڌڻ سان گڏجي اچي ليليٰ جي گهٽيءَ ۾ پهتو. پهچڻ شرط سندس عشق ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ سندس هوش کانئس ويندو رهيو، جڏهن عشق پنهنجو غلبو ڏيکاريو ۽ معاملو هٿن مان نڪري ويو، تڏهن ريڍار کيس پڪڙي موٽائي جهنگل وٺي آيو. هو پوءِ ان جهنگل جي ماڻهن سان گڏجي گذارڻ لڳو. هڪ دفعي انهن مان ڪنهن چيس، ته اي مان وارا مجنون! تون ننگو ڇو ٿيو ويٺو آهين؟ ڇا، مان، تولاءِ هينئر اهو ريشمي ڪپڙو نه کڻي اچان، جنهن کي تون زياده پسند ڪندو هئين؟ مجنونءَ جواب ۾ چيو، ته هر پوشاڪ عاشق کي سونهين نٿي. مون لا کَل کان وڌيڪ عمدي ٻي پوشاڪ ئي ڪانهي. مجنونءَ جو اطلس ۽ ريشم کل آهي ۽ جو به ليليٰ سان عشق رکندو، سو کَل ئي چاهيندو. مون پنهنجي معشوق جو منهن هن کَل وسيلي ڏٺو آهي. هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان هن کَل کان سواءِ ٻيو ڪو لباس ڪيئن ٿو پهري سگهان؟

 

هڪڙي مفلس جو اياز تي عاشق ٿيڻ

هڪڙي دفعي، هڪڙو مفلس، اياز تي عاشق ٿي ڏاڍو مشهور ٿي ويو. اياز جنهن مهل سوار ٿي ٻاهر ويندو هو، تنهن مهل هو به سندس پاسو وٺيو ويندو هو. جڏهن سلطان محمود کي هن ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن گهرائي چيائينس، ته تون هڪ بادشاه (يعني منهنجو) جو رقيب بڻجڻ ٿو چاهين؟ انهيءَ تي هن جواب ڏنس ته اي بادشاه! جيڪڏهن تون مون کي فقير سڏين ته ڀلي، ليڪن عشقبازيءَ ۾ مان توکان گهٽ نه آهيان. عشق ۽ افلاس باهم پاڙيسري آهن ۽ فقير غريب جو ته سرمايو ئي هي ڪجهه آهي. عشق ته پڻ افلاس ۾ تازگي ۽ رونق وٺي ٿو ۽ هوڏانهن تون ته خوش دل بادشاه بڻيو ويٺو آهين، حالانڪ عشق لاءِ مون جهڙي سڙيل دل گهرجي. تو وٽ وصل جو سامان ته برابر موجود آهي، ليڪن جدائيءَ جي درد جي سامان جي ڪمي آهي. آخر ۾ سلطان چيس، ته تو منهنجي روبرو افلاس جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ تون جيڪڏهن انهيءَ دعويٰ ۾ سچو آهين ته ڪو گواهه پيش ڪر. هن غريب جواب ۾ چيو،ته جيستائين منهنجي جان باقي آهي، تيستائين ته مان مفلسيءَ کان خالي آهيان، ها، جيڪڏهن مان پنهنجي جان، عشق مٿان گهوري ڇڏيان ته پوءِ ته هيءَ مفلسيءَ جي چٽي نشاني چئبي. هن ائين مس چيو ته سندس زبان مان آخري لفظ هي نڪتا ”هن (مون غريب) محبوب جي سر تان پنهنجي جان گهوري ڇڏي.“

اي عزيز! هن راهه ۾ سچائيءَ جي نشاني، جانفشاني آهي.

 

هڪ عرب جو عجم ۾ وڃڻ ۽ قلندرن سان ملڻ

عرب ملڪ مان جڏهن هڪڙو ماڻهو، عجم ۾ آيو، تڏهن انهن جون ريتيون رسمون ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. هڪ دفعي گهمندي ڦرندي قلندرن جي جاءِ کان لانگهائو ٿيو، ۽ ڏٺائين ته هو ٻنهي جهانن کان بيخبر ۽ ناپاڪيءَ ۾ هڪٻئي کان وڌ ۽ شراب ۾ مست آهن. اتفاق سان سندس ميلان انهن جي طرف ٿي پيو ۽ انهيءَ ميلان ۾ ئي هو پنهنجو هوش ۽ حواس گم ڪري ويٺو. قلندرن پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي کيس هوش ۾ آندو ۽ اندر اچڻ (اندر آ) لاءِ چيائونس. جڏهن اندر ويو تڏهن شراب پي، مست ٿي پاڻ وڃائي ويٺو ۽ انهيءَ گهڙيءَ سندس زر ۽ مال به ڪو وٽانئس کڻي هليو ويو. جڏهن واپس وطن پهتو تڏهن گهر وارن کيس پريشان حال ۾، هٿن خالي ڏسي ان جو کانئس سبب پڇيو. انهيءَ تي انهن کي ٻڌايائين ته مان جيئن هڪ رستي تان مزي سان وڃي رهيو هوس تيئن منهنجو گذر وڃي قلندرن وٽان ٿيو. بس اتي مان سڀ ڪجهه وساري ويٺس ۽ خود پاڻ کان ئي بيخبر ٿي ويس. جڏهن کيس قلندرن جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ چيائون تڏهن جواب ڏنائين ته انهن جي وصف جا مون کي معلوم ٿي سا هيءَ آهي ته ”اندر آ“ (يعني اندر اچ).

 

شيخ شبليءَ جو هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ

شيخ شبلي، هڪڙي دفعي پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته شهر جي مڪتب ۾ هڪڙو اميرزادو پڙهندو هو، جو نهايت خوبصورت ۽ يوسف مثل حسن ۽ جمال جو پيڪر هو. هو جڏهن مڪتب اندر استاد اڳيان ايندو هو، تڏهن سڀني شاگردن کان رڙ نڪري ويندي هئي. انهيءَ ساڳي مڪتب ۾ هڪڙو درويش حال ڇوڪرو به پڙهندو هو، جو انهيءَ اميرزادي جي عشق ۾ گرفتار ٿي چريو ٿي پيو. هن جي هيءَ روش استاد کي پسند نه آئي، تنهن مڪتب مان خارج ڪري ڇڏيس. ان بعد هو ويچارو وڇوڙي جي درد ۽ جدائيءَ جي داغ کان جلي اڱر ٿي ويو. سدائين پريشان ۽ سرگردان پئي ڦريو ۽ حياتيءَ کان هٿ کڻي موت لاءِ تيار ٿي ويو. اميرزادي کي ان جي حال کان آگاهي ٿي ويئي، تنهن ماڻهو موڪليس ته آخر هو ٻڌائي ته سندس هي روڄ ۽ راڙو، آهه ۽ فغان ڇا جي ڪري آهي؟ ان هٿ جواب موڪليائينس ته، مون تنهنجي عشق ۾ پنهنجي دل اڙائي ڇڏي آهي ۽ هن راهه ۾ جي تڪليفن مون ڏٺيون آهن، سي خدا شال ڪنهن کي نه ڏيکاري. اميرزادي وري ٻيو دفعو پيغام موڪلي کانئس گُهر ڪئي ته جو ڪجهه تون چوين ٿو سو جيڪڏهن سچ آهي ته پوءِ پنهنجي دل ڪڍي مون ڏانهن ڏياري موڪل. هي پيغام ٻڌنديئي هن گهر وڃي، سينو چيري، دل طبق اندر وجهي ان کي ڍڪي نياپي آڻيندڙ کي آڻي ڏني ۽ کيس عرض ڪيو ته، هو ان منهن ڍڪيل طبق کي لڪائي کڻي وڃي ان اڳيان حاضر ڪري ۽ ائين چونديئي هو فوراً مري ويو. جڏهن اميرزادي ان طبق کي کوليو تڏهن ان جي خون سان ڀريل دل کي ڏسي اکين آڏو اوندهه اچي ويس ۽ سارو مڪتب هڪ ماتم گهر بڻجي ويو. ان واقعي کان پوءِ انهيءَ اميرزادي پنهنجي ماريل جو ماتم شايان شان نموني ۾ ڪيو ۽ جو ڪجهه ان ڏس ۾ مناسب هو سو سڀ ڪيو. انهيءَ جي خاڪ (قبر) کي پنهنجو قبلو بنايائين ۽ ان جو ماتم پاڻ لاءِ هڪ لازمي مشغلو ڪري ورتائين.

اي يار، جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته تون دنيا جو پير آهين، ته به عشق جي رستي ۾ هڪ ٻار کان به گهٽ آهين، جيڪڏهن تون واقعي عاشق آهين ته دل کي چيري ٻاهر آڻ ورنه اجائي لٻاڙ کان باز رهه.

 

هڪڙي عاشق جو پنهنجي معشوق کي مارڻ جو قصو

 

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو بزرگ، ڪنهن سهڻي تي عاشق ٿي پيو. اتفاق سان سندس معشوق موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، وڃي پوين پساهن ۾ پيو. جڏهن عاشق کي اها خبر پيئي، تڏهن هٿ ۾ ڇري کڻي ڊوڙندو آيو ۽ اچي چوڻ لڳو ته مان پنهنجي معشوق کي ماريندس. سڀيئي کيس بيوقوف سڏڻ لڳا ۽ کانئس پڇڻ لڳا ته آخر هن فعل (مرڻينگ کي مارڻ) ۾ ڪهڙي حڪمت آهي. جواب ڏنائين ته هو جڏهن منهنجي هٿان مرندو، تڏهن مان انجي بدلي ۾ هتي ماريو ويندس، ۽ وري قيامت ڏينهن انهيءَ خاطر شمع جي طرح جلايو ويندس، ڇا منهنجي لاءِ هي جلڻ ڪافي نه آهي!

اي پيارا! تون دل کي هڪدم هن جهان کان هٽائي ڇڏ ته جيئن محبوب جي خلوت ميسر ٿئي ٿي.

 

حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي وفات جو قصو

جڏهن حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي مرڻ جي آخري گهڙي آئي، تڏهن هن حضرت عزرائيل کي آساني سان جان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته هو الله تعاليٰ کي وڃي چوي، ته هو هروڀرو پنهنجي دوست جي جان نه وٺي. الله تعاليٰ کيس جواب م چوائي موڪليو، ته جيڪڏهن تون دوست آهين ته پوءِ پنهنجي دوست (مون) لاءِ جان جي قرباني ڏي. حاضرين مان هڪڙي حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام کي چيوته توهين حضرت عزرائيل کي جان ڇو نٿا ڏيو؟ حالانڪ عاشق ته هميشه انهيءَ راهه ۾ جان نثار هوندا آهن. حضرت ابراهيم جواب ڏنس ته مان جان ڇاجي ڪري ڏيان، جڏهن جو هو (عزرائيل) اچي اسانجي (مون ۽ الله تعاليٰ) وچ ۾ پيو آهي. جڏهن مان باهه ۾ اڇلايوويو هوس تڏهن جبرئيل اچي مون کي مدد جي آڇ ڪئي هئي، ليڪن مون ان ڏانهن نظر کڻي به نه ڏٺو هو، ڇالاءِ جو هو مون ۽ منهنجي پروردگار درميان هڪ روڪ ٿي پيو هو. جڏهن مون جبرئيل کان ئي منهن ڦيري ڇڏيو تڏهن عزرائيل ڇا آهي؟ مان پنهنجي جان خوشيءَ سان انهيءَ ڪري نٿو ڏيان، جو چاهيان ٿو ته مان اهڙو حڪم (ته جان ڏي) انهيءَ کان پنهنجي ڪنين ٻڌان. بس ڳالهه صرف هيءَ آهي.

 

معرفت جي واديءَ جو بيان

طلب ۽ عشق جي وادين کي طئي ڪرڻ کان پوءِ معرفت جي وادي سامهون ايندي، جنهن جو نه آهي منڍ ۽ نه آهي ڇيڙو، ڪوبه اهڙو مخلوق ڪونهي جو هن رستي جي ڊگهائيءَ سبب مختلف راءِ نه رکندو هجي. هن واديءَ جون واٽون ته مختلف آهن، ۽ ان ۾ هرهڪ پنهنجي حد اندر ظاهر ٿئي ٿو. سڀڪنهن جي رفتار ۽ ترقي هڪجهڙي نٿي رهي. انهيءَ ڪري ئي ته معرفت جي حصول ۽ سمجهه ۾ ماڻهو مختلف ٿي ويا. ڪن کي اها محراب اندر نظر آئي ته ڪن کي وري بتخاني ۾ به نظر آئي. جڏهن معرفت جو آفتاب خوب چمڪندو آهي، تڏهن هرهڪ پنهنجي درجي ۽ مقام کي سڃاڻي ويندو آهي ۽ سالڪ، هر ذري ۾ پنهنجي دوست کي ڏسندو آهي ۽ هرطرف انهيءَ جو ئي منهن نظر ايندو آهيس. ان جي منهن جي پردي اندران لکين اسرار رونما ٿين ٿا ۽ هن هنڌ ڪئين سالڪ گم ٿي وڃن ٿا، مشڪل سان ڪو هڪڙو وڃي ٿواصل حقيقت کي پهچي ۽ انهن رازن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي. هن عجيب راهه ۾ ڪو ڪامل هجي جو ان گهَرِي سمنڊ ۾ غوطو هڻي سگهي. خوش قسمتيءَ سان جيڪڏهن انهن اسرارن ڄاڻڻ لاءِ تو ۾ ڪجهه ذوق پيدا ٿي پيو ته پوءِ هر گهڙيءَ تنهنجي شوق ۾ ويندو اضافو ٿيندو ۽ تنهنجي پياس هتي حد درجي کي پهچي وڃي ٿي.

اي پيارا! توتي هي فرض عائد ٿئي ٿو ته تون عرفان جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏين يا وري پنهنجي مٿي تي مٽي وسائين. هاڻي مان توکي ٻه چار ڳالهيون ٻڌايان ٿو، اميد ته تون انهن مان هدايت حاصل ڪندين.

 

هڪڙي ماڻهوءَ جو پٿر بڻجي وڃڻ

چين ملڪ جو ڪنهن جبل ۾، هڪڙو سنگدل ماڻهو آهي، جنهن جي اکين مان هميشه پيا لڙڪ وهن. جڏهن اهي لڙڪ زمين تي ڪرن ٿا،تڏهن پٿر بڻجي پون ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ پٿر ڪڪر جي هٿ چڙهي وڃي ته هو قيامت تائين پيو افسوس ۽ ارمان جو مينهن وسائي.

هو هڪ سچار ۽ پاڪ مرد آهي. جيڪڏهن توکي ڳولڻو آهي ته وڃي چين ۾ ڳولينس، ڇاڪاڻ ته بي همتن جي غصي کان هو پٿر بڻجي ويو آهي. هن اونداهيءَ دنيا ۾ تنهنجي رهنما علم جو چراغ آهي. تون اٺ ئي پهر انهيءَ جي طلب ۾ لڳو رهه.

 

هڪڙي معشوق جي ڳالهه

هڪڙو عاشق، جيئن پريشان حاليءَ ۽ عاجزيءَ سان مٽيءَ تي سمهيو پيو هو، تيئن سندس معشوق اچي هڪڙي مناسب چٺي لکي، سندس آستين ۾ ٻڌي، هليو ويو. جڏهن هو ننڊ مان اٿيو، تڏهن چٺي پڙهي خوني لڙڪ وهائڻ لڳو. چٺيءَ ۾ لکيل هو ته ”تون جيڪڏهن واپاري آهين ته اٿي ان لاءِ ڪوشش وٺ، ۽ جيڪڏهن زاهد آهين ته ساري رات بندگيءَ ۾ گذار ۽ جيڪڏهن تون عاشق آهين ته ذرا شرم ڌار ڪڏهن عاشق غريب جي اکين کي ننڊ آهي؟ هاڻي جيڪڏهن تون  انهن مان هڪ به نه آهين ته پوءِ عشق جي ڪوڙي دعويٰ نه ڪر. تون نادانيءَ کان عشق ۾ اچي ويو آهين، ڀلي سمهي ننڊون ڪر.

 

هڪڙي چوڪيدار جي عشق جي ڳالهه

هڪڙو چوڪيدار، ڪنهن تي عاشق ٿي پيو، جنهن سبب سندس ننڊ آرام ڦٽي ويو. هڪڙي دوست چيس، ته آخر تون ڪا گهڙي ننڊ به ڪر، ساري رات پيو بيخوابي ۾ گذارين. جواب ڏنائين ته عشق، چوڪيدار جو ساٿي آهي، انهيءَ (چوڪيدار) کي ننڊ سونهين ئي نٿي. هڪڙي چوڪيداري ۽ ٻيو ان سان گڏ عشق، تنهن ڪري ننڊ جو ته ڪو سوال ئي نٿو اٿي. عشق هر رات منهنجو امتحان وٺي ٿو، گويا چوڪيدار جي چوڪيداري ڪري ٿو، تنهن ڪري بيخوابي منهنجي مغز ۾ جاءِ ڪري ويئي آهي ۽ اها مون کي ڏاڍي مٺي لڳي ٿي.

اي متلاشي (ڳوليندڙ)، تون ننڊ کي خيرباد چؤ ۽ دل جي گهٽيءَ جي پاسباني (چوڪيداري) ڪر، ڇا لاءِ جو انهيءَ جي اردگرد گهڻا چور رهن ٿا. تون خبردار ٿي دل جي جوهر کي چورن جي لُٽ کان حفاظت ۾ رک، ڇاڪاڻ ته جڏهن ههڙي قسم جي چوڪيداري تنهنجي طبيعت بڻجي ويئي، تڏهن تون عشق ۽ معرفت ٻنهي جو مالڪ بڻجي وئين. رات جو بيخوابيءَ ۾ خوني ڳوڙهن ڳاڙڻ سان ته معرفت حاصل ٿيندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ وقت ڪنهن ۾ عشق جو ذوق ظاهر ٿيو ته هن اڳيان ٻنهي جهانن جو راز کلي پوندو؛ پوءِ جيڪڏهن هو ڪمزور هوندو ته مضبوط ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اڳي ئي مضبوط هوندو ته موجزن درياءَ بڻجي ويندو.

 

عباسه جي عشق بابت گفتگو

هڪ رات، عباسه چيو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ عشق جي درد جو ذرو آهي، سو جيڪڏهن مرد آهي ته ان مان عورت پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن عورت آهي ته ان مان مرد پيدا ٿئي ٿو. تو ڏٺو آهي ته حضرت آدم کان عورت پيدا ٿي ۽ حضرت مريم کان مرد پيدا ٿيو، ۽ اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيستائين جيڪي ڪي گهربل آهي، اهو تڪميل کي نٿو پهچي، تيستائين هي ڪم ڪڏهن به تو اڳيان، صفائيءَ سان ظاهر نه ٿيندو.

جيڪڏهن تون هن جهان تي قانع رهندين ته هميشه لاءِ ضايع ٿي ويندين. غيرفاني بادشاهي فقط معرفت ۾ آهي. تون انهيءَ جي حصول لاءِ ڪوشش وٺ، جو شخص عرفان ۾ مست آهي، سو ساري مخلوق جو بادشاهه آهي. جيڪڏهن دنيا جي بادشاهن کي ان طرفان ڪا ٿورڙي آگاهي ٿي وڃي ته هو ڏک ۽ ارمان کان سڀ ڪجهه وساري ماتم ۾ ويهي رهن.

 

هڪڙي ديواني جي ڳالهه

سلطان محمود، جڏهن هڪ دفعي ڪنهن هنڌ تي پهتو، تڏهن هن اتي هڪڙو پيدل ديوانو ڏٺو، جو غم جي بار کان سر جهڪايو ويٺو هو. جڏهن بادشاه تي نظر پيس، تڏهن ان کي پري هٽي وڃڻ لاءِ چيائين ۽ کيس ٻڌايائين، ته هو بادشاهه نه، پر هڪ پست همت ۽ خدا تعاليٰ جو ناشڪر بندو آهي. ڪاش! جيڪڏهن توکي هيءُ معلوم ٿي وڃي ته تون ان کان ڪيترو نه پري پيو آهين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org