سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :6

مريدن جو شيخ ڏانهن واپس ورڻ

سڀيئي مريد عرب ڇڏي روم روانا ٿيا. پورا چاليهه ڏينهن سفر ۾ رهيا ۽ وچ ۾ نه کاڌو نه پيتو ۽ نه ننڊ ۽ آرام هونِ، سارو ئي وقت خدا تعاليٰ جي در آهه ۽ زاري ڪندا ۽ پنهنجي مرشد لاءِ شفاعت گهرندا رهيا. آخرڪار انهن ۾ جيڪو وڌيڪ پاڪ دل هو تنهن جي دعا وڃي اثر ڪيو ۽ پرهه ڦٽيءَ مهل هن حضرت محمد صلعم جن جي ننڊ ۾ زيارت ڪئي، جنهن کيس دلداري ڏني ته اسان توهان جي شيخ کي بند مان آزاد ڪرايو آهي ۽ هيءُ تنهنجي عالي همت جو ئي نتيجو آهي.

هو پوءِ خوشيءَ ۾ مدهوش ڊوڙندوآيو ۽ اچي پنهنجي ساٿين کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ۽ بعد ۾ سڀيئي گڏجي اچي پنهنجي شيخ جي هنڌ سهڙيا (پهتا). ڏٺائون ته هو باوجود بيقراريءَ جي خوش هو، نه وٽس ناقوس هو ۽ نه زنار، نه ڪفر جي ٽوپي ۽ نه ڪا عيسائيت. مطلب ته ڪفر جي هر داغ کان صاف ۽ پاڪ ٿي چڪو هو ۽ جو ڪجهه دين مان وساريو هئائين سو سمورو موٽي ياد آيس. شرم کان سندس اکيون خون سان ڀريل ۽ سندس جسم پگهر سان ٽمٽار هو.

مڙي چيائونس ته، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ڪفر جي جاءِ وري ايمان موٽي آيو ۽ روم جو بت پرست، خدا تعاليٰ جو پوڄاري بڻجي پيو. اسان جون دعائون وڃي اگهاميون ۽ الله تعاليٰ جي رسول شفاعت ڪئي. هينئر هي وقت شڪر جو آهي ۽ نه غمخواريءَ جو.

مطلب ته، شيخ اٿي غسل ڪري صوفياڻو لباس پهريو ۽ پنهنجي مريدن سان گڏجي حجاز روانو ٿيو.

 

ڇوڪريءَ جو خواب ڏسڻ ۽ شيخ جي پٺيان پوڻ

شيخ جي اتان رواني ٿيڻ بعد، هڪ رات عيسائي ڇوڪريءَ خواب ۾ ڏٺو ته سج سندس هنج ۾ اچي، کيس شيخ جي پٺيان في الفور وڃڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيائينس ته تون ان جو دين اختيار ڪري سندس تابعدار ٿي رهه، ناداني ڇڏي ڏي ۽ دانائي اختيار ڪر.

جڏهن خواب مان بيدار ٿي تڏهن پان کي بيقرار ۽ دردمند ڏٺائين. سمجهي نه سگهي ته آخر هيءَ بيقراريءَ اندر ۾ ڪهڙو ٻج ڇٽيندي. نه سندس ڪو ساٿي هو ۽ نه همراهه نه رستي جي ڪا خبرچار. بهرحال، هوءَ نعرو هڻندي، ڪپڙا ڦاڙيندي ۽ مٽي مٿي تي هاريندي رواني ٿي. عاجز ۽ پريشان، لڙڪ وهائيندي ويئي ۽ خدا تعاليٰ کي هردم نيزاريون ڪرڻ لڳي ته، جيئن ته مان نماڻي عورت آهيان، تنهن ڪري اي منهنجا موليٰ منهنجي ڪارسازي ڪر، مون کان جو ڪجهه ٿيو تنهن جو بدلو نه چڪائينم، مان هينئر مري رهي آهيان. منهنجي دستگيري ڪر!

هوڏانهن وري شيخ کي دل ۾ آگاهه ڪيو ويو ته عيسائي ڇڪري، پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي اسان جي دوستي خريد ڪئي آهي، ۽ اسان جي ئي رستي تي گامزن آهي. تون پويان پير ڪري وڃي سندس همدم ۽ همراز ٿي. شيخ فوراً هوا ٿي اُڏاڻو ۽ پٺيان مريدن ۾ شور برپا ٿي ويو. چوڻ لڳا ته اي مرشد سائين! تنهنجي هيءَ منهن موڙ ۽ ڊڪ ڊوڙ آخر ڇا لاءِ هئي؟ توبهه ڪري وري عشق سازي ڪرڻ نهايت ئي بيجا حرڪت آهي.

شيخ، ڇوڪريءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ جنهن به اُها ڳالهه ٻڌي تنهن پنهنجي جان تان هٿ کڻي ڇڏيو. پوءِ اُهي سڀيئي اچي ان محبوب وٽ پهتا، جنهن جو منهن زرد ۽ وار گرد آلوده ها. پيرن اگهاڙي، ڪپڙن ڦاٽل، هڪڙي مردي مثل مٽيءَ جي ڍير تي پئي هئي. شيخ هي حالت ڏسي سندس ڳلن تي پنهنجي اکين مان ڳوڙها هارڻ لڳو، جنهن تي ان جي اک کلي ۽ شيخ کي ڏسي اکين مان نار وهائڻ لڳي؛ ۽ کيس عرض ڪرڻ لڳي ته هينئر اصل حقيقت منهنجي اڳيان کول ۽ اسلام پيش ڪر ته جيئن مان سنئينءَ راهه تي اچان. شيخ جي اسلام پيش ڪرڻ تي هوءَ يڪدم مسلمان ٿي پيئي ۽ وڃي معرفت کي رسي ۽ ايمان جي زوق کان پوريءَ طرح آگاهه ٿي ويئي، ۽ چوڻ لڳي ته، ايمان جي چاشني چکڻ کان پوءِ منهنجي دل بيقرار ٿي پيئي آهي، هينئر منهنجو بچڻ ڪونهي، اي شيخ صنعان الوداع، الوداع!

ائين چئي دم ڏنائين ۽ مجاز جي درياءَ جو هي قطرو وڃي حقيقت جي سمنڊ سان مليو. عشق جي رستي ۾ اهڙا ئي واقعا پيش ايندا، مگر ماڻهو انهن رازن کي سمجهي نٿا سگهن. دل جي، نفس سان جنگ هر وقت سخت رهي ٿي. اي انسان! تون پنهنجي حال تي ماتم ڪر، هي واقعي ماتم جي جاءِ آهي.

معشوقه جي مرڻ کان پوءِ شيخ جي جان به جلي ويئي ۽ پنهنجي ساٿين کي سڏي چيائين ته، عشق جي شروعات ۽ پڇاڙي ائين ئي ٿيندي آهي، جو شخص ان جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ چاهي تنهن کي دير نه وجهڻ گهرجي. مون عشق جي پکيءَ کي سوگهو پڪڙيو آهي، هينئر ان بغير منهنجو زندهه رهڻ ناممڪن آهي. مان هينئر پنهنجي محبوب جي طرف بهشت وڃي رهيو آهيان.

صبوح جو عيسائي ڇوڪريءَ دم ڏنو ۽ منجهند جو شيخ به موڪلايو. مريدن انهن جي هڪ ئي قبر بنائي ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آغوش ۾ سمهاريو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد انهن ٻنهي جي قبر مٿان هڪ بلند سرو جو وڻ پيدا ٿيو ۽ علاوه ان جي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيو. اها زمين ڪيترن ميلن ۾ سرسبز ۽ شاداب پکڙي پيئي آهي. ان جهڙي دنيا ۾ ٻي ڪا جاءِ ئي ڪانهي. جيڪڏهن توکي اها جاءِ نصيب ٿي پوي ته تون اتي سدائين بهار ڏسندين ۽ سدائين ميوا ۽ ڦل موجود.

اهي ٻئي وڏي مرتبي وارا هئا ۽ عاشقي جو ڦل پيدا ڪن ٿا. عشق جا ڪم ئي عجيب آهن. اها جاءِ اڃا تائين ڪعبي ۽ روم درميان عام ۽ خاص جي زيارتگاهه بڻيل آهي. ڪاش، عطار جي هن قصي کي ڪو سمجهي!

 

سيمرغ ڏانهن وڃڻ لاءِ پکين جو پاڻ ۾ متفق ٿيڻ

جڏهن پکين هي قصو ٻڌو، تڏهن پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ سيمرغ ڏانهن وڃڻ لاءِ عزم بالجزم ڪيائون. سڀني ملي صلاح ڪئي ته، اسان کي پنهنجي لاءِ هڪ قابل پيشوا مقرر ڪرڻ گهرجي جو نه فقط اسان جي ڪاروبار جي نگراني ڪري مگر اسان جي خاص ڪري هن ڏکي راهه ۾ رهبري به ڪري ۽ اسان کي ان جي حڪم کان سواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه جي پيروي ڪرڻ نه گهرجي. جيڪڏهن قسمت يا وري ڪئي ته وڃي ڪوهه قاف رسنداسين ۽ پنهنجي بادشاهه سيمرغ جي پاڇي جي نعمت کان بهرور ٿينداسين.

آخر فيصلو ڪيائون ته، پيشوائي جي چونڊ لاءِ ڪڻا وڌا وڃن ۽ پوءِ جنهن جي نالي تي ڪڻو نڪري تنهن جي کڻي پيروي ڪريون. جڏهن ڪڻا ڪڍيائون ته هدهد جو نالو نڪري آيو. پوءِ سڀني ان کي پنهنجو رهبر ۽ سردار ڪري ورتو ۽ ان جي حڪم جي بجا آوري ۾ دل ۽ جان ڏيڻ کان به دريغ نه ڪيو.

 

پکين جو هدهد جي مٿي تي تاج رکڻ ۽

ڪوهه ڪاف روانو ٿيڻ

رهنما هدهد پهلوان جيئن ٻاهر آيو، تيئن پکين مڙي سندس مٿي تي ڇٽ (تاج) رکيو. پکي جي ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر هئا سي هدهد سان گڏجي سيمرغ جي طرف روانا ٿيا. جڏهن پري کان کين هڪ وادي نظر آئي تڏهن سندن دلين ۾ ڄڻڪ باهه لڳي ويئي، ڇاڪاڻ ته رستو ڊگهو هو، ۽ سندن بار به ڳرو هو، تنهن ڪري سڀيئي ملي يڪمشت ٿي ويا (ته جيئن هن راهه کي گڏجي طئي ڪن). رستي ۾ سڪون ۽ آرام هو، نه منجهس ڪا اچ وڃ ۽ نڪو شر ۽ خير. هيءَ حالت ڏسي هڪ پکي هدهد کان پڇيوته: آخر هيءَ راهه خالي ڇو آهي؟ جنهن تي هدهد جواب ڏنس ته: بادشاهه جي عزت ۽ شان سبب ئي خالي آهي.

 

چانڊوڪيءَ رات ۾ بايزيد بسطاميءَ جو ٻاهر وڃڻ

هڪڙي دفعي چانڊوڪيءَ رات ۾ بايزيد بسطامي گهر کان ٻاهر نڪري کليل ميدان ۽ جهنگ جي اردگرد ڦرڻ لڳو. مگر هرهنڌ سناٽو ئي سناٽو ڇانيو پيو هو. دل ۾ جوش پيدا ٿيس پر سمجهي نه سگهيو، ته ايتري قدر بلند درٻار مشتاقن کان آخر خالي ڇو آهي. غيب مان آواز آيس ته هتي ته ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو، تڏهن مس ڪا وار ملي ٿي.

 

رستي جي هولناڪيءَ کان پکين جو فرياد

رستي جي هولناڪي ۽ هيبت ڏسي ويچارا پکي دهلجي ويا. ان جو ڪو ڇيڙو ئي نظر نٿي آين ۽ نه پنهنجي درد جو ڪو مرهم. انهيءَ هنڌ بي پرواهيءَ (استغنيٰ) جي هوا اهڙي تيز پئي گهلي جو آسمان جي پٺي پئي ٽٽي. اهڙو بيابان هو جنهن ۾ آسمان جو مورئي اُڏي نٿي سگهيو، تڏهن ان هنڌ هن جهان جي پکين کي پرواز ڪرڻ جي ڪهڙي طاقت ٿي سگهي ٿي. هيءُ حال ڏسي سڀيئي گڏجي اچي هدهد کي چوڻ لڳا ته، تون خوب ڄاڻين ٿو ته ڪنهن بادشاهه جي اڳيان بي ادبيءَ سان وڃي نٿو سگهجي. تون حضرت سليمان وٽ رهيو آهين ۽ ان جي شاهي مسند تي به ويٺو آهين، شاهي آدابن جي رسمن کان چڱيءَ پر آگاه آهين، امن ۽ خطري جي جاين کان واقف آهين، تنهنڪري هاڻي اسان جي راءِ هيءَ آهي ته تون هن هنڌ منبر تي چڙهي پنهنجي قوم کي رستي طئي ڪرڻ جون ترڪيبون ٻڌاءِ ۽ بادشاهي آدابن جي رسمن کي سندن اڳيان کولي بيان ڪر، ڇالاءِ جو هي ڊگهو رستو نادانيءَ سان ڪڏهن به طئي ٿي نٿو سگهي ۽ نه وري شڪ ۽ شبهي جي حالت ۾ صاف ئي نظر ايندو. هرهڪ دل ۾ ڪا نه ڪا مشڪل آهي، حالانڪ هن رستي جي لاءِ فارغ البالي گهرجي. تون پهريائين اسان جي دلين جي مشڪلاتن کي دور ڪر ته پوءِ اسين پنهنجو ارادو ٺيڪ ۽ درست ڪريون. دل جڏهن خطرات کان خالي ٿي تڏهن پوءِ سِرُ جو در هر وقت قربان.

 

هدهد جو تخت نشين ٿي گفتگو ڪرڻ

هدهد تاج پهري تخت تي ويهي، پکين جي آڏو گفتگو شروع ڪئي جي سڀيئي صفون ٻڌيو بيٺا هئا. پهريائين بلبل ۽ ڳيري، ٻن قارين جي طرح مٺي آواز سان سندس آڏو آيا. سندن آواز اهڙو ته شيرين ۽ موهيندڙ هو جنهن ٻڌندڙن کي بيقرار ۽ مدهوش ڪري ٿي ڇڏيو. هر هڪ تي هڪ خاص حالت طاري هئي. ان کان پوءِ هدهد اچي حقائق تان پردو هٽايو ۽ رازن کي کوليو.

 

هڪ پکيءَ جو سوال

هدهد کان هڪڙي پکي اُٿي پڇيو ته: آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري تون اسان کان سبقت حاصل ڪري ويو آهين؟ اسين آهيون ته سڀيئي هڪجهڙا، پوءِ خبر نه آهي ته هي تفاوت ڇو آهي. اسان کان ڪهڙي خطا ٿي جنهن سبب تون وڏي مرتبي وارو ٿي وئين ۽ اسين ذليل ۽ هيچڪس!

 

هدهد جو جواب

اي پرندؤ، مون تي هڪ دفعي حضرت سليمان جي گهڙي کن نظر پئي. مون هيءَ عزت، زر ذريعي حاصل نه ڪئي آهي، بلڪ اها ان هڪ نگاه جو ئي نتيجو آهي. ههڙي عزت ڀلا اطاعت سان ڪٿي ٿي دستياب ٿي سگهي. خود ابليس زياده اطاعت ڪئي هئي؛ ليڪن جيڪڏهن هتي ڪو ائين چوي ته اطاعت جي ڪا ضرورت ڪانهي ته اهڙي تي هر وقت لعنت هجي. تون هڪڙي گهڙي به اطاعت نه ڇڏ، البت تون ان تي ناز به نه ڪر. پنهنجي ساري ڄمار اطاعت ۾ گذار ته جيئن سليمان توتي رحم جي نظر فرمائي، ۽ جڏهن تون وٽس مقبول ٿي ويندين ته پوءِ ته تون واقعي هڪ وڏي مرتبي کي پهچي وئين. هن حقيقت کي سمجهڻ لاءِ مان توکي ٻه ٽي حڪايتون ٻڌايان ٿو.

 

سلطان محمود جو هڪڙي شڪاري ڇوڪري سان شرڪت ڪرڻ

ڳالهه ٿا ڪن ته، هڪڙي دفعي سلطان محمود پنهنجي لشڪر کان الڳ ٿي ويو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندي اچي هڪ درياءَ جي ڪناري تي پهتو جتي هڪڙي ڇوڪري مڇي ڦاسائڻ لاءِ دريا اندر ڪنڍي وڌي هئي. ڇوڪرو گهڻو غمگين ۽ ڏکويل ٿي نظر آيو تنهن ڪري سلطان ان جو کانئس سبب پڇيو. هن جواب ۾ چيو ته: اسين ست يتيم ٻار آهيون ۽ اسان جي والده نهايت ٻڍي هڪڙي ئي ڪنڊ ۾ فقيرياڻي بڻي ويٺي آهي. سڄو ڏينهن مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪيتريون تڪليفون وٺندو رهان ٿو، تڏهن مس وڃي ڪا هڪ مڇي ٿي هٿ اچي ۽ اها به فقط رات جو قوت ٿي ٿئي! هي ٻڌي بادشاهه چيس ته، جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو شريڪ ڪرڻ چاهين ته مان ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇوڪرو ازحد راضي ٿيو، ۽ پوءِ بادشاهه پاڻ ڪُنڍي اڇلائي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سؤ مڇيون شڪار ٿيون. هيءَ حالت ڏسي ڇوڪري کي ڏاڍو عجب لڳو! جنهن تي بادشاهه ٻڌايس ته، اها ساري دولت انهيءَ ڪري هٿ آئي جو بادشاهه تنهنجو ماهيگير بڻيو آهي.

ائين چئي بادشاهه گهوڙي تي سوار ٿي روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن جڏهن پنهنجي محل ۾ داخل ٿيو تڏهن ان ڇوڪري جي يادگيري آيس. يڪدم سپاهي روانو ڪري کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجي مسند تي گڏ وهاريائين. درٻاري هي حال ڏسي تعجب ۾ اچي ويا، ۽ ان ڇوڪري کان اهڙي عالي مرتبي تي فائز ٿيڻ جو سبب پڇڻ لڳا! جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته، هي سڀ بادشاهه سلامت (صاحب دولت) جي نظر جو نتيجو آهي.

 

  

حضرت جنيد جو هڪڙي خونيءَ کي خواب ۾ ڏسڻ

هڪڙو خوني، جنهن کي بادشاهه قتل ڪري ڇڏيو هو، تنهن کي حضرت جنيد خواب ۾ بهشت اندر هشاش بشاش گهمندو ڦرندو ڏٺو. کانئس پڇيائين ته: تون هن درجي کي ڪيئن پهتو آهين، حالانڪ تنهنجا عمل ته اهڙا هئا ئي ڪونه؟ جواب ۾ خوني ٻڌايس ته: جنهن وقت منهنجو رت زمين تي ڪري رهيو هو تنهن وقت حبيب عجمي · منهنجي اڳيان لانگهائو ٿيو ۽ پوشيده طور مون تي هڪ نظر ڪئي. هاڻي هيءَ عزت محض ان هڪ نظر سب حاصل ٿي اٿم. جنهن به شخص تي ڪنهن صاحب دل جي نظر پئي ٿي سو هڪ پل اندر فرش کان عرش تائين پهچي وڃي ٿو. جيستائين توتي ڪنهن صاحب دل صوفيءَ جي نظر نه پيئي آهي، تيستائين تون پنهنجي وجود کان ئي بي خبر آهين. هن رستي ۾ پير (مرشد) جي ضرورت آهي، ان بغير هي ڊگهو ۽ اڙانگو رستو طئي ٿي نٿو سگهي.

 

سلطان محمود ۽ هڪ پيرسن ڪاٺير

هڪ دفعي اهڙو اتفاق بڻيو جو سلطان محمود، شڪار ڪندي پنهنجي لشڪر کان جدا ٿي ويو. پري کان هڪ ڪاٺير نظر آيس، جنهن جي ڪاٺين جي لڏ گڏهه تان ڪري پيئي هئي. نزديڪ وڃي کيس چيائين ته: جيڪڏهن تون مونکي پنهنجو يار (مددگار) ڪرڻ چاهين ته مان حاضر آهيان. ٻڍي هي ٻڌي وراڻي ڏني ته، منهنجي ان ۾ سراسر ڀلائي آهي. مان تنهنجي منهن ۾ حسن جي جهجهي جهلڪ ڏسان ٿو ۽ حسين (هونءَ به) ته هميشه مهربان هوندا آهن.

بادشاهه، گهوڙي تان لهي اها ڪاٺين جي لڏ پنهنجي هٿن سان گڏهه تي رکي واپس لشڪر ڏانهن روانو ٿيو. پهچندي ئي لشڪر کي حڪم ڪيائين ته هڪڙو ٻڍو منهنجي طرف اچي رهيو آهي، تنهنڪري هن جا ٻيا سڀيئي رستا (سواءِ مون واري رستي جي) بند ڪريو ته جيئن هو مون کي ڏسي سگهي. پيرسن هيءَ رستي روڪ ڏسي گهٻرايو گهڻو ئي، مگر پري کان بادشاهه جي ڇٽي ڏسي پنهنجي لڏيل گڏهه سميت اچي اتي پهتو. ڇٽيءَ جي هيٺان دوست (آشنا) کي ڏسي گهڻو شرمندو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، اي الله! مون محمود بادشاهه کي پنهنجو حمال (ڪولي) بڻايو!

بادشاهه کانئس حال دريافت ڪيو جنهن تي هن جواب ڏنو ته: مان هڪ عيالدار ۽ غريب آهيان، ڪاٺيون ڪري گذر ڪريان ٿو، تون مون تي مهرباني ڪرين ته ڪري سگهين ٿو؛ منهنجو حال ڪو توکان ڳجهو ڪونهي. ان تي بادشاهه چيس ته، چڱو پنهنجي ڪاٺين جي قيمت ٻڌاءِ ته توکي ڏيون؟ ٻڍي جواب ڏنو ته، سائين سون جي ڏهن ٿيلهين کان گهٽ ۾ ڪونه وڪڻندس. سلطان جي لشڪر، هي ٻڌي تنبيهه ڪيس ته اڙي بيوقوف خاموش رهه، هيءُ ڀري ٻن جَوَن جي قيمت مس ٿي رکي! ٻڍي وراڻي ڏني ته، ائين برابر آهي، ليڪن خريدار نهايت عمدو ۽ عالي مرتبي وارو آهي. جڏهن منهنجي ڪاٺين تي هڪ بادشاهه پنهنجو هٿ ڦيريو آهي تڏهن انهن جي قيمت به گهڻو وڌي ويئي آهي. بادشاهه هيءُ ڳالهه ٻڌي کيس گهڻو سون عطا ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته هن کي ڏهه ٿيلهيون سون جون ڏنيون وڃن!

 

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال پڇڻ

هڪڙي ٻئي پکيءَ هدهد کان سوال ڪيو ته، جڏهن ته مان گهڻو هيڻو ۽ ناتوان آهيان ۽ ڏاڍو عاجز ۽ بي بس آهيان، تڏهن هن راهه تي ڀلا ڪيئن هلي سگهندس؟ وادي گهڻو دور ۽ رستو ڏاڍو اوکو آهي؛ علاوه ان جي وچ تي ڪيترائي آتشي پهاڙ آهن. مان ته پهرين ئي منزل ۾ ختم ٿي ويندس. هيءُ ڪم هر ڪنهن جو نه آهي. هن راهه ۾ ڪيتريون ئي جانيون قربان ٿي ويون ۽ خون جا درياءَ وهي هليا ۽ ڪيترن ئي ڏاهن اچي پنهنجو ڪنڌ نوايو. اهڙي راهه، جتي سچن پچن جوانمردن به پنهنجي عاجزي ڏسي شرم کان کڻي منهن ڍڪيو، تتي مون جهڙي ڪمزور جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ جيڪڏهن مان اهڙو قصد ڪندس ته يقيناً خوار ۽ خراب ٿيندس.

 

هدهد جو جواب

اڙي ٻڍا، تون ڪيستائين پنهنجي دل کي هن بند ۾ رکيو ايندي. هن راهه ۾ جوان خواه ٻڍو، ڳالهه ساڳي آهي، ساري دنيا گندگيءَ سان ڀري پئي آهي ۽ نادان ان ۾ پيا ليٿڙيون کائين. اسان هن راهه ۾ تڪليف سان مرون ته اهو بهتر آهي جو هن گندگيءَ ۾ غلطان پيا رهون. باقي جيڪڏهن عشق جي خاطر خواري کڻڻي ٿي پوي ته اهڙيءَ خواري ڀلي کنئي وڃي ۽ اها سونهين به ٿي. ها، جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته، هي عشق جو خيال مڙيو ئي دوکو آهي ۽ تون ان هنڌ پهچي ئي ڪونه سگهندين ته اهڙي دوکي ۾ اچي جان ڏيڻ هزار بار بهتر آهي. آخرڪار دنيا سان هي تعلق ۽ هيءَ تن پروري ڪيستائين؟

اي انسان! جيڪڏهن تون واقعي ڪم وارو (ڪارائتو) ماڻهو آهين ته پوءِ هن رستي ۾ پير رک (ڪُڏي پؤ) ۽ زنانپڻو ڇڏي ڏي. تون هيءَ ڳالهه يقين سان سمجهي ڇڏ ته تنهنجي هيءَ طلب (تلاش) اصلي ۽ حقيقي شيءِ آهي، پوءِ ڀلي کڻي ڪو ان کي ڪفر ڇو نه سمجهي. اهڙو ڪفر زيبا آهي ۽ عشق جي طلب کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه اجايو ۽ بي معنيٰ آهي، جنهن به شخص جي سيني ۾ عشق اچي ديرو دمايو تنهن پنهنجي هستيءَ تان دل کڻي ڇڏي. عشق جڏهن وٺي ٿو تڏهن گهڙي به ڇڏي نٿو ۽ مارڻ بعد به ان غريب عاشق کان خون بها جي گهُر ڪري ٿو، رنج رسائڻ کان سواءِ ڪو آرام نٿو ڏئي ۽ جيڪڏهن ڪو کاڌو ڏئي ٿو ته اهو به جگر جي خون سان ڀريل. عاشق ڀلي ڪئلي کان به وڌيڪ ضعيف ڇو نه هجي، عشق هر وقت ان تي زور لائيندو (رهندو) رهي ٿو، جنهن سببان ضعيف، قوت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.  انسان جڏهن خطرن جي درياءَ (عشق) ۾ گهڙيو ته پوءِ جگر جي خون بغير ڪٿي ٿو لقمو کائي سگهي. هاڻي هڪڙي حڪايت ٻڌايان ٿو، جنهن کي ڪن لائي ٻڌ:

 


·  حبيب عجمي، هڪ عالي مرتبي وارو صوفي ٿي گذريو آهي. هو حضرت حسن بصريءَ جو مريد هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org