شيخ خرقانيءَ جي
حڪايت
هڪڙي دفعي شيخ خرقاني، نيشاپور شهر ۾ آيو ۽ سفر جي
تڪليف سبب، اچڻ سان بيمار ٿي پيو. هفتو کن ته هڪ
ڪنڊ ۾ بکيو پيو رهيو. آخر جڏهن بک ڏاڍو اچي تپايس
تڏهن خدا تعاليٰ کي هڪ مانيءَ لاءِ عرض ڪيائين.
ليڪن غيب مان فوراً آواز آيس ته، تون هينئر ٻهارو
کڻي نيشاپور جي ساري ميدان کي وڃي ٻهار، توکي ان
مزوريءَ جي عوض اڌ جَوَ برابر سون هٿ ايندو جنهن
سان تون ماني وٺي کاءُ.
ويچاري جواب ۾
چيو ته، جيڪڏهن مون وٽ ٻهارو ۽ پروڻ هجي ها ته
پوءِ اُهي ڇو نه وڪڻي کڻي ماني وٺان ها. مان بي
سرو سامان آهيان ۽ جگر جو سارو خون پي چڪو
آهيان. مون مسڪين کي وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي. غيبي
آواز کيس وري خبردار ڪيو ته بغير پورهئي جي مفت ۾
ماني نه ملندي! گهڻي زاري ۽ پريشاني کان پوءِ نيٺ،
هن هڪڙي شخص کان ٻهارو ۽پروڻ هٿ ڪري نيشاپور جو
سارو ميدان ٻهاريو، جنهن جي بدلي ۾ جو سون ذرو
مليس تنهن سان هن ماني وٺي کاڌي، مگر اتي خوشيءَ ۾
ٻهارو ۽ پروڻ ٻئي وساري ويٺو. جڏهن اهي ياد آيس
تڏهن ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي چوڻ لڳو ته، آخر مان
غريب انهن جي چٽي ڪٿان ڀري سگهندس؟ انهن جي تلاش ۾
چرين وانگر ڦرندو رهيو، تان جو اچي هڪ ويران جڳهه
وٽ پهتو جتي اوچتو ئي اوچتو ٻهاري ۽ پروڻ کي ڏسي
حيرت زده ٿي ويو. ان وقت غيب کان آواز آيس ته اي
بدمزاج! ٻوڙ کانسواءِ (رُکيءَ) مانيءَ ۾ مزو نه
هوندو آهي، جڏهن تو ڪجهه ڪمائي ڪئي تڏهن باقي رهيل
جو اسان پورائو ڪيو. ڀلا، پورهئي بغير ڪو ڦل حاصل
ٿي سگهندو؟
هڪ ديواني جو قصو
هڪڙو ديوانو جو ننگو وڃي رهيو هو، تنهن ماڻهن کي
پهريل سهريل ڏسي خدا تعاليٰ کان هڪڙي چوغي جي طلب
ڪئي. هاتف آواز ڏنس ته، تون اُس ۾ وڃي پاڻ کي ڪوسو
ڪر، انهيءَ لاءِ ته اسان سج کي گرم بنايو آهي؛
ليڪن هن ديواني وري به چوغي لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي
کيس ڏهن ڏينهن لاءِ صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي.
ڏهن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪڙو شخص جو هوا جيان تيز اچي
رهيو هو تنهن هن اس سڙيل کي هڪ سبيل چوغو ڏنو،
جنهن کي ڪيترائي پيوند لڳل هئا. هيءَ حالت ڏسي ان
ديواني کيس چيو ته، اي رازدان! ائين معلوم ٿو ٿئي
ته تون انهيءَ ڏينهن کان (جنهن ڏينهن کان مون ان
چوغي جي گهر ڪئي هئي) وٺي هن گودڙيءَ کي سبندو
رهيو آهين. ڇا تنهنجي خزاني ۾ ٻيا ڪپڙا سڙي ويا جو
تون هن ٿڳڙين لڳائڻ ۾ لڳي وئين! ڀلا ٻڌاءِ ته سهي
ته، تو اهڙو درزڪو ڪم ڪنهن کان سکيو آهي؟ ان جواب
۾ چيس ته، اي يار! انهيءَ (الله تعاليٰ) جي درگاهه
۾ باريابي حاصل ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. انهيءَ جي
راهه ۾ اسان کي خاڪ ٿيڻ گهرجي. ڪئين لوڪ پري کان
ڪهي هن درگاهه تي آيا، ڪڏهن سڙي ويا ته ڪڏهن (سڙڻ
بعد) چمڪي روشن ٿي نڪتا. اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو جو
جڏهن ڪنهن مدت بعد ماڻهو پنهنجي مقصد کي اچي ويجهو
پوي ٿو، تڏهن مقصود ماڻڻ کان محروم رهجي وڃي ٿو.
رابعه عدويه
جو حج تي وڃڻ
مردن جي سرتاج بيبي رابعه، پورا ست سال مڪي طرف حج
لاءِ ڪلهن ڀر هلندي رهي. جڏهن حرم جي ويجهو آئي
تڏهن چوڻ لڳي ته، هاڻ مون پنهنجو حج گويا پورو
ڪيو؛ پر جڏهن هڪ ڏينهن هن ڪعبي وڃڻ جو رُخ ڪيو ته
اوچتو ئي اوچتو ماهواريءَ جو شڪار ٿي پيئي! پوئين
پيرين ٿي چوڻ لڳي ته اي منهنجا پروردگار! مون ست
سال ڪلهن ڀر سفر ڪيو ۽ جڏهن حج جي بازار گرم ڏٺم
تڏهن تو منهنجي راهه ۾ کڻي هي ڪنڊا اڇلايا. هاڻي
يا ته پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏينم يا وري اچڻ جي اجازت
ڏينم؟
اي انسان، تون سمجهي ڇڏ ته جيستائين ڪو شخص رابعه
وانگر عاشق نه ٿيو آهي، تيستائين هو هڪ عارف جي
قدر ۽ منزلت کي ڪٿي سڃاڻي سگهندو. تون جيستائين هن
فضوليات جي سمنڊ (دنيا) ۾ پيو ترندين تيستائين ان
اندر رد ۽ قبول جون موجون اٿنديون رهنديون. هاڻي
جيڪڏهن تون هن ڪُن مان سِر ٻاهر ڪڍندين ته هر گهڙي
اطمينان جو ساهه کڻندين (۽ ان اطمينان ۾ اضافو
آڻيندين)؛ پر جيڪڏهن انهيءَ ڪُن ۾ ڦاٿل رهندين ته
تنهنجو مٿو چڪيءَ جي طرح پيو ڦرندو ۽ توکي گهڙي
پلڪ به آرام نصيب نه ٿيندو.
هڪڙي
شخص جي هڪ ديواني سان ملاقات
هڪڙو شخص، هڪ دفعي هڪڙي ديواني وٽ آيو جو هڪ ڪنڊ ۾
ذليل ۽ خراب حالت ۾ پيو هو. ان کي چيائين ته، مان
تو ۾ اهليت ڏسان ٿو ۽ هن اهليت ۾ توکي اطمينان به
آهي. ديواني جواب ۾ چيو ته، اطمينان ڪنهن کان حاصل
ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جڏهن مون کي پسُوئن ۽ مکين کان
رهائي ڪانهي. سارو ڏينهن مکين جي عذاب ۾ مبتلا ۽
ساري رات پسُوئن جي آزار کان بي آرام. نمرود جي
مٿي ۾ فقط هڪڙو مڇر ويو، جنهن سبب سندس مٿو پريشان
ٿي پيو ۽ سندس دل دونهي سان ٻوساٽجي ويئي. مان
شايد پنهنجي وقت جو نمرود آهيان جنهن ڪري هي مڇر،
پسُون ۽ مکيون نصيب ۾ پلئه پيون اٿم!
هڪڙي ٻئي
پکيءَ جو سوال ڪرڻ
هدهد کان هڪڙي ٻئي پکيءَ پڇيو ته، مان ڏاڍو گنهگار
آهيان، هاڻي هيترن گناهن هوندي مان انهيءَ هنڌ ڪٿي
ٿو وڃي سگهان! جڏهن ڪو پکي گناهن ۾ سراسر غلطان
آهي تڏهن ڪيئن ڪوهه قاف تائين پهچي سيمرغ جي
ملاقات جو لائق بڻجي سگهي ٿو؟ جڏهن هڪ گنهگار
انهيءَ بادشاهه جي رستي کان ئي ٿڙي ويو تڏهن هاڻي
ڪٿي ٿو بادشاهه جو قرب حاصل ڪري سگهي!
هدهد جو جواب
اڙي غافل! تون ان کان نا اُميد نه ٿيءُ ۽ هميشه ان
جي مهرباني جو طالب ٿي رهه. تون جيڪڏهن آساني ۽
آرام ۾ رهڻ چاهيندين ته پوءِ تنهنجو ڪم ڪنهن وقت
ڏاڍو اوکو پئجي ويندو. جيڪڏهن تو گناهه ڪيا آهن ته
پرواهه نه آهي، تون توبهه ڪر ۽ توبهه جو دروازو
سدائين کليل آهي. جيڪڏهن توبهه ڪندڙ جي توبهه قبول
نه ٿئي ها ته پوءِ هو (الله تعاليٰ) هر رات هيٺ
ڇو لهي ها
؟
جيڪڏهن تون هن راهه ۾ ڪجهه وقت لاءِ سچائيءَ سان
ايندين ته پوءِ توکي ڪيتريون ئي ڪاميابيون نصيب
ٿينديون. مثال طور مان توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو:
هڪ گنهگار جي ڳالهه
هڪڙي ماڻهو گهڻن گناهن ڪرڻ کان پوءِ توبهه ڪري
سنئين راهه ورتي، مگر وري جڏهن سندس نفس طاقت ۾
آيو تڏهن توبهه ٽوڙي ناجائز خواهشن جي پٺيان ڪاهي
پيو، ۽ ڪو وقت هر قسم جي براين ۾ گرفتار رهيو، آخر
دل ۾ درد پيدا ٿيس، مگر افسوس جو پاڻ ۾ توبهه ڪرڻ
جي طاقت نه ڏسي اندر ئي اندر جلندو رهيو. هڪڙي
ڏينهن صبح جو غيبي آواز آيس ته خدا تعاليٰ چوي ٿو
ته: تو جڏهن پهريون دفعو توبهه ڪئي تڏهن مون قبول
ڪئي ۽ توکي معاف ڪيم. وري جڏهن ٻيو دفعو تو توبهه
کي ٽوڙيو تڏهن به مون توکي مهلت ڏني ۽ گرفت نه
ڪئي؛ هينئر به تون تائب ٿي، جو بخشش جو دروازو هر
وقت کليل رهي ٿو ۽ منهنجي رحمت جو ڪو ڪاٿو ئي
ڪونهي.
حضرت جبرئيل جي
ڳالهه
هڪڙي رات، جبرائيل عليه السلام سدرة المنتهيٰ ۾ هو
ته الله تعاليٰ جي طرفان ’لَبيڪ‘ جو آواز سندس
ڪنين پيو. سمجهي ويو ته ڪو الله جو بندو پنهنجي
موليٰ کي پڪاري رهيو آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته هو هڪ
وڏي مرتبي وارو بندو آهي، جنهن پنهنجي نفس کي ماري
مات ڪيو آهي. بس پوءِ ته ستن آسمانن ۽ زمينن ۾ ان
جي تلاش ۾ ٿِي نڪتو. مگر ڪٿي به نظر نه آيس. نيٺ
الله تعاليٰ وٽ اچي ان بابت عرض ڪيائين. جنهن کيس
روم ۾ هڪ گرجا اندر وڃي ان جي حال کان واقف ٿيڻ
لاءِ چيو. حضرت جبرائيل فوراً انهيءَ هنڌ پهچي ويو
۽ کيس بت کي ظاهر ظهور پڪاريندو ڏسي اچرج ۾ پئجي
ويو. موٽي اچي عرض ڪيائين ته، اي منهنجا پروردگار!
هن راز جو پردو ته منهنجي اڳيان کول! حق تعاليٰ
ٻڌايس ته، هن جي دل ڪاري ٿي ويئي آهي، هينئر هو
صحيح ۽ غلط کي سمجهي ئي نٿو. مون کي ان جي عاجزي
ڏاڍي مٺي لڳي، تنهن ڪري ئي هيءُ جواب ڏيڻو پيو.
هاڻي اسين گهڻي مهربانيءَ سان کيس پنهنجي درٻار جي
واٽ ڏيکارينداسون. اڃا گهڙي ئي نه گذري ته ان جي
دل جي دري کلي پئي ۽ هو هڪدم ’الله، الله‘ پڪارڻ
لڳو. اها ڳالهه انهيءَ لاءِ ڪئيسون ته، جيئن تون
سمجهين ته انهيءَ درٻار ۾ ڪي اهڙا ڪم به ٿين ٿا جن
جو ڪو (ظاهري) سبب ئي ڪونه ٿو معلوم ٿئي. هن
درگاهه تي جيڪڏهن تون وقتاً خالي هٿين به آئين ته
به ڪو حرج ڪونهي. اتي ته نيڪوڪار ۽ بدڪار ٻنهي
لاءِ جاءِ آهي.
هڪ
صوفي ۽ ماکيءَ وڪڻندڙ جي ڳالهه
بغداد شهر ۾، جيئن هڪ صوفي تڪڙو وڃي رهيو هو تيئن
(رستي جي وچ ۾) هن کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هڪڙو شخص
هوڪو ڏيئي رهيو هو ته مون وٽ گهڻي ماکي آهي ۽
وڪڻان به سستي ٿو، آهي ڪو وٺڻ وارو؟ صوفيءَ چيس ته
يار! ٿوري ڪجهه مفت ۾ به ڏيندو آهين يا نه؟ تنهن
تي هن جواب ڏنس ته، تون ڪو چريو آهين. ڀلا، ڪڏهن
ڪو ماڻهو، ڪا شيءِ ڪنهن کي مفت ۾ به ڏيندو آهي؟
اتي غيب کان آواز آيس ته اڙي صوفي تون هڪڙو قدم
اڃا به اڳڀرو ٿي (اوري آءُ) تان ته اها چيز توکي
مفت ۾ ڏيون ۽ جيڪڏهن اڃا به زياده چاهيندين ته اهو
به ڏينداسين.
اي بندا، الله تعاليٰ جي رحمت سج وانگر آهي جنهن
جي روشنيءَ کان جهان جو ڪوبه ذرو خالي ڪونهي. هن
جي رحمت جو هن ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهين ٿو
ته، ڪيئن نه هڪ دفعي هڪڙي ڪافر خاطر پنهنجي پيغمبر
کي مهڻو ڏنو هئائين!
حضرت موسيٰ
۽ قارون جو قصو
الله تعاليٰ، حضرت موسيٰ کي خطاب ڪندي چيو ته، اي
موسيٰ، قارون توکي ستر دفعا عاجزيءَ سان پڪاريو ۽
تو هڪ دفعي به ان کي جواب نه ڏنو؛ حالانڪ جيڪڏهن
هو هڪ گهڙي مون کي پڪاري ها ته مان شرڪ کان کيس
ڇڏائي ڇڏيان ها ۽ کيس دين جو چوغو پهرايان ها. تو
ته ان کي هزار دردن سان گڏ زمين اندر پورائي ڇڏيو.
اڃان ته تون ان کي پيدا نه ڪيو هو، پر جيڪڏهن تون
ئي ان جو پيدا ڪندڙ هجين ها ته يقيناً ان کي عذاب
۾ رکين ها. اها ذات جا بيرحمن تي ايترو مهربان آهي
سا رحم وارن تي ڪيترو نه مهربان هوندي! هن جي فضل
جو درياءَ بي پايان آهي جنهن جي اڳيان اسان جا
گناهه (هڪڙي ڦڙي مثل) تِڇ آهن. بلاشڪ جو شخص
گنهگارن جي گلا ڪري ٿو سو هٿ وٺي پاڻ کي ظالمن جو
سردار بڻائي ٿو.
گنهگار شخص
جي وفات جو قصو
هڪڙي دفعي جيئن هڪڙي گنهگار شخص جي لاش کي کنيو
پئي ويا تيئن هڪڙي پرهيزگار ان جي جنازي نماز پڙهڻ
کان اعتراض ڪيو. رات جو خواب ۾ جڏهن هن ان کي بهشت
اندر گهمندو ڏٺو، تڏهن کانئس ان جو سبب پڇيائين.
گنهگار ٻڌايس ته، تنهنجي بيرحميءَ جي ڪري پروردگار
مون پريشان حال تي پنهنجي رحمت جي پلٽ ڪئي.
هاڻي توهين ان جي عشقبازي جا ڪارناما ته ڏسو، جو
جنهن شخص کي هو پاڻ ڌڪاري ٿو تنهن ساڳئي کي وري
نوازي ٿو. ڪم به پاڻ ڪرائي ٿو، وري پڪڙي به ٿو ۽
آخر ۾: وري بخشي به ٿو. سندس راهه ۾ ڪئين حڪمتون
آهن ۽ سندس ڪوبه فعل حڪمت کان خالي ڪونهي!
اي انسان! هي ست ئي آسمان تنهنجي لاءِ ڪم ڪري رهيا
آهن، ۽ فرشتن جي عبادت به تنهنجي ئي ڀلي خاطر آهي.
تون پاڻ کي حقير نه سمجهه، تون واقعي اشرف
المخلوقات آهين. تنهنجي جان (روح) انهيءَ ڪل جو ڪل
آهي ۽ جڏهن تنهنجي دل اندر ڪو ڪثرت جو خيال ئي
ڪونهي تڏهن توکي ڪل سڏڻ ئي مناسب آهي ۽ نه ان جي
(ڪل) جو جزو. شال توتي رحمت جا هزارين ڪڪر وسندا
رهن ۽ تنهنجي شوق ۾ اضافو آڻيندا رهن!
عباسه
جي ڳالهه
عباسه جو چوڻ آهي ته، جڏهن قيامت جي ڏينهن ماڻهو
پريشان ۽ سرگردان هوندا ۽ گنهگارن ۽ ڏوهارين جا
منهن ڪاراٽيل هوندا، تڏهن الله تعاليٰ دنيا ۽
آسمان جي سڀني ملائڪن جي هزارن سالن جي اطاعت
کانئن وٺي پنهنجي ٻانهن ۾ روهائيندو ۽ چوندو ته اي
ملائڪو! توهان کي هاڻي هن عبادت جي ڪا ضرورت
ڪانهي، انهيءَ جي ضرورت هينئر هنن گنهگار بندن کي
آهي ته جيئن انهن جو ڪم بڻجي پوي، ڇالاءِ جو ماني
هميشه بکئي کي ڏبي آهي ۽ نه ڍاول کي.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال
هدهد کي هڪڙي ٻئي پکيءَ چيو ته، مان پيدائشي تقليد
ڪندڙ آهيان ۽ هر گهڙيءَ پيو رنگ بدلايان. ڪنهن وقت
قلندر آهيان ڪنهن وقت زاهد، ڪنهن مهل هست آهيان ته
ڪنهن مهل نيست. ڪڏهن شرابخاني ۾ مخمور نه ڪڏهن
مناجات ۾ مشغول. مان ته نه آهيان هيڏي جو ۽ نه
آهيان هوڏي جو؛ هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته هن حالت
۾ مان ڇا ڪريان؟
هدهد جو جواب
اڙي مت موڙهيل (کسيل)، هيءَ خصلت هر ڪنهن ۾ موجود
آهي، ڇالاءِ جو هڪڙي صفت ۽ هڪڙي حال وارو ماڻهو
خيرڪو ٿئي ٿو. جيڪڏهن اول کان سڀيئي ماڻهو پاڪ ۽
بي عيب هجن ها ته پوءِ نبين سڳورن کي موڪليو ئي نه
وڃي ها. جڏهن عبادت ۾ تنهنجي دل لڳل هوندي تڏهن
گهڻي آهستگيءَ سان تون سڌاري طرف ايندين ۽ اهو
انهيءَ ڪري آهي ته جيئن تون سرڪش ۽ آرام طلب نه ٿي
پوين. خون جا لڙڪ وهائڻ دل لاءِ صيقل آهي ۽ خوب
پيٽ ڀري کائڻ ان تي ڪٽ چاڙهيو ڇڏي؛ تنهن ڪري تون
نفس جي پيروي ترڪ ڪر ته جيئن لعل ٿي نڪرين. اجهو
تنهنجي نصيحت خاطر توکي ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌايان ٿو:
شبلي جي ڳالهه
هڪڙي دفعي شبلي بغداد ۾ وڃائجي ويو؛ گهڻي ڳولا کان
پوءِ ان کي هڪ مخنث خاني ۾ ڏٺائون. هڪڙي سائل
کانئس پڇيو ته، تولاءِ هي جڳهه مناسب آهي؟ جواب ۾
چيائين ته، هي گنهگار ماڻهو، هن دنيا ۾ نه مرد آهن
نه زالون. منهنجي حالت به انهن جيان آهي، جو دين
جي راه ۾ نه زال آهيان ۽ نه مرد. مان پنهنجي
جوانمرديءَ جي فقدان (نامرديءَ) ۾ ئي گم ٿي ويو
آهيان، تنهن ڪري پاڻ کي مرد سڏائڻ کان ئي مون کي
شرم ٿو اچي.
اي انسان! جنهن به پنهنجي جان کي جاڳايو تنهن
هميشه هيٺاهين ۽ عاجزيءَ جي راهه ورتي. باقي
جيڪڏهن تون پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ هڪ وار جيترو مٿي
ڪري ڏيکاريندين ته يقيناً پاڻ کي هڪ بت کان ئي هيٺ
ڪيرائي وجهندين. جيڪڏهن تعريف ۽ مذمت تو ۾ ڪو فرق
پيدا ڪن ته، پوءِ سمجهي ڇڏ ته تون اڃا هڪ بت ساز
آهين. تون خدا تعاليٰ جو بندو ٿي رهه، بت سازگري
ڇڏي ڏي ۽ عاجزي اختيار ڪر، ڇالاءِ جو عاجزيءَ کان
بلندتر ڪو درجو ئي ڪونهي. هاڻي جڏهن تنهنجي
گودڙيءَ ۾ ئي سوين بت آهن ته پوءِ خواه مخواه پاڻ
کي صوفي ڇو ٿو ڪري ڏيکارين؟ حقيقت ته هيءَ آهي ته،
هر گهڙي تون هڪ نه ٻيو انڪار ڪرين ٿو ۽ هر وار جي
پاڙ ۾ هڪ نه ٻيو زنار رکين ٿو. (نه تو ۾ پوري
صداقت آهي ۽ نه پوري توحيد). عشق کي اهڙين ڳالهين
سان ذرو به تعلق ڪونهي، تنهن ڪري صاف دل ٿي هن
راهه ۾ پير پاءِ.
هڪ قاضيءَ جي ڳالهه
ڳالهه ٿا ڪن ته، هڪڙي دفعي ڪنهن قاضيءَ جي ڪورٽ ۾
ٻه گودڙي پهريل صوفي اچي پاڻ ۾ ٽڪريا. قاضيءَ انهن
کي هڪ ڪنڊ ۾ وٺي وڃي سمجهايو ته صوفيءَ کي جهڳڙو
ڪرڻ نه جڳائي،. توهان ته رضا ۽ تسليم جو جامو
پهريو آهي، هاڻي هيءُ جهڳڙو ڇا جي لاءِ؟ جيڪڏهن
توهان جي هيءَ حالت آهي ته ان کان ته بهتر آهي ته
هي صوفياڻو لباس لاهي ڇڏيو. مان جيتوڻيڪ قاضي
آهيان ۽ نه عارف، تڏهن به اهڙي گودڙيءَ پائڻ کان
شرم ٿو اچيم. توهان جي مٿي تي زنانو برقعو سونهي
ٿو ۽ نه هن قسم جي گودڙي. جيڪڏهن توهين واقعي عشق
۾ مبتلا آهيو ته پوءِ هن قسم جي منافقت ۽ خود
فريبي ڇڏي ڏيو. هيءَ گودڙي نه، بلڪ اها دل آهي جا
انسان کي صحيح معنيٰ ۾ صوفي بنائي ٿي.
هڪ غريب جو عشق
هڪڙي دفعي هڪڙو غريب مصر جي بادشاه تي عاشق ٿي
پيو. جڏهن بادشاه کي ان جي عشق جي خبر پئي تڏهن
گهرائي چيائينس ته، تون هاڻي ٻن ڪمن مان هڪڙو ڪم
ڪر، يا ته هي شهر ۽ ملڪ ڇڏي وڃ يا مون خاطر سر تان
آسرو لاهه، پر ڇاڪاڻ ته هو عشق ۾ سچو نه (ڪچو) هو،
تنهن ڪري ملڪ مان نڪري وڃڻ پسند ڪيائين. جڏهن
روانو ٿيو تڏهن بادشاه ان جي سر ڪاٽڻ جو حڪم ڏنو.
هڪ درٻاري کيس عرض ڪيو ته، جيئن ته هو بيگناهه
آهي، تنهن ڪري ان جي سِر ڪاٽڻ جو حڪم ڪرڻ روا نه
آهي. بادشاه جواب ڏنو ته ڇاڪاڻ ته، هو عاشق نه هو
۽ عشق جي راهه ۾ صدق نه هو، تنهن ڪري ان جو صحيح
علاج سر ڪاٽڻ ئي هو ته، جيئن عشق جا ڪوڙا دعويدار
وري اهڙي ڪوڙي دعويٰ نه ڪن، ۽ آئنده هرڪس ۽ ناڪس
عاشقيءَ جو دم نه هڻي. سچو عاشق هميشه سر قربان
هوندو آهي.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو سوال
هدهد کي وري هڪڙي ٻئي پکيءَ چيو ته يار، نفس ته
منهنجو دشمن آهي، ۽ سدائين مون سان ساڻ آهي. هاڻي
مان هن راهه تي هن رهزن سان گڏجي ڪيئن هلان؟ نفس
جو ڪتو ڪڏهن به منهنجي چئي ۾ نه آيو ۽ جيڪڏهن سچ
پڇين ته هن ڪميني کان منهنجو بچڻ ئي مشڪل آهي.
صحرا ۾ بگهڙ (شيطان) ٿو ساٿي ٿئيم ۽ هتي هي خوشنما
ڪتو ته نه ڪڏهن منهنجو خيرخواهه ٿيو ۽ نه ٿيندو.
هن جي بيوفائيءَ کي ڏسي مون کي ته واقعي عجب ٿو
لڳي ته، آخر سبب ڪهڙو آهي جو هي نالائق هر گهڙي
پنهنجي دوست جي گلا ۾ ڪاهي ٿو پوي!
هدهد جو جواب
اڙي ڳهيلا، هن ڪتي ته توکي پنهنجي پوري قبضي ۾ ڪري
ورتو آهي ۽ توکي خوب لتاڙي، مٽيءَ وانگر ڪري ڇڏيو
اٿس. هي ڪميڻو نه فقط ٽيڏو ۽ ڪاڻو آهي، پر ان سان
گڏ سست ۽ بي شڪر به آهي. جيڪڏهن ڪو تنهنجي ڪوڙي
تعريف ڪري ٿو ته، هو ان تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. حقيقت
ته هيءَ آهي ته ماڻهوءَ جو اول زمانو، سارو ئي
بيهودگي، ٻاراڻي، بيدلي ۽ غفلت هئي. سندس وچ عمر
وارو عرصو، محض بيگانگي ۽ ديوانگي هئي. آخر ۾ جڏهن
پيريءَ جو دور آيو تڏهن سندس جان ڪمزور ۽ بدحواس
ٿي ويئي. هاڻي جڏهن ساري عمر جهالت سان ڀري پئي
آهي تڏهن هي نفس جو ڪتو ڪٿي ٿو سڌري! هيءُ ڪمينو
پنهنجي سرڪشيءَ کان ڪڏهن به باز ڪونه ايندو؛ تنهن
ڪري تون ان تي ڪرڙي نظر رکيو اچ ۽ عبادت ۽ اطاعت
جي وسيلي سندس سرڪشي کي ٽوڙيندو رهه. هاڻي مان
سمجهائڻ خاطر توکي ٻه چار آکاڻيون ٻڌايان ٿو:
|