شيخ فريدالدين عطار
شيخ فريدالدين عطار، نيشاپور جي قريب ڪدڪن ڳوٺ ۾
شعبان مهيني ۾، سن 513 هجري مطابق 1119 عيسوي ۾
ڄائو. سندس اصلي نالو محمد بن ابراهيم هو ۽
فريدالدين محض هڪ تعظيمي لقب هوس. ڪجهه وقت لاءِ
هو پنهنجي پيءُ جو پسارڪو (عطر فروشيءَ) ڌنڌو ڪندو
رهيو، جنهن سبب هو عطار سڏجڻ لڳو ۽ جنهن کي هن بعد
۾ پنهنجو شاعرانو لقب ڪري اختيار ڪيو.
هيءَ هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته هو ان زماني جي طب
کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ انهيءَ علم ۾ شيخ
مجدالدين بغدادي سندس استاد هو، جو سلطان محمد
خوارزم شاهه جو خاص طبيب هو. شيخ هر روز پنهنجي
پسارڪي دڪان (داروخانه) ۾ بيمارن جو علاج پاڻ ڪندو
هو ۽ انهن مان گهڻن کي دوا بالڪل مفت ڏيندو هو.
پنهنجي ڪتاب خسرو نامه ۾ فرمائي ٿو:
بدارو خانه پانصد شخص بودند،
که در هر روز نبضم ميمودند.
شيخ عطار، پنهنجي پسارڪي ڌنڌي وقت به طريقت جي
راهه تي گامزن ۽ حقيقت جي رستي تي روان ۽ دوان هو،
جيئن جو هو پاڻ چوي ٿو ته مون ”مصيبت نامه“ ۽
”الاهي نامه“ ٻئي پنهنجي دڪان تي لکيا:
مصيبت نامه کاند وه جهانست،
الاهي نامه کا سرار عيانست،
بدارو خانه کردم هر دو آغاز؛
چگويم زود رستم زين و آن باز.
هڪڙي ڏينهن هو جيئن پنهنجي دوستن سان گڏ پنهنجي
سينگاريل دڪان تي ويٺـو هو، تيئن هڪ درويش، پينو
فقير جي لباس ۾ وٽس لنگهي آيو. عطار، هن کي ڪجهه
خير ڏنو ۽ هو اهو وٺي ويندو رهيو، ۽ ٿورڙي دير مس
گذري ته هو وري واپس موٽي اچي سندس دڪان کي گهڻي
انتظار ۽ غم سان ڏسڻ لڳو ۽ هڪڙو ڊگهو ساهه کڻي
روئي ڏنو. عطار، هن جي ان روش کان خفي ٿي وري به
ڪجهه خيرات ڏيئي کيس موٽي وڃڻ لاءِ چيو. حقيقت ۾
درويش جو هن دنيا جي بي ثباتي ۽ انساني زندگيءَ جي
بيبقائيءَ تي روئي رهيو هو، تنهن ڳالهه کي عطار
سمجهي نه سگهيو. اُن تي درويش چيس ته مون کي هن
دنيا ۾ سواءِ هنن ڦاٽلن ڪپڙن جي ٻيو ڪجهه به نه
آهي، جو کڻي مون کي وڌيڪ رهڻ لاءِ هرکائي، ۽ اهوئي
ته سبب آهي جو مان موت لاءِ هر وقت تيار ۽ تڪڙو
آهيان. اڙي عطار، مان ته تنهنجي حال تي افسوس کائي
رهيو آهيان، ڇا لاءِ جو ڏسان ٿو ته توکي هن فاني
دنيا جون لذتون ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيون لڳن ٿيون.
نوجوان دڪاندار، ان درويش جي نصيحت کان ايترو ته
متاثر ٿيو جو ان کي جواب ۾ چيائين ته دنيا کي
درويشن جيان، سواءِ ڪنهن رنج جي ڇڏڻ لاءِ بالڪل
تيار آهيان ۽ ائين چئي هن هڪدم دنيا جي ڌنڌن کي
خيرباد ڪندي، پنهنجي دڪان کي لٽڻ لاءِ عام اجازت
ڏني. اهو شخص جو ڪنهن وقت لکاپتي هو، تنهن وٽ
هينئر هڪ دمڙي به ڪانه رهي. هو پوءِ ان درويش سان
ملي ويو، جو هن کي شيخ الشيوخ رڪن الدين وٽ وٺي
آيو، جنهن کيس روحاني حقيقتن جي علم کان آگاهه
ڪيو.
ن کان پوءِ هو صوفي فلسفي جي اڀياس ڪرڻ ۾ گهڻو
مشغول ٿي ويو ۽ عارفن ۽ سالڪن جا ڪيترائي ڪتاب نظر
مان ڪڍي، هوشيار ۽ ڀڙ ٿي نڪتو ۽ وڏن وڏن صوفين جي
صحبت ۾ رهي ڪافي فائدو پرايو. سندس نثر خواهه نظم
۾ ايترو ته اثر آهي جو ٻئي ڪنهن به بزرگ جي ڪلام ۾
نظر نٿو اچي ۽ انهيءَ ڪري ارباب حل و عقد سندس
ڪلام کي ”تازيانه اهل سلوڪ“ جو نالو ڏنو آهي.
مولانا جلال الدين روميرح ان کي
”حقيقت“ جو منهن ۽ سنائيءَ کي ان منهن جون ٻه
اکيون سڏيو آهي ۽ چوي ٿو ته مان انهن ٻنهي جو پيرو
سندن نقش تي هلي رهيو آهيان:
عطار روي بود و سنائي دو چشم او،
ما از پئي سنائي و عطار ميرويم.
عطار پنهجي ساري ڄمار، عبادت، غور و فڪر ۾ صرف ڪئي
۽ هو في الواقع هڪ مڪمل صوفي هو. هن صوفي استادن
جون چوڻيون، قول ۽ اقوال، اشعار، نصيحتون ۽ اخلاقي
گفتا گڏ ڪيا ۽ انهيءَ ڪم ۾ هن پورا اڻيتاليهه (39)
سال صرف ڪيا.
هو، سلطان سنجر جي زماني ۾ رهندو هو، جنهن جو
زمانو ادب ۽ حڪمت جي لحاظ کان گهڻو روشن هو. گهميو
به گهڻوئي هو ۽ مصر، شام، هندستان ۽ ترڪستان مان
ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ اچي زندگي جا باقي ڏينهن گذارڻ
لڳو ۽ آخر ۾ سن 627 هجري مطابق 1230 عيسوي جڏهن
سندس عمر 114 ورهيه هئي.
شادياخ ڳوٺ ۾ تاتارين جي هٿان شهيد ٿي ويو، جن
نيشاپور ۾ عام قتل و غارت ڪئي هئي!
دنيا ۾ ان جي مرغوبات کي ترڪ ڪري شيخ حج روانو ٿيو
۽ اتان موٽڻ بعد سخت زهديه زندگي بسر ڪرڻ لڳو ۽
تصوف متعلق ڪتابن لکڻ ۾ پاڻ کي رنڀائي ڇڏيو، انهن
مان ڪي نثر ۾ آهن جن مان ”تذڪرة اوليا“ نهايت ئي
عمدي ۽ قيمتي تصنيف آهي. سندس گهڻا ڪتاب نظم ۾
آهن، جن مان ”پندنامه“ ۽ ”منطق الطير“ سڀني کان
زياده مشهور آهن. پهريون مڪتبن ۾ ۽ ٻيو يونيورسٽين
۾ عام طور تي پڙهايا وڃن ٿا. پهرين ڪتاب جو تعلق
جيتوڻيڪ اخلاقيات سان آهي مگر ڏاڍو وندرائيندڙ ۽
ڪارآمد نصيحتن سان ڀريل آهي.
منطق الطير هڪ تمثيلي نظم آهي ۽ منجهس 4600 بيت
آهن. ساروئي ڪتاب دلچسپ ڳالهين سان پر آهي، جنهن ۾
صوفين جي زندگي ۽ سندن عقيدن جو مڪمل جائزو ورتو
ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنين ۽ شيعن وٽ عام مقبول آهي
۽ منجهس ڪيترين جڳهن تي اخلاقي ڪهاڻين ۽ پاڪيزه
خيالن جو اظهار ڪيل آهي. آخر ۾ ستن وادين جو ذڪر
آهي جن مان پکين (سالڪن ۽ صوفين) کي پار لنگهي
پنهنجي بادشاهه ’سيمرغ‘ (الله تعاليٰ) ڏانهن وڃڻو
پوي ٿو.
نظم جو قصي وارو حصو بيت نمبر 596 کان پکين جي ميڙ
سان شروع ٿئي ٿو، جن مان تيرهن قسمن جي پکين کي
نکيڙي، الڳ الڳ بيان ڪيو ويو آهي. مصنف جي خيال
موجب پکي، جمهوري نظام کان تنگ اچي هڪ بادشاهه
لاءِ بي تاب ٿي پيا. هدهد جنهن حضرت سليمان جي
بيابان ۾ رهنمائي ڪئي هئي ۽ هن حقيقت کان پوريءَ
طرح باخبر هو ته هڪ بادشاهه ۾ ڪهڙين لياقتن جو هئڻ
ضروري آهي، تنهن کي پکين عرض ڪيو ته هو انهيءَ ڏس
۾ سندن رهنمائي ڪري ۽ ٻڌائي ته هو ڪنهن کي پنهنجو
بادشاه منتخب ڪن.
هدهد انهن کي مشورو ڏنو ته ”سيمرغ“ کي پنهنجو
بادشاهه مقرر ڪن جو ڪوهه قاف جبل ۾ رهي ٿو؛ پر
جيئن ته اوڏانهن ويندڙ رستو گهڻو ڊگهو ۽ پرخطر هو،
تنهن ڪري ڪيترن پکين اوڏانهن وڃڻ کان معذرت
ڏيکاري. انهن مان ڪي ٿورا روانا ٿيا ۽ جڏهن سيمرغ
جي درٻار وٽ اچي پهتا، تڏهن انهن جو تعداد به
گهٽجي وڃي ٽيهه بيـٺو. هي سفر سَٽيل، پَرَ ڀڳل،
بکيا ۽ اُڃيا نيٺ وڃي پنهنجي بادشاهه سيمرغ جي
درٻار اندر باريابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر اتي
پهچي جو کڻي ڏسن ته مار هو سندس حاضريءَ ۾
پنهنجيون ذاتيون ئي وڃائي ويٺا آهن ۽ اهي خود
سيمرغ آهن ۽ هو خود هي ٽيهه پکي ۽ انهيءَ کي ڳولي
لهڻ ۾ هنن پاڻ کي ڳولي لڌو آهي.
هن رنگين پيرائي ۾ شاعر، انساني روح جي تلاش جو
نقشو چٽيو آهي، جڏهن اهو الوهيت ۾ محو ٿي وڃي ٿو.
نظم ۾ سندس ٻيا ڪتاب هي آهن: (1) الاهي نامه، (2)
اسرارنامه، (3) مصيبت نامه، (4) بلبل نامه، (5)
مختار نامه (6) گل و هرمز وغيره. شيخ عطار ”خسرو
نامه“ ۾ پنهنجي بعض مثنوين جو نالو وٺي فرمائي ٿو:
مصيبت نامه زاد رهروان است
الــٰــهي نامه گنج خسروان است
جهان معرفت اسرار نامه است
بهشت اهل دل مختار نامه است؛
مقامات طيور
ما چنان است
که مرغ عشق را معراج جان است
شيخ فريدالدين هڪ عظيم مصنف هو. فقط سندس شعر
120000 بيتن تي مشتمل آهي. چون ٿا ته سندس ڪتابن
جو تعداد قرآن پاڪ جي سورتن مطابق 114 هو؛ ۽
جيتوڻيڪ هي بيان مبالغي کان خالي نه آهي ته به هن
حقيقت جو هڪ پڌرو ثبوت ضرور آهي ته سندس تصنيفن جو
تعداد جهجهو هو.
پکين جو ميڙ
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي دفعي ساري جهان جا پکي،
ظاهر خواه لڪل، اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ مڙي صلاح ڪرڻ
لڳا ته هن وقت دنيا ۾ ڪوبه شهر بادشاهه کان خالي
ڪونهي. خبر نه آهي ته ڇو اسان جو ئي هڪ اهڙو ملڪ
وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ بادشاهه آهي ئي ڪونه. اسين
هينئر بادشاهه بغير وڌيڪ پنهنجي بادشاهه جي ڳولا
ڪريون، ڇاڪاڻ ته بادشاهه کان سواءِ ملڪي ڪاروبار
ساروئي ڊانوان ڊول ٿيو وڃي. بس پوءِ سڀيئي هڪ هنڌ
ملي پنهنجي بادشاهه جي ڳولا ۾ لڳي ويا.
هدهد جي تقرير ۽ سيمرغ جي تعريف
هدهد، جنهن جي جسم تي (ڳچيءَ ۾) طريقت جو چوغو پيل
۽ مٿي تي حقيقت جو تاج رکيل هو ۽ جو گهڻو ڏاهو ۽
(رستي جو) واقفڪار هو ۽ هر چڱائي ۽ مٺائي کان خوب
باخبر هو، تنهن پنهنجي غمگين دل ۽ بيقراريءَ سان
سندن وچ ۾ اچي کين مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
”اي پرندو! هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مان خدائي
درٻار جو قاصد ۽ غيب جو ڄاڻو آهيان. ان جي درٻار
جي مون کي پوري خبر آهي ۽ مان پيدائشي رازدان
آهيان. ڀلا جنهن جي چهنب ۾ بسم الله هجي ته پوءِ
هو رازن جو ڄاڻندڙ ڪيئن نه هوندو؟
مان ڏکن ۽ ڏولاون ۾ ڏينهن گذاريان ٿو، مون سان
ڪنهن جو سروڪار ڪونهي؛ نه مخلوق سان منهنجو ڪو
تعلق ۽ نه وري مخلوق جو مون سان ڪو واسطو. آءٌ
پنهنجي بادشاهه جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار آهيان جو
دنيا جي ڪا خبر ئي ڪانهيم (جو سپاهين کان بالڪل بي
پرواهه آهيان). مان پنهنجي فهم ۽ فراست سان پاڻيءَ
طرف رهنمائي ڪريان ٿو.
(پاڻي ڏيکاريان ٿو) ۽ ان کان سواءِ ٻيا به ڪئين
راز رکان ٿو!
توهان خود خيال ڪريو ته جنهن حضرت سليمان سان
گفتگو ڪئي سو سندس ساري لشڪر کان وڌيڪ مرتبي وارو
نه هوندو؟ ڏسو ته جڏهن ڪڏهن ڪوبه ان جي ملڪ مان گم
ٿي ٿيو، تڏهن هن ان جي ڪا پڇا ئي ڪانه ٿي ڪئي؛
ليڪن جڏهن مان سندس ملڪ کان هڪ گهڙي غائب رهيس،
تڏهن منهنجي ڳولا لاءِ هرطرف متلاشي روانا ڪيائين.
هن جو مون بغير گهڙي صبر نه ڪرڻ ئي مون لاءِ ڪافي
فخر جي ڳالهه آهي. مان ان جو خط کڻي واپس جواب وٺي
آيس ۽ اهڙي طرح ان جو همراز به بڻيس. سچ پچ جنهن
کي پيغمبر چاهيندو هجي، تنهن جو سِر تي ڇٽ خوب
سونهي ٿو، جنهن جو ذڪر خود خدا تعاليٰ (قرآن شريف
۾) ڀلائي سان ڪيو، تنهن جي پرواز جي دنيا جي ويجهو
ڪهڙو پکي وڃي سگهي ٿو!
مون ڪيترائي سال درياءَ ۽ خشڪيءَ جو سفر ڪيو آهي؛
نهايت گهڻو گهميو ڦريو آهيان ۽ ڪيتريون ئي واديون،
پهاڙ ۽ برپٽ جهاڳيا آهن ۽ حضرت سليمان جي فوج
ڪشيءَ وقت ساريءَ دنيا جو چڪر لڳايو آهي نه فقط
ايترو پر مان خود حضرت سليمان سان سفر ۾ گڏ رهيو
آهيان، ۽ پوري جهان کي ماپي ورتو آهي.
انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي ته مان پنهنجي بادشاهه
کي چڱيءَ پر ڄاڻان ٿو، ليڪن اڪيلو وڃي نٿو سگهان
جو ايتري قوت ڪانه اٿم. جيڪڏهن توهين سڀ مون سان
گڏجي هلندا ته يقيناً انهيءَ جي درگاهه کي هلي
رسندا. توهان پنهنجي خوديءَ کان پاڻ کي آزاد ڪريو،
آخرڪار شبهات جي ڄار ۾ ڪيترو ڦاٿل رهندا؟ جنهن به
پنهنجو ناتو اُن سان جوڙيو تنهن جي جان خودبخود
خوديءَ کان آزاد ٿي ويئي، پنهنجي محبوب جي راهه ۾
هو نيڪيءَ ۽ بديءَ کان آزاد به ٿي ويو (بي ميارو
ٿي پيو). توهان پنهنجيون جانيون قربان ڪريو، ۽
انهيءَ جي رستي تي قدم رکو ۽ سندس عشق ۾ ٽمٽار ٿي
(نچندا) هلي سندس درگاهه آڏو سِرُ جهڪايو.
بيشڪ اسان جو هڪ بادشاهه آهي جو ڪوهه قاف جبل جي
پـٺيان رهي ٿو. انهيءَ جو نالو سيمرغ آهي، ۽ اهو
سڀني پکين جو سردار آهي. هو اسان کي بلڪل ويجهو
آهي، مگر افسوس جو اسين کانئس گهڻو پري پهچي ويا
آهيون. ان جو آکيرو هڪ وڏي ۽ اونچي وڻ تي آهي ۽
سندس نالو به سڀ ڪنهن زبان تي اچي نٿو سگهي (جنهن
جي وصف کان زبان گنگي آهي). هو هزار پردن اندر
ڍڪيل آهي ۽ سندس مقام، روشني ۽ اونداهيءَ کان ازحد
مٿي آهي. ٻنهي جهانن ۾ اهڙو ڪو آهي ئي ڪونه جو ان
جو ديدار ڪري سگهي. هو هڪ بيپرواهه بادشاهه آهي ۽
پنهنجي ڪمال عزت ۾ محو آهي. سندس رهائش تائين ڪنهن
جي رسائي ٿي نه ٿي سگهي ۽ نه وري علم ۽ عقل کي ئي
اتي ڪو گذر آهي. نه اسان ان تائين پهچي سگهون ٿا ۽
نه وري ان کان سواءِ رهي ئي سگهون ٿا (ان بغير
نهايت پريشان ٿا رهون). اڪيچار مخلوق مٿس ديواني ۽
عاشق آهي.
هاڻي جڏهن ان جي وصف بيان ڪرڻ کان خود پاڪ روح به
عاجز آهن، تڏهن ڀلا عقل کي ان جي سمجهڻ جي ڪهڙي
طاقت؟ عقل ۽ روح واقعي پريشان ۽ حيران آهن ۽ ٻنهي
اکين هوندي به انڌا ۽ بي نور آهن. نه ڪنهن ڏاهي ئي
ان جو ڪمال ڏٺو ۽ نه وري ڪنهن بينائي ان جو جمال
پسيو. سندس ڪمال جي ادراڪ ۾ دنيا کي ڪا واٽ ئي نه
هٿ آئي ۽ نه وري ڏاهپ (عقل) ۽ بينائيءَ کي، (جي ان
در پئي رهيا) ڪو پروئي پيو.
جيڪڏهن تون ان جي ) جمال ۽ ڪمال کي ادراڪ ڪرڻ
لاءِ، کڻي ساري مخلوق ڪٿي به ڪرين ته به ان جو
مجموعي غور ۽ فڪر هڪ مٺ خيال برابر آهي. هر خيال
هن راهه کي ڪيئن طئي ڪري سگهي ٿو؟ تون مڇيءَ کان
چنڊ کي ڪيئن ٿو پڪڙي سگهين؟ (يعني ته تون بلڪل
هيـٺاهينءَ ۾ پيو آهين سو ان بلنديءَ کي ڪيئن ٿو
پهچي سگهين؟). هن هنڌ هزارين مٿا هڪ کينهوڙي مثل
آهن ۽ هتي شور ۽ غل کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي
ڪونه. گهڻائي بحر ۽ بر هن رستي ۾ حائل آهن ۽
تنهنجو هي گمان ته رستو ڇوٽو آهي بالڪل بيجا آهي.
هن رستي کي طئي ڪرڻ لاءِ نهايت دلير دل هئڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته هڪ ته رستو ڊگهو آهي ۽ ٻيو ته اڳيان سمنڊ
گهڻو اونهو ۽ گوڙيلو (موجزن) آهي. مناسب آهي ته
اسين اوڏانهن حيرانيءَ ۽ سرگردانيءَ جي حالت ۾
وڃون، ۽ ان جي راهه ۾ روئندا ۽ کلندا هلون. جيڪڏهن
ان جو ڪو ڏس پتو پئجي ويو ته بهتر، ٻيءَ حالت ۾ ان
بغير حياتي گذارڻ بيشرمي (۽ معيوب) آهي.
اي انسان تون جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ عاشق آهين ته
هيءُ جان قربان ڪر، محبوب کان سواءِ هيءَ جان ڪهڙي
ڪم جي! هن رستي ۾ غير معمولي جوانمردي درڪار آهي ۽
هن درگاهه ۾ جان صدقو ڪرڻ جڳائي. مجاهدن وانگر
پنهنجي جان کان هٿ ڌوئڻ گهرجي ته جيئن ڪارآمد
سپاهي سڏجي سگهجي. محبوب کان سواءِ هن جان جو ڪو
ملهه ئي ڪونهي، تنهنڪري بهادرن جيان پنهنجي پياري
جان قربان ڪر. سچ پچ جي تون بهادرن جيان پنهنجي
جان قربان ڪندين ته ياد رک ته تنهنجو محبوب به
تنهنجي مٿان گهور ويندو، ۽ جڏهن تون پنهنجي جان
محبوب تان فدا ڪندين، تڏهن پوءِ ڪيتريون ئي جانيون
توکي ان جي موٽ ۾ ملي وينديون.
|