هڪڙي شخص جو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان سوال پڇڻ
هڪڙي شخص حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان پڇيو ته
سائين! توهان دنيا ۾ پنهنجو گهر ڇو نٿا بنايو؟
جواب ڌنائون، ته مان ڪو چريو ڪونه آهيان، اها شيءِ
جا مون سان هميشه رهي ئي نه، سا ڪٿي ٿي منهنجي
لائق ٿي سگهي؟
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو دنيا جي نامراديءَ بابت سوال
هڪڙي ٻئي پکيءَ هدهد کي مخاطب ٿي چيو ته اي ڀلارا!
زمانو هڪڙي گهڙي به منهنجي مراد موافق نه هليو
آهي. منهنجي دل ايترو ته غم سان ڀريل آهي، جو هن
جان جو ڪو ذرو به انهن جي اثر کان خالي نه آهي.
سدائين حيران ۽ عاجز رهيو آهيان ۽ هيترن غمن ۽ ڏکڻ
هوندي ڀلا مان هن سفر ۾ ڪيئن ڪاهي پوان! ها البت،
جيڪڏهن دل ڏکويل نه هجيم ها ته هي سفر مون کي
سهنجو نظر اچي ها. هاڻي جڏهن منهنجي دل غمن سان
اهڙي چڪناچور آهي، تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا
ڪريان؟
هدهد جو جواب
اڙي دنيا جا ٺڳيل، تون اجايو پيو سوداءُ پچائين.
مراد يا نامرادي گهڙي پلڪ ۾ گذريو وڃن. هاڻي اها
شيءِ، جا هڪ پلڪ اندر گذري وڃي ٿي سا جيڪڏهن ميسر
نه ٿي سگهي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه! هر اها شيءِ، جا
پائدار نه آهي، تنهن سان دل لڳائڻ زنده دلي نه
آهي. چڱو هي ٻه چار حڪايتون ٻڌي ڇڏ، انهن ۾ تولاءِ
نصيحت آهي.
هڪڙي عارف جي حڪايت
هڪڙو وڏو عارف شخص هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي هٿان
شربت نه پيتو. جڏهن ان بابت کانئس پڇيو ويو، تڏهن
جواب ڏنائين ته، مان موت کي اکين آڏو ڏسي رهيو
آهيان. اهو منهنجي دماغ تي اهڙو سوار آهي، جو شربت
مون لاءِ هڪ زهر آهي.
اي انسان، اها شيءِ، جنهن کي گهڙي به بقاءَ نه
آهي، پوءِ کڻي هيءَ ساري دنيا ڇو نه هجي! تنهنجو
ته پائي ملهه به ڪونهي. جيڪڏهن نامراديءَ سبب
تنهنجو برو حال ٿيو آهي ته تون ان لاءِ شڪايت نه
ڪر، ڇالاءِ جو نامرادي به هڪ گهڙي هوندي آهي. تون،
جيڪڏهن ظاهري طور ڪنهن شيءِ ۾ رنج ڏسين ٿو ته، ٿي
سگهي ٿو ته ان اندر باطني طور تولاءِ گنج هجي.
الله تعاليٰ جا هر گهڙيءَ توتي هزارين احسان ٿيندا
رهن ٿا، مگر افسوس تون انهن کي ياد ئي نٿو ڪرين.
تون في الواقع خالي دماغ ۽ عقل کان بنهه ڪورو آهين
هڪڙي بادشاهه ۽ غلام جي حڪايت
هڪڙي نيڪ اخلاق بادشاهه، هڪ دفعي پنهنجي نوڪر کي
ميوو کائڻ ڪاڻ ڏنو، جو هن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان کاڌو،
۽ چوڻ لڳو ته هن کان زياده مٺي ٻي ڪا خوراڪ ئي
ڪانهي. نوڪر کي اهڙي شوق سان کائيندو ڏسي، بادشاهه
جي دل به سرڪي ويئي، ۽ انهيءَ مان کانئس اڌ وٺي
جڏهن چکيائين، تڏهن ڪڙو نظر آيس. نوڪر کي چيائين
ته، اهڙو ڪڙو ميوو، اهڙي چاهه سان (ڪڏهن) ڪنهن
کاڌو؟ ان جواب ۾ عرض ڪيو ته سائين! مان جڏهن
تنهنجي هٿان هزارين تحفا ملندا ڏسان ٿو، تڏهن ڪنهن
وقت جيڪڏهن ڪو ڪڙو به مليو ته ان کي موٽائڻ منهنجو
شيوو نه آهي. هاڻي مان جڏهن تنهنجي نعمتن اندر
ساروئي پوريو پيو آهيان، تڏهن تنهنجي هٿان مون کي
ڪڙائي ڪيئن معلوم ٿيندي؟
هڪڙي شخص جو صوفيءَ کان سوال
ڪنهن معزز شخص، هڪڙي صوفيءَ کان سندس زندگيءَ جو
حال پڇيو. جواب ۾ چيائين ته، مان هڪ ٻُهر جي ڍڳ تي
پيو آهيان، خشڪ لب ۽ تردامن. جڏهن به مون اتي ڪو
مانيءَ ٽڪر ڀڳو آهي، تڏهن منهنجو گردن ٽوڙيو ويو
آهي.
اي بندا، جيڪڏهن تون هن دنيا ۾ خوشيءَ جي تلاش
ڪرين ٿو ته پوءِ تون ننڊ ۾ آهين. تون جيڪڏهن ساري
دنيا جو چڪر هڻي اچين ته به توکي خوشدلي ڪٿي به
نظر نه ايندي. تون وڃي ڪو اهڙو ڪم ڪر جو سڀاڻ توکي
پلصراط پار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.
هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو شيخ مهنه کي عرض
هڪ دفعي، شيخ مهنه کي هڪڙي پيرسن عورت عرض ڪيوته
سائين! مون کي ڪا (خوش دليءَ جي) دعا سيکاريو،
جنهن کي مان وظيفو ڪري وٺان، ڇالاءِ جو مون هن وقت
تائين گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن ۽ مون ۾ هينئر
وڌيڪ سهڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي. شيخ جواب ڏنس ته،
ڪنهن زماني کان مان به چلو ڪڍي رهيو آهيان ته ڪو
اهڙو نسخو هٿ اچيم، جنهن سان دلي آرام نصيب ٿئي،
مگر ان جو ڪو پتو پار ئي نظر نه آيو. هاڻي
جيستائين هن درد جي دوا نه ملندي، تيستائين دل کي
خوشي ڪيئن حاصل ٿي سگهندي؟
هڪڙي سائل جو حضرت جنيد کان سوال
هڪڙو شخص، حضرت جنيد جي آڏو ويهي کيس عرض ڪرڻ لڳو
ته، اي الله تعاليٰ جا مقبول ۽ محبوب عاشق،
مهرباني ڪري ٻڌائينم ته انسان کي خوشي ڪڏهن حاصل
ٿي سگهندي؟ شيخ جواب ڏنس ته، اها کيس ان وقت حاصل
ٿي سگهندي، جنهن وقت هو بيدل (دل کان خالي) ٿيندو؛
۽ تون هي ياد رکي ڇڏ ته جيستائين کيس الله تعاليٰ
جو ديدار ميسر نه ٿيندو، تيستائين هو حيران،
پريشان ۽ بيچين ئي رهندو.
چمڙي جي گفتگو
هڪڙي دفعي، هڪڙي چمڙي وٽ ۽ سٽ کائيندي پئي چيو ته،
مون کي هڪ گهڙي به سج ڏسڻ جي طاقت نه آهي. مان
ساري عمر عاجزي سان اکيون بند ڪري هلندو رهان ٿو ۽
آخرڪار وٽس پهچي منجهس گم ٿي ويندس. هڪڙو تيز اکين
وارو، جو سندس ڀر ۾ ويٺو هو، سو کيس چوڻ لڳو، ته
تون سراسر دوکي هيٺ آهين. هيءُ سفر هزار سالن جو
آهي. تو پريشان حال کان ڪٿي ٿو طئي ٿي سگهي؟ جواب
ڏنائين ته ڪا پرواهه نه آهي، مان هينئر اڏامان ٿو
۽ ڏسان ٿو ته ان جو ڪهڙو ٿو نتيجو نڪري. ڪئين سال
ائين هلندو رهيو، تان جو هو پنهنجي سموري طاقت
وڃائي ويٺو ۽ ڳري ڪنڊا ٿي ويو. ان هوندي به جڏهن
سج نظر نه آيس، تڏهن سمجهڻ لڳو ته، شايد مان ان
کان اڳڀرو لنگهي ويو آهيان. هڪڙو ڏاهو، جو هيءَ
ڳالهه ٻڌي رهيو هو، تنهن کيس چيو ته تون ڪو وڏو
بيوقوف ۽ غافل آهين، تون هي به نٿو ڄاڻين ته تون
اڃا هڪ قدم مس وڌيو آهين ۽ سمجهين ٿو ته مان سج
کان به اڳتي لنگهي ويو آهيان! هيءَ ڳالهه ٻڌي،
چمڙو ڏاڍو شرمسار ۽ ڦڪو ٿيو ۽ سندس رهيل کهيل طاقت
به ويندي رهي. سج کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته، تو هڪ
سمجهدار پکيءَ کي ڳولي لڌو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي،
جيڪڏهن ان جي ڪاراڻ جو حصو کانئس هٽايو وڃي؛ ۽
جيئن ته هن هيءَ التجا نهايت گهڻي درد سان ڪئي،
تنهنڪري اها جهٽ پٽ اگهامي ويئي ۽ هو نابين مان
بينا ۽ مسڪينيءَ مان دولتمند ٿي ويو.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو حڪم جي
تابعداري بابت سوال ڪرڻ
هڪڙي ٻئي پکيءَ، هدهد کان دريافت ڪيو ته، ڀلا،
هيءُ ته ٻڏائينم ته جيڪڏهن مان انهيءَ (الله
تعاليٰ) جو حڪم بجا آڻيان ۽ ان جي رد ۽ قبول سان
به ڪو غرض نه رکان (وڻيس ته منهنجي عبادت قبول ڪري
وڻيس ته نه ڪري) ۽ محض ان جي حڪم جي بجا آوري
مقصود هيم ۽ هميشه ان جي حڪم جو منتظر رهان ته
پوءِ ڇا ٿيندو ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟
هدهد جو جواب
هدهد جواب ڏيندي چيو ته اڙي دوست! هن کان وڌيڪ ٻيو
ڪهڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو (ٻيو ڪمال ئي ڪونهي). جنهن
هڪ گهڙي ان جي حڪم جي پيروي ڪئي، تنهنجي ثواب جو
ڪو ڪاٿوئي ڪونهي ۽ هو گهڻن اوکاين ۽ دشوارين کان
ڇٽي پيو. ڪم جو دارومدار فرمانبرداريءَ تي آهي،
تنهن ڪري تون پنهنجي طرفان ڪوبه دخل نه ڏي ۽ الله
تعاليٰ جي هر حڪم جي بي چون و چرا تابعداري ڪندو
رهه. ان بابت مان توکي ٻه چار حڪايتون به ٻڌايان
ٿو.
اياز جو لعل جي پيالي کي ٽوڙڻ
هڪڙي دفعي، اياز جي هٿ ۾ هڪ لعل جو پيالو هو، جنهن
جي قيمت جو ته ڪو اندازو ئي ڪونه هو. سلطان محمود
جي حڪم ڏيڻ تي هن ان کي هڪدم زمين تي هڻي پرزا
پرزا ڪري ڇڏيو. سپاهي ۽ درٻارين ۾ گهڻو شور ۽ غل
مچي ويو ۽ انهن مان هرهڪ کيس اهڙي قيمتي چيز جي
ضايع ڪرڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ بادشاهه هي سڀ مشڪندو
ٻڌندو رهيو ۽ انهن اڳيان پنهنجي اطمينان جو اظهار
ڪندو رهيو. نيٺ هڪڙو اٿي کانئس پڇڻ لڳو ته، آخر تو
اهڙي قيمتي ۽ روشن پيالي کي ڇو اهڙي بيعزتيءَ سان
ڀڃي ڀور ڪيو؟ جواب ڏنائين ته: بادشاهه سلامت جو
حڪم بجا لائڻ مون وٽ زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ وزن
رکي ٿو. تنهنجي نظر وڃي پيالي تي پئي ۽ منهنجي نظر
سندس فرمان ۾ رهي.
بندو اهو ڀلو آهي جو پنهنجي آقا جي فرمان تي هلي ۽
ان خاطر پنهنجي جان ڏيڻ کان به دريغ نه ڪري، پيالي
وغيره جي ته ڪا قيمت ئي ڪانهي.
هڪڙي بادشاهه جو پنهنجي فرمانبردار
قيدين طرف متوجهه ٿيڻ
هڪڙي دفعي هڪڙو بادشاهه پنهنجي شهر واپس موٽي رهيو
هو ۽ ان شهر جا باشندا سندس آمد خاطر ان کي خوب
سينگاري رهيا هئا. ان شهر ۾ جيڪي قيدي هئا، تن وٽ
سواءِ هٿڪڙين، ڳٽن، ڪجهه ڪٽيل سرن ۽ هٿن ۽ ٽٽل
جگرن جي ٻيو ڪجهه ڪٽيل ڪونه ۽ هنن (غريبن) اُنهن
سان ان شهر جي سجاوٽ پئي ڪئي. بادشاهه سينگاريل
شهر مان ٿيندو، جڏهن قيدخاني وٽ آيو، تڏهن گهوڙي
تان لهي قيدين کي ملاقات جو شرف بخشيو ۽ کين جهجهو
سون ۽ چاندي ڏني. بادشاهه جو هڪ رازدار ساٿي، هيءَ
ماجرا ڏسي کانئس پڇڻ لڳو ته، آخر هي ڇا آهي، جو
توهان هيتري ساري زيب ۽ زينت کان منهن ڦيري اچي هڪ
قيدخاني وٽ قيام فرمايو؛ جتي رهزنن جي چند ڪٽيل
سرن ۽ هٿن کان سواءِ ٻي ڪابه وندرائڻ جهڙي شيءِ
ڪانهي؟ بادشاهه جواب ڏنس ته ٻين جي سجاوٽ بازيگرن
جي راند مثل هئي، هرهڪ پنهنجي طور ۽ طريقي ۽ مذاق
مطابق پنهنجي پنهنجي شيءِ پيش ڪري رهيو هو ۽ ائين
ڪرڻ سان هو سڀيئي گهاٽي ۾ هئا؛ منهنجي مراد کي
قيدين پورو ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجو حڪم هتي جاري
نه هجي ها ته ڪيئن سر جسم ۽ جسم سر کان جدا هجي
ها! مون پنهنجي حڪم جي تعميل هي ڏني آهي. هي
ويچارا سارو وقت هن انتظار ۾ ويٺا آهن ته ڪڏهن ٿا
قيدخاني کان نڪري سوريءَ طرف وڃن. انهيءَ ڪري ئي
هي قيدخانو مون کي باغ بهار نظر آيو.
خواجه اڪاف جو بايزيد ۽ ترمذيءَ
کي خواب ۾ ڏسڻ
خواجه اڪاف چوي ٿو ته، هڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته
بايزيد ۽ ترمذي هڪ رستي وڃي رهيا آهن ۽ انهن کڻي
مون کي پنهنجو اڳواڻ بنايو آهي. جڏهن ان خواب جي
تعبير تي غور ڪيم، تڏهن معلوم ٿيم ته مون کان هڪ
دفعي سحر جي وقت، هڪ بيساخته آهه نڪري ويئي هئي ۽
ان وقت مون کي ٻڌايو ويو هو ته سڀني پيرن ۽ مريدن
۾ بايزيد زياده ڀلارو آهي، ڇا لاءِ جو ٻين سڀني
اسان کان ڪجهه نه ڪجهه گهريو آهي، ليڪن بايزيد ئي
هڪڙو شخص آهي، جنهن فقط اسان کي چاهيو ۽ اسان جي
طلب ڪئي ۽ بس. جڏهن مون ان رات اهو خطاب ٻڌو، تڏهن
دل ۾ چيم ته، هيءَ يا هوءَ گهر ڪرڻ مناسب نه آهي.
ان بعد هيءَ دعا گهرندو هئس، ته اي پروردگار،
توکان مرغوب شيءِ جي گهر ڪرڻ اجائي آهي، جيڪڏهن دل
تنهنجي درد کان خالي آهي، ۽ منجهس ڪا سائي به نه
آهي ته پوءِ تنهنجي ڳولا ۾ رهڻ به بي معنيٰ آهي.
هينئر تنهنجي چاهنا منهنجي چاهنا آهي ۽ مان تنهنجي
مرضيءَ کان ٻاهر وڃڻ نٿو گهران. منهنجي اهائي دعا
هئي، جنهن سبب انهن ٻنهي بزرگن مون کي فوقيت ڏني.
بندو جيستائين فرمانبردار رهندو، تيستائين خدا
تعاليٰ جو قرب ماڻيندو.
شيخ خرقانيءَ جي سڪرات جي حڪايت
شيخ خرقانيءَ پنهنجي وفات جي وقت فرمايو ته،
افسوس، جيڪڏهن منهنجي جسم کي چيري ان مان منهنجي
پچيل دل کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ها ته جيئن ماڻهن کي
معلوم ٿئي ها ته مان ڪهڙين نه مشڪلاتن ۾ مبتلا
آهيان، ۽ پوءِ اهي محسوس ڪن ها ته راز جي ڄاڻندڙ
سان بت پرستي ڪرڻ مناسب نه آهي. بندگيءَ جي معنيٰ
ئي عاجزي آهي، ۽ عاجزيءَ ۾ ئي زندگي آهي ۽ بندگيءَ
کان سواءِ ٻيو سڀ هوس آهي.
اي انسان! تون صحيح معنيٰ ۾ عاجز ٿي گذار ۽ حرمت
جي راه اختيار ڪر، بي حرمت بندي کي هيمشه مسند تان
هٽايو ويندو آهي.
هڪڙي بادشاهه جو ڪنهن بندي کي خلعت بخشڻ
هڪڙي بادشاهه، ڪنهن غلام کي خلعت عطا ڪئي. هو جڏهن
شاهي محل مان ٻاهر آيو، تڏهن پنهنجي منهن تان رستي
جي پيل مٽيءَ کي ان خلعت سان صاف ڪيو. ڪنهن مخالف،
وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته تنهنجي خلعت جو قدر اجهو
هيءُ ٿيو آهي. بادشاهه کي اها بي حرمتي ڏاڍي بُري
لڳي ۽ فوراً ان پريشان حال کي سوريءَ تي چاڙهڻ جو
حڪم ڏنو.
هن مان تون سمجهي ڇڏ ته، جو شخص بي حرمتي ڪري ٿو،
تنهن جو بادشاهه جي دربار ۾ ذرو به ملهه ڪونهي.
هڪڙي ٻئي پکيءَ جو پاڪبازيءَ بابت سوال
هڪڙي ٻئي پکي، اُٿي پڇيو ته اڙي يار هدهد! خدا
تعاليٰ جي راهه ۾ پاڪبازي ڪيئن آهي؟ دل کي مشغول
رکڻ مون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ جو ڪجهه هٿ ۾
اچي ٿو، تنهن کي ونڊي ورهائي ڇڏيان ٿو، ۽ پاڻ کي
ڪنهن به شيءِ جي خيال ۾ نٿو رکان، هميشه ان جي ڪنڊ
۾ ويهي پاڻ پاڪ ۽ صاف ڪندو رهان ٿو ته جيئن سندس
منهن مبارڪ ڏسڻ جي لائق بڻجي پوان.
هدهد جو جواب
هدهد جواب ۾ چيس ته اي دوست! هن رستي جو ثمر ئي
پاڪبازي آهي. تو وٽ جو ڪجهه آهي، تنهن کي پنهنجي
اندر جي آگ سان جلائي ڇڏ ۽ پوءِ جڏهن سڀ شيءِ سڙي
رک ٿي وڃي، تڏهن ان رک کي ميڙي منجهس ويهي رهه.
مصيبتن کان ڇٽڻ جو بس اهوئي طريقو آهي. جيستائين
تون هرهڪ شيءِ کان هٿ نه کڻندين، تيستائين تون هن
آستاني تي قدم رکي نه سگهندين.
موت جي وقت هر شيءِ تنهنجي خون وهائڻ جي ڪوشش
ڪندي، تنهنڪري تون سڀني شين کان پلؤ ڇنڊي پوءِ هن
رستي جو قصد ڪر، ڇالاءِ جو جيڪڏهن شروع ۾ پاڪبازي
نه آهي ته، پوءِ تولاءِ هي سفر ڪرڻ به مبارڪ نه
آهي |