سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :17

پکين جو خط پڙهڻ بعد فنا ٿيڻ

جڏهن پکين جون جانيون شرم ۽ حيا کان بالڪل فنا ٿي ويون، تڏهن انهن کي خداوندي درٻار ۾ دروباره جانيون مليون ۽ سندن سينا سڀني پراڻن خيالن کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويا. ان وقت جهان جي سيمرغ جي منهن جو عڪس ٽيهن پکين جا منهن ڏيکاري رهيو هو. هي ڏسي سڀئي حيران ٿي ويا ۽ سمجهي نه سگهيا ته آيا هو، اهو سيمرغ آهي يا اهو سيمرغ هو پاڻ آهن. بهرحال پاڻ کي مڪمل سيمرغ ڏٺائون ۽ اهو سيمرغ اُهي ئي ٽيهه پکي هئا ۽ نه ڪا ٻي شيءِ. جڏهن پاڻ ڏي ٿي نهاريائون تڏهن اهو سيمرغ هنن ٽيهن جي علاوه ٿي کين نظر آيو ۽ جڏهن وري ٻنهي طرف پئي ڏٺائون ته ٻيئي هڪ ئي نظر آيا (هڪڙو ئي سيمرغ پئي نظر آيا). هي، هو هو ۽ هو هي هئا. جهان ۾ اهڙي ڳالهه ڪنهن ٻڌي ئي نه هوندي. جڏهن هو سڀ حيرت ۾ ٻڏي ويا ۽ ڪجهه سمجهي نه سگهيا تڏهن بي زبان ٿي ان درگاهه کان ’مان‘ ۽ ’تون‘ جي راز بابت پڇڻ لڳا. اتان پڻ بي زبان جواب آيو ته اسان جي هيءَ درٻار سج وانگر آهي، جو به اتي اچي ٿو سو پاڻ کي ئي ان ۾ ڏسي ٿو. توهين هتي ٽيهه پکي آيا تنهن ڪري آئيني ۾ به ٽيهه ظاهر ٿيا، پر جيڪڏهن وڌيڪ مثلاً، چاليهه اچن ها ته اهي به آئيني اندر اوترائي نمودار ٿين ها. هاڻي جڏهن توهين ٽيهه، بيدل، بيخبر ۽ بيجان وڃي رهيا (بچيا) آهيو، تڏهن اسان کي به ٽيهن پکين سان گهڻي مناسبت آهي، ڇالاءِ جو حقيقي سيمرغ اسان ئي آهيون. هاڻي توهين سڀئي مون ۾ محو ٿي وڃو ۽ بي انتها عزت ۽ مان پايو. آخر ٿيو به ائين، اهي سڀئي ان ذات اندر هميشه لاءِ ائين محو ٿي ويا، جيئن پاڇو سج ۾ محو ٿي ويندو آهي.

 

منصور حلاج جي خاڪ تي هڪ عاشق جو ويهڻ

چون ٿا ته جڏهن منصور جلي خاڪ ٿي ويو، تڏهن هڪرو عاشق اچي ان خاڪ تي ويٺو ۽ کانئس (خاڪ کان) پڇڻ لڳو ته اهو شخص جو ”اناالحق“ چوندو هو سو ڪٿي آهي؟

اي عزيز، جو ڪجهه تو چيو يا ٻڌو، سمجهيو يا ڏٺو سو سڀ محض هڪ افسانو آهي ۽ هاڻي جڏهن هيءَ ڦٽل دنيا تنهنجي رهائش نه آهي تڏهن محو ٿي وڃ. حقيقي سج سدائين پيو چمڪي، تنهن ڪري نه ذرو هئڻ گهرجي نه پاڇو.

 

فنا ۽ بقا

جڏهن انهن پريشان حال پکين کي انهيءَ وادي اندر لکين ورهيه گذري ويا، تڏهن انهن کي ڪُلي فنا جي سپرد ڪيو ويو ۽ انهيءَ فنائي کان پوءِ کين بقا جو جامو پهرايو ويو. هن دنيا ۾ فنا ۽ بقا جي ڪنهن کي ڄاڻ ئي ڪانهي ۽ هيءُ راز مرڻ بعدئي معلوم ٿيندو. البت تون هيءُ ڳالهه سمجهي ڇڏ ته جيستائين تون وجود ۽ عدم جي درميان آهين تيستائين تون هن حقيقت کي پروڙي نه سگهندين. هيءَ منزل گهڻو ڏورانهين آهي جنهن لاءِ فقط جان ئي رستو ٺاهي سگهي ٿي، تنهن ڪري تون پهريائين ان کي مطيع ڪر ۽ نيست ٿي وڃ ته جيئن بعد ۾ هست ٿين.

 

بادشاه جو وزير جي پٽ تي عاشق ٿيڻ

هڪڙو روءِ زمين جو بادشاهه، پنهنجي وزير جي حسين پٽ تي عاشق ٿي پيو. هو ڇوڪرو، ڇاڪاڻ ته چوڏهينءَ جي چنڊ مثل هو، تنهن ڪري بادشاهه به ان جي عشق ۾ اهڙو گرفتار ٿي پيو جو هڪ گهڙي به ان کان سواءِ آرام نٿي آيس. رات ۽ ڏينهن ان سان گڏ گذاريندو هو ۽ ساڻس راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندو رهندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪا گهڙي پلڪ کڻي اک کان پري ٿئي ته هو غيرت کان ان جو سر قلم ڪري ڇڏي. انهيءَ ئي بادشاه جي پاڙي ۾ هڪ خوبصورت پري پيڪر ڇوڪري رهندي هئي، جنهن تي وري هو ڇوڪر عاشق ٿي پيو. هڪ رات بادشاه کان چوريءَ اچي هن ان ڇوڪريءَ وٽ رهاڻ ڪئي. جڏهن (پيتل) بادشاه پنهنجي نشي مان هوش ۾ آيو، تڏهن ڇوڪري کي نه ڏسي ان جي تلاش ۾ ٿي نڪتو ۽ آخر ان ڇوڪريءَ سان ان کي گڏ ويٺل ۽ هڪٻئي سان دليون ملايل ڏسي سڙي ويو. مست هڪ طرف، عاشق ٻئي طرف ۽ بادشاه ٽئين طرف، سو ڪڏهن پنهنجي معشوق جو ٻئي سان ويهڻ برداشت ڪندو؟ هي ڏسي بادشاه کي ڏاڍي مٺيان لڳي ته هن مون جهڙي بادشاه کي ڇڏي وڃي (بيوقوفيءَ کان) ٻئي کي چونڊيو آهي سو حڪم ڪيائين ته کيس فوراً ٻڌي کل لاهي پوءِ سوريءَ تي چاڙهيو وڃي ته جيئن هن کان پوءِ جو به بادشاهه جو رازدار ٿئي سو ڪڏهن به ڪنهن ڏي نظر کڻي نه نهاري.

وزير کي جڏهن پنهنجي پٽ جي خبر ملي تڏهن مٽي وسائيندو ڊوڙندو آيو ۽ اچي انهن نوڪرن کي چوڻ لڳو، جي سندس پٽ کي مارڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، ته اڄ رات بادشاهه نشي ۾ آهي ۽ علاوه ان جي ڇوڪري اهڙو ڪو گناهه به نه ڪيو آهي، تنهن ڪري توهان هن فعل کان باز اچو، ورنه جنهن مهل هو هوش ۾ آيو، تنهن مهل پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيندو ۽ اوهان مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيندو. ليڪن انهن جواب ڏنو ته هو جيڪڏهن هتي ايندو ۽ مقتول کي نه ڏسندو ته اسان سڀني کي سوريءَ چاڙهيندو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وزير فوراً هڪڙي قيديءَ کي وٺي آيو جو قتل جو سزاوار هو ۽ ان جي کل لهرائي کيس سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ کي پردي اندر لڪائي رکيو. ٻئي ڏينهن جڏهن بادشاهه هوش ۾ آيو، تڏهن نوڪرن کي گهرائي کانئن ان ڇوڪري جو حال پڇيو، جنهن تي هنن ساري ڳالهه ڪري ٻڌايس. ان تي بادشاه ڏاڍو خوش ٿيو، ليڪن ڪجهه ڏينهن پڄاڻان پنهنجي محبوب کي نه ڏسي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيڻ لڳو. ڀلا، اهو جو رات ڏينهن يوسف جهڙي سان گڏ خلوت ۾ گذاريندو هو سو هاڻي ان جي جدائيءَ ۾ ڪيئن ٿو ويهي سگهي؟ بس، لباس بدلائي نيرو ڪيائين ۽ بند ڪمري اندر ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. سندس ننڊ ويندي رهي ۽ کائڻ پيئڻ جي اشتها موڪلائي ويئي. قصه مختصر، هن انهيءَ سوريءَ جي پاسي ۾ پورا چاليهه سال روئيندي رڙندي اُڃ ۽ بُک ۾ گذاري ڳري وار مثل سنهو ٿي ويو.

انکان پوءِ هن هڪ رات ان ڇوڪري کي خواب ۾ ڏٺو ته هو سارو ئي رتوڇاڻ ٿيو پيو هو، جڏهن بادشاه ان بابت کانئس پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته تنهنجي دوستيءَ سبب منهنجو هيءُ حال ٿيو آهي. تو مون غريب جي بيگناهه کل لهرائي. ڀلا، ڪڏهن ڪو عاشق پنهنجي معشوق سان اهڙو برتاءُ ڪندو آهي؟ هينئر مان توکان منهن موڙيان ٿو ته جيئن قيامت ڏينهن توکان بدلو وٺان. بادشاه هي خطاب ٻڌي ڇرڪ ماري اٿيو ۽ زارو زار روئڻ شروع ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته اي محبوب! جيڪڏهن مون کان خطا ٿي آهي ته تون معاف ڪرينم. مون کان هي سڀ غفلت ۽ مستيءَ ۾ ٿيو هو. هينئر ته مان تو بنا هڪ گهڙي به نٿو گذاري سگهان. موت جو ڪو ڊپ ڪونهيم، ليڪن پنهنجي ظلم ۽ ستم کان سچ پچ گهٻرايان ٿو.

اي الله، منهنجي جان حيرت ۽اشتياق ۾ جل ويئي آهي. مان وڌيڪ جدائيءَ جو تاب سهي نٿو سگهان. تون مهرباني فرمائي منهنجي جان وٺ، ڇالاءِ جو هينئر مون ۾ ڪا طاقت ئي نه رهي آهي، ائين چوندي خاموش ٿي ويو ۽ خاموشيءَ ۾ بيهوش ٿي ويو. ان وقت وزير پنهنجي پٽ کي سينگاري بادشاه ڏانهن روانو ڪيو. هو جڏهن بادشاه وٽ آيو تڏهن ان اڳيان زمين تي ڪِري هنجون هارڻ لڳو. بادشاه خاڪ ۾ پئي لٿڙيو ۽ ڇوڪرو خون ۾.بس هيءَ عجيب ڳالهه هئي، ان راز کان، سواءِ عاشق ۽ معشوق جي ٻيو ڪو واقف ئي ڪونهي.

 

ڪتاب جي خاتمي متعلق

اڙي عطار، تو جهان کي رازن جي مشڪ سان ڀري ڇڏيو آهي. تنهنجي شعر ۾ واقعي عاشقن جو سرمايو آهي. جهڙيءَ طرح روشني سج وٽ ختم آهي، تهڙيءَ طرح پکين (عاشقن) جون ٻوليون ۽ انهن جون منزلون تو وٽ ختم آهن. اڙي سالڪ، تون منهنجي ڪتاب ۽ شعر کي درد (۽ عاجزيءَ) جي نظر سان ڏس ته جيئن توکي منهنجي به درد جو يقين ٿي وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو جو منهنجي ڪتاب کي درد جي نظر سان ڏسي ٿو سوئي خوش نصيبي ۽ سعادت ماڻي ٿو. جنهن به منهنجي ڪتاب کي پڙهيو سو ڪم وارو ماڻهو ٿيو ۽ جنهن ان کي سمجهيو ۽ ان جي رنگ ۾ رڱجي ويو سو ڪامياب ۽ فائز ٿيو. هيءُ ڪتاب عام ۽ خاص ٻنهي لاءِ نفع بخش آهي. منهنجي نظم جي هڪ عجيب خاصيت هيءَ آهي ته ان کي جيترو زياده پڙهجي ٿو تيترو زياده فائدو پهچائي ٿو. ڪوبه شخص ويندي قيامت تائين مون جهڙو ڪلام لکي نه سگهندو. مان حقيقت جي سمنڊ مان موتي ڇڻڪاري رهيو آهيان ۽ من وٽ گويائي ختم آهي. جيڪڏهن مان مري به وڃان ۽ هيءَ ساري دنيا درهم برهم ٿي وڃي ته به مان پنهنجي ڪلام سبب قيامت تائين باقي آهيان  ۽ ماڻهو جيستائين هي جهان آهي تيستائين مون کي ياد ڪندا رهندا. هي ڪتاب جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا رهنمائي ڪري ۽ سندس آڏو غير ۽ گمراهيءَ جا پردا هٽائي ته منهنجو مقصد پورو ٿيو ۽ منهنجو رنج ۽ غم ويندو رهيو. هاڻي جهڙي طرح گذريل زماني ۾ بزرگن پنهنجي ڪلام سان ستل دلين کي جاڳايو تهڙي طرح مون به انهن ستلن کي پنهنجي جان جي پکيءَ جو جلوو ڏيکاريو (حتي المقدر مون به انهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي). مون پاڻ کي چراغ وانگر خوب جلايو تڏهن مس وڃي جهان لاءِ هڪ روشن شمع ثابت ٿيس. (ههڙي ڪم لاءِ سدائين جگر جوخون پيڻو پوي ٿو).

 

هڪڙي ديندار جو سڪرات ۾ پوڻ

جڏهن هڪڙي ديندار جي سڪرات جو وقت آيو تڏهن چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مان هن کان اڳ ڄاڻان ها ته ٻڌڻ، ڳالهائڻ تي ڪيترو شرف ۽ فضيلت رکي ٿو ته مان ڪڏهن به پنهنجي عمر ڳالهائڻ ۾ ضايع نه ڪريان ها. نيڪيءَ جي ڳالهه کڻي سون وانگر آهي مگر ماٺ ۾ رهڻ انهيءَ کان وڌيڪ ڀلو آهي. الله وارا هميشه ڪم کي ڄاڻن ۽ نه اسان وانگر رڳو ڳالهه کي سڃاڻن، ڇالاءِ جو اهو ماڻهو جو ڪم ۾ لڳل آهي سو خود مست ۽ خاموش آهي ۽ جو بيڪار آهي، سو اجايو پيو وڦلي ۽ بڪواس کان جوش ۾ هوندو آهي.

 

سڪندر جو موت ۽ ارسطو جي گفتگو

جڏهن سڪندر مري ويو، تڏهن ارسطا طاليس چوڻ لڳو ته اي بادشاه، جيستائين تون دنيا ۾ جيئرو هئين تيستائين تون ماڻهن کي نصيحت ڪندو رهئين، مگر اڄ ڏينهن جي نصيحت انهن لاءِ نهايت ڪافي ۽ سبق سيکاريندڙ آهي، ڇالاءِ جو حال جي نصيحت قال جي نصيحت کان هميشه ياده موثر هوندي آهي.

اي دل، مون پکين (عاشقن، عارفن) جون سڀ زبانون توکي کولي ٻڌايون. هاڻي تون غفلت ڇڏي فهم ۽ فراست کان ڪو ڪم وٺ. سيمرغ جي اڳيان انهيءَ شخص، واقعي اڪسير بنايو (ڪامياب ٿيو) جنهن سڀني پکين جي ٻوليءَ کي سمجهي ورتو.

اي عزيز، يوناني فلسفي اندر تون روحاني دولت ڪٿي سڃاڻي سگهندين؟ جيستائين تون انهيءَ فلسفي کان پاڻ کي الڳ نه ڪندين تيستائين تون دين جي فلسفي کان واقف ٿي نه سگهندين. مان (پنهنجي معرفت جو) قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي نزديڪ ڪفر جو ”ڪاف“، فلسفي جي ”ف“ کان وڌيڪ محبوب ۽ پسنديده آهي. مديني جي فلسفي، يوناني فلسفي کي شڪست فاش ڏيئي ڇڏي آهي. تون انهيءَ فلسفي کي ڌوڙ ۾ ملائي، وڃي دين جي راهه اختيار ڪر جا صحيح ۽ سالم آهي.

 

هڪڙي شخص جو ڪنهن صوفيءَ کان سوال پڇڻ

هڪڙي پيرسن، صوفيءَ کي چيو ته تون ڪيستائين الله وارن جي ڳالهه ڪندو رهندين؟ ان جواب ڏنس ته الله وارن جي ڳالهه ڪرڻ منهنجي زبان کي ڏاڍي مٺي لڳي ٿي.

جيڪڏهن مان (عطار) کڻي انهن الله وارن مان نه آهيان ته به ڪم از ڪم انهن جي ڳالهه ٻولهه ته ڪندو رهان. مان جيڪڏهن انهن جي واٽ وٺان ها ته شعر گوئيءَ ۾ پاڻ کي ڇو غرق ڪريان ها، ليڪن مان معذور آهيان جو جڏهن ڏٺم ته ملڪ ۾ ڪو رازدار ئي نه آهي تڏهن مناسب سمجهيم ته شعر ۾ راز ظاهر ڪري پنهنجي دل وندرائيندو رهان.

دل جي تونگري منهنجي لاءِ جان افزا آهي ۽ قناعت منهنجو هڪ غيرفاني خزانو آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو مان ڪنهن نالائق جو ٿورائتو نه آهيان. مان نه ته پنهنجي دل تي ڪنهن جو بار رکان ۽ نه هر ڪميڻي کي آقا سڏڻ لاءِ تيار آهيان. مون ڪڏهن به ظالم جو طعام نه کاڌو ۽ نه ڪتاب ۾ پنهنجو تخلص رکيو آهي. منهنجي بلند همت منهنجو ممدوح آهي ۽ منهنجي بدن جي غذا منهنجي روحاني طاقت آهي. جڏهن مون کي عارف لوڪن پنهنجي طرف سڏيو تڏهن هاڻي منهنجو انهن خود غرضن ۽ خود پسندن سان ڪهڙو تعلق؟ مان جڏهن سڀني ماڻهن کان آزاد ٿي ويس تڏهن سوَن مصيبتن هوندي به گهڻو شاد ۽ خوش رهيس.

 

هڪڙي پاڪ دين جي مرڻ وقت گفتگو

هڪڙو عارف، موت جي وقت چوڻ لڳو ته جڏهن مون وٽ هن راهه (آخرت) جو سامان ڪونهي تڏهن شرم جي پگهر سان هڪ ٻڪ مٽيءَ جو ٺاهيو اٿم ۽ انهيءَ مٽيءَ مان هڪ سر بنائي اٿم. علاوه ان جي هڪڙو شيشو ڳوڙهن سان ڀريل به پاڻ وٽ اٿم ۽ هڪڙي پراڻي گودڙي به ڪفن لاءِ چونڊي رکي اٿم. هاڻي جنهن مهل مان مران تنهن مهل توهان مون کي ڳوڙهن سان غسل ڏيئي بعد ۾ اها سر منهنجي مٿي هيٺان رکي ڇڏجو. جڏهن توهان ائين ڪيو تڏهن توهان ڏسندؤ ته منهنجي قبر تي ڪڪر، ويندي قيامت تائين افسوس جو مينهن وسائيندو رهندو.

 

هڪڙي پاڪ دين جي ڳالهه

هڪڙي پاڪ دين، چيو ته مان پورن ٽيهن سالن کان پنهنجي عمر بيخودي ۾ گذاريان ٿو. مان پاڻ کان ائين بيخبر آهيان جيئن حضرت اسماعيل پنهنجي سر ڪٽائڻ وقت بيخبر هو. ڀلا، ان شخص جي ڪهڙي حالت هوندي جنهن جي ساري عمر حضرت اسماعيل جي بيهوشيءَ جي گهڙسيءَ وانگر گذري ٿي! ڪڏهن شمع مثال انتظار ۾ جلان ٿو ته ڪڏهن بهار جي ڪڪر جيان نار وهايان ٿو. اهو شخص جو مون تي ٻاهر کان نظر ڪندو سو منهنجي سيني جي اندروني حالت کي ڇا سمجهي سگهندو؟ هاءِ افسوس، منهنجي عمر اجائي ويئي ۽ هينئر سواءِ عاجزي ۽ لاچاريءَ جي ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي.

 

هڪڙي جوان مرد جو شبليءَ کي خواب ۾ ڏسڻ

جڏهن شبلي رحه، هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو تڏهن هڪ جوان مرد کيس خواب ۾ ڏسي کانئس اتان جو حال پڇيو. جواب ڏنائين ته جڏهن حساب ۾ منهنجو معاملو تمام سخت ٿي ويو ۽ هن مون کي پنهنجو دشمن ڏٺو ۽ منهنجي ضعيفي، نااُميدي ۽ عاجزيءَ جو پورو مشاهدو ڪيو، تڏهن ان کي منهنجي بيچارگيءَ تي رحم اچي ويو ۽ پنهنجي ڪرم سان مون کي بخشي ڇڏيو.

اي عزيز، جنهن وٽ ڳوڙهن جو دريا آهي سو ڀلي هن منزل ۾ پير پائي. هتي جو سمر سواءِ عجز ۽ افلاس جي ٻيو ڪونهي.

 

هڪڙي پير جو فرشتن جي جماعت کي رستي ۾ ڏسڻ

هڪڙو پير جيئن هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هو تيئن ملائڪن جي هڪ جماعت منهن پئجي ويس. انهن درميان ڪا رائج الوقت روڪڙ به پئي هئي جنهن کي هڪ ٻئي کان پئي کسيائون. جڏهن پير کانئن انهيءَ روڪڙ بابت پڇيو تڏهن انهن مان هڪڙي جواب ڏنو ته هڪڙو دردمند هتان وڃي رهيو هو جنهن پنهنجي پاڪ دل مان هڪ آه ڪڍي ۽ زمين تي چند ڳوڙها ڳاڙيا. اسان هينئر انهيءَ سرد آه ۽ گرم ڳوڙهن کي هڪ ٻئي کان کسي رهيا آهيون.

 

ابو سعيد جي هڪ مست سان ملاقات

هڪڙي دفعي ابوسعيد سالڪن جي جماعت سان گڏ پنهنجي خانقاه ۾ ويٺو هو ته هڪڙو مست پريشان حاليءَ ۾ روئندو اندر آيو ۽ اچي اجايو سجايو راڳ ڳائڻ لڳو. شيخ مهرباني ۽ شفقت سان کيس سمجهايو ته تون روءِ نه، شور بند ڪر ۽ منهنجو هٿ وٺي کڙو ٿي. مست جواب ۾ چيو ته اي شيخ، الله تنهنجو مددگار هجي، دستگيري (مدد ڪرڻ) تنهنجو ڪم نه آهي. جيڪڏهن هر شخص کان دست گيري ممڪن هجي ها ته ڪئلي به اميريءَ جو دم هڻي ها. هي ٻڌي شيخ تي وجد طاري ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اي منهنجا مولا، تون سڀ ڪجهه آهين، مان عاجز آهيان، تون منهنجي دستگيري ڪـر.

 

هڪڙي شخص جي گفتگو

هڪڙي شخص چيو ته جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ مون کان سوال پڇندو ته تو دنيا مان ڪهڙو سامان آندو آهي ته مان جواب ڏيندس ته مان قيدخاني مان ڇا ٿي آڻي سگهيس؟ مان ته مفلس ۽ ڪنگال ۽ تنهنجي رستي جو قيدي آهيان ۽ تو ۾ هيءَ اُميد رکان ٿو ته تون مون کي سڀني آلودگين کان پاڪ ڪري، مسلماني سان خاتمو ڪرينم، ۽ جو ڪجهه چڱو يا بُرو ڪيم سو سڀ معاف فرمائينم. جڏهن سواءِ ڪنهن معاوضي جي منهنجو پيدا ڪرڻ جائز آهي، تڏهن تنهنجو مون کي مفت معاف ڪرڻ به سزاوار آهي.

 

نظام الملڪ جي سڪرات جي ڳالهه

جڏهن نظام الملڪ پنهنجي پوين پساهن ۾ هو تڏهن چڻ لڳو ته اي الله، مان ته هينئر خالي هٿين وڃي رهيو آهيان، تون مون کي ان شخص جي طفيل معافي ڏي جنهن کي مون جڏهن تنهنجي ڳالهه ڪندي ڏٺو ان جوهر طرح سان خريدار بڻجي ويس ۽ ان جي پوري مدد ۽ امداد ڪيم. هن آخري گهڙيءَ ۾ تون ان جي محابي منهنجو خريدار ٿي ۽ منهنجي مدد فرماءِ.

 

حضرت سليمان جو هڪ منڊي

ڪئليءَ کان سوال پڇڻ

حضرت سليمان ايتري عظمت جي باوجود هڪ منڊي ڪئليءَ کان عاجزيءَ سان سوال پڇيو ته غمن ۾ زياده ڪهڙي مٽي ڳوهي ويئي آهي. ان جواب ڏنس ته سوڙهيءَ قبر ۾ اها آخري سر جا جڏهن خاڪ سان ملي وڃي ٿي تڏهن سڀيئي اميدون ختم ٿي وڃن ٿيون.

 

ابو سعيد مهنه جي خادم سان گفتگو

حضرت ابو سعيد مهنه هڪڙي ڏينهن حمام ۾ هو، سندس نوڪر جو هڪ بي عقل ۽ ناتجربيڪار هو تنهن شيخ جي بدن جي ميراڻ کي ڇڪي ان جي ڪلهن تي آڻي سندس منهن اڳيان ڪٺو ڪيو؛ ۽ بعد ۾ کانئس پڇيائين ته هاڻيءِ ٻڌاءِ ته جوان مردي ڇاکي چوندا آهن. شيخ جواب ڏنس ته ميراڻ کي لڪائڻ ۽ ماڻهن جي اکين اڳيان (جي روبرو) نه آڻڻ کي ئي جوانمردي چوندا آهن. اهو ٻڌي هن فوراً ان جي پيرن تي ڪِري معافي گهري.

 

ڪتاب جو ختم

الله سائينءَ جا لک احسان ۽ مهربانيون جنهن مون ناچيز لاءِ پنهنجي مدد ۽ توفيق جون سڀ راهون کولي ڇڏيون. نتيجي ۾ هي ڪتاب اڱاري ڏينهن منجهند جو تاريخ 20- رمضان المبارڪ سن 583 هجريءَ ۾ لکجي پورو ٿيو. منهنجو اهو سارو وقت دل جي صفائي، ذوق، آرام ۽ خوشيءَ ۾ گذريو. بلاشبه عطار سڀني سالڪن ۽ عارفن متعلق گفتگو ڪئي آهي. جيڪڏهن تون به انهن مان آهين ته ان کي نيڪيءَ سان ياد ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org