سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :3

سيمرغ جي خبر جي پڌرائي

هاڻي مان توهان کي پنهنجي بادشاهه سيمرغ بابت ڪجهه مثال طور ٻڌايان ٿو، هيءَ هڪ عجيب ڳالهه آهي جنهن کي ڪن لائي ٻڌو:

هڪ دفعي جڏهن شروع شروع ۾ سيمرغ آڌيءَ رات جو چين ملڪ مٿان پرواز ڪري رهيو هو، تڏهن اوچتو سندس پَرن مان هڪ پَر ڪري پيو، جنهن سببان هن ملڪ ۾ شور ۽ غل مچي ويو. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي خيال موجب ان (پر) جو نقشو چٽيو، جنهن ڪنهن ان کي ڏٺو تنهن ان جو الڳ الڳ خاڪو ورتو. هي پر اڃا تائين چين جي عجائب خاني ۾ موجود آهي، اهوئي ته سبب آهي جو حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”علم جي تلاش ڪريو پوءِ کڻي اهو (پري) چين ۾ ڇو نه هجي.“ جيڪڏهن ان پر جو نقش ظاهر نه ٿئي ها ته هي سارو هل هنگامو جهان ۾ هجي ئي نه ها. سڀيئي جانيون ان جي پر جو نقش آهن. ان جي وصف جو نه منڍ آهي نه ڇيڙو. مناسب ائين آهي ته زياده ڳالهه ٻولهه نه ڪريون ۽ مقصد جي ڪڍ پئون. اوهان مان جيڪي همت ڀريا پهلوان آهن سي هن رستي تي هلڻ جي تياري ڪن ۽ پنهنجا قدم ان تي رکن.

هدهد جي هن دل پذير تقرير مٿن ڏاڍو اثر ڪيو، ايتريقدر جو هو سڀيئي پنهنجي بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ بيقرار ٿي پيا. انهيءَ جي شوق سندن دلين کي ڦٽي وڌو ۽ انهن مان هرهڪ انتهائي بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. رستي تي هلڻ جو پڪو پهه ڪري اڳتي وڌيا. ان جا عاشق ۽ پنهنجين جانين جا ويري ٿي پيا؛ پر ڇاڪاڻ ته سندن بادشاهه سيمرغ ڏانهن ويندڙ رستو ڏورانهون ۽ ڏور ۽ تڪليف سان ڀرپور هو، تنهن ڪري هر هڪ اوڏانهن وڃڻ کان دل هڻڻ ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ رستي طئي ڪرڻ جي قابليت ته سڀني ۾ هئي، مگر تنهن هوندي به هرهڪ جدا جدا (ڪونه ڪو) عذر پيش ڪرڻ لڳو.

اي انسان تون پنهنجي جان کي جلاءِ ۽ اندر جي پکيءَ کي انهيءَ ڪم ۾ لاءِ، ته جيئن الله تعاليٰ توکي سچي ۽ دائمي خوشي عطا ڪري.

 

پکين جا عذر پيش ڪرڻ ۽ هدهد جا جواب ڏيڻ

بلبل جو عذر

 اول اول عاشق بلبل آئي؛ جا پنهنجي ڪمال عشق ۾ مدهوش هئي، ۽ جنهن جي هر آواز ۾ هڪ خاص معنيٰ رکيل هئي، ۽ هر معنيٰ اندر رازن جو جهان ڀريل (سمايل) هو. معنائن جي رازن متعلق نعرو ٿي هنيائين ۽ پنهنجي ڪلام سان سڀني پکين جون زبانون بند ٿي ڪيائين. اتي چوڻ لڳي ته مون تي عشق جا اسرار ختم ٿيا، مان ساري رات عشق جي ڳالهه پئي اوريان. هتي حضرت دائود مثل ڪو تجربيڪار ۽ ڄاڻو ڪونه آهي ته جيئن عشق جو زيور مان ان کي کولي ٻڌايان. بينسري جو آواز خود منهنجي گفتا آهي ۽ چنگ جو باريڪ سر به منهنجي ئي بيقراريءَ جي فرياد کان آهي، باغ ۽ باغيچا به منهنجي ڪري ئي شور ۽ غل سان ڀريل آهن، ۽ عاشقن جي دلين ۾ جوش ۽ تاب به مون ئي پيدا ڪيو آهي؛ مان هرگهڙيءَ نئين لات لنوان ٿي، ۽ هر پلڪ نئون ۽ نرالو آواز ۽ سر ڪڍان ٿي. جڏهن عشق مون تي غلبو پائي ٿو، تڏهن درياءَ مثل منهنجي دل ڇوليون هڻي ٿي جنهن به منهنجي جوش کي ڏٺو سو پاڻ کي جهلي نه سگهيو ۽ اختيار سندس هٿان ويندو رهيو. ٻڌندڙ جيتوڻيڪ هوشيار به هو، مگر تنهن هوندي به بيتاب ۽ مست ٿي پيو. جڏهن سارو سال اهڙو ڪونه ٿي ڏسان جنهن سان پنهنجو راز سليان تڏهن ماٺ ٿي رهان ۽ ڪنهن کي به پنهنجو منجهه نه ٿي ڏيان. وري جڏهن منهنجو محبوب بهار پنهنجي مشڪ جي خوشبوءِ سان دنيا کي معطر ڪندو ۽ ڀريندو آهي تڏهن مان خوشيءَ وچان ان سان مشغول ٿي وڃان ٿي۽ پنهنجون مشڪلاتن سندس روبرو حل ڪريان ٿي. هو جڏهن وري گم ٿي ويندو آهي تڏهن هيءَ شوريده بلبل (يعني مان) به گهٽ ٻوليندي آهي. اهوئي ته سبب آهي جو دنيا ۾ منهنجي راز کان ڪوبه واقف ٿي نٿو سگهي. ها، بلبل (منهنجي) جي راز کي گل خوب ڄاڻي ٿو. مان گل جي عشق ۾ ايترو ته گرفتار ۽گم آهيان جو پنهنجي وجود جي ئي ڪا ڪل ڪانهيم. گل جي عشق جو سودا مون لاءِ (منهنجي سر ۾) ڪافي آهي، ۽ منهنجو مطلوب خوشنما گل منهنجي لاءِ بس آهي. ويچاري بلبل سيمرغ جو تاب ڪٿي ٿي جهلي سگهي؟ ان لاءِ گل جو عشق ئي گهڻو آهي. ڀلا جڏهن منهنجي محبوب ۾ سوين (سؤ) پن آهن تڏهن منهنجي سامان جي ڪا ڪمي؟ گل جڏهن هڪ محبوب جي طرح ظاهر ٿيندو (مکڙيءَ کان ٻاهر نڪرندو) آهي، تڏهن اهو خوشيءَ کان منهنجي اڳيان مشڪندو آهي. سچ پچ جڏهن هو پردي (مکڙي) جي اندران نڪري ٻاهر ايندو آهي تڏهن منهنجي منهن کي ڏسي مشڪي ڏيندو آهي. تون پاڻ ڄاڻ ته بلبل هڪ رات (لاءِ) به اهڙي مشڪندڙ لب جي عشق کان ڪٿي ٿي صبر ڪري سگهي! ٻيلي مون کان هي ڪشالا ڪڍيا ڪونه ٿيندا، سيمرغ تائين پهچڻ مون نٻل ۽ هيڻيءَ جو ڪم نه آهي، مان گل ۾ ئي فنا آهيان ۽ ٻيو ڪجهه نه ٿي ڄاڻان.

 

هدهد جو بلبل کي جواب

اڙي ظاهري صورت ۾ اڙيل بلبل! هن کان زياده عشق ۾ ناز ۽ فخر نه ڪر. ڏسين نٿي ته گل جي چهري تنهنجي اڳيان ڪيترا نه اڪيچار ڪنڊا وڇايا آهن ۽ پنهنجو ڪم سنئون ڪري تنهنجو ڪم اونڌو ڪيو اٿس. گل ڪيترو به حسين ۽ جميل ڇو نه هجي، مگر ان جو هي حسن ۽ جمال هڪ هفتي جو مهمان آهي (۽ پوءِ ويندو رهندو). ياد رک ته ان شيءِ جو عشق زوال پذير آهي، تنهن کان ڪاملن کي رنج ۽ ملال رسي ٿو.گل جي کلمک ڪيترو به کڻي توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي، مگر تڏهن به اها سدائين توکي ڏکن ۽ دردن ۾ رکندي (روڄ ۽ راڙي ۾ مبتلا ڪندي). گل کي ڇڏي ڏي ڇا لاءِ جو هو هرنوبهار ۾ توتي کلي (ٺٺولي ڪري) ٿو، مگر تون بيشرم آهين ۽ سمجهين نٿي. جيڪڏهن توکي اکين ۾ واقعي شرم هجي ها ته ان ڏانهن ڪاوڙ ۽ غصي کان سواءِ نه نهارين ها؛ مگر تو وانگر جو بيشرم هوندو تنهن کي ان ڳالهه جو ڪٿي لحاظ ٿيندو؛ تنهن ڪري توکي لائق آهي ته تون بي بقا شيءِ کي ترڪ ڪري لازوال عشق جي طالب ٿين. اجهو مان توکي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، جنهن کي تون خيال ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.

 

ڪهاڻي

هڪڙي بادشاهه کي هڪ چنڊ جهڙي ڌيءَ هئي، جا دل سان چاهيندڙ عاشقن سان ڀريل دنيا رکندي هئي (ساري دنيا مٿس مست هئي). ان جي نيم خواب (اڌوري ننڊ واري) اک، سدائين مست رهندي هئي، تنهنڪري فتنو ته هميشه بيدار هوندو هو (يعني هر وقت فتنو برپا هو). سندس ڳل ڪافور جيان سفيد، ۽ سندس وار مشڪ مثل ڪارا هئا ۽ ان جي چپن کان نهايت چمڪيدار لعل جا چپ به خشڪ هئا (سرخ شراب سان تر ٿيل چپن جي ڪري لعل پٿر به خشڪ يعني شرمسار هو). جيڪڏهن ان جي جمال جو ڪو ذرو ظاهر ٿي پوي ها ته عقل به پنهنجي بي عقلي کان بدنام هجي ها ۽ جيڪڏهن کنڊ ان جي چپن جي ذائقي کي سڃاڻي ها ته شرم کان سُسي ڳري وڃي ها.

اتفاق سان واٽ تي هڪ فقير جي نظر ان چمڪندڙ چنڊ تي پئجي ويئي. هن غريب کي هٿ ۾ فقط هڪ ماني هئي، جنهن تي ٻوڙ به پيل ڪونه هو (يعني ڏاڍو مسڪين هو). جڏهن سندس نظر ان چنڊ جي منهن تي پئي تڏهن ماني سندس هٿ مان ڪِري وڃي پَٽ تي پيئي ۽ هوءَ سندس اڳيان باهه جيان لنگهي ويئي ۽ مٿس مشڪندي ۽ کلندي هلي ويئي. فقير جڏهن ان کي (پاڻ تي) ائين کلندو ڏٺو، تڏهن پاڻ پنهنجي خون ۾ غرق ٿي ويو. ويچارو فقط اڌ ماني ۽ اڌ جان جو مالڪ هو (گهڻو ڪمزور هو) ۽ انهن ٻنهي ان هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ پاڪ (خالي) ٿي ويو. نه رات جو آرام هوس ۽ نه ڏينهن جو سڪون. روڄ ۽ اندر جي سوز کان ٻڙڪ به ٻاهر نٿي ڪڍيائين. جڏهن انهيءَ شهزاديءَ جو مشڪڻ ياد ڪندو هو، تڏهن بهار جي ڪڪر جيان اکين مان نار وهائيندو هو. مطلب ته غريب ستن سالن تائين ان جي عشق ۾ ڦيٽون کائيندو رهيو ۽ انهيءَ جي گهٽيءَ ۾ ڪتن سان گڏ گذر ڪندو رهيو. عشق آهي مشڪ سو ڀلا ڪٿي ٿو لڪي. نينگريءَ جي سڀني ٻانهن ۽ غلامن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويئي جن گڏجي هي ارادو ڪيو ته انهيءَ فقير جي سر کي شمع وانگر ڪاٽي ڇڏجي. رحمدل نينگريءَ ڳجهه ڳوهه ۾ ان کي پاڻ وٽ گهرائي سمجهايو ته: تو جهڙي بينوا جو مون جهڙي شهزاديءَ سان ڪيئن ٿو ميلاپ ٿي سگهي؟ تون هي خيال ڇڏي ڏي. منهنجا خادم توکي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، لهاذا ڀڄي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي در تي وڌيڪ نه ترس ۽ اٿي هليو وڃ. فقير مسڪين جواب ۾ عرض ڪيو ته مان ته انهيءَ ڏينهن کان ئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن کان توکي ڏسي موهجي پيس. مون جهڙي بيقرار (۽ پريشان حال) جون هزار جانيون توتان هر وقت قربان! جڏهن مون کي تنهنجا غلام بي گناهه قتل ڪندا، تڏهن مهرباني ڪري منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ته ڏي، جنهن وقت تو منهنجو سر رائگان قلم پئي ڪيو، تنهن وقت ڪهڙيءَ ڳالهه سببان تون مون تي پي کلينءَ؟ نينگري وراڻي ڏني ته: مون توکي نهايت ئي بي سمجهه ۽ نادان ڏٺو ۽ انهيءَ ڪري ئي توتي پي کليس. تنهنجي مٿي ۽ منهن تي کلڻ (ٺٺول ڪرڻ) روا آهي، ليڪن تنهنجي روبرو کلڻ (محبت جو اظهار ڪرڻ) صحيح نه آهي. ائين چئي هوءَ دونهي مثل سندس آڏو ويندي رهي ۽ جو ڪجهه هو سو حقيقت ۾ ڪجهه به نه هو.

 

طوطيءَ جو عذر

ان کان پوءِ طوطي پنهنجي سونهري طوق، ۽ پنهنجي مٺي وات ۽ زردي مائل لباس ۾ ملبوس ٿي ٻاهر آئي. سندس دٻدٻي ۽ شان اڳيان باز به هڪ مڇر مثل هو، ۽ هرطرف ساوڪ ئي ساوڪ ڇانئي پئي هئي. پنهنجي گفتگو ۾ مٺا ٻول ٻوليندي ۽ خوشي ۽ لذت وچان پرهه ڦٽي ڏيکاريندي اچي چوڻ لڳي ته: ڏسو مون جهڙيءَ لاءِ هر پٿر دل، ڪس ۽ ناڪس لوهي پڃرو بنائي ٿو، جنهن قيدخاني ۾ مان گهڙي ويئي آهيان ۽ آب حيات جي آرزوءَ ۾ ڳري ويئي آهيان. پکين جي مان خضر آهيان ۽ انهيءَ ڪري ئي سبزپوش آهيان ته جيئن آب حيات پي سگهان. سيمرغ جي پَرَ جو تاب مان ڪٿي ٿي جهلي سگهان! مون لاءِ آبحيات جي چشمي جو هڪ ڍڪ ئي ڪافي آهي. آبِ حيات جي راهه ۾ مون مستن جيان جان ڏني آهي (سِرُ رکيو آهي) ۽ انهيءَ ئي جي ڳولا ۾ هر جڳهه وڃان ٿي؛ ڇاڪاڻ ته منهنجي وجود کي آب حيات سان نسبت آهي (منهنجو وجود آبِ حيات سببان آهي)، انهيءَ ڪري عبادت ۾ مون کي بادشاهي حاصل آهي.

 

هدهد جو جواب

اي حقيقي دولت کان محروم طوطي، جوانمرد اهو هرگز نه آهي جو محبوب مٿان قربان نه وڃي ۽ سِر جو سانگو ڪري، تنهنجي جان تڏهن ئي ڪارآمد ٿيندي، جڏهن ڪا ساعت دوست جي (ملڻ جي) قابل ٿيندي. تون پنهنجي جان (جي دوستيءَ) لاءِ آب حيات چاهين ٿي، سچ پچ تو ۾ مغز نه آهي، پر کل آهي (بي عقل آهين). جڏهن تون پنهنجي جان محبوب مٿان قربان ڪندينءَ تڏهن ئي تون صحيح معنيٰ ۾ عاشق سڏبينءَ، ۽ محبوب جي راهه ۾ جوانمردن جيان جان گهوريندڙن مان ٿيندينءَ. سڪندر ڪيتريون نه تڪليفون ۽ مشقتون برداشت ڪيون مگر تنهن هوندي به هو آب حيات جي شوق ۾ مري ويو. جيڪڏهن سختيءَ سهڻ ۾ تون مون وانگر ٿيڻ چاهين ٿي ته پوءِ توکي پنهنجي جان سان هن راهه ۾ کيڏڻ گهرجي. بيجا خواهش ۽ حرص کي ڇڏي ڏي ته جيئن ڪنهن جي (هٿ جي) محتاج نه ٿين. جڏهن ڏسين ٿي ته ان جي تلاش تولاءِ لازمي ۽ ضروري آهي، تڏهن پوءِ دنيا ۾ تو جهڙي ٻي ڪا ذليل ڪانهي. تنهنجي عمر اَجائي (فضوليات ۾) گذري ويئي ۽ تنهنجي زندگي جو قافلو پيچيدگين ۾ اڙجي ويو. ڏاهي ٿي ۽ ڪو سبق سک ۽ هي ڳالهه ٻڌ.

 

هڪ ديواني جي ڳالهه

هڪڙي وڏي مرتبي واري ديواني کي حضرت خضر عليه السلام چيو ته هيءُ مناسب آهي ته : تون منهنجو يار ٿي رهين. ان جواب ۾ چيو ته: سائين منهنجو ڪم توکان ٿي نه سگهندو. تو ڪافي عرصي تائين آب حيات پيتو آهي ته جيئن گهڻي عمر ماڻين. منهنجي حالت وري ان جي بالڪل برعڪس آهي، مان ته چاهيان ٿو ته جان کان جدا هجان، ڇا لاءِ جو محبوب بغير، جان جو ڪو فائدو؟ تون جان جي حفاظت ۾ لڳل آهين ۽ مان پنهنجي جان کان ئي تنگ. بهتر ائين آهي ته جئين پکي ڦاهي کان پري رهن ٿا، تيئن اسين به هڪٻئي کان پري رهون.

 

مور جو عذر

ان بعد خوبصورت مور آيو، جنهن جي هرهڪ پَرَ تي سوَ نه بلڪ هزار نقش هئا ۽ جنهن ڪنوار وانگر پنهنجو جلوو پئي ڏيکاريو. چوڻ لڳو ته: جنهن وقت غيبي نقاش منهنجو نقش پئي ورتو تنهن وقت چيائين جي هٿن جون آڱريون وڍجي ويون. مان جيتوڻيڪ پکين جو جبرائيل آهيان، ليڪن تقدير جي طرفان مون کي هڪ برو واقعو پيش آيو. ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ يار (نانگ) جي سنگت مون کي خون ۾ اُڇلايو ۽ عدن بهشت مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو. اتفاق سان هو (ڪمينو) منهنجو يار بڻجي ويو تان جو مان اتان تڙجي ٻاهر (آيس ۽) اچي خواريءَ ۾ پيس. هاڻي جڏهن قدرت منهنجي جلوي جي جڳهه بدلائي تڏهن منهنجوئي پير مون لاءِ قيد بنجي ويو. ارادو ته هي اٿم ته ڪو رهبر رهنمائي ڪري هن اونداهيءَ مان ڪڍي آڻي بهشت پهچائي. مان اهو ته پکي نه آهيان (مون ۾ ايتري قابليت نه آهي) جو اڪيلي سر بادشاهه تائين پهچي وڃان. مون لاءِ ته دربان تائين پهچڻ ئي ڪافي آهي. ڀلا ٻڌاءِ ته سيمرغ کي منهنجي ڪهڙي پرواهه؟ مون لاءِ ته يار! فردوس اعلي آرام گاهه بس آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا تمنا اٿم ته اها ته وري موٽي بهشت وڃان (دنيا ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه اٿم ته بهشت وري مون کي جاءِ ڏئي).

 

هدهد جو جواب

اڙي مور، ٻيلي تون رستي کان گهڻو گمراهه آهين. جنهن شخص کي بادشاهه جي گهر جي گهرج آهي تنهن کي جڳائي ته ان جي ويجهو وڃي؛ ڇا لاءِ جو بادشاهه جو گهر ان بهشت کان گهڻو ڀلو آهي. نفس جو گهر ته هڪ هوس سان ڀريل بهشت آهي (بهشت جي تمنا به هڪ نفسانيت آهي) ۽ دل جو گهر صدق ۽ سچائي جي جاءِ آهي، تنهن ڪري تون نفس پرستي ڇڏي سچائيءَ جي راهه اختيار ڪر. حضرت حق هڪ وڏو بادشاهه آهي جنهن جي مقابلي ۾ بهشت هڪ ننڍو ڦڙو آهي، جنهن وٽ درياءَ آهي تنهن جي آڏو هڪ ڦڙي جي ڪهڙي وقعت؟ جو ڪجهه درياءَ کان سواءِ آهي اهو سڀ خام خيال ۽ سودا آهي. جڏهن درياء تائين رسائي ٿي سگهي ٿي تڏهن پوءِ ماڪ طرف ڇو ڊوڙجي؟ (درياءَ کي ڇڏي هڪڙي قطري جو پوئلڳ ٿيڻ ڪيتري نه حماقت آهي). ڀلا جو ماڻهو پنهنجو راز خود سج سان سلي سگهي ٿو سو هڪ ذري سان ڪيئن گذر ڪندو؟ اهو جو ڪُل ٿيو تنهن جو جز سان ڪهڙو واسطو؟ ۽ اهو جو جان ٿيو تنهنجو عضوي سان ڪهڙو تعلق؟ جيڪڏهن تون ڪامل شخص آهين ته ڪل کي ڏس ڪل جي طلب ڪر، ڪل رهه ۽ ڪل ٿي ۽ ڪل اختيار ڪر. هاڻي مان نصيحت خاطر توکي هڪ آکاڻي ٻڌايان ٿو.

 

استاد ۽ شاگرد جي آکاڻي

هڪ دفعي ڪنهن شاگرد پنهنجي استاد کان سوال پڇيو ته حضرت آدم عليه السلام، بهشت کان ٻاهر ڇو تڙيو (ڪڍيو) ويو. استاد ٻڌايس ته حضرت آدم وڏي شان واري شخصيت هئي ۽ جڏهن بهشت ۾ داخل ٿيو (سر جهڪايو) تڏهن هڪڙو غيبي آواز آيس ته خبردار توکي بهشت هر طرح (سؤ طرح) سان بند ڪيو (ڦاسائي ڇڏيو) آهي، ۽ جو شخص هنن ٻنهي جهانن ۾ اسان کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيء آڏو سر جهڪائيندو سو اسان جي نزديڪ ڪمينو ۽ هيچ هوندو. اسان ان جو صفايو ڪري ڇڏينداسون، پوءِ کڻي هو ڪهڙو به ڊنگ ڇو نه هجي؛ ڇالاءِ جو دوست کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽ هٿ ٽنگڻ روا نه آهي. محبوب جي اڳيان هزار جانيون ڇا آهن؟ (ڪجهه به نه آهن). ان بغير هيءَ جان ڪهڙي ڪم جي؟ جو ڪوئي حقيقي محبوب کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ شيءِ طرف لاڙو ڪندو ۽ ساڻس لنوَ لائيندو ته اهو رسوا ۽ برباد ڪيو ويندو، پوءِ کڻي حضرت آدم ئي ڇو نه هجي! ڇا توکي هيءَ سڌ نه آهي ته بهشت وارن جي حق ۾ هيءَ خبر آئي آهي ته پهرين شيءِ جا انهن کي (کائڻ ڪاڻ) ڏني ويندي سا جگر هوندو، ڇاڪاڻ ته اهل جنت راز جا لائق نه هئا (هوندا) تنهن ڪري هو نئين سر جگر کائڻ شروع ڪندا.

 

بدڪ جو عذر

بدڪ نهايت صفائيءَ ۽ پاڪائيءَ سان اڇي اجري ٿي سفيد (بهترين) لباس پهري پاڻيءَ کان ٻاهر آئي ۽ مجمعي اندر اچي چوڻ لڳي ته ڀانيان ٿي ته ٻنهي جهانن ۾ مون کان زياده پاڪيزه ۽ شان وارو ٻيو ڪونهي. مان هر گهڙي تازو غسل ڪريان ٿي ۽ پنهنجو مصلو پاڻيءَ تي وڇايان ٿي. مون وانگر ڪوبه پاڻيءَ تي بيهي نٿو سگهي، منهنجي ڪرامتن ۾ اڃا به ڪو شڪ؟ مان پنهنجي پاڪ راءِ سبب پکين ۾ زاهد (شمار) آهيان ۽ منهنجو ڪپڙو ۽ جان هميشه پاڪ رهن ٿا. پاڻيءَ بغير هن دنيا ۾ رهي نٿي سگهان جو منهنجو اصلي وطن پاڻي ئي رهيو آهي. مان جيتوڻيڪ پنهنجي دل ۾ ساري دنيا جو غم رکان ٿي، مگر تنهن هوندي به ان کي دل تان ڌوئي ڇڏيو اٿم؛ ڇالاءِ جو پاڻي مون وٽ هروقت موجود آهي. منهنجي ندي پاڻيءَ سان هميشه ڀري رهي ٿي، سو خشڪيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڀلا ڪيئن ڪري سگهنديس؟ جڏهن منهنجو ڪم ئي پاڻيءَ سان آهي تڏهن پوءِ ان کان ڪناره ڪشي ڪرڻ سراسر ناداني آهي. ڏسو نٿا ته دنيا ۾ سڀ شيءِ جو جياپو پاڻي (سبب) آهي، پوءِ پاڻيءَ کان مان ڪيئن هٿ ڌوئان؟ جيڪڏهن مان سيمرغ تائين پهچي نٿي سگهان ته پوءِ اهو ڪو ضروري ڪونهي ته ان خاطر وتان واديون طئي ڪندي؟ جنهن جو ڪامل قبلو پاڻي آهي، اهو سيمرغ وٽ پنهنجي مراد ڪٿي ٿوماڻي سگهي؟ ڀلا منهن جي جان کي هڪ چڻنگ ئي جلائي ٿي ڇڏي، سا باهه جي درياءَ مان (جو سيمرغ جي راهه ۾ واقع آهي) ڪٿي ٿي لنگهي سگهي؟

 

هدهد جو جواب

اڙي ڳهيلي بدڪ، تون ته پاڻيءَ ۾ ئي مگن آهين، مگر پاڻي ته تنهنجي چوڌاري تپي رهيو آهي ۽ تنهنجي خوبي ته ان اندر زائل ٿي ويئي آهي ۽ ان جي هڪڙي قطري ئي تنهنجي رونق مٽائي ڇڏي آهي، پاڻي ته ان شخص لاءِ آهي جنهن جو منهن ميرو آهي. تو جيڪڏهن اڃان به پنهنجو منهن نه ڌوتو آهي ته پوءِ پاڻيءَ جي تلاش ڪر. آخر ڪيترو وقت صاف پاڻيءَ جي طرح هر گندي جو منهن ڏسندي رهندينءَ؟ چڱو هي ڳالهه جا مان سلي رهيو آهيان تنهن کي ڌيان ڏيئي ٻڌ.

 

هڪ ديواني جي ڳالهه

هڪڙي ماڻهوءَ هڪ ديواني کان پڇيو ته: هي ٻئي جهان پنهنجن هيترن سارن خيالن سان آخر آهن ڪهڙي شيءِ؟ هن جواب ۾ چيوته هي ٻئي جهان، مٿاهون ۽ هيٺاهون، هڪ پاڻيءَ جو ڦڙو آهن ۽ بس. شروعات ۾ به هيءُ ئي پاڻيءَ جو ڦڙو هو (جو ظاهر ٿيو) ۽ هاڻي به هن سنسار ۾ هي سمورو نقش و نگار به محض اهو هڪڙو آهي ۽ نه وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ؛ مگر قابل غور ڳالهه هيءَ آهي ته هر اها بنا (جاءِ) جا پاڻيءَ تي کڙي (ٺاهي) ڪئي ويندي سا لازماً برباد ٿيندي، پوءِکڻي اها لوهي ئي ڇو نه هجي. لوهه کان ته ڪابه شيءِ زياده مضبوط ڪانهي، مگر اهو به پاڻيءَ اندر فنا ٿي وڃي ٿو، جنهن شيءِ جو بنياد پاڻيءَ تي هوندو سا هڪ خواب مثل آهي، پوءِ ڀلي ساري لوهي ئي ڇو نه هجي. پاڻيءَ کي ته جيئن معلوم آهي ته ڪو جٽاءُ يا پائداري آهي ئي ڪانه؛ تنهن ڪري ڪوبه بنياد مٿس مستحڪم ٿي (بيهي) نه ٿو سگهي؛ مگر افسوس جو ماڻهو هن حقيقت کي سمجهن ئي ڪونه ٿا.

 

چڪور جو عذر

چڪور کي به صبر نه آيو سو به سرڪشي ۽ سرمستيءَ ۾، خوشيءَ وچان ٽلندو پنهنجي کاڻ کان ٻاهر آيو. سندس چهنب ڳاڙهي، پوشاڪ ڳاڙهي ۽ اکيون خون کان جوش زن هيون. ڪنهن مهل پهاڙ جي چوٽين تي پئي اڏاڻو ته ڪنهن مهل انهن جي چوڌاري ڦيريون پئي کاڌائين. اچڻ سان چوڻ لڳو ته: مان کاڻين اندر گهڻو گهميو آهيان ۽ ڪيترن ئي موتين جي مٿن تي پهتو آهيان. جبلن جي وچ ۽ چوٽيءَ تي رهائش ڪئي اٿم، ۽ جيترو ٿي سگهيم تيترو موتين جي پئي حفاظت ڪيم. موتيءَ جي عشق منهنجي دل ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي ۽ سچ پچ ته منهنجي لاءِ هيءَ باهه نهايت ئي سٺو ڦل آهي (ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهه به نه گهرجي). انهيءَ جي گرمي جڏهن پنهنجو مٿو مٿي ڪري ٿي، تڏهن پٿرين کي منهنجي دل ۾ خون بنائي ڇڏي ٿي. هيءُ ان جو ڪهڙو نه عجيب اثر آهي جو پٿر به بنا دير خون بڻجيو وڃي. مان پٿر ۽ باهه جي وچ ۾ پيو آهيان، بيڪار هڪ طرف ته پريشان ٻئي طرف. گرمي ۽ تپش ۾ پٿريون کائي دل (کي) باهه سان ڀريا ٿو·!

اي منهنجا ساٿيو، توهان پنهنجون اکيون به ته کوليو ۽ منهنجي کاڌي ۽ آرام (ننڊ) کي به ته ڏسو. سڄو وقت پٿرن تي پيو آهيان، ۽ پٿرئي کائيندو رهان ٿو، مون سان جنگ (جهيڙو) ڪرڻ اجائي آهي. موتين جي عشق مون کي پهاڙ سان ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي منهنجي دل زخمن سان چور چور آهي، جو شخص موتين کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان پيار رکي ٿو تنهنجي سلطنت جلدي ويندي هلي، باقي موتين جي بادشاهي ته سدائين پائيدار آهي، جو ان جي جان هر وقت پهاڙ سان ڳنڍيل آهي (رهي ٿي). مان پهاڙن جي ڪسوٽي آهيان ۽ موتين جي ڳولا ۾ هميشه سرگردان، گهڙي پلڪ به ان جي چوٽين بغير رهي نٿو سگهان. اتي هميشه موتي رهن ٿا، تنهنڪري مان انهن جي تلاش ۾ لڳو رهان ٿو.

حقيقت هيءَ آهي ته مون موتيءَ مثل ڪو جوهر ڏٺو ئي ڪونهي ۽ نه وري موتيءَ کان زياده قيمتي ڪنهن ٻئي جوهرکي ڏٺو اٿم. سيمرغ جو رستو ڏاڍو ڏکيو آهي، هوڏانهن منهنجي حالت هيءَ آهي جو منهنجا پير سدائين پٿر تي پيا آهن ته موتي دل ۾ پيا آهن. مان اطمينان سان ان کي ڪٿي ٿو پهچي سگهان! جڏهن منهنجو هٿ مٿي تي ۽ پير مٽيءَ ۾ آهن؟ باهه جي طرح پٿر کان منهن هرگز نه موڙيندس، يا مرندس يا هٿ ۾ موتي آڻيندس. منهنجي لاءِ چڱو آهي ته (موتي پيدا ڪريان) منهنجا موتي نڪري نروار ٿين، ڇالاءِ جو جنهن وٽ موتي (جوهر) نه آهن سو آدمي ڪهڙي ڪم جو؟

 

هدهد جو جواب

اڙي چريا چڪور، تنهنجو رنگ برابر جوهر جهڙو خوشنما آهي، ليڪن آخرڪار هي اڻ واجبي عذر ۽ بهانهء بازي ڪيستائين؟ منهنجي ته دعا آهي ته شال تنهنجي چهنب جگر جي خون سان پُر هجي ۽ تون هڪ بي بنياد (بيقدرو) پٿر ٿيو پيو رهين. موتي به آخر هڪ رنگ چڙهيل (ملمع ڪيل) پٿر آهي ۽ نه ڪا ٻي شيءِ. افسوس جو تون پٿر جي عشق ۾ اهڙو ڪٺور (سخت) دل ٿيوآهين (ٿي ويو آهين). جيڪڏهن سندس رنگ لهي وڃي ته هو ساڳيو پٿر جو پٿر وڃي رهندو. اهو شخص واقعي بي بنياد آهي جو رنگ جي فڪر ۾ گرفتار آهي. حقيقي شخص نه رنگ جو طالب آهي ۽ نه پٿر جو خواهشمند. تون جيڪڏهن ههڙيءَ طرح پٿر ۽ جوهر ۾ اٽڪيو رهندين ته پوءِ تنهنجو اتان نڪرڻ محال آهي. هاڻي مان توکي هڪ حڪايت ٻڌايان ٿو جنهن ۾ سمجهه وارن لاءِ سوائي نصيحت آهي.

 

حضرت سليمان جي منڊيءَ جي حڪايت

ڪنهن به موتيءَ کي اهڙي سرداري حاصل نه هئي جهڙي حضرت سليمان کي پنهنجي منڊيءَ سبب هئي. انهيءَ ڪري ئي کيس ايتري عزت حاصل ٿي، حالانڪ اها هئي هڪ رتيءَ جيترو پٿر مس. ان (منڊيءَ) ۾ اها خاصيت رکيل هئي جو جڏهن به حضرت سليمان (اها) پائيندو هو تڏهن ساري دنيا سندس حڪم آڏو جهڪي پوندي هئي، ۽ ان جي ڪري ئي سندس ملڪ ايترو وڌيو ۽ سندس اطاعت هيٺ آيو. حضرت سليمان جو شاميانو به چاليهه فرسنگ هو، جنهن کي هوا سندس حڪم سان اُڏائي کڻي ويندي هئي. ان ايڏي ساري عظمت جو بنياد به هڪ اڌ رتيءَ پٿر تي هو. مطلب ته هي ساري عظمت ۽ بزرگي کيس ان منڊيءَ سبب مليل هئي ڇالاءِ جو منجهس اسم اعظم اُڪريل هو.

حضرت سليمان هي حالت ڏسي چوڻ لڳو ته ”جڏهن هڪ مالڪ ۽ هي سارو ڪاروبار هن قدر ننڍي پٿر سبب دائماً قائم آهي تڏهن مان نه ٿو چاهيان ته (دين ۽ دنيا ۾) ڪو شخص اهڙي ملڪ ۾ ڦاسي. بس پوءِ هٿ کڻي چوڻ لڳو ته اي منهنجا موليٰ مون عبرت جي اکين سان هن بادشاهيءَ جي آفتن کي ظاهر ظهور ڏٺو آهي. برابر آخرت جي مقابلي ۾ هيءَ گهڻي گهٽ آهي ته به هن بعد اي پروردگار هي بادشاهي ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏج. پنهنجي لشڪر ۽ بادشاهيءَ سان منهنجو هينئر ڪو سروڪار نه رهيو آهي ۽ هاڻي ڇليون ٻڌڻ ۽ گودڙين ٺاهڻ جو ئي ڌنڌو اختيار ڪريان ٿو، جو ڏسان ٿو ته منهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي“.

اها حقيقت آهي ته حضرت سليمان ان موتي سببان ئي شاهه ٿيو، ليڪن اهو ساڳيو موتي ته هو جنهن سندس رستي روڪ ڪئي ۽ جنهن ڪري ئي هو باقي پيغمبرن کان پنج سؤ سال پوءِ عدن بهشت داخل ٿيندو. (هن ۾ ان حديث ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ چيل آهي ته غريب، شاهوڪارن کان پنج سؤ سال اڳ ۾ بهشت ۾ داخل ٿيندا)·! ڀلا تون ان ڳالهه تي ته غور ڪري ڏس ته جنهن حضرت سليمان جهڙي پيغمبر سان اهڙو برتاءُ ڪيو سو تو جهڙي نڪمي کي ڪهڙي وقعت ڏيندو؟ جڏهن موتي هڪ پٿر آهي تڏهن خوامخواه پاڻ کي ايتري تڪليف ۾ به نه وجهه ۽ محبوب جي منهن مبارڪ کان سواءِ ٻئي طرف وڃڻ جي نه ڪر.

اڙي موتيءَ جا طالب (بي سمجهه انسان)، موتيءَ کي خيال مان ئي ڪڍي ڇڏ (موتيءَ جو خيال ڇڏي ڏي)، تون هميشه جوهريءَ (موتين جو صانع ۽ مالڪ) جي تلاش ۾ رهه (يعني مخلوق کي ڇڏي خالق جي طرف راغب ٿي) جنهن ۾ ئي تنهنجي دائمي زندگي ۽ لازوال سعادت آهي.

 

·  پيغمبر هجڻ سان گڏ هو هڪ دنياوي بادشاهه به هو، جنهن ڪري بهشت ۾ ٻين پيغمبرن کان گهڻو پوءِ داخل ٿيندو.

 

·  چڪور جو کاڌو پٿريون ۽ مٽي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org