سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:9 

سوال اٺون

حاشيا ۽ شرح

 

505.        امڪان نمود بي بود آهي. جڏهن نمود وهمي ويو تڏهن باقي بوُد بچيو. اُهو نمود جيسين هستيءَ ۾ يا نمود ۾ آهي تيسين واجب يا موجود پيو ڄاڻجي.

508.       جسم جڙيل آهي صورت ۽ هيوليٰ مان، جي ٻئي معدوم آهن ۽ جسم کي جوهر ۽ عرض ٿئي ٿو، اهي به ٻئي معدوم آهن مطلب جيڪي عالم ۾ آهي سو سڀ معدوم آهي هستي رڳي حق جي آهي جنهن جي ڪري هت ڏسجن ٿا.

511.         ممڪن امڪان واري شيءِ حقيقت ڪري معدوم آهي مگر اصل واري هستيءَ جي موجود ٿي شمار ڪجي ۽ اصل واري هستي به انهي امڪان يا تعين کان سواءِ جيڪر معلوم ٿي ڪين سگھي، تنهنڪري اهي ٻئي يعني وحدت ۽ ڪثرت ضروري آهن.

515.         حقيقت ڪري تعين موجود نه آهي معدوم آهي مگر اعتبار ڪري فرض ڪجي ٿو ته موجود آهي.

518.        اها هستي عالم جي حقيقي نه چئبي پر مجازي چئبي ۽ قرآن ۾ آهي ته إِنَّمَا الْحَيَاةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ   (محمد:36)

523.       هي قرآن مان آيت آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته ڄڻ ته ڪالھ هئي ڪا نه. يعني بي بقا آهي، اڄ آهي پر ڪالھ هئي ڪانه.

526.       تعين هڪڙو خيال يا وهم يا نمود بي بود آهي. اهو جڏهن محو ٿيو تڏهن وصال ٿيو.

527.       يعني ممڪن انهي هستيءَ جي ڪري موجود يا واجب نه چئبو، اعتباري ۽ معدوم چئبو. نڪي اصل واري هستي ممڪن ۾ ظاهر ٿيڻ ڪري معدوم شمار ڪبي.

529.       ظاهري يا معنوي ظهورا انسان جي لاءِ گھڻائي اڃا پيا آهن. جيئن منجهس هيستائين ڦير گهير ٿيندا آيا آهن تيئن اڳتي به ٿيندا رهندا.

 

 

سوال  - نهم

سوال نائون

(1)     

وصال واجب و ممکن به هم چيست
حديث قرب و بعد و بيش و کم چيست

 

ڀلا ڪيئن مُمڪن ۽ واجب جو ٿئي وصل
آهي ڪيئن حقَ جو قُرب ۽ بُعد در اصل؟

 

 

جواب

جواب

(2)    

ز من بشنو حديث بي کم و بيش
ز نزديکي تو دور افتادي از خويش

 

حقيقت ان جي ٻُڌ تون هاڻ مون کان
آهين نزديڪ پر ٿئين ڏُور پاڻان

 

(3)    

چو هستي را ظهوري در عدم شد
از آنجا قرب و بعد و بيش و کم شد

 

عدم ۾ ڪيو جڏهن هستيءَ ظهورو
تڏهن ٿيو قُرب بُعد ۽ ڪم تي پورو

 

(4)    

قريب آن هست کو را رش نور است
بعيد آن نيستي کز هست دور است

 

قريب اُو آھ جنهن تي رشّ ڪيو نُور
بَعِيد اُو نيست، جو ٿيو هست کان دور

 

(5)    

اگر نوري ز خود در تو رساند
ترا از هستي خود وا رهان

 

اندر مان نور جي توکي رسائِن
ته هستيءَ پنهنجي کان توکي ڇڏائِن

 

(6)    

چه حاصل مر ترا زين بود نابود
کز و گاهست خوف و گه رجا بود

 

مرِين هِن بُود ۽ نابُود لئي ڇو

ڪڏهن اُميد اُن مان ۽ ڪڏهن ڀَـﺆ

(7)    

نترسد زو کسي کو را شناسد
که طفل از سايئه خود مي ‌هراسد

 

ڊڄي اُن کان نَه، جو اُن کي سڃاڻي
ڊڄي ٿو ٻارڙو پاڇي کان پنهنجي

 

(8)    

نماند خوف اگر گردي روانه
نخواهد اسب تازي تازيانه

 

وڃي  ڊپ جڏهن طلب ۾ تون وجهين ڊُڪ

گهُري ٿو گهوڙو تازي ڪين چهبُڪ

(9)    

ترا از آتش دوزخ چه باک است
گر از هستي تن وجان تو پاک است

اٿئي ڊپُ باھ دوزخ جي کان ڪهڙو
جو هستيءَ کان ٿئين تون پاڪ آجو

 

(10)             

از آتش زر خالص بر فروزد
چو غيشي نبود اندر وي چه سوزد

 

 

ڏئي ٿو باھ ۾ نِج سونُ جھَلڪا
نه هوُندو مَٺُ، تڏهن سڙندو وري ڇا

 

(11)  

ترا غير از تو چيزي نيست در پيش
وليکن از وجود خود بين ديش

 

تون آهين پاڻ کي پاڻهي ئي آڏو
خودي توکي رڳو کوڙائي کاڏو

 

(12)             

اگر در خويشتن گردي گرفتار
حجاب تو شود عالم به يک بار

 

ٿئين جي پاڻ ۾ پنهنجو گرفتار
ته عالَم ٿيو حجاب ۽ پردو يڪبار

 

(13)             

تويي در دور هستي جزو اسفل
تويي با نقطئه وحدت مقابل

 

وجودي دَور جو تون جُزو هيٺيون
تون آهين نقطئه وحدت جي سامهون

 

(14)             

تعينهاي عالم بر تو طاري است
ازان گوئي چو شيطان همچو من کيست

 

تعيّن تو ۾ عالَم جي ڪيو ڦير
چئين شيطان جان مون جھڙو ٿيو ڪير

 

(15)             

از آن گوئي مرا خود اختيار است
تن من مرکب و جانم سوار است

 

انهي کان چئين مون کي خود اختيار آھ
جو تَنُ گھوڙو ۽ مَنُ اُن جو سوار آھ

 

(16)             

زمام تن به دست جان نهادند
همه تکليف بر من ز آن نهادند

 

۽ تَنَ جي واڳ جڏهن مَنَ کي ڏنائون
تڏهن تڪليف سڀ مَنَ تي رکيائون

 

(17)             

نداني کين همه آتش‌ پرستي است
همه اين آفت و شوخي ز هستي است

 

آهي نادان ايءَ آتش پرستي
اِها حرڪت آهي هستيءَ جي مستي

 

(18)             

کدامين اختيار اي مرد عاقل
کسي کو را بود بالذات باطل

 

آهي ڇا اختيار اُن کي اي جاهل!
جنهِين جي ذاتِ آهي نيست باطل

 

(19)             

چو بود تُست يک سر همچو نابود
نگويي که اختيارت از کجا بود

جڏهن ٿيو بُود تنهنجو مثل نابُود
ٿيو اختيار ٻِئي جو توکي ڇا سوُد

 

(20)            

کسي کو را وجود از خود نباشد
به ذات خويش نيک و بد نباشد

 

جنهِين کي پنهنجي هستي ناهي ذاتي
تنهِين نيڪي بدي ذاتي نه پاتي

 

(21)             

که را ديدي تو اندر هر دو عالم
که يک دم شادماني يافت بي غم

 

هُجي ها جيڪڏهن مُختار آدم
ته دائم خوش رهي ها جڳ ۾ ري غم

 

(22)            

که را شد حاصل آخر جمله اميد
که ماند اندر کمالي تا به جاويد

 

[آخر هو ڪير ٿي سگهي ٿو جنهن جون سڀ اميدون پوريون ٿيون هجن ۽ هو هميشه انهن کي ماڻيندو رهي؟]

(23)            

مراتب باقي و اهل مراتب
 به زير امر حق والله غالب

 

[جيتوڻيڪ ڪن جا مرتبا باقي رهن ٿا پر ياد رک اهل مراتب هميشه حق جي حڪم هيٺ آهن ۽ اهو ئي سڀني تي غالب آهي.]

(24)            

مؤثر حق شناس اندر همه جاي
ز حد خويشتن بيرون منه پاي

 

آهي مختار حقَ هِڪ، آهي ٻيو ڪير
تون پنهنجي حَدّ کان ٻاهر نه رک پير

 

(25)            

ز حال خويشتن پرس اين قدر چيست
 وز آنجا باز دان کاهل قدر کيست

 

اِتي تقدير ڪيو هڪڙن کي قَدري
ٻين کي جبر ڪيو لاچار جبري

 

(26)            

هر آن کس را که مذهب غير جبر است
نبي فرمود کو مانند گبر است

 

جنهِين ماڻهوءَ جو مذهب غَير جَبر آھ
نبيءَ جي قول موجب مثل گَبر آھ

 

(27)            

چنان کان گبر يزدان و اهرمن گفت
همين نادان احمق ما و من گفت

 

مجُوسي اَهرمَن چئي ٿو ۽ يزدان
چوي آءٌ ۽ هُو احمق هي نادان

 

(28)            

به ما افعال را نسبت مجازي است
 نسب خود در حقيقت لهو و بازي است

 

اَسان سان فعل جي نسبت مجازي
حقيقت ۾ اها نسبت ٿي بازي

 

(29)            

نبودي تو که فعلت آفريدند
ترا از بهر کاري برگزيدند

هي تنهنجو فِعلُ توکان اڳ ٿيو پيدا
تُون خَلقئين، تو ۾ تا حقَ ٿئي هوُيَدا

(30)            

به قدرت بي سبب داناي بر حق
به علم خويش حکمي کرده مطلق

 

[اهو قادر مطلق ۽ حق کي ڄاڻندڙ بنا ڪنهن سبب جي، پر پنهنجي علم موجب حڪم جاري ڪري ٿو.]

(31)             

مقدر گشته پيش از جان و از تن
براي هر يکي کاري معين

 

ٿيو اڳ جان ۽ تَن کان مُقدر
ٿيو هر هڪ جي لئي هڪ ڪم مقرر

 

(32)            

يکي هفت صد هزاران سال طاعت
 به جاي آورد و گرد تن طوق لعنت

 

هزارين سال ڪئي ابليس طاعت
مگر آخر مٿس پيو طوق لعنت

 

(33)            

دگر از معصيت نور و صفا ديد
چو توبه کرد نور
’اصطفيٰ‘ ديد

 

۽ آدم ڪيو گناھ ۽ نُور پاتئين
ڪري توبھ مٿي تان بار لاٿئين

 

(34)            

عجب ‌تر آنکه اين از ترک مامور
شد از الطاف حق مرحوم و مغفور

 

آهي حيرت، ڪيو هن ترڪ مامُور
ٿيو هي لطف حق جي ساڻ مغفور

 

(35)            

مر آن ديگر ز منهي گشته ملعون
زهي فعل تو بي چند و چه و چون

 

ڪئي وئي منع هِن کي، ٿيو هُو ملعُون
عجب هي ڪم ٿيو بي چند بي چُون

 

(36)            

جناب کبريايي لا ابالي است
منزه از قياسات خيالي است

 

آهي درگاھ حق جي لا اُبالي
پُڄي ڪنهن پَر قياسُ ان کي خيالي

 

(37)            

چه بود اندر ازل اي مرد نااهل
که اين شد با محمد و آن ابوجهل

 

اَزل ۾ ڇا هو، اِيءُ سمجھڻ نه ٿيو سَهل
جو هڪڙو ٿيو مُحمّد ٻيو ابُوجھَل

 

(38)            

کسي کو با خدا چون و چرا گفت
 چو مشرک حضرتش را ناسزا گفت

[جيڪو خدا جي باري ۾ ڇو ۽ ڪيئن چوي ٿو، اهو هڪ مشرڪ وانگر اجايون ڳالهيون ٿو ڪري.]

(39)            

ورا زيبد که پرسد از چه و چون
نباشد اعتراض از بنده موزون


 

[اهو فقط ان مالڪ کي سونهي ٿو جيڪڏهن هو ڪو سوال جواب ڪري، هڪ ٻانهي کي نٿو جڳائي ته هيئن هونئن ويهي ڪري!]

(40)            

خداوندي همه در کبريائي هست
نه علت لايق فعل خدائي هست

 

خُدائي جي آهي لائق وڏائي
نه عِلت فعل جي ڳولي خُدائي

 

(41)             

سزاوار خدائي لطف و قهر است
وليکن بنده گي در شکر و صبر است

 

ٿو لطف ۽ قهر پڻ اُن کي جڳائي
ٿو قهر ۽ جبر کان بندو سڏائي

 

(42)            

کرامت آدمي را ز اضطراريست
 نه آن کو را نصيبي اختياريست

 

ٿي ماڻهوءَ ۾ ڪرامت اضطراري
هلي اُن تي نه اُن جي اختياري

 

(43)            

نبوده هيچ خبرش هرگز از خود
پس آنگه پرسدش از نيک و از بد

 

آهي بي وس، سنديس تا تنگ ٿي حَد
اِنهي هوندي به پُڇبس نيڪ ۽ بَد

 

(44)            

ندارد اختيار و گشته مامور
زهي مسکين که شد مختار مجبور

 

نه آهيس اختيار ۽ آهي مامُور
عجب مسڪين، ٿيو مُختار مجبور

 

(45)   

نه ظلم است اين که عين علم و عدل است
نه جور است اين که محض لطف و فضل است

 

نه آهي ظلمُ هي، هي عِلم ۽ عَدل
ستم آهي نه هي، هي لطف ۽ فضل

 

(46)            

به شرعت زان سبب تکليف کردند
که از ذات خودت تعريف کردند

 

شَرع ۾ توکي اِيئن تڪليف ڪيائون
جو پنهنجي ذات کان تعريف ڪيائون

 

(47)            

چو از تکليف حق عاجز شوي تو
 به يک بار از ميان بيرون روي تو

ڪري تڪليف تُنهنجو عجز ظاهر
تڏهن عالّم کان نڪري ٿين تون ٻاهر

 

(48)            

به کليت رهائي يابي از خويش
 غني گردي به حق اي مرد درويش

 

لهين تون پاڻ کان اصلي رَهائي
بَقا بَعد الفنا جي منزلِ آئي

 

(49)            

برو جانِ پدر تن در قضا ده
 به تقديرات يزداني رضا ده

 

ادا وڃ، پنهنجا رک سڀ ڪم قضا تي
تون راضي رھ سدا رب جي رضا تي

 

سوال نائون

حاشيا ۽ شرح

 

537.       يعني ممڪن ۽ واجب انهن ٻن ضدن جو گڏجڻ ۽ حق کي ڪن جو ويجھو ۽ ڪن جو پري ٿيڻ ۽ درجن جي گھٽ وڌ ٿيڻ جو سبب اهوئي آهي ته هستي عدم ۾ يا نيستي ۾ ظاهر ٿي.

538.       هن ۾ انهي حديث جو اشارو آهي جنهن ۾ ته ”ان الله خلق الخلق في ظلمته ثم رش عليهم من نوره فمن اصابہ ذالڪ النور اهتديٰ ومن خطاه ضل و غويٰ.“ هن ۾ قريب ۽ بعيد جي معنيٰ ڏني اٿس ته جنهن تي نور رش ڪيو يا پيو سو قريب آهي ۽ بعيد اهو آهي جو اصل وجود کان پري آهي.

541.        يعني هن جسم جي هستي ۽ نيستي يا وجود امڪاني مان توکي ڇا حاصل آهي؟ ڇو انهن جي لاءِ حيران ۽ پريشان ۽ خواهشمند آهين؟

542.       جيڪو سچو عارف آهي ۽ حق کي سڃاڻندو ۽ حقيقت جو واقف هوندو سو حق کان نه ويندو. اهو پنهنجي وجود کان فاني ٿيو تنهن کي نڪي خوف نڪو خطرو.

543.       سچو طالب يا عاشق سير الي الله ۾ آرام ڪين ڪندو، پيو طلب ڪندو، تاڪ ڪمال جي منزل تي رسي، اهو تکي گھوڙي وانگر آهي، چهبڪ آهي خدا جو غضب ۽ دوزخ جي عذاب جو خوف انهن جو هن کي احتياج ڪونهي جو رواجي ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي.

546.       يعني فقط خودي يا انانيت توکي آڏو آهي ۽ نقصان ٿي رسائي، جي اها مجازي هستي يا تعين ڇڏين ۽ پاڻ کان فاني ٿين ته پوءِ حرڪت ئَي ڪانهي، تون پنهنجو پاڻ حجاب يا پردو آهين اهو (پري) ڪري ڇڏ.

548.       قرآن ۾ آهي ته ابليس چيو آدم جي نالي ته أَنَا خَيْرٌ مِنْهُ. (الاعراف: 12)

549.       تون مرضي پٺيان عضوا هلائي ڪم ڪرين ٿو ۽ عقل ۽ روح جي اشاري تي هلين ٿو، تڏهن ڀائين ٿو ته اختيار وارو آهيان پر اها تنهنجي غلط فهمي آهي.

552.        آتش پرست يا گبر وسهندا آهن ته خير يزدان ٿو ڪرائي ۽ شر اهريمان. اهو غلط اعتقاد انهي ڪري آهي جو ماڻهو سمجھي ٿو ته آءٌ آهيان اها سڀ خرابي پاڻ ۾ هستي وسهڻ جي آهي. نه ته خير ۽ شر الله کان آهي.

556.        معتزله جي نالي اشاعره چوندا آهن ته هو قدري آهن جو وسهن ٿا ته انسان کي چڱي بڇڙي جي قدرت آهي ۽ اشاعره جي نالي معتزله چوندا آهن ته قدري آهن جو هو سڀ ڪم تقدير يا قدرتي معتزله ٿا ڄاڻن ۽ جبري به اُهي آهن، جبر اختيار جو ضد آهي.

557.        حديث آهي ته ”القدريه خصماءَ الله القدر“ انهي موجب بندو قدرت پنهنجي هٿ رکڻ ڪري خدا جو دشمن ٿئَي ٿو جبرين موجب بندو پهڻ جھڙو آهي، فعل جو کيس ڪو به اختيار ڪونهي اختيار سڀ خدا کي آهي.

558.        هي يعني جو جبري ناهي يا معتزله جي خير حق کان ۽ شر نفس يا شيطان کان ٿا ڀائين. اشاعره جو ويساه آهي سڀ ڪم حق جي تقدير کان آهن، مگر ڪسب ۽ ڪوشش اسان جي به ضرور آهي. اُهي ٻئي دوئي ٿا ڪن يا آءٌ ۽ هو ٿا چون.

558.        تنهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي تنهنجا ڪم حق جي علم ۾ معين هئا، تنهنڪري پنهنجي قدرت سان تون ڪي به ڪري نٿو سگهين. تون پيدا انهيءَ لاءِ ٿيو آهين ته پاڻ کي آرسيءَ وانگي صاف ڪرين ته حق جا ذات ۽ صفات اسماءُ تو ۾ ظاهر ٿين.

562.       يعني لعنت شيطان تي پئَي ۽ مهرباني آدم تي ٿي، جنهن گناھ ڪيو هو ۽ نافرماني ڪئَي، ابليس ڪمال جلاليت ۽ انانيت جي صورت آهي. آدم جو گناھ ابليس جي لعنت جو سبب ٿيو.

564.       حديث قدسي آهي ته ”هولاءِ في الجنة ولا ابالي بطاعتهم“ يعني حق تعاليٰ بي پرواهه آهي، سندس ڪمن جي لاءِ علت يا غرض ضروري نه آهي انهي کان پاڪ آهي.

565.        هڪڙو چونڊيل ٿيو ۽ ٻيو لعنت ڪيل انهي جو سبب سمجھڻ مشڪل آهي.

568.       ڪم جو سبب يا غرض خدائي جو لائق ناهي قران ۾ آهي ته ”تعاليٰ عن ذالڪ علوا ڪبيرا.“

569.       يعني خدا ۾ جمالي ۽ جلالي صفتون ٻئي هئَڻ گهرجن ۽ بندي جي لاءِ محتاجي ۽ لاچاري ضروري نشاني آهي. انهي جي ظاهر ڪرڻ لاءِ خدا ۾ قهر ۽ جبر ۽ لطف ۽ رحم ضروري آهن.

570.       يعني ڪرامت يا خرق عادت ماڻهوءَ ۾ سندس وس جي ڳالهه ناهي اهو خدا جو تصرف آهي جو ماڻهوءَ ۾ ظاهر ٿو ٿئَي.

574.       يعني انسان وس وارو به آهي بي وس به آهي قول آهي ته ”لاجبرو لاتفويض بل امر بين الامر.“

582.       انسان تي شرع جي تڪليف انهي لاءِ ٿي آهي جو کيس معرفت ٿي آهي ۽ پاڻ کي ۽ خدا کي سڃاڻي سگھي ٿو ۽ علم ۽ قدرت جو مظهر ٿيو آهي.

583.       يعني جڏهن اها تڪليف پوري طرح ادا ڪري نه سگهي ۽ انهي ۾ عاجز ٿئي ۽ سمجھي ته آءٌ پاڻ ڪي به ڪين آهيان اِها طاقت سڀ خدا جي آهي، پاڻ وچ مان نڪري وڃي.

 

 

سوال - دهم

سوال ڏهون

(50)            

چه بحر است آنکه نطقش ساحل آمد
ز قعر او چه گوهر حاصل آمد

 

ڪنارو جنهن جو نُطق آهي، سو دريا
آهي ڪهڙو، ٿئي گوهر جنهن مان پيدا؟

 

 

جواب

جواب

(51)             

يکي درياست هستي نطق ساحل
صدف حرف و جواهر دانش دل

 

آهي هستي اُهو درياھُ سارو
ڪلام ۽ نُطق ٿيو اُن جو ڪنارو

 

(52)            

به هر موجي هزاران دُر شهوار
برون ريزد ز نقل و نص و اخبار

 

سِپون آهن اَکر ۽ لفظ اَڪثر
۽ دل جي دانش ۽ عِلم آهي گوهر

 

(53)            

هزاران موجب خيزد هر دم از وي
نگردد قطرهاي هرگز کم از وي

 

اچن هر لَهر سان موتي هزارين
حديث ۽ نَصّ ۽ نقلن جي پارين
اُٿن اُن مان هزارين موجون هردم
ڪڏهن اُن مان نه هڪ قطرو ٿئي ڪَم

 

(54)            

وجود علم از آن درياي ژرف است
غلاف در او از صوت و حرف است

 

اچي اُن بحر مان ٿو علم بيشڪ
اَکَرَ آواز مان موتي جو ٿّيو ڍَڪُ

 

(55)            

معاني چون کند اينجا تنزل
ضرورت باشد او را از تمثل

 

[جتي معنيٰ سمجھڻ ۾ ڏکي ٿي پوي ٿي، اُتي مثال ۽ سمجھاڻي ڏيڻ ضروري آهي.]

 

تمثيل

مثال

(56)            

شنيدم من که اندر ماه نيسان
صدف بالا رود از بحر عمان

 

چون ٿا جڏّهن اچي ٿو ماه نيسان
وڃي سِپَ ٿي مٿي، مان بَحر عَمّان

 

(57)            

ز شيب قعر بحر آيد بر افراز
به روي بحر بنشيند دهن باز

 

[اها سِپ سمنڊ جي وڏي اونهائيءَ مان مٿي اچي ٿي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ مٿان پنهنجو وات آسمان ڏانهن (بارش جي قطري لاءِ) کليل رکي ٿي.]

(58)            

بخاري مرتفع گردد ز دريا
فرو بارد به امر حق تعالي

 

[انهيءَ سمنڊ مان ئي پاڻيءَ جا بخار اُٿي مٿي وڃن تا ۽ اُهي مينهن جي صورت اختيار ڪري خدا جي حڪم سان وسڻ لڳن ٿا.]

 

(59)            

چکد اندر دهانش قطرهاي چند
شود بسته دهان او به صد بند

 

بخارُ اُن مان اُٿي، پئي مينهن اَڪثر
پَٽي سِپَ وات، پئي هڪ قطرو اندر

 

(60)            

رود با قعر دريا با دلي پر
شود آن قطره باران يکي در

 

وڃي موٽي تري ۾، ٿي صَدف پُر
ڦِري قطرو اُهو ٿئي قيمتي دُر

 

(61)             

به قعر اندر رود غواص دريا
و ز و آرد برون لؤلؤي لالا

 

وري ٽوٻو ٿئي دريا ۾ غائب
اُتان آڻي ڪڍي موتي عجائب

 

(62)            

تن تو ساحل و هستي چو درياست
بخارش فيض و باران علم اسماست

 

بدن تنهنجو ڪنڌي، هستي ٿي دريا
آهي اُٻ فيض، ۽ مِينهن علم اَسما

 

(63)            

خرد غواص آن بحر عظيم است
که او را صد جواهر در گليم است

 

۽ عقل اُن بحر جو هڪ آهي غَواص
ڪَنڌي تي آڻي جو ڳولي گھر خاص

 

(64)            

دل آمد علم را مانند يک ظرف
صدف بعلم دل صوت است با حرف

 

دل آهي علم جي لئي مثل هڪ ظَرف
۽ سِپَ اُن علم جي، آواز ۽ حَرف

 

(65)            

نفس گردد روان چون برق لامع
رسد زو حرفها بگوش سامع

 

کڄي ٿو ساھُ، سو وِڄُ جيئن هلي ٿو
اَکَر آواز اُن کان ٻيو ٻُڌي ٿو

 

(66)            

صدف بشکن برون کن دُر شهوار
بيفکن پوست مغز نغز بردار

 

ڀڃي ڇَڏ سِپَ، ۽ ڪڍ موتي مڻيا دار
ڦِٽي ڪر کَل، ڪَڍي مغز نروار

 

(67)            

لغت با اشتقاق و نحو با صرف
همي ‌گردد همه پيراهن حرف

 

پڙهن ٿا عِلم ماڻهو نَحو ۽ صَرف
ڄمار اِنَ علم ظاهر ۾ ڪيّئون صَرف

 

 

(68)            

هر آن کو جمله عمر خود درين کرد
به هرزه صرف عمر نازنين کرد

 

[جيڪو انهن مشغولين ۾ پنهنجي عمر صرف ڪري ٿو، اهو پنهنجي قيمتي حياتي بيڪار ڳالهين ۾ وڃائي ٿو.]

(69)            

ز جوزش قشر خشک افتاد در دست
بيابد مغز هر کو پوست بشکست

 

[ائين سمجھو ته اهڙي شخص کي اخروٽ جي کل جو هڪ ننڍو حصو هٿ آيو، حالانڪ مغز اهو کائي ٿو جيڪو کل کي ٽوڙي ٿو.]

 

(70)            

بلي بي پوست ناپخته است هر مغز
ز علم ظاهر آمد علم دين نغز

 

اِها ٿي کَل ضروري مغز جي ڪاڻ
۽ مغز اُن دين جي تون علم کي ڄاڻ

 

(71)             

ز من جان برادر پند بنيوش
به جان و دل برو در علم دين کوش

 

[اي منهنجا پيارا ڀاءُ! منهنجي اها نصيحت چڱيءَ طرح ياد رک، پنهنجو پورو من لائي دين جو علم حاصل ڪر.]

 

(72)            

که عالم در دو عالم سروري يافت
اگر کهتر بد از وي مهتري يافت

 

]اهو عالم ئي آهي جيڪو ٻنهي جھانن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن  ٿورو گهٽ عالم ٿيو ته به چڱن ۾ شامل ٿيندو.]

 

(73)            

عمل کان از سر احوال باشد
بسي بهتر ز علم قال باشد

 

عملُ جو ٿئي ٿو علمِ حال جي کان
سو بهتر آهي علم قال جي کان

 

(74)            

ولي کاري که از آب و گل آمد
 نه چون علم است کان کار دل آمد

 

عَملُ سَکڻو نه آهي علم جو مَٽُ
هي دل جو ڪمُ، هو آهي جِسم جو وَٽُ

 

(75)            

ميان جسم و جان بنگر چه فرق است
که اين را غرب گير و آن چو شرق است

 

۽ جان ۽ جسم ۾ ٿيو ڪيترو فَرق
جو هڪڙو غَرب آهي ۽ ٻيو شَرق

 

(76)            

از اينجا باز دان احوال و اعمال
 به نسبت با علوم قال با حال

 

اِها نسبت آهي منجھ قال ۽ حال
۽ پڻ مَنجھ علم ظاهر، ساڻ اعمال

 

 

(77)            

نه علم است آنکه دارد ميل دنيي
  که صورت دارد الا نيست معني

 

نه عِلم آهي اُهو، ڳولي جو دُنيا
جو صورت ٿي اِها، پر ناهي معنيٰ

 

(78)            

نگردد جمع هرگز علم با آز
  ملک خواهي سگ از خود دور انداز

 

هَوا ۽ حرص سان گڏ عِلمُ ڪيئن ٿئي
مَلَڪُ جي تون گھُرين، ڪڍ تون ڪُتي کي

 

(79)            

علوم دين ز اخلاق فرشته است
  نباشد در دلي کو سگ سرشت است

 

ٿيو علم اَخلاق جو لائق فرشتو
نه سا دل، جنهن ڪُتي جھڙو سِرشتو

 

(80)            

حديث مصطفيٰ آخر همين است
  نکو بشنو که البته چنين است

 

[هن سلسلي ۾ نبي ڪريم ﷺ جي هڪ حديث آهي، اها چڱيءَ طرح ٻڌ جيڪا هن ريت آهي.]

 

(81)             

درون خانهاي چون هست صورت
  فرشته نآيد اندر وي ضرورت

 

[جنهن گهر ۾ هٿ جي ٺاهيل تصوير موجود آهي، اُتي ڪوبه رحمت جو فرشتو داخل نٿو ٿئي.]

 

(82)            

برو بزداي روي تختئه دل
  که تا سازد ملک پيش تو منزل

 

وڃي پهرين تون پنهنجي صاف ڪر دل
ملائڪ تا ڪري تو وٽ به منزل

 

(83)            

از او تحصيل کن علم وراثت
  ز بهر آخرت مي ‌کن حراثت
 

انهي کان سِک ادا علمِ وَراثت
۽ ڪر پوءِ آخرت جي لَئي زَراعت

 

(84)            

کتاب حق بخوان از نفس و آفاق
  مزين شو به اصل جمله اخلاق

 

پڙهي حق جو ڪتاب، اَخلاق ڪر خُوب
سِکي حڪمت حقيقت، ٿي تون محبوب

 

 

قاعده

قائدو

 

در اخلاق و خصال حميده

اخلاق ۽ سهڻيون عادتون

(85)            

اصول خلق نيک آمد عدالت
  پس از وي حکمت وعفت شجاعت

چڱا اخلاق ٻُڌ، اول عدالت
تنهان پوءِ حڪمت ۽ عِفت شجاعت

 

(86)            

حکيمي راست گفتار است و کردار
 کسي کو متصف گردد بدين چار

 

ٿئي حڪمت مان واقف جيڪو برحق
نه ٿئي اُو ڀورڙو هرگز نه اَحمق

 

(87)            

ز حکمت باشدش جان و دل آگه
 نه گريز باشد و نه نيز ابله

 

[سندس دل ۽ مَنُ ٻئي ڏاهپ جي واٽ وٺن ٿا ان ڪري پوءِ هو ٻئي طرف ڪيڏانهن به نٿو ڏسي ۽ نه وري بيوقوف بنجي ٿو.]

 

(88)            

به عفت شهوت دل کرده مستور
 شره همچون خمود از وي شده دور

 

ڀَڄي عِفت سان پڻ شهوت ٿئي چُور
خَمُود ۽ شِرُ ماڻهوءَ کان ٿين ڏُور

 

(89)            

شجاع و صافي از ذل تکبر
مبرا ذاتش از جبن و تهور

 

شجاعت نيٺ ٽاري هَٺُ ۽ ذِلّت
هٽائي بُزدلي، بي وَجھ هِمتّ

 

(90)            

عدالت چون شعار ذات او شد
ندارد ظلم از آن خلقش نکو شد

 

ڪئي عادت جنهين پنهنجي عدالت
ڇڏيو تنهن ظُلُم، سُڌري تِنهنجي حالت

 

(91)             

همه اخلاق نيکو درميانه است
که از افراط و تف
ريطش کرانه است

 

چڱا اخلاق ٿيا وچ ۾ اُنهن جي
ٿيو اِفراط يا تفريط پاسي

 

(92)            

ميانه چون صراط مستقيم است
ز هر دو جانبش قعر حجيم است

 

وچون رستو صراط المستقيم آھ
ٻنهي پاسن کان ٿيو جنهن جي جحيم آھ

 

(93)            

به باريکي و تيزي موي و شمشير
نه روي گشتن و بودن بر او دير

 

تِکو تلوار کان، باريڪُ کان وار
نه موٽڻ جي، نه بيهڻ جي ڪا آڌار

 

(94)            

عدالت چون يکي دارد ز اضداد
همي هفت آمد اين اضداد ز اعداد

 

ٻين جا ٻَه، عدالت جو ٿيو هڪ ضِد
سي ٿيا سَت، ڪر تنهين لِئي جھد ۽ جدِ

 

(95)            

به زير هر عدد سري نهفت است
از آن درهاي دوزخ نيز هفت است

آهي هر هڪ عدد ۾ هڪڙو اسرار
آهن هي سَت، ٿيا دوزخ به سَت يار

(96)            

چنان کز ظلم شد دوزخ مهيا
 بهشت آمد هميشه عدل را جا

 

بَنيو جيئَن دوزخ آهي ظلم جي لاءِ
بهشت آهي هميشه عدل جي لاءِ

 

(97)            

جزاي عدل، نور و رحمت آمد
 جزاي ظلم، لعنّ و ظلمت آمد

 

جزا ٿي عدل جي نِت نُور رَحمت
سزا ٿي ظُلم جي اُونداهي لعنت

 

(98)            

ظهور نيکوئي در اعتدال است
 عدالت جسم را اقصي الکمال است

 

اندر ٻاهر جي خوبي اِعتدال آھ
عدالت ۾ عجب جسمي ڪمال آھ

 

(99)            

مرکب چون شود مانند يک چيز
 ز اجزا دور گردد فعل و تمييز

 

[جڏهن مرڪب جا جزا ملي هڪ ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان جي جُزن جي سڃاڻپ ۽ خاصيتون ختم ٿي وڃن ٿيون.]

 

(100)         

بسيط الذات را مانند گردد
 ميان اين و آن پيوند گردد

 

[اهو اهڙو وحداني صورت جي مثال آهي جيڪا ٻنهي جي وچ ۾ ميلاپ قائم ڪري ٿي.]

(101)          

نه پيوندي که از ترکيب اجزاست
که روح از وصف جسميت مبراست

 

[ليڪن روح جي صورت اها آهي جو اهو ڪنهن به ريت اجزا جو مرڪب ناهي، ان ڪري روح جسم کان بلڪل نرالو ۽ الڳ آهي.]

 

(102)         

چو آب و گل شود يکباره صافي
رسد از حق بدو روح اضافي

 

بَدن ٿيو يَڪ دفعي جڏهن صاف صافي
پوي حق کان منجھس روح اضافي

 

(103)         

چو يابد تسويت اجزاي ارکان
در او گيرد فروغ عالم جان

 

مَنجھس اُن نُور کان ٿئي حُسن پيدا
جنهين تي روح ٿئي عاشق ۽ شَيدا

 

(104)         

شعاع جان سوي تن وقت تعديل
چو خورشيد و زمين آمد به تمثيل

 

[جڏهن جسم پوريءَ ريت موزون صورت اختيار ڪري ٿو، تڏهن روح جا ڪرڻا مٿس اهڙيءَ طرح پون ٿا جيئن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي پوڻ سان کيس منور ڪندا آهن.]

(105)         

اگرچه خور به چرخ چارمين است
شعاعش نور و تدبير زمين است

 

[جيتوڻيڪ بظاهر سج چوٿين فلڪ تي آهي، پر ان جي نور جو شعاع زمين سان لاڳو آهي.]

 

(106)         

طبيعت هاي عنصر نزد خور نيست
کواکب گرم و سرد و خشک و تر نيست

 

[عناصر پنهنجي طبيعت ۾ سج کان بلڪل علحده آهن، ڇو ته ستارا گرم ۽ سرد، خشڪ ۽ تر ڪو نه ٿيندا آهن.]

 

(107)         

عناصر جمله از وي گرم و سرد است
سفيد و سرخ و سبز و آل و زرد است

 

[ليڪن عناصر سڀ جو سڀ انهن جي ڪري گرم ۽ سرد آهن،ن بلڪ انهن جي ڪري اڇا، ڳاڙها، ساوا، ڪارا ۽ پيلا ٿي پون ٿا.]

 

(108)         

بود حکمش روان چون شاه عادل
که نه خارج توان گفتن نه داخل

 

[سج جو حڪم هڪ عادل بادشاھ وانگر انهن جي مٿان هلندڙ آهي، بلڪ اهڙيءَ ريت جو هو ان جي حڪم کي پاڻ کان ٻاهر نٿا سمجھن ۽ نه اندر ۾ ڏسن يا محسوس ڪن ٿا.]

 

(109)         

چو از تعديل گشت ارکان موافق
ز حسنش نفس گويا گشت عاشق

 

[جڏهن تعديل (برابر يا هڪ جھڙو ٿيڻ) جي نتيجي ۾ انهن ۾ موافقت پيدا ٿي ته ان جي سونهن تي نفس (ناطق) عاشق ٿي پيو.]

 

(110)          

نکاح معنوي افتاد در دين
جهان را نفس کلي داد کابين

 

نڪاح معنوي ٿئي تن ۾ اُن دم
بَدن کي مَهر ۾ ڏئي نفسُ عالَم

 

(111)           

از ايشان مي پديد آيد فصاحت
علوم و نطق و اخلاق و صباحت

 

ٿئي پَيدا انهن مان پوءِ فَصاحت
۽ عِلم اخلاق ۽ نُطق ۽ ملاحت

 

(112)          

ملاحت از جهان بي ‌مثالي
در آمد همچو رند لا اُبالي

 

[سونهن ۽ حسن ڪنهن اڻ ڏٺل جھان مان ائين اچي ظاهر ٿيا، جيئن ڪي مست ۽ بي پرواھه رند ڪاهي پوندا آهن.]

(113)          

به شهرستان نيکوئي علم زد
  همه ترتيب عالم را به هم زد

 

حقيقي نور وحدت جو ٿئي زور
وجھي عالم ۾ پنهنجي حڪم جو شور

 

(114)          

گهي بر رخش حسن او شهسوار است
  گهي با تيغ نطق آبدار است

 

[ڪڏهن هو حسن جي گهوڙي تي شهسوار ٿي اچي ٿو ته ڪڏهن وري هو تيز ترار زبان سان مسلح ٿي اچي ٿو.]

 

(115)          

چو در شخص است خوانندش ملاحت
  چو در نطق است گويندش فصاحت

 

[بلڪل ائين جيئن اها ڪنهن انسان ۾ اچي ته ان کي سونهن ڪوٺين، پر جڏهن هن جي گفتگوءَ ۾ ظاهر ٿئي ته ان کي فصاحت چون.]

 

(116)          

ولي و شاه و درويش و پيمبر
  همه در تحت حکم او مسخر

 

پَيمبَر ۽ ولي ۽ شاھ درويش
سڀئي با جانُ دل اُن جي پَون پيش

 

(117)          

درون حسن روي نيکوان چيست
  نه آن حسن است تنها گوي آن چيست

 

اثر ٿِيو جنهن جو ايءُ، سو حُسنُ ڇا آھ
حُسُن وارن جي مُنهن ۾ ڪا مڻيا آھ؟

 

(118)          

جز از حق مي نيايد دلربائي
  که شرکت نيست کس را در خدائي

 

سوا حق جي نه ٿيندي دلربائي
اِهو تاثير آهي مَنجھ خُدائي

 

(119)          

کجا شهوت دل مردم ربايد
  که حق گه گه ز باطل مي نمايد

 

[اهڙن انسانن جي دل ۾ شهوت پنهنجي دري ڪيئن ٿي کولي سگهي ۽ ڪيئن حق پاڻ کي باطل جي پردن ۾ ظاهر ڪندو!]

(120)         

مؤثر حق شناس اندر همه جاي
  ز حد خويشتن بيرون منه پاي

 

[بس، تون حق کي ئي هر لحاظ کان ۽ هر صورت ۾ اثر وارو سمجھه ۽ پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر.]

(121)          

حق اندر کسوت حق بين و حق دان
  حق اندر باطل آيد کار شيطان

 

حقيقي عشق ٿيو حقُ حقَ ۾ ناظر
مجازي عشقِ، حقُ باطل ۾ ظاهِر

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org